Friday, January 22, 2016

Dr. Qasim Rajpar: Story Writer, dramatist, Researcher, Actor & Director Jhetho Lalwani


ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي
ڊاڪٽر قاسم راڄپر
Abstract:  
Dr. Jhetho Lalwani is among the extraordinary class of multilingual Sindhi writers, as beside being the author of as many as 50 Sindhi books on diverse topics, Dr. Jhetho Lalwani is also writer of 6 books in Gujarati Language and 6 Books in Hindi Language.  During this span of 25 years (First Book Mazi Ja Dhundhla Aks was published in 1976) Dr. Jhetho Lalwani has also translated 17 books.
Born on 8th March 1945 at Kandiaro District of Sindh Provision as the son of Jamnadevi and Madhavdas Dr. Jhetho Lalwani went on to become a very popular, respected and well known person in the world of Sindhi Literature & research. Dr. Jhetho Lalwani is among the personalities whose literary work is not just reflecting his efforts to revive Sindhi folk art and rich heritage of Sindhi literature but also made him popular among the Sindhi scholars of modern times. Appointment as the librarian at M D higher secondary school Ahmed abad, brought a revolutionary change in his life as during this job Dr. Jhetho Lalwani went to feed his thrust of knowing and doing something remarkable for Sindhi literature got nourishing and encouraging environment. He went to complete his thesis "Bane Ja Lok Geet" (Folk Songs of Bane) for the Doctorate [Ph.D] from the Mumbai University. He believes as authority in the field of folk literature of Kachh Gujrat.
Dr. Jhetho Lalwani is also well-known stage artist, Play writer and Director, journalist and Editor. He has been chief editor of Sindhi magazine titled "Stage" associated with the plays and theater. 
During this long illustrated literary career Dr. Jhetho Lalwani went to plead many awards and felicitations by many organizations.

ورهاڱي کانپوءِ الهاس نگر ۽ بمبئي کانپوءِ احمد آباد سنڌين جو وڏو علمي ۽ ادبي مرڪز بڻيو. جتان جي سنڌين سنڌيت جي جوت جلائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي جيئارڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. ڊاڪٽر  ڄيٺي لالواڻي جو شمار  هندستان ۾ سنڌيت جي انهن سپاهين ۾ طئي ٿو، جن سنڌي ٻولي، لوڪ ادب، ناٽڪ، صحافت ۽ تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيو. هو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. سندس شخصيت جو هر پاسو سگهارو آهي. هو هڪ ئي وقت صحافي، ناٽڪ نويس، نثر نويس،محقق، اداڪار، پروڊيوسر ۽ هدايتڪار آهي. سندس شخصيت جو هر پاسو نرالو آهي.
واقفيت:
ڄيٺي لالواڻي جو جنم ساهتي پرڳڻي جي مرڪزي شهر ڪنڊياري ۾ ماڌو داس  لالواڻيءَ جي سکئي ستابي گهر ۾ 8مارچ 1945ع تي ٿيو. هو پنهنجي ٻن ڀينرن ۽ ٽن ڀائرن ۾ ٽيون آهي. پاڻ  اڃا ٻن سالن جو ئي هو ته مٿان ورهاڱي جي قيامت اچي ڪڙڪي ۽ هن کي پنهنجا اباڻا پکا، ملڪيتون، ٻنيون ٻارا ڇڏڻا پيا. ورهاڱي کانپوءِ سندس والد جوڌپور جي راجا جي ريل وسيلي راجسٿان مان ٿيندو احمد آباد ۾ ٿائينڪو ٿيو، جتي هن سنڌو نگر (ڪٻير نگر) ۾ اڏيا. هو جلد ئي اتان جي سنڌي پنچائت جو مُکي چونڊيو ويو. ڄيٺي لالواڻيءَ جي والد کي پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ سان بيحد لڳاءُ هو. ان سلسلي ۾ ڄيٺو لکي ٿو ته “هو اچانڪ شاهه صاحب جو ڪلام جهونگارڻ شروع ڪندو هو ۽ سنڌ جون ڳالهيون به ٻڌائيندي ٻڌائيندي هن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي ايندا هئا، انهن ڳالهين سنڌ جي سڪ ۽ ساروڻيءَ  ننڍپڻ کان ئي منهنجي دل ۾ جنم وٺي ڇڏيو هو. منهنجو پتا جيستائين حيات هئا ٻه دفعا سنڌ جي ياترا ڪري آيا هئا. سنڌو ماتا جي ڏسڻ، جنم هنڌ جو درشن ڪرڻ ۽ سونهاري سنڌ جي سر زمين تي پير رکي سلام ڀرڻ لاءِ منهنجي دل تڙپندي رهي. هڪ ڀيري شڌاڻي درٻار جي جٿي سان سنڌ جي ياترا تي وڃڻ جو پروگرام رٿيم، درٻار وارن ڄاڻ ڏني ته منهنجي نالي جي ويزا ملي آهي. منهنجي خوشيءَ جي حد نه رهي. مان مڪمل تياري ڪري امر تسر پهتس، پر واگها بارڊر تي پهچي خبر پئي ته ٻين سان گڏ منهنجي ويزا به رد ڪئي وئي آهي.“ 1
                ڄيٺو، پنهنجي والد، والده ۽ ڏاڏيءَ کان ورثي ۾ مليل سنڌ جي سڪ کي هميشه سانڍي رکيو. سنڌ ڏسڻ جي سندس خواهش 2008 ۾ پوري ٿي، هو “پاڪ انڊيا پيپلز فورم” جي پروگرام هيٺ وڏي جٿي سان گڏ ڪراچيءَ آيو، پر  پنهنجي اباڻي گهر ڪنڊياري نه وڃي سگهيو. هو ٻيو ڀيرو سگا پاران سڏايل “شاهه، سچل، سامي عالمي ڪانفرنس” ۾ شرڪت ڪندڙ 30 سنڌي اديبن جي وفد سان گڏ آيو، سندس سالن پراڻي خواهش پوري ٿي ۽ هو ڪنڊياري سميت سڄي سنڌ گهميو. هن وقت به ڪنڊياري ۾ سندس مائٽن جا 40-45 گهر موجود آهن. جنهن ۾ سندس ماروٽ به شامل آهن. ڄيٺو 5 ڀيرا سنڌ جو درشن ڪري چڪو آهي، هو هنڌ جي انهن سنڌين ۾ شامل آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اڄ به پنهنجي جڙن سان جڙيل آهن.
ڄيٺي لالواڻيءَ کي ننڍپڻ کان ئي ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو ۽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪجهه عرصو پڙهيو به پر والد جي وفات سبب پڙهائي ڇڏي گهر سنڀالڻ لڳو، اُتان ئي سندس تڪليفن جي شروعات ٿي، پر هن حالتن آڏو ڪڏهن به آڻ نه مڃي. گهريلو ذميوارين سان گڏ هو سنڌي ٻولي، ساهت ۽  ڪلا سان جڙيل رهيو. هن گجرات يونيورسٽيءَ مان ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪئي. جڏهن ته سندس پي ايڇ ڊي گجرات جي پاسي سنڌي لوڪ گيتن جي حوالي سان “ٻنيءَ جا لوڪ گيت” جي سري سان آهي.
ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي شخصيت بابت گورڌن شرما “گهايل”  هڪ هنڌ لکيو آهي “هميشه کل مک چهرو، دلبر دوست، ادبي محفلن ۽ سيمينارن ۾ دلچسپيءَ سان شرڪت ڪندڙ، ظاهري طرح شانت، پر حقيقت ۾ هر ڳالهه تي گهري نظر رکندڙ، گهٽ ڳالهائيندڙ پر قلم جي سهاري پنهنجي قابليت کي اظهاريندڙ ڄيٺو لالواڻي زندگيءَ  جي راهه ۾ آيل انيڪ رنڊڪن  کي لتاڙي اڳيان وڌي آيو آهي. ان هوندي به نوڙت ۽ نهٺائي، نماڻائي ۽ نرملتا سندس ساٿي ضرور آهن. اخباري ڪالمن ۾ سندس وروڌ ڪندڙ به دل ئي دل ۾ کيس ضرور داد ڏيندا هوندا.” 2

ادارا ٺاهيندڙ شخص:
سنڌيت جي هن شيدائي احمد آباد ڪاليج ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن جي پهرين ادبي ۽ ثقافتي جماعت “انٽر ڪاليجيئيٽ سنڌي ائسوسيشن” 1966ع ۾ قائم ڪئي، جنهن جو پاڻ پهريون جنرل سيڪريٽري بڻيو. ٿورن ئي عرصي ۾ سنڌي شاگردن جي ان جماعت جا 400 کن ميمبر ٿي ويا. ٻئي سال 1967ع ۾ سنڌي ڪاليجي شاگردن ۾ پنهنجي ٻُلي، ادب ۽ ثقافت لاءِ چاهه وڌيو ته انهن ائسو سيئيشن جي سالياني ادبي مخزن “لهر” شروع ڪئي. جنهن جو پهريون ايڊيٽر به ڄيٺو لالواڻي هيو. اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا، پاران 1972ع ۾ احمد آباد ۾ منعقد ڪيل “سنڌي ساهت سميلن” جي موقعي تي هن، ڪيرت مهرچنداڻيءَ سان گڏجي “سنڌيت” نالي ادبي مخزن شايع ڪئي. هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي 1973ع ۾ احمد آباد جي سنڌي نوجوانن لاءِ “سنڌي يوٿ ائسوسيئيشن” جو بنياد وڌو ۽ ان ائسوسيئيشن پاران 1974ع ۾ سالياني مخزن “هوءَ” شايع ٿي ته پاڻ ان جي ايڊيٽرس ۾ شامل رهيو. هو 1973ع ۾ “سنڌي نوجوان منڊل” سان به جڙي ويو. جنهن جو مکيه مقصد سنڌي نوجوانن ۾ جاڳرتا آڻڻ هو. ان کان اڳ هو 1971ع ۾ “ڪلي” جي نالي سان سنڌي فلمي مئگزين شايع ڪندو، هزارن جي تعداد ۾ شايع ٿيندڙ ان فلمي مئگزين کيس صحافيءَ طور سڃاڻپ ڏني. ان مئگزين جي مقبوليت کي ڏسي هن ساٿين سان گڏجي “ڪلي سِني سرڪل” قائم ڪئي. جنهن جو ڪم سنڌي سنگيت ۽ نرت کي ترقي ڏيارڻ هو.
هونئن ته هو  1962ع کان سنڌي ناٽڪ سان جڙيل رهيو، پر 1973ع ۾ ڄيٺو، سنڌي ادب ۽ ناٽڪ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ “سنڌي ساهت ۽ ڪلا نڪيتن” ۾ شامل ٿيو، جنهن جو سرواڻ ڪيرت مهرچنداڻي هو. لالواڻي ان ادبي اداري جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو. جتي هو ادبي رسالي “جهلڪ” جي ايڊيٽرس ۾ شامل ٿيو.
ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ سنڌي ادبي کيتر ۾ اسڪول واري زماني ۾ ئي پير پاتو هو، اسڪولي مخزن “هنس” ۾ سندس ڪي ٻاراڻيون لکڻيون شايع ٿيون هيون. اڳتي هلي جڏهن هو ڪاليج ۾ داخل ٿيو ته هن باقاعدي لکڻ شروع ڪيو.

سنڌي ٻولي هلچل ۾ حصو:
ورهاڱي کانپوءِ هند ۾ آباد ٿيل سنڌين لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو پنهنجي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جو تحفظ هو، ان لاءِ سنڌي ٻولي تسليمي تحريڪ شروع ٿي، آخر ڪار سنڌي ٻولي ڀارت سرڪار آئين جي اٺين شيڊول ۾ شامل ڪئي. سنڌي عربي لپي ۽ ديوناگري لپيءَ جي مسئلي تي سنڌي اديب ۽ قوم ٻن طبقن ۾ ورهائجي وئي. “سنڌي جاتيءَ ۾گهرو لڙائيءَ جنم ورتو. هر ڪنهن پنهنجا پنهنجا مورچا سنڀاليا. اسان نوجوان سنڌي لپيءَ جي کيمي ۾ هليا وياسين. سنڌي لپيءَ جي بچاوَ، ضرورت ۽ اهميت کي کڻي هر هڪ قلم هلائڻ شروع ڪيو. مون به انيڪ رچنائون لکيون، جيڪي ان وقت ‘سنڌ ڌارا’ ۽ ‘سنڌو سماچار’ ۾ شايع ٿينديون رهيون. سنڌي لپي هلچل ۾ شري ڪيرت ٻاٻاڻي، شري گوبند مالهي، شري اي. جي.ا ُتم ، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي اسان جا رهبر بڻيا، دهليءَ جي بوٽ ڪلب تي 52 سنڌيت جي پيارن جي بک هڙتال ٿي، اُن ۾ به شامل ٿيڻ جو موقعو مليو”. 3
ڄيٺو لالواڻي ظاهري طور ته هڪ شخص آهي، پر سندس هن جيترو سنڌي ٻولي، ادب ۽ ناٽڪ لاءِ ڪم ڪيو آهي، شايد ڪو ادارو ڪري سگهي. سندس شخصيت گهڻ رخي آهي، پر ان جو هي پاسو پنهنجي جاءِ تي مڪمل آهي. هن لکڻ جي شروعات مضمون نويسيءَ کان ڪئي، سندس پهريون ڪتاب مضمونن جو مجموعو “ويچار” 1976ع ۾ شايع ٿيو. ان کانپوءِ هن بنا ساهيءَ جي پنجاهه کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن. جنهن ۾ ناٽڪ، ناٽڪن جي تاريخ ۽ فن، ڪهاڻيون، تعليم، ٻاراڻو ادب، مقالا، مضمون وغيره شامل آهن.
ڄيٺو لالواڻي هر هنريو آهي، هن ادب جي هر صنف ۾ پاڻ موهيو آهي، پر سندس پسنديده موضوع “لوڪ ادب” ۽ “ناٽڪ” آهي. پاڻ بهترين ناٽڪ نويس، هدايتڪار پڻ آهي، ان کانسواءِ رنگ منچ جي هر شعبي ۾ کيس ڪمال جي مهارت حاصل آهي. هندستان ۾ سنڌي ناٽڪ جي تاريخ سهيڙيندڙن ۾ پروفيسر منگها رام ملڪاڻي بنيادي ڪم ڪيو. جڏهن ته ڊاڪٽر پريم پرڪاش سنڌي ناٽڪ جي تاريخ تي پي، ايڇ. ڊي ڪري چڪو آهي. پر ان ڏس ۾ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ به انتهائي اهم ڪم ڪيو آهي. هو بهترين ترجمي نگار به هن هندي، گجراتي ۽ ٻين ٻولين ۾ سنڌيءَ ۾ ۽ سنڌيءَ ۾ ٻين هندستاني ٻولين ۾ ڪيترائي ترجما پڻ ڪيا آهن. سندس لکيل توڙي ترجمو ڪيل ڪتابن جو تعداد 50 کان وڌيڪ آهي. جن جو وچور هن ريت آهي.
ناٽڪ جي فن ۽ تاريخ تي ڪتاب:
1.     ناٽڪ ۽ رنگ منچ ڪلا (ناٽڪ ڪلا)1981ع.
2.     ناٽڪ ڪلا جو وڪاس (سنڌي ناٽڪ جي تاريخ) 1983ع.
3.     سنڌو ناٽيه درشن  (سنڌي ناٽڪ جي تاريخ) 1984ع.
4.     سنڌي لوڪ ناٽڪ (لوڪ ناٽڪن جو جائزو) 1988ع.
5.     سنڌي ناٽيه اتهاس (گجراتيءَ ۾ سنڌي ناٽڪن جي تاريخ).
6.     سنڌي ناٽڪون ڪا اتهاس (هنديءَ ۾ سنڌي ناٽڪن جي تاريخ) 1997ع.
7.     سنڌي ڀڳت (هنديءَ ۾) 1997ع.
8.     سنڌي ڀڳت، شئلي (هنديءَ ۾) 1998ع.
9.     سنڌي ناٽيه ڀومي (گجراتيءَ  ۾ سنڌي ناٽڪن جي تاريخ.
10.سنڌي ناٽيه ڀومي (اردوءَ  ۾ سنڌي ناٽڪن جي تاريخ.
11.      سنڌي ناٽڪ پرمپرا  (ناٽڪن بابت مقالا ۽ مضمون) 2012ع.
سنڌي لوڪ ناٽڪ تي تنقيد ڪندي  ايل. ڊي. رچنداڻي لکي ٿو ته “سنڌي لوڪ ناٽڪ ۾ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي سنڌ جي قديم لوڪ ناٽڪ سانگ، ڪٺ پتلين جي کيل، ڀڳت،“ڏک آهي جو اهي ٽيئي فن سنڌين کان ڇڏائجي ويا آهن، البت ڀڳت جو فن ڪجهه ساهه کڻي رهيو آهي. پر ڄيٺي انهن فنن جو ذڪر ڇيڙِ سنڌي لوڪ ادب ۽ ڪلا ۾ انهن ٽنهي فنن جي اهميت کان سنڌي جاتيءَ کي واقف ڪيو آهي ۽ زور ڏنو اٿس ته ڪنهن نه ڪنهن طرح انهن فنن کي وري وجود ۾ آڻ لاءِ ڪوشش ضرور ڪرڻ کپي.”
سندس تحقيقي ڪتاب “ناٽڪ ۽ رنگ منچ ڪلا” بابت هري تنواڻي “نماڻو” لکي ٿو ته “منهنجي خيال ۾ سنڌي ساهت کيتر ۾ ناٽڪ ۽ رنگ منچ ڪلائن جي مڪمل ڄاڻ هڪ هنڌ ڪٺي ڪري ڏيڻ جي ڏس ۾ شري لالواڻيءَ جي هيءَ پهرين پر ڪامياب ڪوشش آهي. ناٽڪ ۽ رنگ منچ سان سندس نينهن آهي، ڄڻ ته اُهي سندس جيءَ سان جڙيل آهن!5
ناٽڪن جا مجموعا:
1.     تنهنجا غم منهنجا غم آهن (ايڪانڪيون) 1980ع.
2.     ٽرنگي روشني (ٻارن لاءِ ايڪانڪيون)1986ع.
3.     اوڀاريون لهواريون (ريڊيو ناٽڪ) 1984ع.
4.     حادثو (ريڊيو ناٽڪ) 1996ع.
5.     ڀينڪر پنجو (ايڊز تي ريڊيو سيريل ناٽڪ) 2003ع.
6.     مُڇر مامو (ٻارن لاءِ ناٽڪ) 2005ع.
7.     آخرين سنڌي (ايڪانڪيون) 2009ع.
8.     قاتل ڪير (گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ايڪانڪيون) 1981ع.
9.     ٻه ناٽڪ ڪار  (گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ايڪانڪيون) 1987ع.
10.      ڪنوارن ڪيو ڪمال (گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٽه فصلو ناٽڪ) 1984ع.
11.      شريمان ڦيرو ڦرڪي (گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٻارن لاءِ ناٽڪ)1996ع.
12.      شادي ته ڪر (گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٽه فصلو ناٽڪ) 2006ع.
13.      گهر ايڪ مندر (سنڌيءَ مان گجراتيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٽه فصلو ناٽڪ).
14.      تارا دک مارا ڇي (سنڌيءَ مان گجراتيءَ ۾ ترجمو ڪيل ايڪانڪيون)
15.      مسٽر گپوڙيداس (اڻ ڇپيل، وڏو ٻار ناٽڪ)
16.      ڪوئي به نه بچندو (اڻ ڇپيل، ٽه فصلو ناٽڪ)
17.      چورن مٿان مور (اڻ ڇپيل، ٽه فصلو ناٽڪ)
18.      عمر مارئي (پپيٽ وڊيو ناٽڪ))
19.      پڃري ۾ شينهن (ٽي وي ناٽڪ)
ڪجهه ٻيا ڪتاب:
1.     ويچار (مضمون) 1976ع.
2.     ماضيءَ جا ڌنڌلا عڪس (ڪهاڻيون ) 1976ع.
3.     فلم اسٽار (فلمي هستين جا انٽرويوز) 1977ع.
4.     ادبي سرهاڻ (مضمون) 1982ع.
5.     ماءُ (صحت بابت معلوماتي ڪتاب) 1982ع.
6.     آڪاشي ياترا (وگيان) 1982ع.
7.     علي با با گل (گجراتيءَ مان ترجمو ڪيل ٻارن لاءِ ناول ) 1982ع.
8.     جادوئي چدو (گجراتيءَ مان ترجمو ڪيل ٻارن لاءِ ناول ) 1982ع.
9.     ڪٽنبي صحت (تندرستيءَ بابت معلوماتي ڪتاب) 1983ع.
10.   بدني سکيا (فزيڪل ٽريننگ بابت ڪتاب) 1985ع.
11.   بدني تعليم (فزيڪل ٽريننگ بابت ڪتاب) 1986ع.
12.   وطن جي صدقي (مضمون) 1985ع.
13.   پوسٽ مارٽم (ڪهاڻيون) 1985ع.
14.   ٻنيءُ جا لوڪ گيت (مقالو) 1992ع.
15.   سنڌي پروليون  (لوڪ ادب) 1995ع.
16.   سنڌي فوڪ لور (تحقيقي مقالا) 1998ع.
17.   ٻليءَ جو صبر  (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) 1997ع.
18.   ادبي ويچار  (تحقيقي مقالا) 1998ع.
19.   اسان جو ورثو (لوڪ ادب) 2001ع.
20.   ٻنيءَ جا لوڪ گيت (پي ايڇ ڊي مقالو) 2002ع.
21.   سنڌي لوڪ رنگ (لوڪ ادب) 2004ع.
22.   ردي (ڪهاڻيون) 2006ع.
23.   آزاديءَ جو پروانو، هيمو ڪالاڻي (جيون ڪٿا) 2007ع.
24.   ڦڌو ڦڌو ڪوڙو سچ (ترجمو) 2008ع.
25.   ڪتابي ڪيڙو (ٻارن جو ڪهاڻيون) 2008ع.
26.   مهاڳ (مختلف ڪتابن جا لکيل مهاڳ) 2009ع.
27.   ادبي غنچو (تحقيقي مقالا) 2010ع.
28.   لوڪ ادب- ڪلا جا منهنجا پنهنجا سنسڪار  (لوڪ ڪلا ياترا)، 2014
ٽماهي اسٽيج:
 هند سنڌ جي پهرين مخزن آهي، جنهن ۾ ناٽڪ، ناٽڪ نويسن، هدايتڪارن، اداڪارن بابت معلومات ڏني ويندي آهي. اسٽيج ۾ ڏنل انگن اکرن جي مدد سان سنڌ ۾ سڀ کان اڳ ڊاڪٽر يوسف پنهور سنڌي ناٽڪن جي تاريخ لکي، جيڪا سووينئير جي صورت ۾ 1980ع ۾ سنڌي ناٽڪ صديءَ جي موقعي تي شايع ٿي، جنهن بعد هندستان ۾ پريم پرڪاش ۽ سنڌ ۾ غلام رسول بلوچ سنڌي ناٽڪ جي تاريخ تي پي ايڇ ڊي ڪئي، انهن ٻنهي به گهڻي ڀاڱي معلومات “اسٽيج” مان حاصل ڪئي. نه ته ان کان اڳ سنڌ توڙي هند ۾ پروفيسر منگها رام ملڪاڻي ان ڏس ۾ تحقيقي ڪم ڪيو هو.
 ٽماهي اسٽيج بابت ويچار  لکمي کلاڻي جو خيال آهي ته  “گهر ويٺي سڄي هندستان ۾ هلندڙ سنڌي ناٽڪ جي هلچل جو اکئين ڏٺو احوال “اسٽيج” ذريعي مليو. منهنجو اهو عقيدو آهي ته هينئر اساين ناٽڪ ذريعي ئي سنڌي ٻولي ۽ ساهت کي زنده رکي سگهون ٿا. ناٽڪ کي اوج ڏيڻ لاءِ اسان سڀني سنڌيءَ جي گهڻ گهرن کي هڪ ڳنڀير جوابداري ڪري کڻڻ گهرجي. شهر شهر ۾ ٿيندڙ اهڙين ڪوششن کي “اسٽيج” هڪ فوڪس ۾ آڻي ٿي.” 6
لوڪ ادب تي تحقيق:
هو جڏهن سنڌي اڪيڊمي گجرات جو وائيس چيئرمين مقرر ٿيو ته سنڌي اديبن وڏو ممڙ مچايو، گهڻن ئي وڏن اديبن سنڌي اڪيڊمي گجرات سان ڪنهن به قسم جو سهڪار نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پر اڳتي هلي جڏهن ڄيٺي لالواڻيءَ سنڌي اڪيڊمي گجرات ۾ تاريخي ڪم ڪيا ته ساڳين اديبن نه رڳو اڪيڊميءَ جو بائيڪاٽ ختم ڪيو پر سندس خدمتن جو به اعتراف ڪيو. ڊاڪٽر پرسو گدواڻيءَ کانپوءِ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ٻيو محقق آهي، جنهن سنڌ جي پاسي ۾ هندستان جي گجرات رياست ۾ سنڌين جي وڏي ۾ وڏي آبادي ٻنيءَ ۾ مهينن جا مهينا رهي، اتان جو لوڪ ادب گڏ ڪيو. اڳتي هلي ان “ٻنيءَ جا لوڪ گيت” جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪئي. سندس اهو ڪم سنڌي لوڪ ادب ۾ تاريخي حيثيت رکي ٿو. ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ ٻنيءَ ۾ سنڌي لوڪ ادب ۽ موسيقيءَ تي ڪيترائي سيمينار پڻ ڪرايا. هندستان ۾ “سنڌي ڀڳت” تي قومي سيمينار ڪرائڻ جو به کيس اعزاز حاصل آهي.
سنڌ ۾ لوڪ ادب ۾ گهڻو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ڪيو آهي. هندستان ۾ ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ليلا رام، رچنداڻي ۽ ڊاڪٽر هوند راج بلواڻي ڪيو آهي.  سنڌ جي سرحد سان لڳ هندستان جي ڪڇ واري علائقي ۾ سنڌين جي وڏي آبادي ٻنيءَ جي لوڪ ادب تي پهريون ڪم ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ ڪيو. ان تي سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. ان کانپوءِ گهڻو ڪم ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ ڪيو آهي. ٻنيءَ جي لوڪ ادب تي سندس ڪتاب “ٻنيءَ جو سنڌي لوڪ ادب” کي ساراهيندي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته “ڄيٺي جي هن ڪتاب جي مکيه خوبي اها آهي ته هن ٻوليءَ سان هٿ چراند نه ڪئي آهي. جنهن نموني هن سگهڙن کان اُچار ٻڌا آهن، تيئن قلمبند ڪيا آهن”. 7
                ٻني ڪڇ ۾ ٽڙيل پکڙيل لوڪ ادب کي گڏ ڪري، “سنڌي لوڪ گيت”، “سنڌي پروليون”، ”سنڌي ٻوليءَ جي زيارت”، “ڳجهارتون”، “ٻنيءَ جا ٻول، جتن جا قول”، “ڳيچ”، “سوڍن جا گيت”، “سوڍن جا سنڌي ڀڄن”،“سنڌي لوڪ گيت”،“ سنڌي سنگيت ۽ ڀڳت” جهڙا املهه ڪتاب شايع ڪرايا. سندس ايامڪاريءَ ۾ گجرات سنڌي اڪيڊميءَ  ۾ “سنڌي لوڪ ساهتيه صلاحڪاري بورڊ” قائم ڪيو ويو.
سندس پي. ايڇ. ڊي مقالي “ٻنيءَ جا لو ڪ گيت” ۾  هن ڪڇ، سنڌ ۽ ڪڇ جي لاڳاپن، سنڌي لوڪ ادب جي ارتقا ۽ لوڪ گيتن جي تاريخ تي کوجنا ڪئي آهي، پر مقالي جي مکيه باب “ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت” ۾ هن 30 قسمن جا لوڪ گيت ڏنا آهن. هن اهي لوڪ گيت ٻنيءَ جي ڳوٺن ۾ وڃي رڪارڊ ڪيا، جن کي بعد ۾ قلمي صورت ڏني.
اداڪاري ۽ هدايت ڪاري:
                احمد آباد ۾ ڊاڪٽر پريم پرڪاش ۽ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي سنڌي ناٽڪ جي سڃاڻپ آهن. شروع ۾ سنڌي ناٽڪن ۾ ڇوڪرين جا ڪردار به ڇوڪرا ادا ڪندا هئا، پر ڄيٺي لالواڻي گهر گهر وڃي، سنڌي ڇوڪرين جي والدين سان ملاقاتون ڪري، پنهنجي نياڻين کي اداڪاريءَ جي اجازت لاءِ راضي ڪيو. اڳتي هلي سندس اها ڪوشش سڦل ٿي ۽ نئنا ساڌواڻي، جيا ساڌواڻي، نانڪي سچديو، لڇمي سچديو، لتا موتياڻي، جانڪي ڍولياڻي ۽ ٻيون ڪيترين ئي سنڌي ڇوڪرين اداڪاريءَ جي ميدان ۾ نالو ڪڍيو.
کيس لکڻ کان وڌيڪ اداڪاريءَ جو شوق هو، هو پنهنجي ان شوق خاطر ٻاروتڻ ۾ ئي احمد آباد ۾”سنڌ ڪلاڪار منڊل“ سان جُڙي ويو. هو سنڌي اديبن جي گروهه بندين جو به شڪار رهيو آهي، پر سنڌيت جي جوت جلائي رکڻ واري عظيم مقصد سبب هن ڪنهن به معاملي ۾ پنهنجي انا کي آڏو نه آندو آهي. اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر کان ويندي لائبريرين جي نوڪريءَ تائين هو، سنڌيت جو خادم رهيو آهي، هن ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي عهدي تي رهي به پاڻ سنڌيت لاءِ ارپيو آهي. ڊائريڪٽر نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگويج باندره جو عهدو هجي يا وري گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊمي جي  وائيس چيئرمين جو عهدو يا کڻي سنڌي اڪيڊمي نئين دهليءَ جي سيڪريٽريءَ جو عهدو هجي، هن سنڌي ٻولي، جاتي، ساهت ۽ ڪلا جي خدمت ڪئي آهي. سندس لکيل ۽ هدايت ڏنل اسٽيج ڊرامن توڙي ٽيلي فلمن جو تعداد 100 کان وڌيڪ آهي. جن مان گهڻن ڊرامن هن پاڻ اداڪاري ڪئي آهي.
ايڊيٽوريلن ۾ سنڌيت جو درد:
هو هندستان ۾سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ ادب بابت هر وقت فڪرمند هوندو آهي. جنهن جو اندازو سندس لکڻين مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. هڪ ايڊِٽوريل ۾ هو لکي ٿو ته “وقت ثابت ڪيو آهي ته نئين ٽهي سنڌي ساهت، ڪلا ۽ تعليم کان ڪافي پري ڌڪجي وئي آهي. ان ڳالهه لاءِ جوابدار اسان جي بدليل ذهنيت آهي. اسين سنڌي سڏائڻ ۾ شرم محسوس ڪيون ٿا. اسان جي بزرگن ننڍي ٽهيءَ کي پنهنجي ڪلا جو ورثو، ورثي ۾ نه ڏنو آهي. اسين واپري بڻجندا پيا وڃون. سجاڳ ۽ ذهين طبقي ۾ ٺيڪيداري گهر ڪري ويئي آهي. نتيجي طور ڪنهن به کيتر ۾ نوان ڪلاڪار، ليکڪ، فنڪار  اُسريا ئي ڪونه آهن. پنهنجي محنت وسيلي ڪي ڳاڻ ڳڻيا ميدان ۾ گهڙيا به آهن ته اُنهن جي آمد آجيان لائق نه بڻي آهي. انهن اڳيان رڪاوٽون ئي آنديون ويون آهن. جيئن هو اڳتي وڌي، ڪٿي ٺيڪيدارن جي لاءِ خطرا نه پيدا ڪري ڇڏين.” 8
هو عملي طرح سنڌيت جو خادم آهي. هندستان ۾  جنهن به ڪنڊ ۾ خبر پويس ته ڪو سنڌين جو ڪو ڪاڄ پيو ٿئي ته سنڌيت جو هي محافظ رلهي ڪلهي ته رکندو ۽ ان پاسي هلي پوندو، دعوت آهي يا نه، اها ڳالهه وٽس ڪا معنيٰ نه ٿي رکي، هندستان ۾ هن وقت تائين جيڪي به سنڌي سميلن ٿيا آهن، انهن ۾ هڪيو تڪيو حاضر رهيو آهي. جيئن ته سنڌيت کيس ورثي ۾ مليل آهي. هن پنهنجي ابي امڙ کي سنڌ لاءِ ڳوڙها ڳاڙيندي ڏٺو هو ۽ هن ان درد کي پنهنجي لاءِ ڪڏهن به ڪمزوري نه بڻايو آهي.
                سنڌ وانگر هند ۾ به سنڌي اديب مختلف گروهن ۾ وراهيل آهن، پر هيءُ انهن ڪجهه عالمن ۾ شامل آهي، جيڪوي سڀني لاءِ قبولڻ جوڳا آهن. حسد جي بيماري سرحد پاران سنڌي اديبن ۾ به گهڻي آهي، پر هو صرف پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو ماڻهو آهي. اڄ به جيڪڏهن بمبئي يا دهلي ۾ ڪنهن سنڌي اڪيڊمي يا اداري جي خدمت لاءِ کيس سڏ ٿيندو آهي ته وٽائنس انڪار جو لفظ نه ايندو. پنهنجي ان خصلت جي ڪري هن جا دشمن به ٿوري عرصي ۾ سندس دوست بڻجيو وڃن. هو ڪل وقت سنڌيت جو سپاهي آهي.
ڊاڪٽر ارجن سڪايل، لکي ٿو ته “پوري گجرات ۾ اڄ ڪنهن هڪ شخص ڏانهن آڱر کڻي چوڻو پوي ته هيءُ آهي اسان جي سنڌيت جو علمبردار ۽ پنهنجي خون کي تيل بڻائي شمع کي روشن رکڻ وارو ۽ بزرگن کان واڳون وٺڻ وارو ۽ نوجوانن جي رهبري ڪرڻ وارو، عالم ۽ اديب ته ان شخص جو اسمي نالو ٿيندو ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي.” 9 
پهلاج مسافر ته اڃا به هٿ اڳتي وڌيل آهي، ڊاڪٽر ڄيٺي بابت سندس راءِ آهي ته “منهنجي ويچارن موجب هو صحيح معنيٰ ۾ سنڌي آهي. سنڌيءَ جي وصف مان هيئن ڪندو آهيان. س- معنيٰ سهڻو، صاف دل، سمجهو ۽ سڌير (نيڪ دل، نماڻو، سڀ جو ڀلو چاهيندڙ)، ن- معنيٰ نياز، نوڙت جي مجسم صورت، نهٺو، ڌ- معنيٰ ڌير جوان، دياوان ۽ ڌنڌي ۾ پر ٻيڻ، نفعي نقصان جي شناس رکندڙ، ي معنيٰ يار ويس. اهي سڀ ڳڻ اسان جي ڄيٺي لالواڻيءَ ۾ آهن. ان ڪري ئي مان چوندو آهيان ته هو پڪو سنڌي آهي.” 10
ٻاراڻو ادب:
                ادب ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم ٻارن لاءِ ادب تخليق ڪرڻ آهي. پر ڄيٺو ان شعبي ۾ به وڏي مهارت رکندڙ آهي. هن ٻارن لاءِ ڪهاڻيون، ناول ۽ ناٽڪ لکيا آهن. ٻارن لاءِ ڪهاڻين  ۾ هن سکيا سان گڏ وندر ورونهن جو به خيال رکيو آهي. ٻارن لاءِ وڌ کان وڌ ناٽڪ رچائيندڙن ۾ به ڄيٺو اڳڀرو رهيو آهي. اسڪول ۾ لائبريرين هوندي به هو، ناٽڪ سان جُڙيل رهيو ۽ اسڪول اندر ٻارن کي نه رڳو ناٽڪن لاءِ اتساهيندو رهيو، پر سڄي هندستان ۾ ڌار رياستن ۾ وڃي ٻارن جي ناٽڪن جا ملڪي سطح تي مقابلا به ڪرايا. اهڙيءَ ريت هن فنڪارن جو وڏو تعداد تيار ڪري ورتو.
                نوڪري، ناٽڪ، صحافت، ادب، سنڌيت جي سپاهيءَ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ وقت هو پنهنجي گهر ۽ ٻارن کان پري ته رهيو آهي، پر غافل نه رهيو آهي. سندس گهر سنڌيت جو عملو نموني آهي. احمد آباد ۾ سندس گهر ۾ هر وقت سنڌين جا ميلا متل رهندا آهن. سندس ذاتي لائبريري ۾ هزار جي لڳ ڀڳ نادر سنڌي ڪتاب آهن. سندس گهر ۾ ايندڙن ۾ نه رڳو سندس دوست پر دشمن به شامل هوندا آهن،
سندس گهر جيوتي لالواڻي سندس ان عادت تي بابت لکي ٿي ته “مون کي اُن وقت گهڻي ڪاوڙ ايندي آهي، جڏهن مسٽر لالواڻي پنهنجي دشمنن کي گهر ۾ ويهاري هن سان پريم ڀريو وهنوار ڪندا آهن. چاهيندي آهيان ته اهڙن ٻهروپي شخصن جي ڇنڇري لاهيان ۽ انهن کي گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيان پر هو (ڄيٺو( سدائين شانت رهڻ جو اشارو ڪندا آهن ۽  مان ناخوش رهي اُنهن جي مهمان نوازي ڪندي آهيان. سدائين چوندا آهن گهر آئي دشمن کي به عزت ڏجي.” 11
ايم. بي. بي. ايس پاس ڪري ڊاڪٽر ٿيڻ سندس دلي خواهش هئي، پر گهريلو پريشانين جي ڪري هو، نبض ڏسندڙ ڊاڪٽر ته نه ٿي سگهيو، پر اڳتي هلي هن سنڌي ادب ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري، هندستان ۾ نازڪ حالت ۾ رهندڙ سنڌي ٻولي ۽ وينٽيليٽر تي آخري هڏڪيون ڏيندڙ سنڌي ثقافت جو علاج ڪرڻ لاءِ وسان نه پيو گهٽائي، هاڻي کيس اهو ارمان نه رهيو آهي ته هو ايم. بي.بي. ايس پاس نه ڪري سگهيو. هند ۾ پويان پساهه کڻندڙ سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي علاج، واڌاري ۽ تحفظ لاءِ هو اڃا پنهنجي اننگ جاري رکيو ويٺو آهي، پر ٻي اننگ لاءِ هن پنهنجي نياڻيءَ کي به تيار ڪري ورتو آهي. جيڪا هن وقت سنڌي لوڪ ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهي آهي. ان کي چئبو آهي، سنڌيت جو سچو عاشق. هند ۾ سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ ادب کي اهڙي ئي جذبي جي ضرورت آهي.
گجرات ۾ سنڌيت جي علمبردار ڄيٺي لالواڻيءَ جو سفر  اڃا جاري آهي. هو  اڃا تائين ٿڪيون ناهي. عمر جي هن حصي ۾ به هن جو سنڌ سان ناتو جُڙيل آهي، تازو شاهه سائين جي عرس جي موقعي تي هو  ڀٽائيءَ جي عرس ۾ شرڪت ڪرڻ آيو هو.

حوالا:
1.     لالواڻي ڄيٺو ڊاڪٽر، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، جيون-فن- ڪاريه، اسٽيج پبليڪيشن 2001، ص. 141
2.     ساڳيو. ص. 28
3.     ساڳيو، ص. 145
4.     ٽماهي اسٽيج، جنوري-مارچ، 1996، ص. 1
5.     ٽماهي اسٽيج، سال پنجون، انڪ پهريون-ٻيون، ص-30
6.     ٽماهي (اسٽيج، سال 7، انڪ -1. ص. 1-2
7.     جيٽلي مرليڌر ڊاڪٽر، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، جيون-فن- ڪاريه، اسٽيج پبليڪيشن 2001، ص. 68
8.     ٽماهي اسٽيج (ايڊيٽوريل)، سال اٺون، انڪ پهريون- ص. 2
9.     سڪايل ارجن ڊاڪٽر، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، جيون فن- ڪاريه، اسٽيج  پبليڪيشن 2001، ص. 33
10.مسافر پهلاج، ساڳيو مٿيون ڪتاب. ص. 36
11.لالواڻي جيوتي، ساڳيو مٿيون ڪتاب. ص. 59







No comments:

Post a Comment

Razzaq Mahar: Realistic TV drama writer

سنڌي ٽيلي ناٽڪ ۾ حقيقت جا رنگ ڀريندڙ : رزاق مهر ڊاڪٽر قاسم راڄپر پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ “جياپو” جهڙو سماجي ۽ مقصدي ڊرامو لکڻ واري ...