سنڌي ٻولي لازمي قانون تي عمل ڪڏهن ٿيندو؟
ڊاڪٽر قاسم راڄپر
ڊاڪٽر قاسم راڄپر
سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي تعليمي ادارن مان نيڪالي ڏيڻ جي شروعات ته پاڪستان ٺهڻ
شرط شروع ٿي وئي هئي، پر ان تي عمل ڪراچيءَ تي وفاق جي قبضي ٿيڻ شرط شروع ڪيو ويو.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ 94 سالن تائين سنڌي ٻولي، سنڌ جي اسڪولن، ڪاليجن، سرڪاري
آفيسن، عدالتن، روينيو مطلب ته سمورن معاملن ۾ ڪتب ايندي هئي. ڪراچيءَ تي وفاق جي
قبضي بعد ڪراچي شهر جي سنڌي ميڊيم اسڪولن کي بند ڪيو ويو، ڪاليجن ۾ سنڌي ٻولي
پڙهائڻ تي پابندي مڙهي وئي. 14 آڪٽوبر 1954ع تي جڏهن ون يونٽ مڙهيو ويو ته سنڌي
ٻولي کان دفتري ٻوليءَ واري حيثيت کسي وئي. ڪراچيءَ ۾ مادري ٻولي سنڌيءَ تي ٽيون
وار ڪراچي يونيورسٽيءَ جي انتظاميا پاران سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحان وٺڻ بند ڪري ڪيو
ويو. جنهن جي خلاف ڪراچيءَ جي ايس. ايم. ڪاليج، ڊي. جي. سائنس ڪاليج، اسلاميه
ڪاليج، اين. اي. ڊي. انجنيئرنگ ڪاليج، گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج، ڊوميڊيڪل ڪاليج، ايس.
ايم. لا ڪاليج ۽ ڪراچي يونيورسٽي جا ٽن هزارن کان وڌيڪ سنڌي شاگردن 4- سيپٽمبر
1956ع تي، احتجاجي جلسي ۾ ٺهراءُ پاس ڪري، يونيورسٽيءَ جي سنڊيڪيٽ کان مطالبو ڪيو
ته انگريزي ۽ اردو سان گڏ سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحان ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي. ون يونٽ جي
دؤر ۾ مڙهيل اها پابندي اڃا تائين برقرار آهي. سنڌي شاگردن لاءِ فقط سنڌي شعبي ۾
امتحان مادري ٻوليءَ ۾ ڏيڻ جي سهولت آهي. 1972ع ۾ ٻولي جي اصل حيثيت بحال ڪئي ويئي
۽ ٻولي ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو، جنهن مطابق سنڌي ٻولي کي قومي، سرڪاري ۽ دفتري ٻولي
بڻايو ويو پر اُن تي صحيح معنيٰ ۾ عمل اڄ تائين ٿي نه سگهيو آهي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ
سان وڏي ناانصافي آهي. ان ايڪٽ تحت فيصلو ڪيو ويو هو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اردو
ڳالهائيندڙ شاگردن کي آسان سنڌي پڙهائي ويندي، جڏهن ته سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي
آسان اردو پڙهائي ويندي پر سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اُن تي به عمل نه ٿو ڪيو وڃي.
ان سلسلي ۾ اسان جي سرڪار لڳاتار لاپرواهه بڻيل آهي، سنڌ سرڪار صوبائي اسيمبليءَ
مان منظور ٿيل قانون تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ بدران خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي
پڙهائڻ بابت ٽي ڀيرا ٺهراءَ منظور ڪري چڪي آهي، هي معاملو ٺهرائن وسيلي نه پر
تعليم کاتي جي هڪ نوٽيفڪيشن وسيلي حل ٿي سگهي ٿو، پر اصل ڳالهه نيت جي آهي.
سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع لاڳو ٿيڻ سان سنڌي ٻولي کي
جيڪي فائدا ٿيڻ گهرجن ها، گهٽ ۾ گهٽ تعليم جي شعبي ۾ ٿي نه سگهيا، پر ان جي مقابلي
۾ نقصان وڌيڪ ٿيو. سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع جي سيڪشن 4 جي سب سيڪشن 2 موجب “سنڌيءَ جي
بحيثيت لازمي مضمون جي شروعات هيٺئين سطح جي ڪلاس يعني چوٿين کان ٿيندي ۽ تجويز
ٿيندڙ سطحن موجب ان کي هائير سيڪنڊري ڪلاسز 12 درجي تائين متعارف ڪرايو ويندو”. ان
فيصلي تي 1972ع کان اڄ تائين ابتو عمل ٿي رهيو آهي، جنهن تي اسان مان ڪنهن به ڌيان
نه ڏنو آهي. جنهن جي ڪري اسان سنڌين جا ٻار به مادري ٻوليءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ کان
محروم ٿي رهيا آهن. سنڌي ٻولي ايڪٽ هيٺ سنڌي ڳالهائيندڙ ٻارن کي غير مادري ٻوليءَ
طور چوٿين کان 12 ڪلاس تائين اردو آسان پڙهڻي هئي، جيڪا اهي اڄ ڏينهن تائين پڙهي
رهيا آهن. جڏهن ته سنڌي نه ڄاڻيندڙ شاگردن کي غير مادري زبان طور آسان سنڌي چوٿين
ڪلاس کان 12 ڪلاس تائين پڙهڻي هئي، پر 1972ع کان اها فقط نائين ڪلاس تائين پڙهائي
وڃي ٿي. ٻوليءَ واري ايڪٽ جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي اردوءَ سان گڏ چوٿين درجي
کان نائين درجي تائين پڙهائڻ تي عمل ته ٿي ويو پر بل مطابق يارهين درجي تي رکيل
سنڌي مضمون تي عمل نه ٿي سگهيو. يارهين درجي ۾ غير سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي آسان
سنڌيءَ جو مضمون پڙهڻو آهي، جڏهن ته سنڌي شاگردن کي يارهين درجي ۾ آسان اردوءَ جو
مضمون پڙهڻو آهي. سنڌي شاگرد ته آسان اردو پڙهندا آهن پر آسان سنڌيءَ تي عمل نه ٿو
ٿئي.
آسان سنڌيءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي سالن کان
سنڌ حڪومت تي دٻاءُ هو. ان جي نتيجي ۾ ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت دوران تمام
گهڻي اڳڀرائي ٿي. ڊاڪٽر حميده کهڙو سنڌ جي تعليم جي وزير هئي. ان جي ڪوششن سان سنڌ
جي تعليم کاتي پاڪستان سرڪار جي تعليم کاتي جي (ڪريڪيولم ونگ) کان اسڪيم آف اسٽڊيز
منظور ڪرائي 27 هين سيپٽمبر 2005ع تي ترت لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. اهو
نوٽيفڪيشن سنڌ جي تڏهوڪي تعليم واري سيڪريٽري غلام علي شاهه پاشا جاري ڪيو. ان
اسڪيم مطابق سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي يارهين ۾ آسان اردوءَ جو 100 مارڪن ۽
ٻارهين ۾ سنڌي لازميءَ جو 100 مارڪن جو پرچو جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي
يارهين ۾ آسان سنڌيءَ جو 100 مارڪن ۽ ٻارهين ۾ اردو لازميءَ جو 100 مارڪن جو پرچو
ڏيڻو آهي. آسان سنڌيءَ کان سواءِ ٻين مضمونن جا ڪتاب ته اڳي ئي موجود هئا پر پوءِ
آسان سنڌيءَ جو ڪتاب به تيار ڪيو ويو. ان جون هزارين ڪاپيون شايع ڪيون ويون. جڏهن
عمل جو وقت آيو ته هڪ سياسي ڌر سخت مخالفت ڪئي. نتيجي ۾ عمل روڪڻ لاءِ مختلف سبب
سامهون آندا ويا. وڏو سبب ڪراچيءَ ۾ سنڌي مضمون جي ڪاليجي استادن جي کوٽ ڄاڻايو
ويو. سنڌ حڪومت ترت ئي سنڌي مضمون جا 150 ليڪچرار ڀرتي ڪيا. خوشيءَ جي ڳالهه اها
هئي ته ڪراچيءَ جي ڪجهه ڪاليجن ۾ آسان سنڌي پڙهائڻ به شروع ٿي وئي ۽ گهڻي ڀاڱي
شاگردن ۽ سندن مائٽن پاران آجيان به ٿي، پر جنرل پرويز جي دور ۾ حڪومت پنهنجو ڪيل
فيصلو واپس ورتو. جنهن جو سبب ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص جي بورڊن تي قابض هڪ
مافيا هئي، جيڪا اڄ به سنڌي ٻوليءَ لاءِ ساڳيا ڪات ڪهاڙا کڻي ويٺي آهي، جيڪي 1947ع
کانپوءِ سندن وڏڙن جي هٿن ۾ هئا. ڳالهه رڳو اتي دنگ نه ٿي ڪري. اردو ڳالهائيندڙن
کي سنڌي مضمون پڙهائڻ جو مسئلو منجهيل ئي هو ته ڪراچيءَ جي انٽر ميڊئيٽ ايجوڪيشن بورڊ
سنڌي شاگردن کان سنڌي مضمون پڙهڻ جو ئي حق کسي ڇڏيو، سن 2001ع ڌاري اهڙو فيصلو ڪيو
ويو ته اهڙو ڪوبه سنڌي شاگرد انٽرميڊئيٽ ۾ مادري ٻوليءَ وارو سنڌي مضمون نه پڙهي
سگهندو، جنهن مئٽرڪ ۾ مادري ٻوليءَ وارو سنڌي مضمون نه پڙهيو هوندو. ڪراچيءَ جي ٻن
ٽن اسڪولن جهڙوڪ: سنڌ مدرسي، اين. جي وي، گڏاپ ٽائون ۽ بن قاسم ٽائون جي هڪ اڌ
اسڪول کان سواءِ ڪٿي به مئٽرڪ ۾ مادري ٻوليءَ وارو سنڌي مضمون نه ٿو پڙهايو وڃي.
جڏهن مئٽرڪ ۾ هتي ان مضمون پڙهائڻ جو مڪمل بندوبست ناهي ته پوءِ پابندي غيرقانوني
آهي، ان فيصلي سان هر سال هزارين سنڌي شاگرد متاثر ٿي رهيا آهن. جڏهن انٽر ۾ سنڌي
مضمون نه پڙهبو ته بي اي ۾ به نه پڙهي سگهبو. قانون مطابق بي اي ۾ سنڌي مصمون نه
هوندو ته ايم اي سنڌي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي نه ٿي ڪري سگهجي. نتيجي ۾ هوريان هوريان
سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ختم ٿي ويندي. سنڌ جي شهرن ۾ قائم هزارين خانگي اسڪولن ۾ نه
رڳو غير سنڌي پر سنڌي شاگردن کي به غير مادري ٻولي سنڌي وارو مضمون يعني آسان سنڌي
پڙهائي وڃي ٿي، جڏهن ته انهن جو حق آهي ته انهن کي سنڌي لازمي پڙهائي وڃي. سنڌيءَ
۾ چوڻي آهي ته “زور جي ميندي نه لڳندي آهي”، تنهن ڪري مان ذاتي طور ان راءِ جو
آهيان ته اسان کي غيرسنڌين کي سنڌي پڙهائڻ واري جنون مان نڪري پنهنجي سنڌي ٻارن کي
آسان سنڌيءَ بدران سنڌي لازميءَ جو مضمون پڙهائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ٻيو ته
جيڪڏهن سنڌ حڪومت ٻارهين ڪلاس تائين آسان سنڌي لاڳو نه ٿي ڪرائي سگهي ته پوءِ غير
سنڌي شاگردن وانگر يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي شاگردن لاءِ سنڌي لازمي لاڳو ڪئي
وڃي.
No comments:
Post a Comment