Showing posts with label سنڌي ڊراما، سنڌي اسٽيج ڊراما، سنڌي ناٽڪ، سنڌي اسٽيج ناٽڪ. Show all posts
Showing posts with label سنڌي ڊراما، سنڌي اسٽيج ڊراما، سنڌي ناٽڪ، سنڌي اسٽيج ناٽڪ. Show all posts

Sunday, May 10, 2015

Dr. Qasim Rajpar: Sindhi Drama Yesterday & Today



سنڌي ٽيلي ويزن ڊراما ڪالهه ۽ اڄ
ڊاڪٽر قاسم راڄپر
ڊرامو انساني فطرت جو گهڻي حد تائين ترجمان پڻ رهيو آهي. ڊرامو لطيف فن  ۽ خاص طور تي مظاهراتي فن  (Performing Art)جي انتهائي اهم صنف ليکيو وڃي ٿو. ڊرامي جيڪڏهن ٿيٽر ۾ جنم ورتو، ٻاروتڻ ريڊيو تي گذاريو ته جواني وري ٽي وي تي ماڻي. موجوده دؤر ۾ اسٽيج ۽ ريڊيو جي ڀيٽ ۾ ٽي وي ڊرامو وڌيڪ سگهارو ٿي اڀريو آهي. جنهن جو اثر رابطي جي ٻين سمورن وسيلن کان تيز آهي. ٽي وي ڊرامو فقط وندر ناهي، پر ان کي شعوري جاڳرتا جي ڏس ۾ به استعمال ڪيو ويو آهي.
سنڌي ڊرامي جي تاريخ جوڙڻ وقت محققن گهڻي ڀاڱي نثري اسلوب ۾ لکيل ناٽڪن جو وچور ڏنو آهي، پر نظماڻي انداز ۾ لکيل منظوم ناٽڪن تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو آهي. جنهن جي ڪري شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ موجود ناٽڪن تي تمام گهٽ تحقيق ٿي آهي. ان جو هڪ خاص سبب اهو به آهي ته سنڌي مسلم سماج ۾ تمام گهڻي دير کانپوءِ ناٽڪ کي قبول ڪيو ويو. ٻيو ته اسان وٽ شاهه سائين تي جيڪا پير مرشد واري ڇاپ لڳل آهي. ان به تحقيق ۾ رنڊڪ وڌي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جو مطالعو ڪجي ٿو ته ان ۾ اهي سموريون خوبيون ۽ عنصر نظر اچن ٿا، جيڪي ارسطوءَ الميي (ڊرامي) لاءِ لازمي قرار ڏنا آهن. شاهه جي تمثيلي شاعريءَ ۾ جڏهن شاهه جي سورمين ۽ سورمن، سسئي پنهون، سهڻي ميهار، ليلا چنيسر، مومل راڻو، عمر مارئي، نوري ڄام تماچي، سورٺ راءِ ڏياچ، مورڙي (سُر گهاتو) ۽ امام حسين (سُر ڪيڏارو) تي غور ڪجي ٿو ته انهن ۾ ارسطوءَ وارا قديم سنگيت ڊرامي جا مڙئي عنصر ملن ٿا. جيڪي هن بوطيقا Poetics)) ۾ ٻڌايا آهن.
                شاهه جي شاعريءَ ۾ نه رڳو قديم پر جديد ڊرامي جا به سمورا عنصر ملن ٿا. شاهه جي تمثيلي شاعريءَ ۾ “پلاٽ، مرڪزي خيال، شروعات، ڪردار ۽ سيرت نگاري، مڪالما، تسلسل ۽ ڪشمڪش، ٽڪراءٌ ۽ انجام” جو به پورو پورو خيال رکيل نظر اچي ٿو. شاهه جي شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه اهي ڊرامائي  اهڃاڻ، اصول ۽ عنصر ڪٿان اوڌارا نه ورتا آهن.
هونئن ته سنڌيءَ ۾ منظوم ڊرامي جو باني مرزا قليچ بيگ کي سڏيو وڃي ٿو پر جيڪڏهن شاهه جي شاعريءَ ۾ منظوم ڊرامي جي سمورن اصولن، خوبين ۽ عنصرن کي سامهون رکيو وڃي ته نتيجو ڪجهه ٻيو هوندو. پر افسوس ته سنڌ ۾ ان حوالي سان تحقيق ۽ تنقيد بنهه گهٽ ٿي آهي. تنهن ڪري اسان کي سنڌي ناٽڪ جي بڻ بڻياد وارو بحث امام بخش خادم ۽ مرزا قليچ بيگ کان اڳتي وڌائڻ گهرجي ۽ شاهه سائين جي شاعريءَ  ۾ناٽڪ واري موضوع تي جديد انداز ۾ تحقيق ٿيڻ گهرجي. 
شاھھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ناٽڪ جي پهريون ڀيرو نشاندهي ڊاڪٽر هوتچندگربخشاڻيءَ ڪئي هئي. هن شيڪسپيئر جي ناٽڪن جي حوالي سان شاهه جي سورمين ۽ سورمن جي ڪردار نگاريءَ کي ناٽڪي ڪٺيو آهي. هو لکي ٿو ته “شاهه جو نمونو به انگريزي شاعر شيڪسپيئر وانگي ناٽڪ جهڙو آهي. هي هڪ نئون نمونو آهي، جو سنڌ جي ڪنهن ٻئي شاعر استعمال ۾ نه آندو آهي. انهيءَ شعر  ۾ شاهه جي شعور جون ڪُل خوبيون نڪري نروار ٿين ٿيون”.[1]
                ڊاڪٽرگربخشاڻي شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ ناٽڪ جي بنيادي عنصرن علامت نگاري، منظر ڪشي، گفتگو، سيرت نگاري، خيال ۽ عبارت جو به تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.
سنڌ جي ڀيٽ ۾ هندوستان ۾ شاهه سائين جي شاعريءَ جي ناٽڪي پهلوءَ تي سٺي تحقيق ٿي آهي، پر اها اڃا اڻپوري آهي. ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ ڪڇ ۾ ٻنيءَ جي لوڪ گيتن تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته “گهڻن ئي عالمن ستن ئي سورمين جي سيرت نگاريءَ جي به اوک ڊوک ڪئي آهي. شاهه جي شعر ۾حقيقت ۽ طلسم جو جيڪو جوڙ آهي. اُهو ڏسندڙن جي دلچسپي شروع کان آخر تائين قائم رکي ٿو. ڪڇ ۾ شاهه جي مريد فقير تمر ناٽڪ طرز  ۾ شاهه جا شعر اُچاريندو هو، جو اڳتي هلي شاهه جي بيت، ناٽڪي انداز ۾ اُچارڻ ٻني ڪڇ ۾ پرمپرا (روايت) بڻجي وئي”. [2] 
مون ويجهڙائيءَ ۾“شاهه جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ لکيل ناٽڪن” جو تفصيل گڏ ڪيو آهي. جيڪو مقالي جي صورت ۾ “ڪلاچي تحقيقي جرنل” ۾ شايع ٿيو آهي. ان ۾ مون 64 اهڙن ناٽڪن جو وچور ڏنو آهي. جيڪي شاهه سائين جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ لکيل آهن. منهنجي خيال ۾ اهو تعداد اڃا وڌيڪ هوندو. جيڪڏهن شاهه جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ ايترا ناٽڪ لکي سگهجن ٿا ته شاهه جي شاعريءَ ۾ ڪيترا ناٽڪ موجود آهن، ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي. تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شاهه سائين جي شاعريءَ  ۾موجود ناٽڪ جديد انداز ۾ عوام آڏو پيش ڪيا وڃن. ٻيو ته شاهه سائين جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ لکيل سمورن ناٽڪن جا اسڪرپٽ هٿ ڪري شايع ڪرايا وڃن.   
جيستائين جديد اصولن تي مشتمل ڊرامي لکڻ جو تعلق آهي ته اهو اسٽيج ڊرامو هجي يا ريڊيو ۽ ٽي وي ڊرامو ، فقط اهو اديب ئي لکي سگهي ٿو. جيڪو ڊرامي جي فن ۽ اصولن کان واقف هوندو. اولهه جي ملڪن ۾ اڃا تائين ٽيلي ويزن ڊرامو ادبي تخليق طور ان ڪري تسليم نه ڪيو ويو  آهي. ان جو سبب اهو آهي ته اُتي ٽيلي ويزن ڊرامو عام رواجي يا سطحي ليکڪ (Hack writer) لکن ٿا.
        سطحي ليکڪ (Hack writer) مان مراد اهي ليکڪ آهن، جيڪي پيسن تي گهٽ معيار وارو مواد لکن. سطحي لکت (Hack writing) هر قسم جي ٿي سگهي ٿي. Hack writer معيار بدران مقدار کي ترجيح ڏين ٿا. انهن جي آڏو اصل مقصد ڪو تخليقي ڪم نه پر پيسا ڪمائڻ هوندو آهي. Hack writing جو لفظ پهريون ڀيرو ارڙهين صديءَ ۾ استعمال ٿيو.Hack  لفظ Hackney مان ورتل آهي. Hackney برطانيه ۾ گهوڙي جو هڪ قسم آهي، جيڪو نه رڳو سواري پر بار ڍوئڻ لاءِ تمام گهڻو ڪارائتو آهي. Hackney گهوڙو سواريءَ لاءِ انتهائي سولو آهي، جنهن جي ڪري اُن تي ڪير به سواري ڪري سگهي ٿو. Hack writer به گوسڙو ليکڪ Ghost writer وانگر ٻئي نالي سان به لکندو آهي.
                سنڌي ٽي وي ڊرامو ان حوالي سان ڀاڳن ڀريو آهي ته ان کي پنهنجي دؤر جا وڏا ڪهاڻيڪار مليا، پر اهو ماضيءَ جو قصو آهي. هاڻي صورتحال مڪمل طور تبديل ٿي چڪي آهي. جنهن جو مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو. 
سنڌي ٽيلي ويزن ڊرامو ڪالهه:
پاڪستان ٽيلي ويزن ڪراچي مرڪز جو افتتاح نومبر 1967ع تي ڪيو ويو. شروع ۾ علائقائي ٻولين جا پروگرام نه ڏيکاريا ويندا هئا. سنڌيءَ ۾ پهريون ٽي وي پروگرام‘رس رهاڻ ’ 22 جنوري 1970ع تي پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ پيش ڪيو. بلوچ صاحب ئي پاڪستان ٽيلي ويزن تي سنڌي نشريات جو باني آهي. 
پاڪستان ٽيلي ويزن جي انتظاميا جڏهن سنڌيءَ ۾ ڊراما پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ساڳيو اردو ڊرامن وارو مسئلو پيدا ٿيو ته اهي ڊراما لکندو ڪير؟  پر جيئن ته عبدالڪريم بلوچ پهريان ريڊيو تي صداڪار ۽ پروڊيوسر جي حيثيت سان ڪم ڪري چڪو هو، تنهن ڪري هن کي ريڊيو ڊرامي جي گرامر جي ڄاڻ هئي. جنهن اها ڄاڻ تنهن دؤر جي اديبن ۽ ڪهاڻيڪارن کي ڏني. پاڪستان ٽيلي ويزن جي پهرئين سنڌي ڊرامي لاءِ مرزا قليچ بيگ جي ناول ‘زينت’ کي شمشير الحيدريءَ ڊرامي جو روپ ڏنو، جيڪو ٽن قسطن تي مشتمل هو. ان ڊرامي جو هدايتڪار ۽ پيشڪار  به عبدالڪريم بلوچ هو. ‘ زينت’ ڊرامي جي پهرين قسط 29 جنوري 1970ع  تي پيش ڪئي وئي. جڏهن ته ٻي قسط 5 فيبروري 1970ع ، ٽين ۽ آخري قسط 12 فيبروري 1970ع تي پيش ڪئي وئي. هر قسط 25 منٽن تي مشتمل هئي.
تنهن دؤر ۾ پي ٽي ويءَ جي سنڌي شعبي ۾ اڃا اسڪرپٽ ايڊيٽر مقرر نه ٿيو هو، اهو ڪم سنڌي ٽيلي ويزن ڊرامن جي باني ناٽڪ نويس محترم شمشير الحيدريءَ اعزازي طور سرانجام ڏنو. هن اهو ڪم ڇهن مهينن تائين ڪيو. سنڌيءَ ۾ پهريون ڊرامو بيحد پسند ڪيو ويو. جنهن ڪري ٻئي ڊرامي جي تياري شروع ڪئي وئي. ان لاءِ پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ، علي بابا جي ڪهاڻي‘هي جيون هي سپنا’ جي چونڊ ڪئي. جنهن کي ڊرامي جو روپ به پاڻ علي بابا ڏنو. هي ڊرامو 16، اپريل 1970ع تي پيش ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت پي ٽي ويءَ جي سنڌي ڊرامن واري شعبي کي شمشير الحيدري ۽ علي بابا جي صورت ۾ ٽي وي ناٽڪ لکڻ جي ڄاڻ رکندڙ ٻه ليکڪ ملي ويا. پي ٽي وي تان پيش ڪيل پهريون ڊرامو ‘زينت’ ناول تان ورتل هيو، جڏهن ته ٻيو ڊرامو ‘هي جيون هي سپنا’ علي بابا جي ڪهاڻيءَ جو ڊرامائي روپ هو. ان کانپوءِ آغا سليم جو لکيل ڊرامو “خواب جو سورج”، امر جليل جو “اوندهه ۽ روشني” پيش ڪيو ويو. امرجليل ۽ آغا سليم ٽيلي ويزن کان اڳ ريڊيو لاءِ ڊراما لکي توڙي پيش به ڪري چڪا هئا. ممتاز مرزا به ريڊيو حيدرآباد لاءِ تنهن دؤر ۾ ڊراما لکندو هو. هن پي ٽي ويءَ لاءِ پهريون ڊرامو ‘ريت’ لکيو. جيڪو 14، جولاءِ 1970ع تي عبدالڪريم بلوچ پيش ڪيو. ممتاز مرزا کانپوءِ مراد علي مرزا به ٽي وي ناٽڪ نويسيءَ طرف آيو ۽ هن جو لکيل ناٽڪ ‘اداس پاڇا’ 18، آگسٽ 1970ع تي بلوچ صاحب پيش ڪيو.
عبدالڪريم بلوچ جي ذاتي دلچسپيءَ سبب غلام نبي مغل، جمال ابڙي، ماهتاب محبوب، ثميره زرين، نسيم کرل ۽ نجم عباسيءَ جهڙن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين کي ڊرامائي روپ ۾ پيش ڪيو ويو. جنهن سبب سنڌي ناٽڪ جي پيڙهه پختي ٿي بيٺي. اڳتي هلي عبدالقادر جوڻيجو، علي محمد مجروح، قاضي خادم، شاهد ڪاظمي، قمر شهباز، منير چانڊيو، فيض ٻگهيو، شوڪت حسين شورو، ماڻڪ، اياز عالم ابڙو، طارق عالم ابڙو، نور گهلو، ڪيهر شوڪت، رشيد صابر، ملڪ آگاڻي، آغا رفيق، شيخ عبدالراز راز، رضيه کوکر، نورالهديٰ شاهه، محمود مغل، امداد حسيني، عثمان ميمڻ، فيروز الدين احساس، رزاق مهر، انور سولنگي، روشن تنيو، زيب سنڌي، فاروق سولنگي، عنايت ميمڻ، سيد يار محمد شاهه، ماڪن شاهه رضوي، بادل جمالي، عزيز ڪنگراڻي، رحمت الله ماڄوٺي، حفيظ ڪنڀر، شبنم گل، علي راز شر ۽ ٻين پي ٽي ويءَ لاءِ شاهڪار سنڌي ڊراما تخليق ڪيا.
سنڌي ناٽڪ نويسن سنڌي سماج  ۾ موجود سمورين خرابين جهڙوڪ: زمينداري ظلم، ڏيتي ليتي، غربت، طبقاتي ورڇ، تعليم جي کوٽ، برادرين جي وچ ۾ جهيڙا، پيار محبت، دولت جو انڌ، رشوت جهڙي سماجي برائي ۽ ٻين کوڙ مسئلن کي وائکو ڪرڻ لاءِ قلم کنيو. تنهن دؤر ۾ سنڌي ڊرامن جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ماڻهو پنهنجو ڪم ڪار لاهي، گهرن، هوٽلن، اوطاقن ۽ اوڙي پاڙي ۾ ٽي وي آڏو ويهي مقرر وقت تي ڊرامي جي انتظار ڪندا هئا. 25 منٽن جي ڊرامي دوران ڏسندڙ مڪمل خاموشيءَ سان ڊرامو ڏسي ان جي هڪ هڪ منظر ۽ مڪالمي مان وندربا هئا.
                جيڪڏهن فني لحاظ کان پي ٽي ويءَ جي سنڌي ڊرامن جو جائزو ورتو وڃي ته اهي شروع کان وٺي داخلي عنصرن جهڙوڪ ڪهاڻي، ڪردار نگاري، مڪالمن، منظر نگاري ۽ خارجي عنصرن اداڪاري، هدايتڪاري، عڪاسي، صوتي اثرن، پردي پويان موسيقي، ڪئميرائن جو استعمال، ٻاهرين عڪسبندي، ايڊيٽنگ، صدابندي وغيره جي حوالي سان مڪمل رهيا آهن. انهن ۾ ڪٿي به فني کوٽ نظر نه ايندي هئي. پي ٽي ويءَ تي پروڊيوسر ٿيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ تعليمي لياقت ماسٽرس هوندي هئي. پي ٽي ويءَ تي اسسٽنٽ پروڊيوسر طور ڀرتي ٿيڻ کانپوءِ انهن کي پي ٽي وي اڪيڊمي اسلم آباد موڪليو ويندو هو. جنهن کانپوءِ اهي ڪنهن سينيئر پروڊيوسر سان مددگار طور ڪم ڪندا هئا.گهڻي ڀاڱي پروڊيوسرن کي پرڏيهه سکيا لاءِ به موڪليو ويندو هو.
                ٽيلي ويزن ناٽڪ گڏيل ڪوشش جي نتيجي ۾ جنم وٺي ٿو. جنهن ۾ بنيادي ڪم ته ناٽڪ نويس ڪري ٿو. پر ڪاغذن تي لکيل ڪردارن کي  زنده ڪرڻ وارو پروڊيوسر هوندو آهي. جيڪو اداڪارن جي مدد سان  ناٽڪ نويسن جي خيالن کي پردي تي حقيقي انداز ۾ سامهون آڻي ٿو.  پاڪستان  ۾ جڏهن ٽيلي ويزن شروع ٿيو ته ان دؤر ۾ ملڪ ۾ڪو به سيکاريل پروڊيوسر موجود نه هو، جنهن سبب ريڊيو پروڊيسرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون.
                پي ٽي ويءَ جي سنڌي ڊرامن ۾ سنڌي ٻولي، ثقافت، ريتن رسمن ۽ سماجي حالتن جو پورو پورو خيال رکيو ويندو هو. هڪ ته تنهن دؤر ۾ ناٽڪ لکڻ وارا ڪي عام رواجي ليکڪ نه پر چوٽيءَ جا ڪهاڻيڪار هئا. جڏهن ته انهن جي لکيل ناٽڪن جي نظرداري ڪرڻ وارن ۾ عبدالڪريم بلوچ، شمشير الحيدري، غلام حيدر صديقي، ممتاز مرزا جهڙا ڄاڻو هئا. بلوچ صاحب نه رڳو گهڻا ناٽڪ نويس متعارف ڪرايا پر گهڻي ۾ گهڻي سنڌي پروڊيوسر به تيار ڪيا. جن کي سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر جي تحفظ جي سُتي تڏهن بلوچ صاحب ئي پياري ڇڏي هئي.  جنهن جي ڪري ناٽڪ نويس توڙي پروڊيوسر ٻولي، سماجي حالتن، سنڌي ثقافت، ڪردار نگاري، اخلاقيات، عوامي پسند ۽ مقصديت جهڙين بنيادي ڳالهين جو خاص خيال رکندا هئا.

ٽيلي ويزن ڊراما، اڄ
2002 ع تائين مجموعي طور تي سڄي پاڪستان ۾ فقط هڪ ٽي وي چئنل پاڪستان ٽيلي ويزن چئنل ڏٺو ويندو هو. ڇوته عام ماڻهن کي ڊش اينٽينا جهڙي سهولت گهٽ ميسر هئي. جنرل پرويز مشرف جي دؤر ۾ ميڊيا کي مڪمل طور آزاد ڪرڻ واري خيال کانپوءِ خانگي شعبي کي به ميڊيا جي صنعت ۾ سيڙپڪاريءَ جو موقعو مليو. جنهن ٿوري ئي وقت ۾ پاڪستان ۾ ميديا جي شڪل ئي مٽائي ڇڏي.
اڄ جڏهن اسان پنهنجي چوڌاري نهاريون ٿا ته هر پاسي اسان کي انٽرنيٽ ۽ موبائل فون جو استعمال نظر اچي ٿو. انٽرنيٽ جهڙي شاندار ايجاد دنيا کي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پر ٽين دنيا جي ملڪن ۾ اڄ به ان جو هاڪاري استعمال سڀ کان وڏو سوال آهي. اهڙيءَ ريت ٽيلي ويزن وسيلي درست ۽ غلط معلومات ۽ وندر جي فراهمي وارو موضوع به ڊگهي عرصي کان بحث هيٺ آهي. سڌريل ملڪن ته ٽيلي ويزن جي ايجاد سان گڏ ئي ان جي هاڪاري ۽ ناڪاري پاسن تي تحقيق ڪئي هئي، پر پوئتي پيل ملڪن ۾ ان طرف گهڻو ڌيان نه ڏنو ويو آهي. اولهه جي محققن جو ان سلسلي ۾ چڱو موچارو ڪم نظر اچي ٿو. پر بدقسمتيءَ سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽيلي ويزن جي پروگرامن يا ڊرامن جي ثقافتي ۽ سماجي اثرن بابت تحقيقي ڪم نه هئڻ برابر  آهي.
جڏهن اسان علائقائي ٻولين جي ڳالهه ڪنداسين ته ملڪي سطح تي اڄ به سنڌي ٽي وي چئنل سڀ کان وڌيڪ ڏٺا وڃن ٿا. گيلپ سروي موجب 8 سنڌي، پنجابي، سرائيڪي ۽ پشتو چئنلن مان سنڌي ٽي وي چئنل سڀ کان وڌيڪ مقبول آهن. وڏي اعزاز جي ڳالهه اها آهي ته علائقائي ٻولين جي چئنلن جي ڏسندڙن مان 82 سيڪڙو ماڻهو سنڌي ٽي وي چئنل ڏسن ٿا. جڏهن ته باقي ٻولين جي ڏسندڙن جو انگ فقط 18 سيڪڙو آهي. ان لحاط کان صوبائي ٻولين ۾ ملڪي سطح تي سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ چئنل ڪي ٽي اين آهي. جنهن جي ڏسندڙن جو انگ 47 سيڪڙو آهي.
 پاڪستان ۾ آخري آدمشماري  1998ع ۾ ٿي هئي، ان موجب پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ (44.15 سيڪڙو) پنجابي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. جڏهن ته ملڪي سطح تي سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 14.1 سيڪڙو آهي. پر جيڪڏهن اسان اهي انگ اکر  مختلف صوبائي ٻولين جي مقوليت جاچڻ لاءِ ڪتب آڻيون ٿا ته اتي هڪ فخر محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستان اندر سڀني صوبن ۾ سڀ کان وڌيڪ (80 سيڪڙو) سنڌي ٻوليءَ جا چئنل ڏٺا وڃن ٿا. جڏهن ته باقي سمورين ٻولين جا چئنل ڏسندڙن جو انگ فقط 20 سيڪڙو آهي.
پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهي سنڌي ٽي وي چئنل سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي تحفظ ۽ عام ماڻهن جي اهنجن کي پڌرو ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪو ڪردرا ادا ڪري رهيا آهن يا نه؟ ته جواب “ نه” ۾ اچي ٿو.
اسان وٽ عام طور اهو ئي سمجهيو ويو آهي ته سنڌي ڊرامن ۾ ڪردارن کي اجرڪ، ٽوپي، پٽڪو، ڀرت ڀريل رئو ۽ چولو پهرائڻ سان سنڌ جي ثقافت جي عڪاسي ۽ خدمت ٿي وڃي ٿي. يا وري ڪنهن ڌاڙيل کي ڪلاشنڪوف ڏئي، ان کي ڪنهن وڏيري جي چوڻ تي مظلوم عورت کي ڪاري قرار ڏئي قتل ڪرڻ کي سنڌ جي حقيقي ثقافت سڏيو وڃي ٿو.
جيڪڏهن اسان موجود سيٽلائيٽ سنڌي ٽي وي چئنلن تان ٽيليڪاسٽ ٿيندڙ ڊرامن تي غور ڪنداسين ته انهن ۾ سنڌي سماج لاءِ ناسور بڻيل ڪُڌين ريتن ۽ رسمن کي سنڌ جي ثقافت قرار ڏيڻ لاءِ وسان نه گهٽايو آهي. جنهن جو اجتماعي طور تي سنڌي قوم کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي. ڇا واقعي سنڌ جي تصوير ايتري خراب آهي، جيڪا اڄ اسان خانگي ٽيلي ويزن چئنلن جي ڊرامن ۾ ڏسئون ٿا. سنڌ اندر يا سنڌ کان ٻاهر ڪنهن فورم تي جيڪڏهن ڪنهن غير سنڌيءَ سان ڳالهائجي ٿو ته گهڻو ڪري هو اهو سوال ضرور ڪندو ته “سنڌ جا ماڻهو ته ڏاڍا خطرناڪ آهن؟” جڏهن کانئس پڇبو ته سنڌين بابت هن اها راءِ ڪيئن جوڙي، ته جواب ۾ هو چوندو آهي ته سنڌي ٽي وي ڊراما ڏسي ائين ئي محسوس ٿيندو آهي.
سنڌ جي غلط ريتن رسمن کي ثقافت جو نالو ڏئي. حقيقت ۾سنڌ کي بدنام ڪرڻ جي شروعات ضياءُ الحق جي دور ۾ ٿي، جيڪا اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت  ۾ جاري آهي.پر جيڪڏهن معاشري ۾ ڪي خرابيون آهن به ته ڇا ان کي ختم ڪرڻ جو طريقو بس اهو ئي آهي، جيڪو اڄ ڪلهه اسان ٽيلي ويزن ڊرامن ۾ ڏسئون ٿا.
بنيادي طور تي ٻين سماجن وانگر سنڌي سماج ۾ به تمام گهڻيون اوڻايون آهن. جن جي نشاندهي ضرور ٿيڻ گهرجي، پر ان اصل اختلاف طريقي ڪار تي آهي. جيڪي ڪجهه هاڻوڪن ٽي وي ڊرامن ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو، ان کي ڏيکارڻ جا ٻيا به گهڻائي طريقا آهن. جنهن سان سنڌ اندر توڙي سنڌ کان ٻاهر سنڌ جي تصور کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.
هن وقت ڊرامي کي فقط وندر لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو، جڏهن ته ان جو بنيادي ڪم ڏسندڙن جي ذهني ۽ روحاني تربيت ڪري کين ڪارائتو شهري بڻائڻ آهي. جڏهن کان ڊرامو پنهنجي اصل مقصد کان هٽي ويو آهي، تڏهن کان ان جي جاءِ ڪلچر جي نالي تي ٺينگ ٽپا ڏيڻ وارن ورتي آهي. جيڪي ڪلچر جي نالي کي پنهنجي ذهني ۽ جسماني عياشيءَ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.
                سنڌي چئنلن تي ڌاڙيلن جي موضوع تي جيڪي ڊراما ڏيکاريا وڃن ٿا، انهن جو انداز فلمي آهي. جنهن مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته اهڙي قسم جون ڪهاڻيون سرجيندڙ يا ته ادارن جي پاليسيءَ جا پابند آهن. يا وري انهن جي تربيت ٽيلي فلمن وسيلي ٿيل آهي.  ڪو به فن بيڪار يا خسيس نه هوندو آهي پر اصل ڳالهه ان فن ذريعي ڏنل پيغام هوندو آهي. جيڪڏهن ڪو تخليقڪار چاهي ته ڪنهن ننڍي دستاويزي يا ٽيلي فلم وسيلي به هو سماجي براين جي سڌاري لاءِ جوڳو بندوبست ڪري سگهي ٿو. پر ان لاءِ بنيادي ڳالهه ڏاهپ ۽ گهربل سکيا آهي. ڊرامن وسيلي سنڌي سماج  ۾ موجود سمورين بڇاڙين کي وائکو ڪرڻ گهرجي. پر هر ڊرامي ۾ ڌاڙيلن کي ڪلهي تي بندوق ڏئي. سنڌ جي ماڻهن جي غير حقيقي تصوير کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اسان وٽ هر خرابيءَ کي ڪلچر جو نالو ڏنو وڃي ٿو. مثال طور “ڌاڙيل ڪلچر”، “ڪاپي ڪلچر” وغيره. ڪلچر جي ان جديد تعارف ۾ سنڌي اخبارون ۽ ٽي وي چئنل ڏوهاري آهن. اسان کي هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ڪا به سماجي خرابي ان قوم جو ڪلچر ٿي نه ٿي سگهي.
هاڻي سنڌي ٽي وي چئنلن جي مالڪن پاران اسان کي  اها ڳالهه سختيءَ سان قبول ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ٿي ته اسان جا ڏسندڙ فقط گليمر، ڌاڙيل، عورت کي ويڙهاڪ ۽ بي وفا ڪري ڏيکارڻ وارا ڊراما ڏسڻ پسند ڪن ٿا، جيڪا ڳالهه سراسر غلط آهي. ڏسندڙن  جو ذوق وڌائڻ بنيادي طور ناٽڪ نويس جي ذميواري آهي، سٺو ناٽڪ نويس جنهن پاسي ڏسندڙ کي وٺي ويندو، هو ان پاسي ويندو. اسان وٽ سٺي ذوق وارا ڊراما ئي نه ٺهندا ته ڏسندڙ وٽ پسند ۽ ناپسند جو ڪو ئي ناهي ته پوءِ هو ڪيڏانهن وڃي.
                پنهنجي پي ايڇ ڊي مقالي دوران مون سڄي سنڌ مان هڪ سروي ڪئي. جنهن ۾ 39 سيڪڙو ماڻهن جي راءِ هئي ته انهن کي اصلاحي ۽ سماجي ڊراما پسند آهن. جڏهن ته 25 سيڪڙوطنزيه ۽ مزاحيه،  20 سيڪڙو ماڻهو ٽريجڊي، 13 سيڪڙو رومانوي ڊراما ڏسڻ پسند ڪن ٿا. جڏهن ته فقط ٽي سيڪڙو ماڻهن ڌاڙيلن جي موضوع تي ٺهندڙ ڊراما پسند ڪيا. اهي نتيجا ظاهر ڪن ٿا ته سنڌ جا ماڻهو  امن پسند آهن، انهن  کي هر ڀرو ڏوهاري سوچ رکندڙ سڏي بدنام ڪيو پيو وڃي.
                سنڌ جي هڪ وڏي ڪهاڻيڪار ۽ ناٽڪ نويس کان جڏهن پڇيم ته جيڪڏهن توهان جهڙا سنجيده ليکڪ به ڌاڙيلن کي هيرو ڪري پيش ڪندا ته پوءِ ٻين جو ڇا ٿيندو. هن جيڪو جواب ڏنو، سو نه رڳو حيران ڪندڙ پر ڏکوئيندڙ به به هيو. هن چيو ته منهنجو  ڊرامو پڙهي ان چئنل جي پروگرام مئنيجر فون ڪئي ته چئنل جو مالڪ توهان سان ملڻ چاهي ٿو. مان جڏهن ان سان مليس ته هن مون کي چيو ته “توهان جو ڊرامو ڏاڍو ڀلو آهي، پر ان کي ٿورو گرم ڪر”. هن چيو ته مون کيس چيو ته “سائين مان توهان جي ڳالهه نه ٿو سمجهان”. ان تي چئنل جي مالڪ وراڻيو ته “هن ڌاڙيلن کي شامل ڪر، ماڻهو به جام ڏسندا ۽ اشتهار به گهڻا ملندا”. ان تي هن کيس چيو ته “سائين مون کي جيڪو لکڻو هو، اهو لکي ڇڏيم، ان کي ٿڌو رکو يا گرم، اهو توهان جي وس آهي”. هن ٻڌايو ته اهو ڊرامو هن 13 قسطن جو لکيو هو. پر تبديلي پسند چئنل جي مالڪ ان کي ڊگهو ڪري 100 قسطن جو ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ فقط سندس نالو هو، باقي سڀ ڪجهه تبديل ٿي چڪو هو.
                هڪ ٻيو واقعو به ٻڌائيندو هلان ته سنڌي چئنلن تي ڪلاسنڪوف ۽ بندوق کڻڻ جو گهڻو ڪم اسد قريشيءَ کان ورتو ويندو هيو. مٿس جڏهن گهڻي تنقيد ٿي ته هن ڌاڙيل ٿيڻ بند ڪري ڇڏيو . هڪ ڀيري هو مون وٽ آفيس آيو ته مون کانئس هر ڊرامي ۾ بندوق يا ڪلاشنڪوف کڻڻ جو سبب پڇيو. هن چيو ته “کيس بندوق يا ڪلاشنڪوف کڻڻ جو ڪو به شوق ناهي. اهو سڀ ڪجهه چئنل وارا پنهنجي مرضيءَ سان ڪن ٿا. عوام جي مطالبي تي مون جڏهن هڪ چئنل مالڪ کي چيو ته سائين مان اداڪار آهيان، ڪو ٻيو به ڪردار ڏيو، ته مون کي جواب مليو ته جيڪڏهن اداڪاري ڪرڻي اٿئي ته تون ڌاڙيل ئي ٿيندين، نه ته اسان جا دروازا تو تي هميشه لاءِ بند آهن ۽ اسان تو جهڙا چار پنج ڌاڙيل ٺاهي سگهون ٿا. هن چيو ته مون جڏهن ڌاڙيل ٿيڻ کان انڪار ڪيو ته چئن سالن تائين ان چئنل جا درواز مون لاءِ بند هئا.       
Hack writer جي معنيٰ ۽ مفهوم جي پس منظر ۾ سنڌي ڊرامن جو جائزو ورتو وڃي ته موجوده دؤر  ۾ خانگي سنڌي چئنلن تان پيش ٿيندڙ ڊراما گهڻي ڀاڱي سطحي لکت Hack writing آهن. انهن ڊرامن جي ڀيٽ پي ٽي ويءَ جي ڊرامن سان ان ڪري نه ٿي ڪري سگهجي. جو پي ٽي ويءَ جا ڊراما معياري آهن. انهن کي هر لحاظ کان اعليٰ درجي جا ڊراما سڏي سگهجي ٿو.  خانگي چئنلن لاءِ ڊراما لکندڙن کان ڪنهن به قسم جا ڊراما لکرائي سگهجن ٿا. خانگي چئنلن لاءِ لکندڙ اڪثر ڊراما نگارن جا نالا نه اڳ ۾ ٻڌا ويا، نه وري انهن کي ادبي دنيا ۾ ڪا حيثيت حاصل آهي. انهن وٽ ڪو خيال، اسلوب، مقصد ۽ معيار ناهي. اهڙن ڊراما نگارن سنڌي ثقافت ۽ سماجي قدرن کي سخت هاڃو رسايو آهي.
مٿئين بحث جو نچوڙ ڪڍيو وڃي ته نتيجا ڪجهه هن ريت بيهن ٿا.
1.     پاڪستان ٽيلي ويزن شروع کان وٺي سنڌي ٻولي، ڪلچر ۽ سماجي سڌاري لاءِ جيڪا حڪمت عملي جوڙي هئي، ان تي عمل اڄ به جاري آهي. جنهن جا اڄ تائين هاڪاري نتيجا ملي رهيا آهن. ٻين چئنلن کي به ان مان سکڻ گهرجي.
2.     سنڌ جي عالمن، اديبن، ٻوليءَ جي ماهرن، سگهڙن، ڳائڻن پاڪستان ٽيلي ويزن سان جنهن لڳاءَ جو مظاهرو ڪيو هو، خانگي چئنلن تي اهو لڳاءُ نظر نه پيو اچي.
3.     خانگي چئنلن وٽ ڊرامن جي تياريءَ جي ڏس ۾ ڪابه حڪمت عملي نظر نه ٿي اچي، جنهن جي ڪري ڪو سٺو ناٽڪ نويس خانگي چئنلن لاءِ ناٽڪ لکڻ لاءِ راضي ناهي. جيڪڏهن ڪو لکي به ٿو ته مناسب اجورو نه ملڻ سبب هو ان چئنل تي لکڻ جو سلسلو برقرار رکي نه ٿو سگهي.
4.     اسان جي ملڪ ۾ فن جي سکيا خاص طور تي ٽيلي ويزن ڊراما پروڊڪشن جي حوالي سان ڪو سکيا گهر موجود ناهي. اڳ اهو ڪم پاڪستان ٽيلي ويزن جا سکيل پروڊيوسر ڪندا هئا، پر هاڻي اُتي به پيشه ور ۽ تجربيڪار پروڊيوسر نه رهيا آهن.
5.     خانگي چئنلن جي کنڀي واڌ سبب معياري ڪم نه ٿو ٿئي. جنهن جي ڪري ٽيلي ويزن ڊرامو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي.
6.     سنڌي ٽيلي ويزن چئنلن تي  باقاعدي ڪو به اسڪرپٽ جو شعبو ناهي. جنهن جي ڪري نه ته سٺين ڪهاڻين تي ٻڌل ڊراما پيش ٿين ٿا، نه وري سنڌي ٻوليءَ جو ڪو خيال رکيو وڃي ٿو.
7.     شهري ماحول ۾ رهندڙ نوان فنڪار سنڌي ٻولي درست طريقي سان نه ٿا اُچاري سگهن، جنهن ڪري ٻولي ڏينهون ڏينهن  بگڙجي رهي آهي.
8.     سنڌ جي ماڻهن جو وڏو تعداد سنڌي ٽيلي ويزن چئنل ڏسي ٿو، جنهن ۾ مکيه چئنل ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي آهن. تنهن ڪري سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي تحفظ جي سڀ کان وڏي ذميواري به انهن ٻنهي چئنلن تي لاڳو ٿئي ٿي.
9.     سنڌي  ٽي وي چئنلن سنڌي ماڻهن جي سڃاڻپ ئي ڌاڙيل ٺاهي ڇڏي آهي، جيڪا نه رڳو حقيقت جي ابتڙ پر اخلاقيات جي به خلاف آهي.
10.                        خانگي سنڌي ٽي وي چئنلن جا ڊراما سماجي سڌاري جي سلسلي ۾ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ بدران سماجي بگاڙ  سان گڏو گڏ ثقافتي بگاڙ جو سبب پڻ بڻجي رهيا آهن.
سنڌي ٽي وي ڊرامن جي بهتري، ٻولي ۽ ثقافت جي تحفظ لاءِ ڪجهه تجويزون:
1.     خانگي چئنلن کي پاڪستان ٽيلي ويزن جي سکيل ناٽڪ نويسن ۽ سينيئر اداڪارن جون خدمتون حاصل ڪري پنهنجي ڊرامن جو معيار بهتر بڻائڻ گهرجي.
2.     سنڌ حڪومت سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي بگاڙ کي قومي ڏوهه قرار ڏئي، جيئن سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي بگڙڻ کان بچائي سگهجي. ان سلسلي ۾ سنڌ اسميبليءَ مان قانون جوڙائي سگهجي ٿو. فلمن ۽ اسٽيج ڊرامن جي لاءِ اهڙو قانون اڳ ئي موجود آهي.
3.     سنڌي اخبارن جي ٻوليءَ جي مانيٽرنگ وانگر سنڌي لئنگويج اٿارٽي خانگي ٽي وي توڙي ايف ايم چئنلن تي ڪتب ايندڙ ٻوليءَ جي مانيٽرنگ ڪري، واسطيدار چئنلن کي ماهوار مانيٽرنگ رپورٽ موڪلي ڏئي.
4.     سنڌ جا عالم، اديب، ماهر، ساڃاهه وند ۽ سول سوسائٽي خانگي سنڌي ٽي وي چئنلن تي ٻوليءَ جي مانيٽرنگ ڪري ۽ غلطين جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ ٽي وي چئنلن ڏانهن خط لکي.
5.     ارڙهين ترميم کانپوءِ سڌ سماءُ کاتو به صوبن کي ملڻ گهرجي، پر وفاقي سرڪار ان تي زوريءَ قبضو ڪيو ويٺي آهي. سنڌ سرڪار اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿاري.
6.     سنڌ جو سڌ سماءُ کاتو پيمرا جي طرز تي ٽي وي چئنلن لاءَ اخلاقي ضابطو جُوڙي، جنهن ۾ مکيه ڳالهه ٽي وي چئنلن تان اخلاقيات جو درس ڏيڻ، غير اخلاقي پروگرام نه ڏيکارڻ، ڪو مخصوص لباس اوڍائي ڪنهن قوم جي توهين نه ڪرڻ، ڌاڙيلن کي هيرو ڪري پيش نه ڪرڻ، ٽي ويءَ وسيلي فحاشي نه ڦهلائڻ، ٻولي توڙي ثقافت جو تحفظ ڪرڻ شامل هئڻ گهرجي.
7.     سنڌ جا ساڃاهه وند سنڌي ٽي وي چئنلن تي زور ڀرين ته اُهي ڌاڙيلن کي هيرو ڪري ڏيکارڻ بند ڪن.
8.     ڏوهن ۽ ڌاڙيلن جي موضوع تي ٺهندڙ ڊراما ۽ ٻيا پروگرام پرائيم ٽائيم ۾ نشر نه ڪيا وڃن. جيئن ٻار اهڙا ڊراما نه ڏسن.
9.     اشتهاري ادارن جي زور تي ڌاڙيلن جي موضوع تي ٺهندڙن ڊرامن کان پاسو ڪيو وڃي.
10.                        پاڪستان ٽيلي ويزن کي سمورن يادگار پراڻن سنڌي ڊرامن جي ٻيهر رڪارڊنگ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي،  جن جا اسڪرپٽ پي ٽي ويءَ جي لائبريريءَ ۾ محفوظ پيل آهن.
(ثقافت کاتي سنڌ پاران ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪيل ”سنڌي ادبي ڪانفرنس“ 2015 جي موقعي تي پڙهيل مقالو)








 گربخشاڻي ھوتچند مولچند ڊاڪٽر،  شاهه جو رسالو ، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2012: ص. 61[1]
 لالواڻي ڄيٺو، سنڌي ناٽڪ پرمپرا، اسٽيج پبليڪيشن ڪٻير نگر احمد آباد. 2012ع: ص. 8_7[2]

Saturday, February 14, 2015

Dr. Qasim Rajpar: Sindhi Drama in Poetry of Shah Latif

شاهه جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ لکيل سنڌي ناٽڪ
محمد قاسم راڄپر
Abstract:
Shah Abdul Latif Bhittai (1689–1752) was a Sufi scholar and considered as one of the greatest poets of the Sindhi language. Shah Abdul Latif Bhittai was born in 1689 in Hala Haveli's village near Hyderabad, Pakistan. His most famous written work is the “Shah Jo Risalo”, which is a masterpiece of Sindhi Literature as well. The major themes of his poetry include Unity of Almighty, love for human, religious tolerance and humanistic values.
The women in Shah Abdul Latif’s poetry are known as the seven heroines (ست سورميون) of Sindhi folklore. They have been given the status of heroines in the Shah Jo Risalo. The Seven heroines respected throughout Sindh for their positive qualities: their honesty, integrity, piety and loyalty. They were also valued for their bravery and their willingness to risk their lives in the name of love.
In his monumental work, there are Chapters, known as Surs (Melodies) where Bhittai gives his Message of love, longing, patriotism, Communal harmony, tolerance, Divine Affection and devotion. These Seven Melodies and in fact the seven stages of Soul that find expression through his famous heroine. Scholars have observed that the succession of Sohni, Sassi, Leela, Moomal, Marui, Noori and Sorath (Seven Heroines) represent the Seven Stages of the Soul. Indeed, quite an apt allegory, and Bhittai’s specialty is that he doesn’t narrate complete stories but offers dramatic monologues highlighting the lessons to be learnt at each stage.
Many Sindhi dramatists write drama in the light of Shah Abdul Latif Bhittai’s poetry. Khanchand daryani was the first play writer who write “Moomal aen Mendhro” in 1922. After that, so many dramatists write drama in the perspective of poetry of Shah.

 ڊرامو انساني جذبن جي اظهار جو قديم ۽ مڃيل ذريعو آهي، جديد ڊرامي جي شروعات يونان کان ٿي. يونانين پنهنجي ورثي کي نه رڳو محفوظ ڪيو پر ان تي وڌيڪ تحقيق ۽ اڀياس ڪري دنيا کي نوان رستا ڏسيا. يونان ۾ ڊرامو ابتدائي صورت ۾ شاعراڻي اسلوب ۾ ملي ٿو، جنهن تي افلاطون پهريون ڀيرو تنقيد ڪئي. افلاطون شاعريءَ جا ٽي قسم (1) بيانيه شاعري (2) ڊرامائي شاعري (3) رزميه شاعري، ڄاڻايا آهن. ادب جي قديم تاريخن تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ڊرامي جي سڀ کان آڳاٽي وصف ارسطوءَکان ملي ٿي. جيڪا هن پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب بوطيقا (Poetics)  ۾ الميي (Tragedy) تي بحث ڪندي ٻڌائي آهي. هن الميي يا ڊرامي کي عمل جي نقالي   (Imitation of an action) سڏيو آهي.
عالمن جي راءِ آهي ته ڊرامو ارسطو ءَ ايجاد نه ڪيو هو، پر هن پنهنجي خيالن کي واضح ڪرڻ لاءِ مشهور يوناني ناٽڪ نويسن جهڙوڪ ‘سوفوڪليز’ وغيره جي تخليقن مان مثال پيش ڪيا. يونانين جو يقين هو ته الميو (Tragedy) ڊرامي جو سڀ کان اعليٰ قسم آهي. ارسطوءَ جي الميي واري وصف کي ئي ڊرامي جي وصف تسليم ڪيو ويو آهي،
شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جو مطالعو ڪجي ٿو ته ان ۾ اهي سموريون خوبيون ۽ عنصر نظر اچن ٿا، جيڪي ارسطوءَ الميي (ڊارمي) لاءِ لازمي قرار ڏنا آهن. شاهه جي تمثيلي شاعريءَ ۾ جڏهن شاهه جي سورمين ۽ سورمن، سسئي پنهون، سهڻي ميهار، ليلا چنيسر، مومل راڻو، عمر مارئي، نوري ڄام تماچي، سورٺ راءِ ڏياچ، مورڙو (سُر گهاتو) ۽ امام حسين (سُر ڪيڏارو) تي غور ڪجي ٿو ته انهن ۾ ارسطوءَ واري قديم ڊرامي جا مڙئي عنصر ملن ٿا، جيڪي هن بوطيقا Poetics)) ۾ ٻڌايا آهن. جيڪي هي آهن:
 (1) سٽاءُ (Plot)،  (2) ڪردار (Character)، (3) خيال (Thoughts)، (4) ڳالهائڻ جو انداز (Diction)،  (5) سنگيت (Melody )، (6) تماشو  (Spectacle ).
                شاهه جي شاعريءَ ۾ نه رڳو قديم پر جديد ڊرامي جا به سمورا عنصر ملن ٿا. شاهه جي تمثيلي شاعريءَ ۾ “پلاٽ، مرڪزي خيال، ڪردار ۽ سيرت نگاري، مڪالما، تسلسل ۽ ڪشمڪش، ٽڪراءٌ ۽ انجام” جو به پورو پورو خيال رکيل نظر اچي ٿو.  شاهه جي شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه اهي ڊرامائي  اهڃاڻ، اصول ۽ عنصر ڪٿان اوڌارا نه ورتا آهن، پر هن اهي اصول ۽ عنصر پاڻ تخليق ڪيا آهن. هونئن ته سنڌيءَ ۾ سنگيت ڊرامن جو باني مرزا قليچ بيگ کي سڏيو وڃي ٿو پر شاهه جي شاعريءَ ۾ سنگيت ڊرامي جي سمورين خوبين ۽ عنصرن کي سامهون رکيو وڃي ته نتيجو ڪجهه ٻيو هوندو، پر افسوس ته سنڌ ۾ ان حوالي سان تحقيق ۽ تنقيد بنهه گهٽ ٿي آهي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اسان وٽ اڃا تائين ڊرامو مذهبي اثر کان ٻاهر نڪري نه سگهيو آهي ۽ ڊرامي کي مذهبي بنياد تي معيوب سمجهي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي ان پاسي تي تحقيقي ڪم نه ٿو ڪيو وڃي.
                شاھھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ناٽڪ جي پهريون ڀيرو نشاندهي ڊاڪٽر هوتچندگربخشاڻيءَ ڪئي هئي. هن شيڪسپيئر جي ناٽڪن جي حوالي سان شاهه جي سورمين ۽ سورمن جي ڪردار نگاريءَ کي ناٽڪي ڪوٺيو آهي. هو لکي ٿو ته “شاهه جو نمونو به انگريزي شاعر شيڪسپيئر وانگي ناٽڪ جهڙو آهي. هي هڪ نئون نمونو آهي، جو سنڌ جي ڪنهن ٻئي شاعر استعمال ۾ نه آندو آهي. انهيءَ شعر  ۾ شاهه جي شعور جون ڪُل خوبيون نڪري نروار ٿين ٿيون”.[1]
                ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ ناٽڪ جي بنيادي عنصرن علامت نگاري، منظر ڪشي، گفتگوء، سيرت نگاري، خيال ۽ عبارت جو به تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. “گهڻن ئي عالمن ستن ئي سورمين جي سيرت نگاريءَ جي به اوک ڊوک ڪئي آهي. شاهه جي شعر ۾حقيقت ۽ طلسم جو جيڪو جوڙ آهي. اُهو ڏسندڙن جي دلچسپي شروع کان آخر تائين قائم رکي ٿو. ڪڇ ۾ شاهه جي مريد فقير تمر ناٽڪ طرز  ۾ شاهه جا شعر اُچاريندو هو، جو اڳتي هلي شاهه جي بيت، ناٽڪي انداز ۾ اُچارڻ ٻني ڪڇ ۾ پرمپرا (روايت) بڻجي وئي”. [2] 
ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي شاهه جي شاعريءَ جي ناٽڪي رخ جي نشاندهي ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهائڻ دوران پنهنجي تقريرن، مضمونن ۽ مقالن ۾ ڪئي هئي. جنهن کانپوءِ شاهه سائين جي شاعريءَ جي ڊرامائي روپ کي نظر ۾ رکندي شاعريءَ جي پس منظر ۾ سنڌي ناٽڪ لکڻ جي شروعات سنڌي ناٽڪ ۾ حقيقت نگاريءَ جي باني  خانچند درياڻيءَ 1922ع ۾ ڪئي. هن سُر مومل راڻي تي پهريون ناٽڪ “مومل مينڌرو” لکيو. جنهن جو بنياد شاهه سائين جي شاعريءَ تي هو. هن ناٽڪ کي حقيقي روپ ڏيڻ لاءِ هنڌ هنڌ تي شاهه ڀٽائيءَ جي شاعري ڪتب آندي. جنهن سندس ان ڪامياب تخليق کي وڌيڪ دلچسپ بڻايو. اهو ناٽڪ پهريان سنڌي ساهت سوسائٽيءَ شايع ڪرايو، جنهن کانپوءِ اهو ناٽڪ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي هدايتن هيٺ “ڊي جي سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچيءَ” پاران اسٽيج ڪيو ويو. ان ناٽڪ ۾ اداڪاري ڊي جي ڪاليج جي ساگردن ڪئي. ناٽڪ جي هدايتڪار پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ان ناٽڪ جو احوال ڏيندي لکي ٿو ته “ ان ۾ بيت ۽ ڏوهيڙا شاهه صاحب جا ڪم آندل هئا ۽ ڪردارن جي زباني اهي ٺهڪندڙ هئا. .. هن ۾ مومل جو ڪردار ڪاليج جي هڪ ڇوڪري  مڪند لالا ڏاڍي نفيسائي ۽ اُتساهه وچان ڪيو هو ۽ ڪافيون ۽ ڏوهيڙا ميٺاج ڀريا ڳايا هئا، راڻي جو پارٽ موتي جڳتياڻيءَ ڪيو هو”.[3]
ان ناٽڪ کانپوءِ لعل چند امر ڏني مل عمر مارئيءَ جي قصي تي “عمر مارئي” لوڪ ناٽڪ لکيو، جيڪو رابندر ناٿ ڊرئمٽيڪ ڪلب حيدرآباد پاران 1925ع ۾ اسٽيج ٿيو. اهو ناٽڪ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ساڳئي ناٽڪ منڊليءَ ور ور ڏئي ڏهه ٻارهن ڀيرا اسٽيج ڪيو هو. ساڳئي سال لعل چند امر ڏني ٻيو ناٽڪ “سهڻي ميهار” لکيو، پر اهو اسٽيج تي نه اچي سگهيو. جنهن کانپوءِ هن “سسئي پنهون” ناٽڪ ڊنگو مل سان گڏجي لکيو، پر اهو به اسٽيج نه ٿي سگهيو ۽ نه وري شايع ٿي سگهيو. 1932ع ۾ مزاحيه اداڪار منگل سنگهه رامچنداڻيءَ “سسئي پنهون” ناٽڪ لکيو هو. جيڪو “ينگ سٽيزنس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد” پاران اسٽيج تي آندو ويو. ان ۾ به شاهه جون ڪافيون ۽ وايون ڏنل هيون. ڊاڪٽر ليلا رام ڦيرواڻيءَ 1936ع ۾ “ليلا چنيسر” جي لوڪ داستان تي ناٽڪ “هڪڙي رات” جي نالي سان لکيو. هي ناٽڪ اسٽيج تي ڪونه آيو، پر ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. جنهن جو مهاڳ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ لکيو. 
شاهه جي شاعريءَ جي بنياد تي سنڌيءَ ۾ لوڪ ناٽڪ لکڻ جي پختي روايت سدا حيات پروفيسر رام پنجواڻيءَ وڌي. هن 1941ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي چوڻ تي ڪاليج جي غريب شاگردن جي مالي سهائتا لاءِ هڪ ناٽڪ “مومل راڻو” هڪ اندر لکي اسٽيج تي آندو. جنهن جون هدايتون ڪاليج جي استادن هيرانند ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ ڏنيون. هن ناٽڪ ۾ مومل جو ڪردار ڪاليج جي شاگردياڻي مئنا واسواڻيءَ ادا ڪيو هو، جنهن شاهه جا بيت ۽ وايون سُريلي آواز ۾ ڳايون. راڻي جو ڪردار ڪملا ڪرپلاڻيءَ مرداڻي انداز ۾ ڪيو. رُڪَ آڏواڻي سومل بڻي. رام پنجواڻيءَ شاهه جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ ٻيو ناٽڪ لوڪ داستان “عمر مارئي” تي “پکي ۽ پدمڻي” جي نالي سان لکيو. جيڪو 1943ع ۾ ڪاليج جي شاگردياڻين پنجواڻي صاحب جي “سنڌي سرڪل” جي پليٽ فارم تان سندس ئي هدايتڪاريءَ ۾ڪري ڏيکاريو.  جنهن ۾ عمر جو ڪردار مئنا، مارئي جو ڪردار ڪملا ٿڌاڻيءَ ادا ڪيو هو. هن ناٽڪ ۾ رام پنجواڻيءَ ڀڳت جي روپ ۾ ڀٽائيءَ جي شاعري موهيندڙ انداز ۾ ڳائي هئي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي هلچل تيز ٿيڻ سبب هن دؤر ۾ ناٽڪ سرجڻ گهٽجي ويا ۽ ورهاڱي کان اڳ 1946ع ۾ نانڪرام ڌرمداس لوڪ ناٽڪ “سهڻي ميهار” لکيو. جيڪو ماهوار “ڀارت جيون” حيدرآباد ۾ شايع ٿيو، ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾آخري لوڪ ناٽڪ “سسئي رُل مُئي” لعل چند امر ڏني مل 1946ع ۾ لکيو. جيڪو “مهراڻ مخزن” ڪراچيءَ ۾ شايع ٿيو. 
ورهاڱي سبب سنڌي ناٽڪ جي جُڙيل شاندار روايت پوئتي پئجي وئي، سنڌي ناٽڪ جا سرپرست، ليکڪ ۽ فنڪار گهڻي ڀاڱي هندو هئا، جيڪي لڏي هندستان هليا ويا. جنهن سبب سرحد جي ٻنهي پاسن کان سنڌي ناٽڪ ڪجهه سال ماٺ رهيو. پر چوندا آهن ته ناٽڪ ڪڏهن مرندو ناهي. هند ۾ سنڌي ناٽڪ کي ٻيهر جيئارڻ جي ڪوشش به لطيف جي نالي سان رام پنجواڻيءَ ڪئي. هن سنڌ ۾ شاهه جي ستن ئي سُورمين تي لکيل پنهنجا ناٽڪ پناهگير ڪئمپن ۾ آباد سنڌين کي هٿ جي ٺهيل اسٽيج تي ڪري ڏيکاريا. ايئن لطيف جي ڪلام وسيلي وندرائي هن سنڌين جي ڏکن جو بار هلڪو ڪيو. ورهاڱي کانپوءِ  ڀارت ۾سنڌي ناٽڪن جو پهريون مجموعو رام پنجواڻيءَ جو “سنڌ جون ست ڪهاڻيون” 1952ع ۾شايع ٿيو، جيڪو گهڻي ڀاڱي سنڌ ۾ ئي لکيو ويو هو. ان ۾ شاهه جي ستن ئي سورمين کي سندس ڪلام جي روشنيءَ ۾ڊراما ئي روپ ۾ اسٽيج تي پيش ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو. ساڳئي سال جئه هند ڪاليج سنڌي سرڪل، بمبئيءَ پاران اهي ست ئي سورميون اسٽيج تي به آيون. 1955ع ۾ موتي لعل جوتواڻي، نيم تاريخي قصي تي ٻڌل  ناٽڪ “ليلان چنيسر” لکيو، جيڪو  سنڌي نو جيون سڀا دهليءَ پاران اسٽيج تي آيو.
ورهاڱي دوران ان موضوع تي سنڌ ۾ مرزا گل حسن ڪربلائي “ماڳ جي محبت” لکيو. جيڪو لوڪ داستان “عمر مارئي” تي مشتمل هو. هن ناٽڪ ۾ شاهه سائين جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ مارئيءَ جي ملير ۽ مارن سان محبت جي اُپٽار ٿيل هئي. اهو ناٽڪ مهراڻ مخزن ڪراچيءَ ۾ 1947ع ۾ شايع ٿيو. جڏهن ته 1952ع ۾ ڪشنچند نيڀراج ڏيواڻيءَ جو لکيل ناٽڪ “سهڻي ميهار” چندن پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. 1955ع ۾ نور احمد نور  لوڪ ناٽڪ “سسئي پنهون” لکيو، جيڪو  اتحاد آرٽ ڪلب، حيدرآباد پاران منچ تي پيش ڪيو ويو. 1956ع ۾ غلام حيدر جو لکيل لوڪ ناٽڪ “مومل راڻو” ڪوهنور ڊرئميٽڪ ڪلب، حيدرآباد پاران پيش ڪيو ويو. سيد منظور نقوي سنڌي ريڊيو ڊرامن جي بانين مان آهي. هن شاهه سائين جي سورمي ليلا تي اسٽيج ناٽڪ “ليلا چنيسر” لکيو، جيڪو 1957ع ۾ مهراڻ آرٽس سرڪل، حيدرآباد پاران اسٽيج تي آندو ويو. “ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ جو لکيل منظوم ڊراما ‘مومل راڻو’ نئين زندگي سيپٽمبر 1957ع ۾ شايع ٿيو. آزاديءَ کانپوءِ هي پهريون ننڍو منظوم ڊراما آهي، جيڪو مثنويءَ جي صورت ۾ جوڙيل آهي”.[4] 
1958ع ۾ هلال پاڪستان، حيدرآباد (هاڻي ڪراچي)پاران ڊراما نمبر شايع ڪيو ويو. جنهن ۾ مختلف ناٽڪ نويسن جا 15 ناٽڪ شايع ڪيا ويا، ورهاڱي کانپوءِ ڪنهن به اخبار پاران شايع ٿيل اهو پهريون “ناٽڪ نمبر” هو. جنهن ۾ بشارت حسين انصاريءَ جو شاهه جي ڪلام جي پس منظر ۾ لکيل ناٽڪ “نوري ڄام تماچي” به شامل هو. 1960ع ۾ سراج الحق ميمڻ، شاهه جي سُر گهاتو جي پس منظر ۾ هڪ ناٽڪ “گهاتو گهر نه آيو” لکيو، جيڪو ٽماهي مهراڻ ۾ شايع ٿيو. اهو ناٽڪ بيحد مقبول ويو. شعبان بخت جو شمار ورهاڱي کانپوءِ وارن بنيادي سنڌي ناٽڪ نويسن ۾ ٿئي ٿو. هن کي لوڪ داستانن ۽ تاريخي ناٽڪ لکڻ جو وڏو ڏانءُ هو. هن 1961ع ۾ ٽي ناٽڪ “ور وطن ڄائي”، “سهڻي ميهار” ۽ “عمر مارئي” لکيا. انهن ٽنهي ناٽڪن جو بنياد به شاهه سائين جي ڪلاسيڪي شاعري هو. اهي ناٽڪ سنڌو ساڻيهه منڊل حيدرآباد پاران اسٽيج به ڪيا ويا.
سراج صاحب شاهه جي شاعريءَ کي بنياد بڻائي ٻيو ناٽڪ “پوڄا ڏٺم پير ڍڪڻ مٿي ڍول” 1963ع ۾ لکيو. جيڪو تاريخي داستان ليلا چنيسر  تي لکيل هو. اهو ناٽڪ ماهوار نئين زندگيءَ ۾ قسطوار شايع ٿيو. آغا سليم گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي، هو لطيف جو پارکو ۽ مترجم به آهي، پر سندس اصل سڃاڻپ ناول ۽ ناٽڪ نويسي آهي. هن شاهه سائين جي شاعريءَ کي نظر ۾ رکي “سورٺ راءِ ڏياچ” جي داستان تي استيج ناٽڪ “گل ڇنو گرنار جو” لکيو، جيڪو  1964ع ۾ پهريون ڀيرو گورنمينٽ ڪاليج ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد پاران اسٽيج ڪيو ويو، ان کانپوءِ به اهو ناٽڪ ڪيترائي ڀيرا اسٽيج تي ڏيکاريو ويو آهي ۽ اڄ تائين ڪامياب ترين ناٽڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، اهو ناٽڪ هندستان ۾ ڪيترين ئي ناٽڪ منڊلين ۾ جدا جدا شهرن ۾ ڏيکاريو ويو آهي. اهو ناٽڪ مختلف ادبي رسالن ۾ڪيترائي ڀيرا شايع ٿيو. هاڻي ويجهڙائي ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران آغا سليم جي ناٽڪن جي مجموعي “ڊراما” ۾ به اهو ناٽڪ شامل آهي. 
غالب لطيف سنڌ جو مڃيل ناٽڪ نويس ٿي گذريو آهي، هن نه رڳو ناٽڪ لکيا پر سڄي سنڌ خاص طور تي اترين ضلعن ۾ ناٽڪ اسٽيج به ڪيا. جن جو هدايتڪار هو پاڻ ۽ آغا سليم هوندا هئا. غالب لطيف شاهه سائين جي ڪلام کي ذهن ۾ رکي “سنگهارن جي سار” ناٽڪ لکيو. جيڪو ماهوار نئين زندگيءَ (جون 1965) ۾ شايع ٿيو. ان ناٽڪ ۾ مارئي جي جدوجهد ۽ سانگين لاءِ اُڪير کي موضوع بڻايو ويو هو. سنڌي ناٽڪ جي تاريخ لکڻ سان گڏ ناٽڪ نويسيءَ ۾ ڊاڪٽر يوسف پنهور جو به وڏو نالو آهي، جيڪڏهن ايئن چئجي ته پروفيسر منگها رام ملڪاڻيءَ کانپوءِ سنڌي ناٽڪ جي تاريخ لکڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪم ڊاڪٽر يوسف پنهور ڪيو آهي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. هن مختلف سماجي مسئلن تي گهڻا ناٽڪ لکيا ۽ اسٽيج تي آندا. شاهه سائين جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ هن جا لکيل ناٽڪ “عمر مارئي”، “ڪاڪ محل” ۽ “سسئي پنهون” 1967۽ 1968ع ۾ زرعي ڪاليج سنڌي ڊرئميٽڪ سوسائٽي، ٽنڊو ڄام پاران اسٽيج ڪيا ويا. هن جي ناٽڪن جو مجموعو “اسٽيج ڊراما” 1980ع ۾ زيب ادبي مرڪز حيدرآباد پاران شايع ٿيو، جنهن ۾ هن جا لکيل 10 ننڍا ناٽڪ شامل آهن. ان مجموعي ۾ اهي ٽئي ناٽڪ به شامل آهن.
عبدالڪريم بلوچ سنڌي ٽيلي ويزن ناٽڪ جو باني ۽ ابو ليکيو وڃي ٿو. هو ٽي وي کان اڳ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان واڳيل هو. هو نه رڳو بهترين براڊ ڪاسٽر ۽ پروڊيوسر هو پر کيس قدر ڊرامو لکڻ جي به ڏات ڏني هئي. هن اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ لاتعداد ناٽڪ لکيا. هن شاهه سائين جي سُر “سورٺ راءِ ڏياچ” جي پس منظر ۾  ناٽڪ “تند ڪٽارو ڪنڌ” لکيو. جيڪو ماهوار نئين زندگي (مئي 1968) ۾ شايع ٿيو.
سنڌ ۽ هند جي ناٽڪ نويسن شاهه جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ هر قسم جا ناٽڪ تخليق ڪيا آهن. ڊاڪٽر اياز قادريءَ تي شاهه سائين جي شاعريءَ کي سنگيت ڊراما جي انداز ۾ لکيو. سدا حيات پوپٽي هيرا ننداڻي شاهه جي ڪلام کي بنهه نئين انداز ۾ ناٽڪي روپ ڏنو. اهو نرتيه ناٽڪ (Ballet)  جو انداز هو. جنهن ۾ پوپٽيءَ جو ڪو ثاني نه هو. هن شاهه جي ڪلام جي پس منظر ۾ 1962 ع ۾ نرتيه ناٽڪ “راءِ ڏياچ ۽ سورٺ”، سنڌي ڀڳت “مومل راڻو” لوڪ سر بمبئيءَ پيش ڪيو. “مومل راڻو” ڀڳت ٽماهي “اسٽيج” مخزن، جنوري _مارچ 1998ع ۾ شايع ٿي. ان ۾ به هن شاهه جو ڪلام ڪتب آندو آهي. پوپٽيءَ جي هڪ ٻيو نرتيه ناٽڪ “سهڻي ميهار” به نه رڳو بمبئي توڻي ٻين شهرن ۾ اسٽيج تي آيو پر شايع به ٿيو. “ ارجن حاسد، لطيف جي سورمي مارئي تي نرتيه ناٽڪ “عمر مارئي” لکيو. جيڪو 26 جون 1983ع ۾ احمد آباد ۾ غير سنڌين جي هڪ ناٽڪ منڊليءَ پاران پيش ڪيو ويو. ان ناٽڪ جو هدايتڪار چمن تپودن به سنڌي نه هو. هي سنڌي لوڪ سنگيت ناٽڪ جو هڪ ڪلاسيڪل تجربو هو. اهو ناٽڪ اسٽيج مخزن ۾ به شايع ٿيو”. [5]
سنڌ هند جي برک اديب لڇمڻ ڀاٽيا ‘ڪومل’ 1967ع ۾ “سُر سورٺ” ۽ 1969ع ۾ “سُر سامونڊي” تي مشتمل ٻه ناٽڪ لکيا، جڏهن ته هن ٽيون ناٽڪ “مومل راڻو” 1969ع ۾ لکيو. جيڪي سنڌو ڪلا ڪيندر دهليءَ پاران رنگ منچ تي به آندا ويا. جڏهن ته اهي ڪيترائي ڀيرا شايع به ٿيا. اهي ٽئي سنگيت ناٽڪ به شاهه سائين جي ڪلام کي ذهن ۾ رکي لکيا ويا.
گورڌن ڀارتي هند جو مڃيل شاعر ۽ ناٽڪ نويس آهي. هن به شاهه سائين جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ ڪيترائي ناٽڪ لکيا، جن ۾ مومل راڻي جي لوڪ داستان تي مشتمل “رات رُسي ويو راڻو”، لوڪ ڪهاڻي سهڻي ميهار تي “آءُ ڪنن ۾ ڪاهي” ۽ عمر مارئي جي قصي کي بنياد بڻائي هن شاهه سائين جي سُر جي روشنيءَ ۾ “ڪوٽن ۾ قرار” لکيو. اهي ناٽڪ پڻ 1968ع ڌاري لکيا ويا. جيڪي سنڌي ڪلچرل سوسائٽي دهليءَ پاران منچ تي آيا.
نثار حسينيءَ جو شمار سنڌ جي انهن ٿورن ناٽڪ نويسن ۽ هدايتڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن ڪلاسيڪل انداز ۾ تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانن جي موضوع تي ناٽڪ لکيا ۽ اسٽيج ڪيا. هن جو ناٽڪ “ڪاڪ ڪڙهي وڻ ٻريا” مومل راڻي داستان تي لکيل آهي. ٻيو ناٽڪ “ڏات جي لات” هن نوري ڄام تماچيءَ جي تاريخي قصي تي لکيو. اهي ٻئي ناٽڪ 1972ع ۾ پرڀات آرٽ سرڪل، حيدرآباد پاران اسٽيج ڪيا ويا.
1973ع ۾ رام ٻيلاڻي خمار ٻه سنگيت ناٽڪ “راءِ ڏياچ” ۽ “مومل راڻو” لکيا. جيڪي جوتي ڪلا مندر بمبئيءَ پاران رنگ منچ تي آيا. 1975ع ۾ هوندراج دکايل جو لوڪ ڪهاڻيءَ جي بنياد “عمر مارئي” ناٽڪ لکيو. جيڪو سنڌو ڪلا مندر گانڌي ڌام اديپور  پاران اسٽيج ڪيو ويو. شاهه جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ هندستان ۾ ناٽڪ نه رڳو گهڻي ۾ لکيا ويا پر گهڻي ڀاڱي اسٽيج به ڪيا ويا.اهو سلسو اُتي اڄ به جاري آهي. مٿي ذڪر ڪيل ناٽڪن کانسواءِ به اڻ ڳڻيا سنڌي لوڪ ناٽڪ، شاهه سائين جي شاعريءَ واري پلاٽ کي نظر ۾ رکي لکيا ويا آهن، گهڻن ناٽڪن جو مرڪزي خيال ڀٽائي جي شاعري ۽ فلسفو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ گهٽ ناٽڪ لکيا ۽ اسٽيج ڪيا ويا.
سنڌ ۽ هند ۾ ريڊيو لاءِ شاهه جي شاعريءَ روشنيءَ ۾ ناٽڪن جو پلاٽ جوڙي بي شمار ناٽڪ لکيا ويا، جيڪي سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ تان نشر ڪيا ويا. جيڪي پروڊيوسر شيخ ابراهيم ۽ جهانگير قريشيءَ پيش ڪيا. مٿي جن ناٽڪن جو ذڪر ڪيو ويو آهي اهي گهڻي ڀاڱي شاهه سائين جي ستن سورمين تي لکيل آهن. سيد ماڪن شاهه رضوي سنڌ جو پهريون ناٽڪ نويس آهي، جنهن شاهه جي سورمن تي ست ريڊيو ناٽڪ لکيا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان 1985ع ۾ اهي ناٽڪ “رتيءَ جي رهاڻ” جي سري هيٺ نصير مراز پيش ڪيا. انهن مان ڪو به ناٽڪ هن وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي لائبريريءَ ۾موجود ناهي. انهن ناٽڪن جي پروڊيوسر ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي تاريخ لکندڙ هاڻوڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر نصير مرزا موجب “ اهي ناٽڪ اڻ ملهه سرمايو هئا، جيڪي اسان جي لائبريريءَ ۾ موجود ناهن. گهڻي ڳولا جي باوجود هٿ نه ٿا اچن، اها ته پڪ آهي ته اهي اڃا تائين ڪنهن هٿ محفوظ ضرور آهن، پر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ملڪيت هئڻ جي باوجود اسان وٽ نه هئڻ تي بيحد ڏک آهي”. [6]
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي لائبريريءَ ۾ اهڙن ڊرامن مان فقط هڪ ڊرامو ارشاد قمر شهباز جو لکيل “سورٺ راءِ ڏياچ” محفوظ ٿيل آهي. جنهن جو پيشڪار خواجه امداد هيو. هو ڊرامو به شروعاتي ڏهاڙن جو رڪارڊ ڪيل آهي، جنهن ۾ غزالا رفيق، قمر شهباز، نور محمد لاشاري، گل بانو، اي آر بلوچ، ۾محبوب عالم ۽ ٻين صداڪار طور حصو ورتو.
2014ع ۾ ماڻڪ جو ڪتاب “ماڻڪ جي بريف ڪيس مان” شايع ٿيو آهي. جنهن ۾ هن جو شاهه سائين جي “سُر گهاتو” جي پس منظر ۾ لکيل ڊرامائي فيچر “تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهڙا” شامل آهي. هن اهو ڊرامائي فيچر 1981ع ۾ لکيو هو، جيڪو تڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر به ٿيو هو. هي پنهنجي نوعيت منفرد ڊرامائي فيچر آهي. اهڙي قسم جا فيچر سيد ماڪن شاهه رضوي “شاهه جا پکي” ۽ “شاهه جا پورهيت” جي عنوان سان لکي چڪو آهي. جيڪي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيا.
هندستان ۾ جئپور آڪاش واڻيءَ  تان گورڌن ڀارتيءَ جا شاهه جي ستن سورمين تي لکيل ناٽڪ پيش ٿي چڪا آهن، جن کي هند ۾ بيحد ساراهيو ويو، انهن ناٽڪن جو هدايتڪار موهن مرچنداڻي هو. هنن ناٽڪن سنڌي ريڊيو ناٽڪن کي هڪ نئون روپ ڏنو. احمد اباد آڪاش واڻيءَ تان ڊاڪٽر لکمي چند پريم، جا لکيل ناٽڪ “ليلا چنيسر” ۽ “مومل راڻو” نشر ڪيا ويا.
هند ۾ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي اهو محقق ۽ ناٽڪ نويس آهي، جنهن نه رڳو هر قسم جا سنڌي ناٽڪ لکيا آهن، پر سنڌي ناٽڪ تي سڀ کان وڌيڪ تحقيقي ڪتاب ۽ مقالا هن جا ئي لکيل آهن. شاهه جي شاعري نئين نسل تائين پهچائڻ لاءِ ڄيٺي هڪ نئون تجربو ڪيو. هن “عمر مارئي” داستان تي شاهه سائين جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ پپيٽ ناٽڪ “عمر مارئي” لکيو. “جيڪو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پپيٽ ماهرن مهيپت ڪوي ۽ ليلا ڪويءَ پيش ڪيو. هند سنڌ ۾ اها پهرين وڻندڙ ۽ لاجواب ڪوشش رهي. هڪ ڪلاڪ جي ان پپيٽ ناٽڪ جي ڊي وي ڊي هند توڙي ٻين ملڪن ۾ ڪافي مقبول آهي، جنهن ۾ نرتيه انداز ۾ سنگيت به شامل ڪيو ويو آهي”.[7]   
سڌ سماءُ جي جديد ذريعن ۾ ٽيلي ويزن سڀ کان وڌيڪ تيز ۽ اثرائتو ذريعو آهي ۽ ڊرامو ٽيلي ويزن تي سڀ کان وڌيڪ ڏٺو وڃي ٿو. سنڌي ٽيلي ناٽڪ نويسيءَ جي باني شمشير الحيدريءَ، شاهه جي ستن سورمين کي ڊرامائي روپ ڏيڻ جو خيال 1986ع ۾ پيش ڪيو. تڏهوڪي جنرل مئنيجر عبد الڪريم بلوچ ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽر ممتاز مرزا جي دلچسپيءَ سبب “لطيفي لات” جي عنوان سان شاهه جي ستن سورمين تي ناٽڪ لکي پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پهريون ناٽڪ تاريخي عشقيه داستان مومل راڻي تي “ڪاڪ محل” جي نالي سان شمشير الحيدريءَ لکيو. 12 قسطن تي مشتمل ان ڊراما سيريل جو پروڊيوسر محمد بخش سميجو هو. شمشير الحيدريءَ ان کان اڳ اردو ڊرامن جي سيريز ۾ ٻه ناٽڪ “مومل راڻو” ۽ “سورٺ راءِ ڏياچ” لکي چڪو هو. پر سندس لکيل ڊراما سيريل “ڪاڪ محل” کي بيحد ساراهيو ويو. ڪاڪ محل بعد ۾ سنگم پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران شايع ڪيو ويو. سيد ماڪن شاهه رضوي شاهه سائين جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ جيڪي ريڊيو ناٽڪ لکيا هئا، اهي ساڳيا هن 2004ع ڌاري پاڪستان ٽيلي ويزن کي به لکي ڏنا پر اهي رڪارڊ نه ڪيا ويا.
هندستان ۾ دور درشن بمبئي تان ڪان موتيهار جو لکيل “سهڻي ميهار” ۽ دور درشن احمد آباد تان لکمي چند جو لکيل “مومل راڻو” پيش ٿي چڪا آهن. هندستان ۾ ڪجهه ٻيا لوڪ ناٽڪ به دور درشن تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن. شاهه سائين جي شخصيت ۽ شاعريءَ جي حوالي سان هندستان ۾ سڀ کان اهم ڪم منوهر بيدي ۽ جڳديش لڇاڻيءَ جو لکيل ٽي وي ناٽڪ “نيڻين نِنڊَ حَرام” آهي. اهو ناٽڪ ويڻا پبليڪيشن الهاس نگر پاران 1993ع ۾ شايع ڪيو ويو. هي ناٽڪ اڃا تائين ٽيليڪاسٽ نه ٿي سگهيو آهي. هن وڊيو ناٽڪ جي مهاڳ شاهه جي شارح پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ لکيو آهي. هو لکي ٿو ته “هي ناٽڪ شاهه ڀٽائيءَ جي زندگي ۽ سندس سير و سياحت جي نسبت ۾ آهي ۽ ان کي مطالعي ڪرڻ مان پروڙجي ٿو ته هنن نه رڳو خود رسالي جو اڀياس ڪيو آهي، پر رسالي ۽ شاهه جي سوانح عمريءَ تي به عالمانه ادب بخوبي پڙهيو اٿن ۽ موزون هنڌ تي شاهه صاحب جي ڪلام مان اثر انگيز مثال پيش ڪيا اٿن”. [8]
شاهه سائين جي شاعري هر دؤر ۾ هر عمر جي ماڻهن لاءِ آهي. ان جي پيغام کي ڦهلائڻ لاءِ ٽيلي ويزن ناٽڪ بهترين وسيلو بڻجي سگهن ٿا. تنهن ڪري شاهه سائين جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ گهڻي کان گهڻا ڊراما لکرائي نشر ڪيا وڃن، جيئن دنيا جي هن عظيم شاعر جو فڪر ۽ فلسفو گهڻن ماڻهن تائين پهچي سگهي. ان سلسلي ۾ پي ٽي وي يا ڪو ٻيو ٽي وي چئنل منوهر بيدي ۽ جڳديش لڇاڻيءَ واري اسڪرپٽ کي فوري طور تي ڊرامي جو عملي روپ ڏئي.




حوالا:
1.      گربخشاڻي ھوتچند مولچند ڊاڪٽر،  شاهه جو رسالو ، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2012: ص. 61
2.      لالواڻي ڄيٺو، سنڌي ناٽڪ پرمپرا، اسٽيج پبليڪيشن ڪٻير نگر احمد آباد. 2012ع: ص. 8_7
3.      ملڪاڻي منگها رام پروفيسر، سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 2007: ص. 158
4.      بلوچ غلام رسول، سنگيت ڊراما: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، مئي 1988ع: ص. 103
5.      لالواڻي ڄيٺو، سنڌي ناٽڪ پرمپرا، اسٽيج پبليڪيشن ڪٻير نگر احمد آباد. 2012ع: ص. 9
6.      ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽرنصير مرزا جي مقالي نگار سان 16 آڪٽوبر 2014ع تي ٿيل ڳالهه ٻولهه.
7.      لالواڻي ڄيٺو، سنڌي ناٽڪ پرمپرا، اسٽيج پبليڪيشن ڪٻير نگر احمد آباد. 2012ع: ص. 10
8.      آڏواڻي ڪلياڻ پروفيسر (مهاڳ)، نيڻين نِنڊَ حرام (منوهر بيدي_جڳديش لڇاڻي)، ويڻا پبليڪيشن الهاس نگر: 1993: ص. ٻ

 هي مقالو شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي تحقيقي جرنل ”ڪلاچي“ جي ڊسمبر 2015 جي شماري ۾ شايع ٿيو. 




Razzaq Mahar: Realistic TV drama writer

سنڌي ٽيلي ناٽڪ ۾ حقيقت جا رنگ ڀريندڙ : رزاق مهر ڊاڪٽر قاسم راڄپر پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ “جياپو” جهڙو سماجي ۽ مقصدي ڊرامو لکڻ واري ...