Saturday, February 14, 2015

Dr. Qasim Rajpar: Sindhi Drama in Poetry of Shah Latif

شاهه جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ لکيل سنڌي ناٽڪ
محمد قاسم راڄپر
Abstract:
Shah Abdul Latif Bhittai (1689–1752) was a Sufi scholar and considered as one of the greatest poets of the Sindhi language. Shah Abdul Latif Bhittai was born in 1689 in Hala Haveli's village near Hyderabad, Pakistan. His most famous written work is the “Shah Jo Risalo”, which is a masterpiece of Sindhi Literature as well. The major themes of his poetry include Unity of Almighty, love for human, religious tolerance and humanistic values.
The women in Shah Abdul Latif’s poetry are known as the seven heroines (ست سورميون) of Sindhi folklore. They have been given the status of heroines in the Shah Jo Risalo. The Seven heroines respected throughout Sindh for their positive qualities: their honesty, integrity, piety and loyalty. They were also valued for their bravery and their willingness to risk their lives in the name of love.
In his monumental work, there are Chapters, known as Surs (Melodies) where Bhittai gives his Message of love, longing, patriotism, Communal harmony, tolerance, Divine Affection and devotion. These Seven Melodies and in fact the seven stages of Soul that find expression through his famous heroine. Scholars have observed that the succession of Sohni, Sassi, Leela, Moomal, Marui, Noori and Sorath (Seven Heroines) represent the Seven Stages of the Soul. Indeed, quite an apt allegory, and Bhittai’s specialty is that he doesn’t narrate complete stories but offers dramatic monologues highlighting the lessons to be learnt at each stage.
Many Sindhi dramatists write drama in the light of Shah Abdul Latif Bhittai’s poetry. Khanchand daryani was the first play writer who write “Moomal aen Mendhro” in 1922. After that, so many dramatists write drama in the perspective of poetry of Shah.

 ڊرامو انساني جذبن جي اظهار جو قديم ۽ مڃيل ذريعو آهي، جديد ڊرامي جي شروعات يونان کان ٿي. يونانين پنهنجي ورثي کي نه رڳو محفوظ ڪيو پر ان تي وڌيڪ تحقيق ۽ اڀياس ڪري دنيا کي نوان رستا ڏسيا. يونان ۾ ڊرامو ابتدائي صورت ۾ شاعراڻي اسلوب ۾ ملي ٿو، جنهن تي افلاطون پهريون ڀيرو تنقيد ڪئي. افلاطون شاعريءَ جا ٽي قسم (1) بيانيه شاعري (2) ڊرامائي شاعري (3) رزميه شاعري، ڄاڻايا آهن. ادب جي قديم تاريخن تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ڊرامي جي سڀ کان آڳاٽي وصف ارسطوءَکان ملي ٿي. جيڪا هن پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب بوطيقا (Poetics)  ۾ الميي (Tragedy) تي بحث ڪندي ٻڌائي آهي. هن الميي يا ڊرامي کي عمل جي نقالي   (Imitation of an action) سڏيو آهي.
عالمن جي راءِ آهي ته ڊرامو ارسطو ءَ ايجاد نه ڪيو هو، پر هن پنهنجي خيالن کي واضح ڪرڻ لاءِ مشهور يوناني ناٽڪ نويسن جهڙوڪ ‘سوفوڪليز’ وغيره جي تخليقن مان مثال پيش ڪيا. يونانين جو يقين هو ته الميو (Tragedy) ڊرامي جو سڀ کان اعليٰ قسم آهي. ارسطوءَ جي الميي واري وصف کي ئي ڊرامي جي وصف تسليم ڪيو ويو آهي،
شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جو مطالعو ڪجي ٿو ته ان ۾ اهي سموريون خوبيون ۽ عنصر نظر اچن ٿا، جيڪي ارسطوءَ الميي (ڊارمي) لاءِ لازمي قرار ڏنا آهن. شاهه جي تمثيلي شاعريءَ ۾ جڏهن شاهه جي سورمين ۽ سورمن، سسئي پنهون، سهڻي ميهار، ليلا چنيسر، مومل راڻو، عمر مارئي، نوري ڄام تماچي، سورٺ راءِ ڏياچ، مورڙو (سُر گهاتو) ۽ امام حسين (سُر ڪيڏارو) تي غور ڪجي ٿو ته انهن ۾ ارسطوءَ واري قديم ڊرامي جا مڙئي عنصر ملن ٿا، جيڪي هن بوطيقا Poetics)) ۾ ٻڌايا آهن. جيڪي هي آهن:
 (1) سٽاءُ (Plot)،  (2) ڪردار (Character)، (3) خيال (Thoughts)، (4) ڳالهائڻ جو انداز (Diction)،  (5) سنگيت (Melody )، (6) تماشو  (Spectacle ).
                شاهه جي شاعريءَ ۾ نه رڳو قديم پر جديد ڊرامي جا به سمورا عنصر ملن ٿا. شاهه جي تمثيلي شاعريءَ ۾ “پلاٽ، مرڪزي خيال، ڪردار ۽ سيرت نگاري، مڪالما، تسلسل ۽ ڪشمڪش، ٽڪراءٌ ۽ انجام” جو به پورو پورو خيال رکيل نظر اچي ٿو.  شاهه جي شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه اهي ڊرامائي  اهڃاڻ، اصول ۽ عنصر ڪٿان اوڌارا نه ورتا آهن، پر هن اهي اصول ۽ عنصر پاڻ تخليق ڪيا آهن. هونئن ته سنڌيءَ ۾ سنگيت ڊرامن جو باني مرزا قليچ بيگ کي سڏيو وڃي ٿو پر شاهه جي شاعريءَ ۾ سنگيت ڊرامي جي سمورين خوبين ۽ عنصرن کي سامهون رکيو وڃي ته نتيجو ڪجهه ٻيو هوندو، پر افسوس ته سنڌ ۾ ان حوالي سان تحقيق ۽ تنقيد بنهه گهٽ ٿي آهي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اسان وٽ اڃا تائين ڊرامو مذهبي اثر کان ٻاهر نڪري نه سگهيو آهي ۽ ڊرامي کي مذهبي بنياد تي معيوب سمجهي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي ان پاسي تي تحقيقي ڪم نه ٿو ڪيو وڃي.
                شاھھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ناٽڪ جي پهريون ڀيرو نشاندهي ڊاڪٽر هوتچندگربخشاڻيءَ ڪئي هئي. هن شيڪسپيئر جي ناٽڪن جي حوالي سان شاهه جي سورمين ۽ سورمن جي ڪردار نگاريءَ کي ناٽڪي ڪوٺيو آهي. هو لکي ٿو ته “شاهه جو نمونو به انگريزي شاعر شيڪسپيئر وانگي ناٽڪ جهڙو آهي. هي هڪ نئون نمونو آهي، جو سنڌ جي ڪنهن ٻئي شاعر استعمال ۾ نه آندو آهي. انهيءَ شعر  ۾ شاهه جي شعور جون ڪُل خوبيون نڪري نروار ٿين ٿيون”.[1]
                ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ ناٽڪ جي بنيادي عنصرن علامت نگاري، منظر ڪشي، گفتگوء، سيرت نگاري، خيال ۽ عبارت جو به تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. “گهڻن ئي عالمن ستن ئي سورمين جي سيرت نگاريءَ جي به اوک ڊوک ڪئي آهي. شاهه جي شعر ۾حقيقت ۽ طلسم جو جيڪو جوڙ آهي. اُهو ڏسندڙن جي دلچسپي شروع کان آخر تائين قائم رکي ٿو. ڪڇ ۾ شاهه جي مريد فقير تمر ناٽڪ طرز  ۾ شاهه جا شعر اُچاريندو هو، جو اڳتي هلي شاهه جي بيت، ناٽڪي انداز ۾ اُچارڻ ٻني ڪڇ ۾ پرمپرا (روايت) بڻجي وئي”. [2] 
ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي شاهه جي شاعريءَ جي ناٽڪي رخ جي نشاندهي ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهائڻ دوران پنهنجي تقريرن، مضمونن ۽ مقالن ۾ ڪئي هئي. جنهن کانپوءِ شاهه سائين جي شاعريءَ جي ڊرامائي روپ کي نظر ۾ رکندي شاعريءَ جي پس منظر ۾ سنڌي ناٽڪ لکڻ جي شروعات سنڌي ناٽڪ ۾ حقيقت نگاريءَ جي باني  خانچند درياڻيءَ 1922ع ۾ ڪئي. هن سُر مومل راڻي تي پهريون ناٽڪ “مومل مينڌرو” لکيو. جنهن جو بنياد شاهه سائين جي شاعريءَ تي هو. هن ناٽڪ کي حقيقي روپ ڏيڻ لاءِ هنڌ هنڌ تي شاهه ڀٽائيءَ جي شاعري ڪتب آندي. جنهن سندس ان ڪامياب تخليق کي وڌيڪ دلچسپ بڻايو. اهو ناٽڪ پهريان سنڌي ساهت سوسائٽيءَ شايع ڪرايو، جنهن کانپوءِ اهو ناٽڪ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي هدايتن هيٺ “ڊي جي سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچيءَ” پاران اسٽيج ڪيو ويو. ان ناٽڪ ۾ اداڪاري ڊي جي ڪاليج جي ساگردن ڪئي. ناٽڪ جي هدايتڪار پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ان ناٽڪ جو احوال ڏيندي لکي ٿو ته “ ان ۾ بيت ۽ ڏوهيڙا شاهه صاحب جا ڪم آندل هئا ۽ ڪردارن جي زباني اهي ٺهڪندڙ هئا. .. هن ۾ مومل جو ڪردار ڪاليج جي هڪ ڇوڪري  مڪند لالا ڏاڍي نفيسائي ۽ اُتساهه وچان ڪيو هو ۽ ڪافيون ۽ ڏوهيڙا ميٺاج ڀريا ڳايا هئا، راڻي جو پارٽ موتي جڳتياڻيءَ ڪيو هو”.[3]
ان ناٽڪ کانپوءِ لعل چند امر ڏني مل عمر مارئيءَ جي قصي تي “عمر مارئي” لوڪ ناٽڪ لکيو، جيڪو رابندر ناٿ ڊرئمٽيڪ ڪلب حيدرآباد پاران 1925ع ۾ اسٽيج ٿيو. اهو ناٽڪ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ساڳئي ناٽڪ منڊليءَ ور ور ڏئي ڏهه ٻارهن ڀيرا اسٽيج ڪيو هو. ساڳئي سال لعل چند امر ڏني ٻيو ناٽڪ “سهڻي ميهار” لکيو، پر اهو اسٽيج تي نه اچي سگهيو. جنهن کانپوءِ هن “سسئي پنهون” ناٽڪ ڊنگو مل سان گڏجي لکيو، پر اهو به اسٽيج نه ٿي سگهيو ۽ نه وري شايع ٿي سگهيو. 1932ع ۾ مزاحيه اداڪار منگل سنگهه رامچنداڻيءَ “سسئي پنهون” ناٽڪ لکيو هو. جيڪو “ينگ سٽيزنس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد” پاران اسٽيج تي آندو ويو. ان ۾ به شاهه جون ڪافيون ۽ وايون ڏنل هيون. ڊاڪٽر ليلا رام ڦيرواڻيءَ 1936ع ۾ “ليلا چنيسر” جي لوڪ داستان تي ناٽڪ “هڪڙي رات” جي نالي سان لکيو. هي ناٽڪ اسٽيج تي ڪونه آيو، پر ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. جنهن جو مهاڳ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ لکيو. 
شاهه جي شاعريءَ جي بنياد تي سنڌيءَ ۾ لوڪ ناٽڪ لکڻ جي پختي روايت سدا حيات پروفيسر رام پنجواڻيءَ وڌي. هن 1941ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي چوڻ تي ڪاليج جي غريب شاگردن جي مالي سهائتا لاءِ هڪ ناٽڪ “مومل راڻو” هڪ اندر لکي اسٽيج تي آندو. جنهن جون هدايتون ڪاليج جي استادن هيرانند ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ ڏنيون. هن ناٽڪ ۾ مومل جو ڪردار ڪاليج جي شاگردياڻي مئنا واسواڻيءَ ادا ڪيو هو، جنهن شاهه جا بيت ۽ وايون سُريلي آواز ۾ ڳايون. راڻي جو ڪردار ڪملا ڪرپلاڻيءَ مرداڻي انداز ۾ ڪيو. رُڪَ آڏواڻي سومل بڻي. رام پنجواڻيءَ شاهه جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ ٻيو ناٽڪ لوڪ داستان “عمر مارئي” تي “پکي ۽ پدمڻي” جي نالي سان لکيو. جيڪو 1943ع ۾ ڪاليج جي شاگردياڻين پنجواڻي صاحب جي “سنڌي سرڪل” جي پليٽ فارم تان سندس ئي هدايتڪاريءَ ۾ڪري ڏيکاريو.  جنهن ۾ عمر جو ڪردار مئنا، مارئي جو ڪردار ڪملا ٿڌاڻيءَ ادا ڪيو هو. هن ناٽڪ ۾ رام پنجواڻيءَ ڀڳت جي روپ ۾ ڀٽائيءَ جي شاعري موهيندڙ انداز ۾ ڳائي هئي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي هلچل تيز ٿيڻ سبب هن دؤر ۾ ناٽڪ سرجڻ گهٽجي ويا ۽ ورهاڱي کان اڳ 1946ع ۾ نانڪرام ڌرمداس لوڪ ناٽڪ “سهڻي ميهار” لکيو. جيڪو ماهوار “ڀارت جيون” حيدرآباد ۾ شايع ٿيو، ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾آخري لوڪ ناٽڪ “سسئي رُل مُئي” لعل چند امر ڏني مل 1946ع ۾ لکيو. جيڪو “مهراڻ مخزن” ڪراچيءَ ۾ شايع ٿيو. 
ورهاڱي سبب سنڌي ناٽڪ جي جُڙيل شاندار روايت پوئتي پئجي وئي، سنڌي ناٽڪ جا سرپرست، ليکڪ ۽ فنڪار گهڻي ڀاڱي هندو هئا، جيڪي لڏي هندستان هليا ويا. جنهن سبب سرحد جي ٻنهي پاسن کان سنڌي ناٽڪ ڪجهه سال ماٺ رهيو. پر چوندا آهن ته ناٽڪ ڪڏهن مرندو ناهي. هند ۾ سنڌي ناٽڪ کي ٻيهر جيئارڻ جي ڪوشش به لطيف جي نالي سان رام پنجواڻيءَ ڪئي. هن سنڌ ۾ شاهه جي ستن ئي سُورمين تي لکيل پنهنجا ناٽڪ پناهگير ڪئمپن ۾ آباد سنڌين کي هٿ جي ٺهيل اسٽيج تي ڪري ڏيکاريا. ايئن لطيف جي ڪلام وسيلي وندرائي هن سنڌين جي ڏکن جو بار هلڪو ڪيو. ورهاڱي کانپوءِ  ڀارت ۾سنڌي ناٽڪن جو پهريون مجموعو رام پنجواڻيءَ جو “سنڌ جون ست ڪهاڻيون” 1952ع ۾شايع ٿيو، جيڪو گهڻي ڀاڱي سنڌ ۾ ئي لکيو ويو هو. ان ۾ شاهه جي ستن ئي سورمين کي سندس ڪلام جي روشنيءَ ۾ڊراما ئي روپ ۾ اسٽيج تي پيش ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو. ساڳئي سال جئه هند ڪاليج سنڌي سرڪل، بمبئيءَ پاران اهي ست ئي سورميون اسٽيج تي به آيون. 1955ع ۾ موتي لعل جوتواڻي، نيم تاريخي قصي تي ٻڌل  ناٽڪ “ليلان چنيسر” لکيو، جيڪو  سنڌي نو جيون سڀا دهليءَ پاران اسٽيج تي آيو.
ورهاڱي دوران ان موضوع تي سنڌ ۾ مرزا گل حسن ڪربلائي “ماڳ جي محبت” لکيو. جيڪو لوڪ داستان “عمر مارئي” تي مشتمل هو. هن ناٽڪ ۾ شاهه سائين جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ مارئيءَ جي ملير ۽ مارن سان محبت جي اُپٽار ٿيل هئي. اهو ناٽڪ مهراڻ مخزن ڪراچيءَ ۾ 1947ع ۾ شايع ٿيو. جڏهن ته 1952ع ۾ ڪشنچند نيڀراج ڏيواڻيءَ جو لکيل ناٽڪ “سهڻي ميهار” چندن پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. 1955ع ۾ نور احمد نور  لوڪ ناٽڪ “سسئي پنهون” لکيو، جيڪو  اتحاد آرٽ ڪلب، حيدرآباد پاران منچ تي پيش ڪيو ويو. 1956ع ۾ غلام حيدر جو لکيل لوڪ ناٽڪ “مومل راڻو” ڪوهنور ڊرئميٽڪ ڪلب، حيدرآباد پاران پيش ڪيو ويو. سيد منظور نقوي سنڌي ريڊيو ڊرامن جي بانين مان آهي. هن شاهه سائين جي سورمي ليلا تي اسٽيج ناٽڪ “ليلا چنيسر” لکيو، جيڪو 1957ع ۾ مهراڻ آرٽس سرڪل، حيدرآباد پاران اسٽيج تي آندو ويو. “ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ جو لکيل منظوم ڊراما ‘مومل راڻو’ نئين زندگي سيپٽمبر 1957ع ۾ شايع ٿيو. آزاديءَ کانپوءِ هي پهريون ننڍو منظوم ڊراما آهي، جيڪو مثنويءَ جي صورت ۾ جوڙيل آهي”.[4] 
1958ع ۾ هلال پاڪستان، حيدرآباد (هاڻي ڪراچي)پاران ڊراما نمبر شايع ڪيو ويو. جنهن ۾ مختلف ناٽڪ نويسن جا 15 ناٽڪ شايع ڪيا ويا، ورهاڱي کانپوءِ ڪنهن به اخبار پاران شايع ٿيل اهو پهريون “ناٽڪ نمبر” هو. جنهن ۾ بشارت حسين انصاريءَ جو شاهه جي ڪلام جي پس منظر ۾ لکيل ناٽڪ “نوري ڄام تماچي” به شامل هو. 1960ع ۾ سراج الحق ميمڻ، شاهه جي سُر گهاتو جي پس منظر ۾ هڪ ناٽڪ “گهاتو گهر نه آيو” لکيو، جيڪو ٽماهي مهراڻ ۾ شايع ٿيو. اهو ناٽڪ بيحد مقبول ويو. شعبان بخت جو شمار ورهاڱي کانپوءِ وارن بنيادي سنڌي ناٽڪ نويسن ۾ ٿئي ٿو. هن کي لوڪ داستانن ۽ تاريخي ناٽڪ لکڻ جو وڏو ڏانءُ هو. هن 1961ع ۾ ٽي ناٽڪ “ور وطن ڄائي”، “سهڻي ميهار” ۽ “عمر مارئي” لکيا. انهن ٽنهي ناٽڪن جو بنياد به شاهه سائين جي ڪلاسيڪي شاعري هو. اهي ناٽڪ سنڌو ساڻيهه منڊل حيدرآباد پاران اسٽيج به ڪيا ويا.
سراج صاحب شاهه جي شاعريءَ کي بنياد بڻائي ٻيو ناٽڪ “پوڄا ڏٺم پير ڍڪڻ مٿي ڍول” 1963ع ۾ لکيو. جيڪو تاريخي داستان ليلا چنيسر  تي لکيل هو. اهو ناٽڪ ماهوار نئين زندگيءَ ۾ قسطوار شايع ٿيو. آغا سليم گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي، هو لطيف جو پارکو ۽ مترجم به آهي، پر سندس اصل سڃاڻپ ناول ۽ ناٽڪ نويسي آهي. هن شاهه سائين جي شاعريءَ کي نظر ۾ رکي “سورٺ راءِ ڏياچ” جي داستان تي استيج ناٽڪ “گل ڇنو گرنار جو” لکيو، جيڪو  1964ع ۾ پهريون ڀيرو گورنمينٽ ڪاليج ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد پاران اسٽيج ڪيو ويو، ان کانپوءِ به اهو ناٽڪ ڪيترائي ڀيرا اسٽيج تي ڏيکاريو ويو آهي ۽ اڄ تائين ڪامياب ترين ناٽڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، اهو ناٽڪ هندستان ۾ ڪيترين ئي ناٽڪ منڊلين ۾ جدا جدا شهرن ۾ ڏيکاريو ويو آهي. اهو ناٽڪ مختلف ادبي رسالن ۾ڪيترائي ڀيرا شايع ٿيو. هاڻي ويجهڙائي ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران آغا سليم جي ناٽڪن جي مجموعي “ڊراما” ۾ به اهو ناٽڪ شامل آهي. 
غالب لطيف سنڌ جو مڃيل ناٽڪ نويس ٿي گذريو آهي، هن نه رڳو ناٽڪ لکيا پر سڄي سنڌ خاص طور تي اترين ضلعن ۾ ناٽڪ اسٽيج به ڪيا. جن جو هدايتڪار هو پاڻ ۽ آغا سليم هوندا هئا. غالب لطيف شاهه سائين جي ڪلام کي ذهن ۾ رکي “سنگهارن جي سار” ناٽڪ لکيو. جيڪو ماهوار نئين زندگيءَ (جون 1965) ۾ شايع ٿيو. ان ناٽڪ ۾ مارئي جي جدوجهد ۽ سانگين لاءِ اُڪير کي موضوع بڻايو ويو هو. سنڌي ناٽڪ جي تاريخ لکڻ سان گڏ ناٽڪ نويسيءَ ۾ ڊاڪٽر يوسف پنهور جو به وڏو نالو آهي، جيڪڏهن ايئن چئجي ته پروفيسر منگها رام ملڪاڻيءَ کانپوءِ سنڌي ناٽڪ جي تاريخ لکڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪم ڊاڪٽر يوسف پنهور ڪيو آهي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. هن مختلف سماجي مسئلن تي گهڻا ناٽڪ لکيا ۽ اسٽيج تي آندا. شاهه سائين جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ هن جا لکيل ناٽڪ “عمر مارئي”، “ڪاڪ محل” ۽ “سسئي پنهون” 1967۽ 1968ع ۾ زرعي ڪاليج سنڌي ڊرئميٽڪ سوسائٽي، ٽنڊو ڄام پاران اسٽيج ڪيا ويا. هن جي ناٽڪن جو مجموعو “اسٽيج ڊراما” 1980ع ۾ زيب ادبي مرڪز حيدرآباد پاران شايع ٿيو، جنهن ۾ هن جا لکيل 10 ننڍا ناٽڪ شامل آهن. ان مجموعي ۾ اهي ٽئي ناٽڪ به شامل آهن.
عبدالڪريم بلوچ سنڌي ٽيلي ويزن ناٽڪ جو باني ۽ ابو ليکيو وڃي ٿو. هو ٽي وي کان اڳ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان واڳيل هو. هو نه رڳو بهترين براڊ ڪاسٽر ۽ پروڊيوسر هو پر کيس قدر ڊرامو لکڻ جي به ڏات ڏني هئي. هن اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ لاتعداد ناٽڪ لکيا. هن شاهه سائين جي سُر “سورٺ راءِ ڏياچ” جي پس منظر ۾  ناٽڪ “تند ڪٽارو ڪنڌ” لکيو. جيڪو ماهوار نئين زندگي (مئي 1968) ۾ شايع ٿيو.
سنڌ ۽ هند جي ناٽڪ نويسن شاهه جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ هر قسم جا ناٽڪ تخليق ڪيا آهن. ڊاڪٽر اياز قادريءَ تي شاهه سائين جي شاعريءَ کي سنگيت ڊراما جي انداز ۾ لکيو. سدا حيات پوپٽي هيرا ننداڻي شاهه جي ڪلام کي بنهه نئين انداز ۾ ناٽڪي روپ ڏنو. اهو نرتيه ناٽڪ (Ballet)  جو انداز هو. جنهن ۾ پوپٽيءَ جو ڪو ثاني نه هو. هن شاهه جي ڪلام جي پس منظر ۾ 1962 ع ۾ نرتيه ناٽڪ “راءِ ڏياچ ۽ سورٺ”، سنڌي ڀڳت “مومل راڻو” لوڪ سر بمبئيءَ پيش ڪيو. “مومل راڻو” ڀڳت ٽماهي “اسٽيج” مخزن، جنوري _مارچ 1998ع ۾ شايع ٿي. ان ۾ به هن شاهه جو ڪلام ڪتب آندو آهي. پوپٽيءَ جي هڪ ٻيو نرتيه ناٽڪ “سهڻي ميهار” به نه رڳو بمبئي توڻي ٻين شهرن ۾ اسٽيج تي آيو پر شايع به ٿيو. “ ارجن حاسد، لطيف جي سورمي مارئي تي نرتيه ناٽڪ “عمر مارئي” لکيو. جيڪو 26 جون 1983ع ۾ احمد آباد ۾ غير سنڌين جي هڪ ناٽڪ منڊليءَ پاران پيش ڪيو ويو. ان ناٽڪ جو هدايتڪار چمن تپودن به سنڌي نه هو. هي سنڌي لوڪ سنگيت ناٽڪ جو هڪ ڪلاسيڪل تجربو هو. اهو ناٽڪ اسٽيج مخزن ۾ به شايع ٿيو”. [5]
سنڌ هند جي برک اديب لڇمڻ ڀاٽيا ‘ڪومل’ 1967ع ۾ “سُر سورٺ” ۽ 1969ع ۾ “سُر سامونڊي” تي مشتمل ٻه ناٽڪ لکيا، جڏهن ته هن ٽيون ناٽڪ “مومل راڻو” 1969ع ۾ لکيو. جيڪي سنڌو ڪلا ڪيندر دهليءَ پاران رنگ منچ تي به آندا ويا. جڏهن ته اهي ڪيترائي ڀيرا شايع به ٿيا. اهي ٽئي سنگيت ناٽڪ به شاهه سائين جي ڪلام کي ذهن ۾ رکي لکيا ويا.
گورڌن ڀارتي هند جو مڃيل شاعر ۽ ناٽڪ نويس آهي. هن به شاهه سائين جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ ڪيترائي ناٽڪ لکيا، جن ۾ مومل راڻي جي لوڪ داستان تي مشتمل “رات رُسي ويو راڻو”، لوڪ ڪهاڻي سهڻي ميهار تي “آءُ ڪنن ۾ ڪاهي” ۽ عمر مارئي جي قصي کي بنياد بڻائي هن شاهه سائين جي سُر جي روشنيءَ ۾ “ڪوٽن ۾ قرار” لکيو. اهي ناٽڪ پڻ 1968ع ڌاري لکيا ويا. جيڪي سنڌي ڪلچرل سوسائٽي دهليءَ پاران منچ تي آيا.
نثار حسينيءَ جو شمار سنڌ جي انهن ٿورن ناٽڪ نويسن ۽ هدايتڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن ڪلاسيڪل انداز ۾ تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانن جي موضوع تي ناٽڪ لکيا ۽ اسٽيج ڪيا. هن جو ناٽڪ “ڪاڪ ڪڙهي وڻ ٻريا” مومل راڻي داستان تي لکيل آهي. ٻيو ناٽڪ “ڏات جي لات” هن نوري ڄام تماچيءَ جي تاريخي قصي تي لکيو. اهي ٻئي ناٽڪ 1972ع ۾ پرڀات آرٽ سرڪل، حيدرآباد پاران اسٽيج ڪيا ويا.
1973ع ۾ رام ٻيلاڻي خمار ٻه سنگيت ناٽڪ “راءِ ڏياچ” ۽ “مومل راڻو” لکيا. جيڪي جوتي ڪلا مندر بمبئيءَ پاران رنگ منچ تي آيا. 1975ع ۾ هوندراج دکايل جو لوڪ ڪهاڻيءَ جي بنياد “عمر مارئي” ناٽڪ لکيو. جيڪو سنڌو ڪلا مندر گانڌي ڌام اديپور  پاران اسٽيج ڪيو ويو. شاهه جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ هندستان ۾ ناٽڪ نه رڳو گهڻي ۾ لکيا ويا پر گهڻي ڀاڱي اسٽيج به ڪيا ويا.اهو سلسو اُتي اڄ به جاري آهي. مٿي ذڪر ڪيل ناٽڪن کانسواءِ به اڻ ڳڻيا سنڌي لوڪ ناٽڪ، شاهه سائين جي شاعريءَ واري پلاٽ کي نظر ۾ رکي لکيا ويا آهن، گهڻن ناٽڪن جو مرڪزي خيال ڀٽائي جي شاعري ۽ فلسفو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ گهٽ ناٽڪ لکيا ۽ اسٽيج ڪيا ويا.
سنڌ ۽ هند ۾ ريڊيو لاءِ شاهه جي شاعريءَ روشنيءَ ۾ ناٽڪن جو پلاٽ جوڙي بي شمار ناٽڪ لکيا ويا، جيڪي سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ تان نشر ڪيا ويا. جيڪي پروڊيوسر شيخ ابراهيم ۽ جهانگير قريشيءَ پيش ڪيا. مٿي جن ناٽڪن جو ذڪر ڪيو ويو آهي اهي گهڻي ڀاڱي شاهه سائين جي ستن سورمين تي لکيل آهن. سيد ماڪن شاهه رضوي سنڌ جو پهريون ناٽڪ نويس آهي، جنهن شاهه جي سورمن تي ست ريڊيو ناٽڪ لکيا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان 1985ع ۾ اهي ناٽڪ “رتيءَ جي رهاڻ” جي سري هيٺ نصير مراز پيش ڪيا. انهن مان ڪو به ناٽڪ هن وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي لائبريريءَ ۾موجود ناهي. انهن ناٽڪن جي پروڊيوسر ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي تاريخ لکندڙ هاڻوڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر نصير مرزا موجب “ اهي ناٽڪ اڻ ملهه سرمايو هئا، جيڪي اسان جي لائبريريءَ ۾ موجود ناهن. گهڻي ڳولا جي باوجود هٿ نه ٿا اچن، اها ته پڪ آهي ته اهي اڃا تائين ڪنهن هٿ محفوظ ضرور آهن، پر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ملڪيت هئڻ جي باوجود اسان وٽ نه هئڻ تي بيحد ڏک آهي”. [6]
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي لائبريريءَ ۾ اهڙن ڊرامن مان فقط هڪ ڊرامو ارشاد قمر شهباز جو لکيل “سورٺ راءِ ڏياچ” محفوظ ٿيل آهي. جنهن جو پيشڪار خواجه امداد هيو. هو ڊرامو به شروعاتي ڏهاڙن جو رڪارڊ ڪيل آهي، جنهن ۾ غزالا رفيق، قمر شهباز، نور محمد لاشاري، گل بانو، اي آر بلوچ، ۾محبوب عالم ۽ ٻين صداڪار طور حصو ورتو.
2014ع ۾ ماڻڪ جو ڪتاب “ماڻڪ جي بريف ڪيس مان” شايع ٿيو آهي. جنهن ۾ هن جو شاهه سائين جي “سُر گهاتو” جي پس منظر ۾ لکيل ڊرامائي فيچر “تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهڙا” شامل آهي. هن اهو ڊرامائي فيچر 1981ع ۾ لکيو هو، جيڪو تڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر به ٿيو هو. هي پنهنجي نوعيت منفرد ڊرامائي فيچر آهي. اهڙي قسم جا فيچر سيد ماڪن شاهه رضوي “شاهه جا پکي” ۽ “شاهه جا پورهيت” جي عنوان سان لکي چڪو آهي. جيڪي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيا.
هندستان ۾ جئپور آڪاش واڻيءَ  تان گورڌن ڀارتيءَ جا شاهه جي ستن سورمين تي لکيل ناٽڪ پيش ٿي چڪا آهن، جن کي هند ۾ بيحد ساراهيو ويو، انهن ناٽڪن جو هدايتڪار موهن مرچنداڻي هو. هنن ناٽڪن سنڌي ريڊيو ناٽڪن کي هڪ نئون روپ ڏنو. احمد اباد آڪاش واڻيءَ تان ڊاڪٽر لکمي چند پريم، جا لکيل ناٽڪ “ليلا چنيسر” ۽ “مومل راڻو” نشر ڪيا ويا.
هند ۾ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي اهو محقق ۽ ناٽڪ نويس آهي، جنهن نه رڳو هر قسم جا سنڌي ناٽڪ لکيا آهن، پر سنڌي ناٽڪ تي سڀ کان وڌيڪ تحقيقي ڪتاب ۽ مقالا هن جا ئي لکيل آهن. شاهه جي شاعري نئين نسل تائين پهچائڻ لاءِ ڄيٺي هڪ نئون تجربو ڪيو. هن “عمر مارئي” داستان تي شاهه سائين جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ پپيٽ ناٽڪ “عمر مارئي” لکيو. “جيڪو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پپيٽ ماهرن مهيپت ڪوي ۽ ليلا ڪويءَ پيش ڪيو. هند سنڌ ۾ اها پهرين وڻندڙ ۽ لاجواب ڪوشش رهي. هڪ ڪلاڪ جي ان پپيٽ ناٽڪ جي ڊي وي ڊي هند توڙي ٻين ملڪن ۾ ڪافي مقبول آهي، جنهن ۾ نرتيه انداز ۾ سنگيت به شامل ڪيو ويو آهي”.[7]   
سڌ سماءُ جي جديد ذريعن ۾ ٽيلي ويزن سڀ کان وڌيڪ تيز ۽ اثرائتو ذريعو آهي ۽ ڊرامو ٽيلي ويزن تي سڀ کان وڌيڪ ڏٺو وڃي ٿو. سنڌي ٽيلي ناٽڪ نويسيءَ جي باني شمشير الحيدريءَ، شاهه جي ستن سورمين کي ڊرامائي روپ ڏيڻ جو خيال 1986ع ۾ پيش ڪيو. تڏهوڪي جنرل مئنيجر عبد الڪريم بلوچ ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽر ممتاز مرزا جي دلچسپيءَ سبب “لطيفي لات” جي عنوان سان شاهه جي ستن سورمين تي ناٽڪ لکي پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پهريون ناٽڪ تاريخي عشقيه داستان مومل راڻي تي “ڪاڪ محل” جي نالي سان شمشير الحيدريءَ لکيو. 12 قسطن تي مشتمل ان ڊراما سيريل جو پروڊيوسر محمد بخش سميجو هو. شمشير الحيدريءَ ان کان اڳ اردو ڊرامن جي سيريز ۾ ٻه ناٽڪ “مومل راڻو” ۽ “سورٺ راءِ ڏياچ” لکي چڪو هو. پر سندس لکيل ڊراما سيريل “ڪاڪ محل” کي بيحد ساراهيو ويو. ڪاڪ محل بعد ۾ سنگم پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران شايع ڪيو ويو. سيد ماڪن شاهه رضوي شاهه سائين جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ جيڪي ريڊيو ناٽڪ لکيا هئا، اهي ساڳيا هن 2004ع ڌاري پاڪستان ٽيلي ويزن کي به لکي ڏنا پر اهي رڪارڊ نه ڪيا ويا.
هندستان ۾ دور درشن بمبئي تان ڪان موتيهار جو لکيل “سهڻي ميهار” ۽ دور درشن احمد آباد تان لکمي چند جو لکيل “مومل راڻو” پيش ٿي چڪا آهن. هندستان ۾ ڪجهه ٻيا لوڪ ناٽڪ به دور درشن تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن. شاهه سائين جي شخصيت ۽ شاعريءَ جي حوالي سان هندستان ۾ سڀ کان اهم ڪم منوهر بيدي ۽ جڳديش لڇاڻيءَ جو لکيل ٽي وي ناٽڪ “نيڻين نِنڊَ حَرام” آهي. اهو ناٽڪ ويڻا پبليڪيشن الهاس نگر پاران 1993ع ۾ شايع ڪيو ويو. هي ناٽڪ اڃا تائين ٽيليڪاسٽ نه ٿي سگهيو آهي. هن وڊيو ناٽڪ جي مهاڳ شاهه جي شارح پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ لکيو آهي. هو لکي ٿو ته “هي ناٽڪ شاهه ڀٽائيءَ جي زندگي ۽ سندس سير و سياحت جي نسبت ۾ آهي ۽ ان کي مطالعي ڪرڻ مان پروڙجي ٿو ته هنن نه رڳو خود رسالي جو اڀياس ڪيو آهي، پر رسالي ۽ شاهه جي سوانح عمريءَ تي به عالمانه ادب بخوبي پڙهيو اٿن ۽ موزون هنڌ تي شاهه صاحب جي ڪلام مان اثر انگيز مثال پيش ڪيا اٿن”. [8]
شاهه سائين جي شاعري هر دؤر ۾ هر عمر جي ماڻهن لاءِ آهي. ان جي پيغام کي ڦهلائڻ لاءِ ٽيلي ويزن ناٽڪ بهترين وسيلو بڻجي سگهن ٿا. تنهن ڪري شاهه سائين جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ گهڻي کان گهڻا ڊراما لکرائي نشر ڪيا وڃن، جيئن دنيا جي هن عظيم شاعر جو فڪر ۽ فلسفو گهڻن ماڻهن تائين پهچي سگهي. ان سلسلي ۾ پي ٽي وي يا ڪو ٻيو ٽي وي چئنل منوهر بيدي ۽ جڳديش لڇاڻيءَ واري اسڪرپٽ کي فوري طور تي ڊرامي جو عملي روپ ڏئي.




حوالا:
1.      گربخشاڻي ھوتچند مولچند ڊاڪٽر،  شاهه جو رسالو ، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2012: ص. 61
2.      لالواڻي ڄيٺو، سنڌي ناٽڪ پرمپرا، اسٽيج پبليڪيشن ڪٻير نگر احمد آباد. 2012ع: ص. 8_7
3.      ملڪاڻي منگها رام پروفيسر، سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 2007: ص. 158
4.      بلوچ غلام رسول، سنگيت ڊراما: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، مئي 1988ع: ص. 103
5.      لالواڻي ڄيٺو، سنڌي ناٽڪ پرمپرا، اسٽيج پبليڪيشن ڪٻير نگر احمد آباد. 2012ع: ص. 9
6.      ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽرنصير مرزا جي مقالي نگار سان 16 آڪٽوبر 2014ع تي ٿيل ڳالهه ٻولهه.
7.      لالواڻي ڄيٺو، سنڌي ناٽڪ پرمپرا، اسٽيج پبليڪيشن ڪٻير نگر احمد آباد. 2012ع: ص. 10
8.      آڏواڻي ڪلياڻ پروفيسر (مهاڳ)، نيڻين نِنڊَ حرام (منوهر بيدي_جڳديش لڇاڻي)، ويڻا پبليڪيشن الهاس نگر: 1993: ص. ٻ

 هي مقالو شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي تحقيقي جرنل ”ڪلاچي“ جي ڊسمبر 2015 جي شماري ۾ شايع ٿيو. 




No comments:

Post a Comment

Razzaq Mahar: Realistic TV drama writer

سنڌي ٽيلي ناٽڪ ۾ حقيقت جا رنگ ڀريندڙ : رزاق مهر ڊاڪٽر قاسم راڄپر پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ “جياپو” جهڙو سماجي ۽ مقصدي ڊرامو لکڻ واري ...