ڊرامو هميشه زنده رهڻو آهي
نصير الدين شاهه جو آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ ڊراما ورڪشاپ کي خطاب
قاسم راڄپر
ٿيٽر ۽ فلم جي جڳ مشهور بالي ووڊ
اداڪار نصير الدين شاهه چيو آهي ته ٿيٽر صدين کان زنده آهي ۽ اهو ڪڏهن به نه
مرندو، ٿيٽر فلمن جهڙو نه ٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ٿيٽر مري ويندو. ٿيٽر
لاءِ ڪنهن وڏي اسٽيج، ميڙ ۽ گهڻن اداڪارن جي ضرورت نه هوندي آهي. مون 14 سالن جي
عمر ۾ ئي فيصلو ڪيو ته زندگي ٿيٽر ۾ گذاريندس ۽ اهو ناتو اڄ تائين برقرار آهي. مون
25 سالن ۾ ڪنهن به اداڪار واتان ACT لفظ جي معنيٰ
نه ٻڌي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيٽر ورڪشاپ کي خطاب
ڪندي ڪيو. هن چيو ته جڏهن مان نيشنل اسڪول آف ڊراما دهليءَ ۾ پڙهندو هئس ته ڳوٺ
ويندي ريل گاڏيءَ ۾ ماڻهو مون کان پڇندا هئا ته تون ڇا پڙهندو آهين ته مان چوندو
هئس ته ڊرامو ، ته ماڻهو کلندا هئا ته ڊرامو به پڙهبو آهي. هن چيو ته فنڪار جي
زندگي اڪيلي هوندي آهي، انهن کي هي سفر به اڪيلي سر طئي ڪرڻو هوندو آهي. مان جڏهن
14 سالن جو هئس ته ٿيٽر اداڪار ٿيڻ جو فيصلو ڪيم، مون جيڪو سوچيو اهو ڪري ڏيکاريم. هن چيو ته
توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته دنيا جو پهريون اداڪار ڪير هو، پهريون ڊرامو ڪهڙو هو.
منهنجي خيال ۾ ڊرامو ڪروڙين سال اڳ شروع ٿيو هو، جڏهن انسانن اڃا ڳالهائڻ شروع نه
ڪيو هو، انسان جهنگ ۾ رهندا هئا، اهي جهنگ ۾ شڪار ڪري پيٽ گذر ڪندا هئا، اهي شڪار
ڦاسائڻ لاءِ پهريان ريهرسل ڪندا هئا، نقلي جانور ٿيندا هئا، ڊرامي جا ماهر ان
ڳالهه تي متفق آهن ته ڊرامي اتان ئي جنم ورتو آهي. هن چيو ته اداڪاري ۽ ٿيٽر جي
شروعات تفريح لاءِ نه پر رابطي لاءِ ٿي ۽ ان جو بڻ بنياد مندر ۽ عبادتگاهه هئا، يونان،
جاپان، چين ۽ هندستان ۾ ڊرامو ايئن ئي آيو. مندرن ۾ منچ (اسٽيج) ٺهيل هوندا هئا.
هندستان ۾ اڄ به ٿيٽر مذهب سان جُڙيل آهي. اڄ به اُتي منچ جي پوڄا ٿيندي آهي، پر
منهنجي استاد جو چوڻ هو ته منچ جي پوڄا سان ڪو فرق نه ٿو پوي، اصل ڳالهه اها آهي
ته ڪهڙي اداڪار منچ تي ڪيترو پگهار ڳاڙيو آهي. ٿيٽڙ جو بنيادي مقصد ئي رابطو آهي.
ان ڪري ٿيٽر صدين کان زنده آهي ۽ هميشه زنده رهندو، ٿيٽر ان ڪري نه مرندو جو انسان
هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهندا. دهليءَ ۾ منڊي هائوس واري علائقي 12 ٿيٽر آهن، جن مان
11 سڄو سال خالي ۽ هڪ ڀريل هوندو آهي. اصل ڳالهه اها ناهي ته ٿيٽر ڀريل هجن، پر
اصل ۾ مقصد واري ڳالهه ڪرڻ ئي حقيقي ٿيٽر آهي. هن چيو ته ٿيٽر لاءِ گهڻن اداڪارن،
گهڻن ماڻهن ۽ وڏي منچ جي ضرورت نه هوندي آهي، ٻه ماڻهو ڪٿي بهب سٺو اسڪرپٽ پيش ڪري
سگهن ٿا، ان لاءِ هڪ ڏسڻ وارو ئي ڪافي آهي.هن چيو ته 35 سال اڳ جڏهن مان ۽ اوم
پوري ممبئي آيا هئاسين ته اسان ٻئي روڊن، رستن، فوٽ پاٿن تي ٿيٽر ڪندا هئاسين،
تڏهن هڪ ٻه ماڻهو اسان کي ڏسندا هئا ۽ اڄ
اسان کي ڏسڻ وارا لکين آهن. هن چيو ته
ٿيٽر ۽ فلم ۾ وڇوٽي هئڻ گهرجي، ٻئي هڪ ٻئي کان ڌار اظهار جا ذريعا آهن، ٻنهي ۾ اهو
فرق برقرار رهڻ گهرجي، اسان ڪِڪِ جهڙي فلم ٿيٽر ۾ پيش نه ٿا ڪري سگهون ۽ پيش به نه
ڪرڻ گهرجي. ناٽڪ زندگيءَ کي گهڻو ويجهو هوندو آهي. هن ٿيٽر جي شاگردن کي مخاطب
ٿيندي چيو ته جيڪڏهن توهان کي ٿيٽر سان لڳاءُ ناهي ته پوءِ ان شعبي ۾ نه اچو ۽
وڃي ڊاڪٽر ٿيو.
No comments:
Post a Comment