ڊاڪٽر قاسم راڄپر
Television Drama is the youngest branch
of Sindhi drama. Pakistan Television Start Sindhi programs from 22 January
1970. First Sindhi Drama “Zeenat” was telecast on 29 January 1970. But it is
noteworthy fact that during the short span of its existence, it is has covered
all the principal phases of growth that drama in other languages has traversed
in the course of time.
There was a
time, when Sindhi dramas were jam-packed with number of talented producers,
directors, writers as well as actors. Many talented entities opened their eyes
here. Sindhi dramas proved to have an intense effect on the viewers from the
very beginning. But now gradually this impact is drifting off.
The era of
revolution of media aroused when Pakistan Television started to catch the eye
of viewers and introduced a strategy to show programs in every province in
their mother tongue. It was an effective way to keep endurance of provinces and
their languages. Many dramas like, Noor ul huda shah’s Marvi, Amar Jaleel’s,
Mitti Ja Marhun ,Hafiz Kumbhar’s, Hathen Gul Mehandi, are good pieces of Sindhi
culture beside these, Rani Ji Kahani, Khan Sahib Aaino, and Razaq Mehar’s Jiyapo especially
"Dangea Manjh Darya" scripted by Ali Baba, produced by Haroon Rind,
from PTV also achieved an award in German drama festival.
After 2002, private satellite channels like KTN and Sindh TV
emerged, now more than 10 private Sindhi TV channels are on-air in Pakistan. These
channels are presenting sub standard dramas like, Pathar Dunya and Dunya Dardan
Ji. The usual and all-inclusive theme of these dramas is tight-fisted and based
on feudalism, sub-standard comedy, vulgarity, terrorism, and immoral dialogues.
According to
some writers such spectacular exhibition of feudalist lifestyle is actually
creating antagonism and severe fissures between social classes. Whereby,
entirely obliterating chances of inspiring positive changes. The prime focus
should be on themes that the general viewership can relate to. Nowadays, merely
10% dramas of these private channels are promoting Sindhi culture, while others
are representing Sindhi people as orthodox.
Reality is that, interest and investment are
two main pillars through which any business can make progress while it comes to
Sindhi private media channels. No one invests; even actors are not given proper
wages. Consideration of new script in Sindhi media seems like a castle in Spain.
Because, skilled writers like, Abdul Qadir Junejo, Noor ul huda shah, Shaukat
Shoro, Noor Ghallo, Agha Rafiq, Mehmood Mughal, Zaib Sindhi, Kazi Khadim and
others stop to write TV plays. The producers and directors of the private
channels are not well-trained and qualified.
ڊرامو انساني فطرت جو گهڻي حد تائين ترجمان پڻ رهيو آهي. ڊرامو لطيف فن ۽ خاص طور تي مظاهراتي فن (Performing Art)جي انتهائي اهم صنف ليکيو وڃي ٿو. ڊرامي جيڪڏهن ٿيٽر ۾ جنم
ورتو، ٻاروتڻ ريڊيو تي گذاريو ته جواني وري ٽي وي تي ماڻي. موجوده دؤر ۾ اسٽيج ۽
ريڊيو جي ڀيٽ ۾ ٽي وي ڊرامو وڌيڪ سگهارو ٿي اڀريو آهي. جنهن جو اثر رابطي جي ٻين
سمورن وسيلن کان تيز آهي. ٽي وي ڊرامو فقط وندر ناهي، پر ان کي شعوري جاڳرتا جي ڏس
۾ به استعمال ڪيو ويو آهي.
سنڌي
ڊرامي جي تاريخ جوڙڻ وقت محققن گهڻي ڀاڱي نثري اسلوب ۾ لکيل ناٽڪن جو وچور ڏنو
آهي، پر نظماڻي انداز ۾ لکيل منظوم ناٽڪن تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو آهي. جنهن جي ڪري
شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ موجود ناٽڪن تي تمام گهٽ تحقيق ٿي آهي. ان جو هڪ خاص سبب
اهو به آهي ته سنڌي مسلم سماج ۾ تمام گهڻي دير کانپوءِ ناٽڪ کي قبول ڪيو ويو. ٻيو
ته اسان وٽ شاهه سائين تي جيڪا پير مرشد واري ڇاپ لڳل آهي. ان به تحقيق ۾ رنڊڪ وڌي
آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جو مطالعو ڪجي ٿو ته ان ۾ اهي
سموريون خوبيون ۽ عنصر نظر اچن ٿا، جيڪي ارسطوءَ الميي (ڊرامي) لاءِ لازمي قرار
ڏنا آهن. شاهه جي تمثيلي شاعريءَ ۾ جڏهن شاهه جي سورمين ۽ سورمن، سسئي پنهون، سهڻي
ميهار، ليلا چنيسر، مومل راڻو، عمر مارئي، نوري ڄام تماچي، سورٺ راءِ ڏياچ، مورڙي
(سُر گهاتو) ۽ امام حسين (سُر ڪيڏارو) تي غور ڪجي ٿو ته انهن ۾ ارسطوءَ وارا قديم
سنگيت ڊرامي جا مڙئي عنصر ملن ٿا. جيڪي هن Poetics)) ۾ ٻڌايا آهن.
شاهه جي شاعريءَ ۾
نه رڳو قديم پر جديد ڊرامي جا به سمورا عنصر ملن ٿا. شاهه جي تمثيلي شاعريءَ ۾
“پلاٽ، مرڪزي خيال، شروعات، ڪردار ۽ سيرت نگاري، مڪالما، تسلسل ۽ ڪشمڪش، ٽڪراءٌ ۽
انجام” جو به پورو پورو خيال رکيل نظر اچي ٿو. شاهه جي شاعريءَ جي مطالعي مان
معلوم ٿئي ٿو ته شاهه اهي ڊرامائي اهڃاڻ، اصول ۽ عنصر ڪٿان اوڌارا نه ورتا آهن.
هونئن ته سنڌيءَ ۾ منظوم
ڊرامي جو باني مرزا قليچ بيگ کي سڏيو وڃي ٿو پر جيڪڏهن شاهه جي شاعريءَ ۾ منظوم
ڊرامي جي سمورن اصولن، خوبين ۽ عنصرن کي سامهون رکيو وڃي ته نتيجو ڪجهه ٻيو هوندو.
پر افسوس ته سنڌ ۾ ان حوالي سان تحقيق ۽ تنقيد بنهه گهٽ ٿي آهي. تنهن ڪري اسان کي
سنڌي ناٽڪ جي بڻ بڻياد وارو بحث امام بخش خادم ۽ مرزا قليچ بيگ کان اڳتي وڌائڻ
گهرجي ۽ شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ناٽڪ واري
موضوع تي جديد انداز ۾ تحقيق ٿيڻ گهرجي.
شاھھ عبداللطيف
ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ناٽڪ جي پهريون ڀيرو نشاندهي ڊاڪٽر هوتچندگربخشاڻيءَ ڪئي
هئي. هن شيڪسپيئر جي ناٽڪن جي حوالي سان شاهه جي سورمين ۽ سورمن جي ڪردار نگاريءَ
کي ناٽڪي ڪٺيو آهي. هو لکي ٿو ته “شاهه جو نمونو به انگريزي شاعر شيڪسپيئر وانگي
ناٽڪ جهڙو آهي. هي هڪ نئون نمونو آهي، جو سنڌ جي ڪنهن ٻئي شاعر استعمال ۾ نه آندو
آهي. انهيءَ شعر ۾ شاهه جي شعور جون ڪُل
خوبيون نڪري نروار ٿين ٿيون”.[1]
ڊاڪٽرگربخشاڻي
شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ ناٽڪ جي بنيادي عنصرن علامت نگاري، منظر ڪشي، گفتگو، سيرت
نگاري، خيال ۽ عبارت جو به تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. سنڌ جي ڀيٽ ۾ هندوستان ۾ شاهه سائين جي شاعريءَ جي ناٽڪي
پهلوءَ تي سٺي تحقيق ٿي آهي، پر اها اڃا اڻپوري آهي. ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ ڪڇ ۾
ٻنيءَ جي لوڪ گيتن تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته “گهڻن ئي عالمن ستن
ئي سورمين جي سيرت نگاريءَ جي به اوک ڊوک ڪئي آهي. شاهه جي شعر ۾حقيقت ۽ طلسم جو
جيڪو جوڙ آهي. اُهو ڏسندڙن جي دلچسپي شروع کان آخر تائين قائم رکي ٿو. ڪڇ ۾ شاهه
جي مريد فقير تمر ناٽڪ طرز ۾ شاهه جا شعر
اُچاريندو هو، جو اڳتي هلي شاهه جي بيت، ناٽڪي انداز ۾ اُچارڻ ٻني ڪڇ ۾ پرمپرا
(روايت) بڻجي وئي”. [2]
جيستائين جديد اصولن تي مشتمل ڊرامي لکڻ جو تعلق آهي ته اهو
اسٽيج ڊرامو هجي يا ريڊيو ۽ ٽي وي ڊرامو ، فقط اهو اديب ئي لکي سگهي ٿو. جيڪو
ڊرامي جي فن ۽ اصولن کان واقف هوندو. “ ٽيلي ويزن ڊرامو نه رڳو
تخليقي ادب آهي، پر ساڳئي وقت هڪ ڪاوش آهي. انهيءَ لحاظ کان ادب جي ميدان ۾ ٽيلي ويزن
ڊراما هڪ اهم صنف آهي، ڇاڪاڻ ته هن صنف لاءِ، لکندڙ ۾ اسٽيج ڊراما، ناول ۽ افسانا
نگاريءَ جي تخليقي خوبين سان گڏوگڏ، فلم ۽ ٽيليويزن جي ڪئميرائن ۽ ٻئي فني سازو
سامان جي مناسب معلومات ضروري آهي”. [3]
اولهه جي ملڪن ۾ اڃا تائين ٽيلي ويزن ڊرامو
ادبي تخليق طور ان ڪري تسليم نه ڪيو ويو
آهي. ان جو سبب اهو آهي ته اُتي ٽيلي ويزن ڊرامو عام رواجي يا سطحي ليکڪ (Hack
writer)
لکن ٿا. سطحي ليکڪ (Hack writer) مان مراد اهي ليکڪ آهن، جيڪي پيسن تي
گهٽ معيار وارو مواد لکن. سطحي لکت (Hack writing)
هر قسم جي ٿي سگهي ٿي. Hack
writer معيار بدران مقدار کي
ترجيح ڏين ٿا. انهن جي آڏو اصل مقصد ڪو تخليقي ڪم نه پر پيسا ڪمائڻ هوندو آهي. Hack writing
جو لفظ پهريون
ڀيرو ارڙهين صديءَ ۾ استعمال ٿيو.Hack
لفظ Hackney
مان ورتل آهي. Hackney برطانيه
۾ گهوڙي جو هڪ قسم آهي، جيڪو نه رڳو سواري پر بار ڍوئڻ لاءِ تمام گهڻو ڪارائتو
آهي. Hackney گهوڙو
سواريءَ لاءِ انتهائي سولو آهي، جنهن جي ڪري اُن تي ڪير به سواري ڪري سگهي ٿو. Hack writer
به گوسڙو ليکڪ
Ghost writer
وانگر ٻئي نالي سان به لکندو آهي. سنڌي ٽي وي ڊرامو ان حوالي سان ڀاڳن ڀريو
آهي ته ان کي پنهنجي دؤر جا وڏا ڪهاڻيڪار مليا، پر اهو ماضيءَ جو قصو آهي. هاڻي
صورتحال مڪمل طور تبديل ٿي چڪي آهي. جنهن جو مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو.
سنڌي ٽيلي ويزن ڊرامو ڪالهه:
پاڪستان ٽيلي ويزن ڪراچي
مرڪز جو افتتاح نومبر 1967ع تي ڪيو ويو. شروع ۾ علائقائي ٻولين جا پروگرام نه
ڏيکاريا ويندا هئا. سنڌيءَ ۾ پهريون ٽي وي پروگرام‘رس رهاڻ ’ 22 جنوري 1970ع تي
پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ پيش ڪيو. بلوچ صاحب ئي پاڪستان ٽيلي ويزن تي سنڌي نشريات
جو باني آهي.
پاڪستان ٽيلي ويزن
جي انتظاميا جڏهن سنڌيءَ ۾ ڊراما پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ساڳيو اردو ڊرامن وارو
مسئلو پيدا ٿيو ته اهي ڊراما لکندو ڪير؟
پر جيئن ته عبدالڪريم بلوچ پهريان ريڊيو تي صداڪار ۽ پروڊيوسر جي حيثيت سان
ڪم ڪري چڪو هو، تنهن ڪري هن کي ريڊيو ڊرامي جي گرامر جي ڄاڻ هئي. جنهن اها ڄاڻ
تنهن دؤر جي اديبن ۽ ڪهاڻيڪارن کي ڏني. پاڪستان ٽيلي ويزن جي پهرئين سنڌي ڊرامي
لاءِ مرزا قليچ بيگ جي ناول ‘زينت’ کي شمشير الحيدريءَ ڊرامي جو روپ ڏنو، جيڪو ٽن
قسطن تي مشتمل هو. ان ڊرامي جو هدايتڪار ۽ پيشڪار
به عبدالڪريم بلوچ هو. ‘ زينت’ ڊرامي جي پهرين قسط 29 جنوري 1970ع تي پيش ڪئي وئي. جڏهن ته ٻي قسط 5 فيبروري 1970ع
، ٽين ۽ آخري قسط 12 فيبروري 1970ع تي پيش ڪئي وئي. هر قسط 25 منٽن تي مشتمل هئي.
تنهن دؤر ۾ پي ٽي
ويءَ جي سنڌي شعبي ۾ اڃا اسڪرپٽ ايڊيٽر مقرر نه ٿيو هو، اهو ڪم سنڌي ٽيلي ويزن ڊرامن
جي باني ناٽڪ نويس محترم شمشير الحيدريءَ اعزازي طور سرانجام ڏنو. هن اهو ڪم ڇهن
مهينن تائين ڪيو. سنڌيءَ ۾ پهريون ڊرامو بيحد پسند ڪيو ويو. جنهن ڪري ٻئي ڊرامي جي
تياري شروع ڪئي وئي. ان لاءِ پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ، علي بابا جي ڪهاڻي‘هي جيون
هي سپنا’ جي چونڊ ڪئي. جنهن کي ڊرامي جو روپ به پاڻ علي بابا ڏنو. هي ڊرامو 16،
اپريل 1970ع تي پيش ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت پي ٽي ويءَ جي سنڌي ڊرامن واري شعبي کي
شمشير الحيدري ۽ علي بابا جي صورت ۾ ٽي وي ناٽڪ لکڻ جي ڄاڻ رکندڙ ٻه ليکڪ ملي ويا.
پي ٽي وي تان پيش ڪيل پهريون ڊرامو ‘زينت’ ناول تان ورتل هيو، جڏهن ته ٻيو ڊرامو ‘هي
جيون هي سپنا’ علي بابا جي ڪهاڻيءَ جو ڊرامائي روپ هو. ان کانپوءِ آغا سليم جو
لکيل ڊرامو “خواب جو سورج”، امر جليل جو “اوندهه ۽ روشني” پيش ڪيو ويو. امرجليل ۽
آغا سليم ٽيلي ويزن کان اڳ ريڊيو لاءِ ڊراما لکي توڙي پيش به ڪري چڪا هئا. ممتاز
مرزا به ريڊيو حيدرآباد لاءِ تنهن دؤر ۾ ڊراما لکندو هو. هن پي ٽي ويءَ لاءِ
پهريون ڊرامو ‘ريت’ لکيو. جيڪو 14، جولاءِ 1970ع تي عبدالڪريم بلوچ پيش ڪيو. ممتاز
مرزا کانپوءِ مراد علي مرزا به ٽي وي ناٽڪ نويسيءَ طرف آيو ۽ هن جو لکيل ناٽڪ ‘اداس
پاڇا’ 18، آگسٽ 1970ع تي بلوچ صاحب پيش ڪيو.
عبدالڪريم بلوچ جي
ذاتي دلچسپيءَ سبب غلام نبي مغل، جمال ابڙي، ماهتاب محبوب، ثميره زرين، نسيم کرل ۽
نجم عباسيءَ جهڙن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين کي ڊرامائي روپ ۾ پيش ڪيو ويو. جنهن سبب
سنڌي ناٽڪ جي پيڙهه پختي ٿي بيٺي. اڳتي هلي عبدالقادر جوڻيجو، علي محمد مجروح،
قاضي خادم، شاهد ڪاظمي، قمر شهباز، منير چانڊيو، فيض ٻگهيو، شوڪت حسين شورو، ماڻڪ،
اياز عالم ابڙو، طارق عالم ابڙو، نور گهلو، ڪيهر شوڪت، رشيد صابر، ملڪ آگاڻي، آغا
رفيق، شيخ عبدالراز راز، رضيه کوکر، نورالهديٰ شاهه، محمود مغل، امداد حسيني،
عثمان ميمڻ، فيروز الدين احساس، رزاق مهر، انور سولنگي، روشن تنيو، زيب سنڌي،
فاروق سولنگي، عنايت ميمڻ، سيد يار محمد شاهه، ماڪن شاهه رضوي، بادل جمالي، عزيز
ڪنگراڻي، رحمت الله ماڄوٺي، حفيظ ڪنڀر، شبنم گل، علي راز شر ۽ ٻين پي ٽي ويءَ لاءِ
شاهڪار سنڌي ڊراما تخليق ڪيا.
سنڌي ناٽڪ نويسن
سنڌي سماج ۾ موجود سمورين خرابين جهڙوڪ: زمينداري
ظلم، ڏيتي ليتي، غربت، طبقاتي ورڇ، تعليم جي کوٽ، برادرين جي وچ ۾ جهيڙا، پيار
محبت، دولت جو انڌ، رشوت جهڙي سماجي برائي ۽ ٻين کوڙ مسئلن کي وائکو ڪرڻ لاءِ قلم
کنيو. تنهن دؤر ۾ سنڌي ڊرامن جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته
ماڻهو پنهنجو ڪم ڪار لاهي، گهرن، هوٽلن، اوطاقن ۽ اوڙي پاڙي ۾ ٽي وي آڏو ويهي مقرر
وقت تي ڊرامي جي انتظار ڪندا هئا. 25 منٽن جي ڊرامي دوران ڏسندڙ مڪمل خاموشيءَ سان
ڊرامو ڏسي ان جي هڪ هڪ منظر ۽ مڪالمي مان وندربا هئا.
جيڪڏهن فني لحاظ کان پي ٽي ويءَ
جي سنڌي ڊرامن جو جائزو ورتو وڃي ته اهي شروع کان وٺي داخلي عنصرن جهڙوڪ ڪهاڻي،
ڪردار نگاري، مڪالمن، منظر نگاري ۽ خارجي عنصرن اداڪاري، هدايتڪاري، عڪاسي، صوتي
اثرن، پردي پويان موسيقي، ڪئميرائن جو استعمال، ٻاهرين عڪسبندي، ايڊيٽنگ، صدابندي
وغيره جي حوالي سان مڪمل رهيا آهن. انهن ۾ ڪٿي به فني کوٽ نظر نه ايندي هئي. پي ٽي
ويءَ تي پروڊيوسر ٿيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ تعليمي لياقت ماسٽرس هوندي هئي. پي ٽي ويءَ
تي اسسٽنٽ پروڊيوسر طور ڀرتي ٿيڻ کانپوءِ انهن کي پي ٽي وي اڪيڊمي اسلم آباد
موڪليو ويندو هو. جنهن کانپوءِ اهي ڪنهن سينيئر پروڊيوسر سان مددگار طور ڪم ڪندا
هئا.گهڻي ڀاڱي پروڊيوسرن کي پرڏيهه سکيا لاءِ به موڪليو ويندو هو.
ٽيلي ويزن ناٽڪ گڏيل ڪوشش جي
نتيجي ۾ جنم وٺي ٿو. جنهن ۾ بنيادي ڪم ته ناٽڪ نويس ڪري ٿو. پر ڪاغذن تي لکيل
ڪردارن کي زنده ڪرڻ وارو پروڊيوسر هوندو
آهي. جيڪو اداڪارن جي مدد سان ناٽڪ نويسن
جي خيالن کي پردي تي حقيقي انداز ۾ سامهون آڻي ٿو. پاڪستان ۾ جڏهن ٽيلي ويزن شروع ٿيو ته ان دؤر ۾ ملڪ ۾ڪو
به سيکاريل پروڊيوسر موجود نه هو، جنهن سبب ريڊيو پروڊيسرن جون خدمتون حاصل ڪيون
ويون.
پي
ٽي ويءَ جي سنڌي ڊرامن ۾ سنڌي ٻولي، ثقافت، ريتن رسمن ۽ سماجي حالتن جو پورو پورو
خيال رکيو ويندو هو. هڪ ته تنهن دؤر ۾ ناٽڪ لکڻ وارا ڪي عام رواجي ليکڪ نه پر
چوٽيءَ جا ڪهاڻيڪار هئا. جڏهن ته انهن جي لکيل ناٽڪن جي نظرداري ڪرڻ وارن ۾
عبدالڪريم بلوچ، شمشير الحيدري، غلام حيدر صديقي، ممتاز مرزا جهڙا ڄاڻو هئا. بلوچ
صاحب نه رڳو گهڻا ناٽڪ نويس متعارف ڪرايا پر گهڻي ۾ گهڻي سنڌي پروڊيوسر به تيار
ڪيا. جن کي سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر جي تحفظ جي سُتي تڏهن بلوچ صاحب ئي پياري ڇڏي
هئي. جنهن جي ڪري ناٽڪ نويس توڙي پروڊيوسر ٻولي، سماجي حالتن، سنڌي ثقافت، ڪردار
نگاري، اخلاقيات، عوامي پسند ۽ مقصديت جهڙين بنيادي ڳالهين جو خاص خيال رکندا هئا.
ٽيلي ويزن ڊراما، اڄ
2002 ع تائين مجموعي طور تي
سڄي پاڪستان ۾ فقط هڪ ٽي وي چئنل پاڪستان ٽيلي ويزن چئنل ڏٺو ويندو هو. ڇوته عام
ماڻهن کي ڊش اينٽينا جهڙي سهولت گهٽ ميسر هئي. جنرل پرويز مشرف جي دؤر ۾ ميڊيا کي
مڪمل طور آزاد ڪرڻ واري خيال کانپوءِ خانگي شعبي کي به ميڊيا جي صنعت ۾ سيڙپڪاريءَ
جو موقعو مليو. جنهن ٿوري ئي وقت ۾ پاڪستان ۾ ميديا جي شڪل ئي مٽائي ڇڏي.
اڄ جڏهن اسان پنهنجي چوڌاري نهاريون ٿا ته هر پاسي اسان کي انٽرنيٽ ۽ موبائل
فون جو استعمال نظر اچي ٿو. انٽرنيٽ جهڙي شاندار ايجاد دنيا کي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾
تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پر ٽين دنيا جي ملڪن ۾ اڄ به ان جو هاڪاري استعمال سڀ کان وڏو
سوال آهي. اهڙيءَ ريت ٽيلي ويزن وسيلي درست ۽ غلط معلومات ۽ وندر جي فراهمي وارو
موضوع به ڊگهي عرصي کان بحث هيٺ آهي. سڌريل ملڪن ته ٽيلي ويزن جي ايجاد سان گڏ ئي
ان جي هاڪاري ۽ ناڪاري پاسن تي تحقيق ڪئي هئي، پر پوئتي پيل ملڪن ۾ ان طرف گهڻو
ڌيان نه ڏنو ويو آهي. اولهه جي محققن جو ان سلسلي ۾ چڱو موچارو ڪم نظر اچي ٿو. پر
بدقسمتيءَ سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽيلي ويزن جي پروگرامن يا ڊرامن جي ثقافتي ۽ سماجي
اثرن بابت تحقيقي ڪم نه هئڻ برابر آهي.
جڏهن اسان علائقائي ٻولين جي ڳالهه ڪنداسين ته ملڪي سطح تي اڄ به سنڌي ٽي وي
چئنل سڀ کان وڌيڪ ڏٺا وڃن ٿا. گيلپ سروي موجب 8 سنڌي، پنجابي، سرائيڪي ۽ پشتو
چئنلن مان سنڌي ٽي وي چئنل سڀ کان وڌيڪ مقبول آهن. وڏي اعزاز جي ڳالهه اها آهي ته
علائقائي ٻولين جي چئنلن جي ڏسندڙن مان 82 سيڪڙو ماڻهو سنڌي ٽي وي چئنل ڏسن ٿا.
جڏهن ته باقي ٻولين جي ڏسندڙن جو انگ فقط 18 سيڪڙو آهي. ان لحاط کان صوبائي ٻولين
۾ ملڪي سطح تي سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ چئنل ڪي ٽي اين آهي. جنهن جي ڏسندڙن جو انگ
47 سيڪڙو آهي.
پاڪستان ۾ علائقائي ٻولين جي ٽي وي چئنلن جي درجي بندي
(ذريعو: گيلپ
پاڪستان ميڊيا سائبر ليٽر2012)4
پاڪستان ۾ آخري آدمشماري 1998ع ۾ ٿي
هئي، ان موجب پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ (44.15 سيڪڙو) پنجابي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي.
جڏهن ته ملڪي سطح تي سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 14.1 سيڪڙو آهي. پر جيڪڏهن اسان
اهي انگ اکر مختلف صوبائي ٻولين جي مقوليت
جاچڻ لاءِ ڪتب آڻيون ٿا ته اتي هڪ فخر محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستان اندر سڀني صوبن ۾
سڀ کان وڌيڪ (80 سيڪڙو) سنڌي ٻوليءَ جا چئنل ڏٺا وڃن ٿا. جڏهن ته باقي سمورين
ٻولين جا چئنل ڏسندڙن جو انگ فقط 20 سيڪڙو آهي. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهي
سنڌي ٽي وي چئنل سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي تحفظ ۽ عام ماڻهن جي اهنجن کي پڌرو ڪرڻ جي
سلسلي ۾ ڪو ڪردرا ادا ڪري رهيا آهن يا نه؟ ته جواب “ نه” ۾ اچي ٿو.
اسان وٽ
عام طور اهو ئي سمجهيو ويو آهي ته سنڌي ڊرامن ۾ ڪردارن کي اجرڪ، ٽوپي، پٽڪو، ڀرت
ڀريل رئو ۽ چولو پهرائڻ سان سنڌ جي ثقافت جي عڪاسي ۽ خدمت ٿي وڃي ٿي. يا وري ڪنهن
ڌاڙيل کي ڪلاشنڪوف ڏئي، ان کي ڪنهن وڏيري جي چوڻ تي مظلوم عورت کي ڪاري قرار ڏئي
قتل ڪرڻ کي سنڌ جي حقيقي ثقافت سڏيو وڃي ٿو.
جيڪڏهن
اسان موجود سيٽلائيٽ سنڌي ٽي وي چئنلن تان ٽيليڪاسٽ ٿيندڙ ڊرامن تي غور ڪنداسين ته
انهن ۾ سنڌي سماج لاءِ ناسور بڻيل ڪُڌين ريتن ۽ رسمن کي سنڌ جي ثقافت قرار ڏيڻ
لاءِ وسان نه گهٽايو آهي. جنهن جو اجتماعي طور تي سنڌي قوم کي تمام گهڻو نقصان
رسيو آهي. ڇا واقعي سنڌ جي تصوير ايتري
خراب آهي، جيڪا اڄ اسان خانگي ٽيلي ويزن چئنلن جي ڊرامن ۾ ڏسئون ٿا. سنڌ اندر يا
سنڌ کان ٻاهر ڪنهن فورم تي جيڪڏهن ڪنهن غير سنڌيءَ سان ڳالهائجي ٿو ته گهڻو ڪري هو
اهو سوال ضرور ڪندو ته “سنڌ جا ماڻهو ته ڏاڍا خطرناڪ آهن؟” جڏهن کانئس پڇبو ته
سنڌين بابت هن اها راءِ ڪيئن جوڙي، ته جواب ۾ هو چوندو آهي ته سنڌي ٽي وي ڊراما
ڏسي ائين ئي محسوس ٿيندو آهي.
سنڌ جي غلط ريتن رسمن کي ثقافت جو نالو ڏئي. حقيقت ۾سنڌ کي
بدنام ڪرڻ جي شروعات ضياءُ الحق جي دور ۾ ٿي، جيڪا اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري آهي.پر جيڪڏهن
معاشري ۾ ڪي خرابيون آهن به ته ڇا ان کي ختم ڪرڻ جو طريقو بس اهو ئي آهي، جيڪو اڄ
ڪلهه اسان ٽيلي ويزن ڊرامن ۾ ڏسئون ٿا.
بنيادي طور تي ٻين سماجن وانگر
سنڌي سماج ۾ به تمام گهڻيون اوڻايون آهن. جن جي نشاندهي ضرور ٿيڻ گهرجي، پر اصل
اختلاف طريقي ڪار تي آهي. جيڪي ڪجهه هاڻوڪن ٽي وي ڊرامن ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو، ان کي
ڏيکارڻ جا ٻيا به گهڻائي طريقا آهن. جنهن سان سنڌ اندر توڙي سنڌ کان ٻاهر سنڌ جي تصور
کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.
هن وقت
ڊرامي کي فقط وندر لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو، جڏهن ته ان جو بنيادي ڪم ڏسندڙن جي ذهني
۽ روحاني تربيت ڪري کين ڪارائتو شهري بڻائڻ آهي. جڏهن کان ڊرامو پنهنجي اصل مقصد
کان هٽي ويو آهي، تڏهن کان ان جي جاءِ ڪلچر جي نالي تي ٺينگ ٽپا ڏيڻ وارن ورتي
آهي. جيڪي ڪلچر جي نالي کي پنهنجي ذهني ۽ جسماني عياشيءَ لاءِ استعمال ڪري رهيا
آهن.
سنڌي چئنلن تي ڌاڙيلن جي موضوع تي
جيڪي ڊراما ڏيکاريا وڃن ٿا، انهن جو انداز فلمي آهي. جنهن مان محسوس ڪري سگهجي ٿو
ته اهڙي قسم جون ڪهاڻيون سرجيندڙ يا ته ادارن جي پاليسيءَ جا پابند آهن. يا وري
انهن جي تربيت ٽيلي فلمن وسيلي ٿيل آهي.
ڪو به فن بيڪار يا خسيس نه هوندو آهي پر اصل ڳالهه ان فن ذريعي ڏنل پيغام
هوندو آهي. جيڪڏهن ڪو تخليقڪار چاهي ته ڪنهن ننڍي دستاويزي يا ٽيلي فلم وسيلي به
هو سماجي براين جي سڌاري لاءِ جوڳو بندوبست ڪري سگهي ٿو. پر ان لاءِ بنيادي ڳالهه
ڏاهپ ۽ گهربل سکيا آهي. ڊرامن وسيلي سنڌي سماج
۾ موجود سمورين بڇاڙين کي وائکو ڪرڻ گهرجي. پر هر ڊرامي ۾ ڌاڙيلن کي ڪلهي
تي بندوق ڏئي. سنڌ جي ماڻهن جي غير حقيقي تصوير کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اسان وٽ هر
خرابيءَ کي ڪلچر جو نالو ڏنو وڃي ٿو. مثال طور “ڌاڙيل ڪلچر”، “ڪاپي ڪلچر” وغيره.
ڪلچر جي ان جديد تعارف ۾ سنڌي اخبارون ۽ ٽي وي چئنل ڏوهاري آهن. اسان کي هڪ ڳالهه
سمجهڻ گهرجي ته ڪا به سماجي خرابي ان قوم جو ڪلچر ٿي نه ٿي سگهي. هاڻي سنڌي ٽي وي چئنلن جي مالڪن پاران اسان کي اها ڳالهه سختيءَ سان قبول ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي
وڃي ٿي ته اسان جا ڏسندڙ فقط گليمر، ڌاڙيل، عورت کي ويڙهاڪ ۽ بي وفا ڪري ڏيکارڻ
وارا ڊراما ڏسڻ پسند ڪن ٿا، جيڪا ڳالهه سراسر غلط آهي. ڏسندڙن جو ذوق وڌائڻ بنيادي طور ناٽڪ نويس جي ذميواري
آهي، سٺو ناٽڪ نويس جنهن پاسي ڏسندڙ کي وٺي ويندو، هو ان پاسي ويندو. اسان وٽ سٺي
ذوق وارا ڊراما ئي نه ٺهندا ته ڏسندڙ وٽ پسند ۽ ناپسند جو ڪو ئي ناهي ته پوءِ هو ڪيڏانهن
وڃي.
هڪ سروي موجب 39 سيڪڙو ماڻهن جي
راءِ آهي ته انهن کي اصلاحي ۽ سماجي ڊراما پسند آهن. جڏهن ته 25 سيڪڙوطنزيه ۽
مزاحيه، 20 سيڪڙو ماڻهو ٽريجڊي، 13 سيڪڙو
رومانوي ڊراما ڏسڻ پسند ڪن ٿا. جڏهن ته فقط ٽي سيڪڙو ماڻهن ڌاڙيلن جي موضوع تي
ٺهندڙ ڊراما پسند ڪيا.
سنڌ جا
ماڻهو ڪهڙي قسم جا ڊراما ڏسڻ پسند ڪن ٿا
(ذريعو: سنڌي ٽيلي ويزن ڊرامي جو تاريخي، ثقافتي ۽ سماجي اڀياس-
ص. 451) 5
مٿيان نتيجا ظاهر ڪن ٿا ته سنڌ جا ماڻهو امن پسند آهن، انهن کي هر ڀرو ڏوهاري سوچ رکندڙ سڏي بدنام ڪيو پيو
وڃي.
Hack writer جي معنيٰ ۽ مفهوم جي پس منظر ۾ سنڌي ڊرامن جو جائزو ورتو
وڃي ته موجوده دؤر ۾ خانگي سنڌي چئنلن تان
پيش ٿيندڙ ڊراما گهڻي ڀاڱي سطحي لکت Hack
writing
آهن. انهن
ڊرامن جي ڀيٽ پي ٽي ويءَ جي ڊرامن سان ان ڪري نه ٿي ڪري سگهجي. جو پي ٽي ويءَ جا
ڊراما معياري آهن. انهن کي هر لحاظ کان اعليٰ درجي جا ڊراما سڏي سگهجي ٿو. خانگي چئنلن لاءِ ڊراما
لکندڙن کان ڪنهن به قسم جا ڊراما لکرائي سگهجن ٿا. خانگي چئنلن لاءِ لکندڙ اڪثر
ڊراما نگارن جا نالا نه اڳ ۾ ٻڌا ويا، نه وري انهن کي ادبي دنيا ۾ ڪا حيثيت حاصل
آهي. انهن وٽ
ڪو خيال، اسلوب، مقصد ۽ معيار ناهي. اهڙن ڊراما نگارن سنڌي
ثقافت ۽ سماجي قدرن کي سخت هاڃو رسايو آهي.
سنڌي ڊرامن ۾ هٿيارن جي
استعمال ۽ سنڌي ماڻهن جي سڃاڻپ تبديل ڪرڻ تي پيمرا جو نوٽيس:
پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا
ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جي اها ذميواري آهي ته اها ٽي وي چئنلن تي هلندڙ
پروگرامن جي مانيٽرنگ ڪري انهن ۾ جيڪڏهن ڪو اعتراض جوڳو منظر يا مڪالما نشر
ٿئي ٿو ته ان جي خلاف پاڻمرادو ڪارروائي ڪري، جڏهن ته پيمرا جي “ڪائونسل آف
ڪمپلين” ۾ ڪو به شهري پنهنجي شڪايت داخل ڪرائي سگهي ٿو. جنهن تي پيمرا ڪارروائي
ڪندي آهي. گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌي سيٽلائيٽ ٽي وي چئنلن تي جيڪي ڊراما
ڏيکاريا وڃن ٿا، انهن جي منظرن، مڪالمن، لباس ۽ ٻوليءَ تي ڏسندڙن کي تمام گهڻيون
شڪايتون آهن، جنهن جو اظهار هو پيمرا وٽ ڪندا رهندا آهن، انهن شڪايتن جو وچور
پيمرا جي ويب سائيٽ http://www.pemra.gov.pk/complaints/ تي ڏسي سگهجي
ٿو. پيمرا وٽ ڏسندڙن جي شڪايتن جو سڄو وچور هتي ته نه ٿو ڏئي سگهجي پر صرف
سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر 2017 جي ٽن مهينن
۾ پيمرا کي ٻن درجنن کان وڌيڪ شڪايتون وصول ٿيون، جنهن ۾ سيپٽمبر 2017 دوران ڪي ٽي
اين چئنل خلاف 11 شڪايتون داخل ٿيون، انهن
شڪايتن ۾ ڏسندڙن ڪي ٽي اين جي ڊرامن تي سخت تنقيد ڪئي آهي. هتي انهن سمورين شڪايتن
جو تفصيل ڏيڻ ممڪن ناهي، پر شڪايت نمبر
92341 ۾ شڪايت ڪندڙ لکي ٿو ته “سنڌي چئنلن
تي مار ڌاڙ، نامناسب ڌاڙيل ڪلچر، ڏيکاريو وڃي ٿو، جنهن جو نوجوانن جي ذهنن تي
ناڪاري اثر پوي ٿو. اهڙي قسم جي ڊرامن تي پابندي مڙهي وڃي. سڄي دنيا پاڪستان جي
ثقافت ڏسي رهي آهي ته اهي دهشتگرد آهن. ڊرامن ۾ دهشتگرد، ڌاڙيل، مار ڌاڙ، رائفلون، بندوقون نه ڏيکاريون وڃن. ان سان اهو
تاثر اڀري ٿو ته پاڪستان جا ماڻهو ڌاڙيل آهن”.
اها ته صرف هڪ شڪايت آهي، پر ان
سان گڏ اهڙيون لاتعداد شڪايتون نه فقط ڪي ٽي اين، پر سنڌ ٽي وي، آواز ٽي وي، مهراڻ
ٽي وي ۽ ڌرتي ٽي ويءَ جي خلاف داخل ٿيل آهن. جن ۾ ڏسندڙن اهڙا ڊراما فوري طور بند
ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. انهن شڪايتن جو پيمرا 30 نومبر 2017 تي نوٽيس ورتو. پيمرا
پاران جاري ڪيل ايڊوائيس ۾ سمورن سنڌي ٽي وي چئنلن کي مخاطب ٿيندي چيو ويو آهي ته
“ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) هڪ ايڊوائيس جي ذريعي سنڌي
ٽي وي چئنلن کي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اخلاقي ضابطي 2015 جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪن. ڊرامن
۽ ٻين پروگرامن جا موضوع ۽ مواد جي چونڊ ۾
بهتري آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايڊوائيس ۾ ريگيوليٽر سنڌي ٽي وي لائسنس هولڊرز کي
سنڌين کي تشدد ڪندڙ ۽ انتها پسند قوم طور ڏيکارڻ، تشدد ۽ هٿيارن جي استعمال تي
مشتمل موضوعن کي هٿي وٺرائڻ کان خبردار ڪندي واضح ڪيو آهي ته اهڙي قسم جي ڊرامن يا
پروگرامن کي نشر ڪرڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ 2015 جي مڪمل ڀڃڪڙي جي ذمري ۾
اچي ٿو. ماڻهن جي وڏي تعداد اهڙي قسم جا ڊراما ڏيکارڻ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ۽ ريگيو ليٽر کي شڪايت ڪئي آهي ته ان
عمل جي ذريعي سنڌي ٽي وي چئنل هڪ امن پسند قوم جي اميج کي داغدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري
رهيا آهن. پيمرا سنڌي ٽي وي چئنلز کي هدايت ڪئي آهي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪوڊ آف
ڪنڊڪٽ 2015 تحت ڏسندڙن جي ڳڻتي، معاشري جي
سماجي ۽ ثقافتي قدرن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي پروگرامن ۽ ڊرامن جي موضوعن تي نظر
ثاني ڪن ۽ موضوع جي چونڊ ۽ مواد ۾ بهتري آڻڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ
2015 جي شق 7 تحت اداري اندر نگران ڪميٽيون قائم ڪري انهن جو تفصيل 15 ڏينهن اندر
ريگيوليٽر کي مهيا ڪن”.
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ٽي وي چئنلن
جا مالڪ پيمرا جي ان صلاح تي ڪيترو عمل ڪن ٿا. جيڪڏهن اهي عمل نه ٿا ڪن ته ڏسندڙن
کي ٻيهر پيمرا آڏو دانهڻ ۽ هدايتن تي عمل نه ٿيڻ جي شڪايت ڪرڻ جو مڪمل اختيار آهي.
مٿئين بحث جو نچوڙ ڪڍيو
وڃي ته نتيجا ڪجهه هن ريت بيهن ٿا.
1. پاڪستان ٽيلي ويزن شروع کان وٺي سنڌي ٻولي،
ڪلچر ۽ سماجي سڌاري لاءِ جيڪا حڪمت عملي جوڙي هئي، ان تي عمل اڄ به جاري آهي. جنهن
جا اڄ تائين هاڪاري نتيجا ملي رهيا آهن. ٻين چئنلن کي به ان مان سکڻ گهرجي.
2. سنڌ جي عالمن، اديبن، ٻوليءَ جي ماهرن،
سگهڙن، ڳائڻن پاڪستان ٽيلي ويزن سان جنهن لڳاءَ جو مظاهرو ڪيو هو، خانگي چئنلن تي
اهو لڳاءُ نظر نه پيو اچي.
3. خانگي چئنلن وٽ ڊرامن جي تياريءَ جي ڏس ۾
ڪابه حڪمت عملي نظر نه ٿي اچي، جنهن جي ڪري ڪو سٺو ناٽڪ نويس خانگي چئنلن لاءِ
ناٽڪ لکڻ لاءِ راضي ناهي. جيڪڏهن ڪو لکي به ٿو ته مناسب اجورو نه ملڻ سبب هو ان
چئنل تي لکڻ جو سلسلو برقرار رکي نه ٿو سگهي.
4. اسان جي ملڪ ۾ فن جي سکيا خاص طور تي
ٽيلي ويزن ڊراما پروڊڪشن جي حوالي سان ڪو سکيا گهر موجود ناهي. اڳ اهو ڪم پاڪستان
ٽيلي ويزن جا سکيل پروڊيوسر ڪندا هئا، پر هاڻي اُتي به پيشه ور ۽ تجربيڪار
پروڊيوسر نه رهيا آهن.
5. خانگي چئنلن جي کنڀي واڌ سبب معياري ڪم
نه ٿو ٿئي. جنهن جي ڪري ٽيلي ويزن ڊرامو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي.
6. سنڌي ٽيلي ويزن چئنلن تي باقاعدي ڪو به اسڪرپٽ جو شعبو ناهي. جنهن جي
ڪري نه ته سٺين ڪهاڻين تي ٻڌل ڊراما پيش ٿين ٿا، نه وري سنڌي ٻوليءَ جو ڪو خيال
رکيو وڃي ٿو.
7. شهري ماحول ۾ رهندڙ نوان فنڪار سنڌي ٻولي
درست طريقي سان نه ٿا اُچاري سگهن، جنهن ڪري ٻولي ڏينهون ڏينهن بگڙجي رهي آهي.
8. سنڌ جي ماڻهن جو وڏو تعداد سنڌي ٽيلي
ويزن چئنل ڏسي ٿو، جنهن ۾ مکيه چئنل ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي آهن. تنهن ڪري سنڌي
ٻولي ۽ ثقافت جي تحفظ جي سڀ کان وڏي ذميواري به انهن ٻنهي چئنلن تي لاڳو ٿئي ٿي.
9. سنڌي
ٽي وي چئنلن سنڌي ماڻهن جي سڃاڻپ ئي ڌاڙيل ٺاهي ڇڏي آهي، جيڪا نه رڳو حقيقت
جي ابتڙ پر اخلاقيات جي به خلاف آهي.
10.
خانگي سنڌي ٽي وي چئنلن جا ڊراما سماجي سڌاري جي سلسلي ۾ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ
بدران سماجي بگاڙ سان گڏو گڏ ثقافتي بگاڙ جو
سبب پڻ بڻجي رهيا آهن.
سنڌي ٽي وي ڊرامن جي بهتري، ٻولي ۽ ثقافت جي تحفظ لاءِ ڪجهه تجويزون:
1. خانگي چئنلن کي پاڪستان ٽيلي ويزن جي
سکيل ناٽڪ نويسن ۽ سينيئر اداڪارن جون خدمتون حاصل ڪري پنهنجي ڊرامن جو معيار بهتر
بڻائڻ گهرجي.
2. سنڌ حڪومت سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي بگاڙ کي
قومي ڏوهه قرار ڏئي، جيئن سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي بگڙڻ کان بچائي سگهجي. ان سلسلي ۾
سنڌ اسميبليءَ مان قانون جوڙائي سگهجي ٿو. فلمن ۽ اسٽيج ڊرامن جي لاءِ اهڙو قانون
اڳ ئي موجود آهي.
3. سنڌي اخبارن جي ٻوليءَ جي مانيٽرنگ وانگر
سنڌي لئنگويج اٿارٽي خانگي ٽي وي توڙي ايف ايم چئنلن تي ڪتب ايندڙ ٻوليءَ جي
مانيٽرنگ ڪري، واسطيدار چئنلن کي ماهوار مانيٽرنگ رپورٽ موڪلي ڏئي.
4. سنڌ جا عالم، اديب، ماهر، ساڃاهه وند ۽
سول سوسائٽي خانگي سنڌي ٽي وي چئنلن تي ٻوليءَ جي مانيٽرنگ ڪري ۽ غلطين جي نشاندهي
ڪرڻ لاءِ ٽي وي چئنلن ڏانهن خط لکي.
5. ارڙهين ترميم کانپوءِ سڌ سماءُ کاتو به
صوبن کي ملڻ گهرجي، پر وفاقي سرڪار ان تي زوريءَ قبضو ڪيو ويٺي آهي. سنڌ سرڪار اهو
معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿاري.
6. سنڌ جو سڌ سماءُ کاتو پيمرا جي طرز تي ٽي
وي چئنلن لاءَ اخلاقي ضابطو جُوڙي، جنهن ۾ مکيه ڳالهه ٽي وي چئنلن تان اخلاقيات جو
درس ڏيڻ، غير اخلاقي پروگرام نه ڏيکارڻ، ڪو مخصوص لباس اوڍائي ڪنهن قوم جي توهين
نه ڪرڻ، ڌاڙيلن کي هيرو ڪري پيش نه ڪرڻ، ٽي ويءَ وسيلي فحاشي نه ڦهلائڻ، ٻولي توڙي
ثقافت جو تحفظ ڪرڻ شامل هئڻ گهرجي.
7. سنڌ جا ساڃاهه وند سنڌي ٽي وي چئنلن تي
زور ڀرين ته اُهي ڌاڙيلن کي هيرو ڪري ڏيکارڻ بند ڪن.
8. ڏوهن ۽ ڌاڙيلن جي موضوع تي ٺهندڙ ڊراما ۽
ٻيا پروگرام پرائيم ٽائيم ۾ نشر نه ڪيا وڃن. جيئن ٻار اهڙا ڊراما نه ڏسن.
9. اشتهاري ادارن جي زور تي ڌاڙيلن جي موضوع
تي ٺهندڙن ڊرامن کان پاسو ڪيو وڃي.
10.
پاڪستان ٽيلي ويزن کي سمورن يادگار پراڻن سنڌي ڊرامن جي ٻيهر رڪارڊنگ جو
بندوبست ڪرڻ گهرجي، جن جا اسڪرپٽ پي ٽي
ويءَ جي لائبريريءَ ۾ محفوظ پيل آهن.
حوالا:
1-
گربخشاڻي ھوتچند مولچند ڊاڪٽر، شاهه جو رسالو ، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2012: ص.
61
2-
لالواڻي ڄيٺو، سنڌي ناٽڪ پرمپرا،
اسٽيج پبليڪيشن ڪٻير نگر احمد آباد. 2012ع: ص. 8_7
3-
بلوچ عبدالڪريم، ٽيلي ويزن ڊراما
نگاري(مضمون) ،آخري رات (ليکڪ ممتاز مرزا)، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، 1979ع، ص. 249
4-
گيلپ پاڪستان
ميڊيا سائبر ليٽر2012.
5-
راڄپر محمد قاسم ڊاڪٽر ، سنڌي
ٽيلي ويزن ڊرامي جو تاريخي، ثقافتي ۽ سماجي اڀياس (پي ايڇ ڊي مقالوڪراچي
يونيورسٽي2014) - ص. 451
No comments:
Post a Comment