Friday, February 13, 2015

Dr. Qasim Rajpar: History Sindhi Folk Drama

سنڌي لوڪ ناٽڪن جو تاريخي جائزو
محمد قاسم راڄپر
Abstract
Folk drama is noncommercial, generally rural theater and pageantry based on folk traditions and local history. This form of drama, common throughout the world, declined in popularity in the West with the advent of printing, general literacy, and the increasing emphasis on the individual contribution to the drama of playwright, director, and actors. Folk drama is still played in some south Asian countries. 
Sindhi Folklore is the folk tradition which has developed in Sindh over a number of centuries. Sindh abounds with folklore, in all forms and colors. There were so many traditional Sindhi folk dramas through the century’s i.e. Sang, Manazra, Das aen bbayan, hero, ram lela, ras lela, bhgat, chownki etc. After the development of new ways of communication and entertainment the traditional Sindhi drama is rare in rural areas of Sindh.
سنڌي ناٽڪ جي شروعات جي سلسلي ۾ اسان وٽ ٻه رايا آهن، هڪ اهو ته سنڌ ۾ ناٽڪي فن اوائلي دؤر کان موجود آهي، جنهن جي شروعات موهن جي دڙي کان ٿي. ٻي راءِ هيءَ آهي ته سنڌ ۾ ناٽڪ جو فن هندستان وسيلي آيو ۽ ان جو بڻ بڻياد يوناني ۽ سنسڪرت ڊرامو آهي. عام راءِ اها آهي ته سنڌ جو لوڪ ادب ئي سنڌي ناٽڪ جي شروعاتي شڪل آهي ۽ سنڌ جي قديم تاريخي، توڙي نيم تاريخي قصن کي سنڌ جي ڀٽن، چارڻن ، منگتن ۽ مڱڻهارن، ڳهيرن ۽ ڳالهيرن ڳائي وڄائي، ٻڌائي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ڪيو آهي. آڳاٽي دور ۾ لوڪ ادب جا اهي سفير هڪ قسم جا گشتي ڪتب خانا هئا، جن پنهنجي ڏاهپ کي نسل در نسل منتقل ڪيو.
 سنڌي ۾ مظاهراتي فن جون شروعاتي صورتون ته اسان کي موهن جي دڙي مان مليون آهن، پر اهڙي خوشحال تهذيب ۽ ثقافت پنهنجي موت پاڻ مري وئي يا ٻاهران آيل ڪنهن حملي آور ان کي تباهه ۽ برباد ڪيو؟ موهن جي دڙي جي مڪمل کوٽائي نه ٿيڻ ۽ اتان لڌل سنڌو لکت (Indus Script)  نه پڙهجي سگهڻ ڪري  ان دڙي ۾ دفن ٿيل سنڌ جي اوائلي تهذيب ۽ ثقافت مڪمل طور تي دنيا آڏو پڌري نه ٿي سگهي آهي.
سياسي حوالي سان ڏٺو وڃي ته “برطانيا ننڍي کنڊ کي ٻن مذهبي گروهن ۾ ورهايو ۽ هندستان ۽ پاڪستان نالي ٻه جدا ملڪ قائم ڪيا، جن مان هڪ هندن ۽ ٻيو مسلمانن واسطي هو. هن ورهاڱي جو نتيجو اهو ٿيو جو سنڌو سڀيتا جي کوٽائين ۽ کوجنائن جي رفتار ڏاڍي سست ٿي وئي. اسلامي ملڪ کي ’سنڌو سڀيتا‘ جي انهن ماڳن جي کوٽائين ۽ کوجنائن سان ڪوبه جذباتي لاڙو موجود ڪونه هو، جيڪي سندس حدن اندر سنڌوءَ جي علائقي ۾ موجد هئا. ان جو اڪيلو ڪارڻ اهو هو ته اهڙين کوٽائين ۽ کوجنائن وسيلي ننڍي کنڊ جي ثقافتي اصليت نڪري نروار ٿيڻ واري هئي، جيڪا ديوين ۽ ديوتائن جي شڪل ۾ هئي”.[1]
سنڌ کي ڪڏهن تهذيب ته ڪڏهن ثقافت جو هندورو سڏيو ويو آهي ته ڪڏهن وري ان کي مذهبن جي ماءُ سڏيو ويو آهي، جنهن ماءُ سمورن مذهبن کي جنم ڏنو هجي، اها ثقافتي طور ڪيتري خوشحال هوندي! اهو سمجهڻ ڏکيو ناهي. “هيءَ اها جنت هئي جت ڪو بک نه مرندو هو، جتي انسان جي ذهن تان ڏک ۽ ڳڻتي ميسارڻ لاءِ ناچ، سنگيت، نقاشي، بت تراشي ۽ ماکيءَ مان ٺهيل مڌ موجود هئا،......جنهن ۾ مذهب جي نالي تي تنگدلي ۽ خونريزي وڏي ۾ وڏو گناهه هو، .... اها هئي موهن جي دڙي جي سنڌ ، سميري، سامي، بابلي ۽ مصري اُن سنڌ جي نالي جي مالا جپيندا هئا، ان سنڌ ۾ پنهنجي تمدن کي شاهوڪار ڪرڻ لاءِ اديبن ۽ فنڪارن جي مرحبا ٿيندي هئي”.[2]
جيڪڏهن اسان عربن جي ڪاهه کان اڳ ۽ پوءِ واري سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت تي نظر ڊوڙائينداسين ته سنڌ انهن ٻنهي حوالن سان تمام گهڻي خوشحال نظر اچي ٿي ۽ شايد اهوئي سبب هو جو عربن سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪاهون ڪيون ۽ نيٺ کين محمد بن قاسم جي قيادت ۾ فتح حاصل ٿي. سنڌ ۾ لطيف فن جا آڳاٽا نمونا اسان کي موهن جي دڙي جي کوٽائي مان ته ملن ٿا پر محققن جو خيال آهي ته مصر ۽ سمير جي تهذيب تي به سنڌو ماٿريءَ جو واضح اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سنڌ ۾ فن ۽ هنر کي هميشه اهميت حاصل رهي آهي، جتي اسان کي موهن جي دڙي مان عمارت سازي، سنگتراشي ۽ راند روند جا اوائلي اهڃاڻ ملن ٿا. تمدن جو اهو سلسلو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سنڌ ۾ قائم رهيو آهي.
“ اهو هو فنون لطيفه جو دؤر جيڪو هزارها ورهيه قائم رهيو ۽ ان وچ ۾ ڪيترائي ڌاريا ڪاهون ڪري آيا، يوناني، ايراني، سٿيا وغيره، پر اهو فني ماحول ختم نه ٿيو،پر جڏهن عرب فاتح ٿي (سنڌ ۾) داخل ٿيا، تڏهن هنن ٺاهڻ بدران ڊاهڻ شروع ڪيو، اُن ۾ عربن جو ڪو ڏوهه ڪونه هو، هو ته پنهنجي اُن وقت جي تمدني سطح کان مجبور هئا.” [3]
عرب مذهبي بنيادن سبب بت تراشيءَ کي ڏوهه سمجهندا هئا، تنهن ڪري انهن سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ بت پرستي، سنگتراشي ۽ ٻين اهڙن فنن کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ اهڙيءَ ريت موهن جي دڙي ۾ جنهن لطيف فن خاص طور تي ناچ، مصوري، چٽسالي ۽ بت تراشيءَ جنم ورتو هو، ان کي سنڌ ۾ مذهب جي بنياد تي حرام قرار ڏئي هميشه لاءِ ختم ڪيو ويو. “جهڙو حال تاتارين بغداد سان ڪيو، سڪندر ايرانين سان ڪيو، اهڙو حال عربن ايران ۽ سنڌ سان ڪيو، پر هت رڳو اها حقيقت ظاهر ڪرڻي هئي ته فنون لطيفه کي ختم ڪرڻ ۾ عربن گهڻي ۾ گهڻي ڪوشش ڪئي، ۽ اهو هنن پنهنجي اوائلي زماني ۾ مذهبي فرض ٿي سمجهيو ۽ هر حملي آوار قوم ائين ڪيو آهي.”[4]
اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته جنهن قوم جي ٻولي ايتري شاهوڪار هجي، جنهن وٽ پنهجي شاندار تهذيب، تمدن ، ثقافتي ورثو ۽ لوڪ ڏاهپ هجي، ان وٽ پنهنجو ناٽڪ نه هجي ۽ ٻين ڏيهي يا پرڏيهي ٻولين وسيلي آيو هجي. “ڪلاسيڪي سنسڪرت واري دور ۾ جيڪي ناٽڪ لکيا ويا، انهن  مان پتو پوي ٿو ته ان وقت جي ادب ۾ جيتوڻيڪ سنسڪرت ئي ادبي ذريعو رهي، پر انهن ساڳين ناٽڪن ۾ سنسڪرت سان گڏ پراڪرتن جا ڪيترائي جملا ڪي ڪردار ڳالهائين ٿا،......اهو ته ڌارين جي حملن، سندن تباهه ڪارين ۽ علم ادب جا ڪتاب ساڙي برباد ڪري ڇڏيا، نه ته اڄ سنڌيءَ لاءِ جيڪي مفروضا قائم ڪيا ويا آهن، انهن جي ڪا ضرورت نه رهي ها. ائين ته نه ٿو ٿي سگهي ته هندستان جي باقي پراڪرتن ۾ علم، ادب، ناٽڪ، گرامر، لغتون، ويندي جنسيات تي ڪتاب چوٿين صدي ق.م کان 12 صدي عيسوي تائين ملن ٿا ۽ صرف سنڌ اهڙو علائقو هو، جنهن ۾ ان قسم جو ڪو علم ادب مورڳو پيدا ڪونه ٿيو.”[5]
نثر جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ سڄي دنيا ۾ “ڊرامي” جي صنف تي وڌيڪ طبع آزمائي ڪئي وئي آهي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته دنيا جي هر قوم ۾ ڊرامي جي روايت موجود آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته هر ملڪ يا علائقي جو ناٽڪ يا ڊرامو ٻين کان ٿورو يا گهڻو مختلف ضرور آهي.
سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جي تاريخ تي منگها رام ملڪاڻي بنيادي ڪم ڪيو آهي، سندس ڪم کي سنڌ ۾ ڊاڪٽر يوسف پنهور۽ ڊاڪٽر غلام رسول بلوچ ۽ هند ۾ ڊاڪٽر پريم پرڪاش ۽ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ اڳتي وڌايو آهي. مٿين محققن جي راءِ گهڻي ڀاڱي ساڳي آهي ته سنڌ ۾ جديد ڊرامو 19 صديءَ ۾ آيو، پر سنڌ ۾ تفريح لاءِ ڌار ڌارصنفون موجود رهيون آهن، جيڪي ڊرامو ته ناهن پر ان سان ملندڙ جُلندڙ آهن. ناٽڪ جي قدامت بابت تحقيق وقت سنڌي ٻوليءَ سان ان جي ڳانڍاپي جو خيال نه رکيو ويو آهي. ٻولي ۽ ساهت پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن، ساهت جو دارومدار ٻوليءَ تي ۽ ٻوليءَ جو دارو مدار لوڪن تي آهي.
جيئن سنڌي ٻوليءَ جي قدامت بابت مختلف نظريا آهن، تيئن سنڌي ناٽڪ جي بڻ بڻياد بابت به مختلف رايا آهن. سنڌي ٻولي سنسڪرت ڄائي آهي، واري نظرئي جا حامي محقق سنڌي ناٽڪ جو بڻ بڻياد سنسڪرتي ناٽڪن کي قرار ڏين ٿا، پر ان جي ابتڙ هڪ ٻي راءِ به آهي ته “سنڌ ۾ ناٽڪي فن موهن جي دڙي واري دور جو آهي”، جنهن لاءِ سڀ کان وڏي ثابتي ناچڻيءَ جو مجسمو

                        ڊاڪٽر غلام قادر سومري ان سلسلي ۾ لکيو آهي ته : “ محققن جي راءِ آهي ته سڀ کان اول ڊرامو قديم برصغير هند و پاڪ ۾ تيار ٿيو، جنهن جا اهڃاڻ اسان کي موهن جي دڙي جي 5 هزار سال قديم تهذيب جي کوٽيل نشانين مان هڪ ‘ ناچڻيءَ ‘ جي پتلي لڌي آهي، جنهن مان انومان ملي ٿو ته راڳ ۽ ناچ جي مدد سان ڊرامي تي اوائلي تجربا ڪيا ويا”.  [6]
‘ناٽڪ’   جي لغوي معنيٰ
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊرامي لاءِ قديم دؤر کان ‘ ناٽڪ’  لفظ استعمال ٿيندو رهيوآهي. جنهن جي معنيٰ بلڪل جديد ڊرامي واري آهي. بلڪل ائين چئجي ته ‘ ناٽڪ’ لفظ ۾ قديم سنڌي ڊرامي ۽ ان سان لاڳاپيل اصطلاحن جو مفهوم به اچي وڃي ٿو.               ‘ ناٽڪ’ جديد ڊرامي جي ڀيٽ ۾، وڏي تاريخ ۽ تشريح رکي ٿو. سنڌ جي مڃيل محققن لفظ ‘ ناٽڪ’   جي تشريح هن ريت ڪئي آهي.
ڊاڪٽر عبد الڪريم سنديلي جي لغت موجب سنڌي ٻوليءَ ۾ ناٽڪ لفظ ‘ نٽ’ پراڪرت وسيلي  ۽  ‘ ناٽيه’  سنسڪرت وسيلي آيو، نٽ (سنسڪرت) جو مطلب نچڻ آهي، پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته موهن جي دڙي جا ماڻهو جنهن نرتڪيءَ جو نرت ڏسندا هئا، اهي ان نرت کي ڪنهن نالي سان ضرور سڏيندا هوندا. ان جو جواب ان ڪري به نه ملي سگهيو آهي، جو موهن جي دڙي جي لکت اڃا تائين پڙهي ئي نه وئي آهي. جيڪڏهن موهن جي دڙي جي لکت پڙهجي وڃي ها ته اسان کي پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت بابت کوڙ سوالن جا جواب ملي وڃن ها. ’ نٽ‘ يا ’ ناٽيه‘ جي سنسڪرت ۽ پراڪرت هئڻ سان اهو نه ٿو چئي سگهجي ته سنڌ ۾ اهو فن سنسڪرت ۽ پراڪرت وسيلي آيو. جديد تحقيق مطابق سنڌي ٻولي سنسڪرت کان به قديم آهي. جنهن جا حوالا اسان کي سر گريرسن، سراج الحق ميمڻ، ايڪ ڪي ڪنائر ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڪتابن ۾ ملن ٿا.
                        جڏهن لوڪ ناٽڪ  ۽ ‘مظاهراتي فن جي قدامت تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته اسان کي سنڌ ۾ ڏس ۽ بيان، مناظرا، سانگ، ناٽڪي لوڪ گيت، پتلي تماشو، رام ليلائون، راس ليلائون، ڀڳت، چؤنڪي، مسخري ۽ هٿ ناٽ جي فن بابت ڪيترائي مثال ملن ٿا. اهڙيءَ ريت سنڌي ناٽڪ ڪلا وقت سان گڏ ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪري وقت جي گهرجن کي پورو ڪندي جديد دؤر ۾ داخل ٿي چڪي آهي. اڄ جي سنڌي جديد ڊرامي جون پاڙون ڪنهن نه ڪنهن ريت سنڌ جي قديم‘ لوڪ ناٽڪن’  ۾ کتل نظر اچن ٿيون، سنڌ جي لوڪ ناٽڪن جا اصول ۽ ضابطا ڀلي لکيل نه آهن، پر اهي هڪ پيڙهيءَ ٻي پيڙهيءَ تائين منتقل ڪيا آهن. اهي لوڪ ناٽڪ ئي موجوده رنگ منچ جو بنياد آهن. انهن جو دائرو ڪافي وسيع آهي. “هي منچ بنا ڪنهن ڏيکاوَ، ٺاٺ باٺ جي کليل آسمان هيٺان هوندا آهن، لوڪ ناٽڪ لکت ۾ نه پر زباني هوندا آهن. انهن ۾ اداڪاريءَ کان وڌيڪ گفتگو جي اهميت هوندي آهي. ...... لوڪ ناٽڪ بدلجندڙ حالتن ۽ وقت جي تقاضا موجب پنهنجو روپ بدلائيندا رهن ٿا .” [7]
دنيا جي سمورين قومن جي ڪلاسيڪي ادب جو بنياد سندن لوڪ ادب ئي رهيو آهي. سنڌ جي لوڪ ادب ۽ لوڪ ثقافت جو تاڃي پيٽو سنڌ جي قديم تاريخ ۾ نظر ايندو. سنڌ ۾ جڏهن وندر جو ڪوبه وسيلو ڪونه هوندو هو تڏهن ملهه راند، ڪٻٽي،گوءِ، ٻيلاڙي، ونجهه وٽي، پکين ۽ جانورن وچ ۾ مختلف مقابلا ڪرائڻ ئي وندر جا مکيه وسيلا هئا. جڏهن ته لوڪ ناٽڪن جا مختلف فن به سنڌ جي ماڻهن کي وندرائڻ لاءِ موجود هئا. انهن مان ڪجهه مکيه لوڪ ناٽڪن جو مختصر جائزو هتي پيش ڪجي ٿو. 
مناظرا
سنڌ جي لوڪ ادب جي هڪ نهايت اهم صنف  ’مناظرا‘ به آهي، جنهن کي ٻن ڌرين وچ ۾ دليلن سان شاعراڻو يا سگهڙائو جهيڙو به سڏيو ويندو آهي، ڪن مناظرن ۾ وري ٻن مقابلي وارين ڌرين کانسواءِ امين يا فيصلو ڪندڙ جو به ڪردرا پيش ڪيو ويندو آهي، مناظري جي فني ترتيب به ناٽڪ جهڙي آهي، جيڪڏهن مناظري کي سنڌ جو قديم ڊرامو سڏجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، سنڌي مناظرو منظوم ڊرامي جو ابتدائي نمونو آهي، سانگ وانگر مناظرن ۾ عام زندگيءَ تي تنقيد هوندي آهي، پر ان سان گڏوگڏ طنز ۽ مزاح جو به خاص خيال رکيو ويندو آهي. اڪثر مناظرا ٻن ڌرين جي وچ ۾ زباني جهيڙا هوندا آهن، جيئن ته خير شاهه جو چيل ‘ٽوپي ۽ پڳ جو جهيڙو’ مشهور آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته “ مناظرا، عام سنڌي شاعريءَ جو نج ۽ نادر نمونو آهن. جنهن ۾ اڪثر سنڌ جي ڳوٺاڻن شاعرن پنهنجي ٻهراڙيءَ جي عام زبان ۾، عام فهم موضوعن کي ورجايو آهي، ۽ پنهنجي روزمرهه جي مشاهدن کي بيان ڪيو آهي. کل ۽ خوش طبعي مناظرن جي جان آهن. ٻن ڌُرين جي وچ ۾ مناظرو آهي ته شاعر ٻنهي جي جيتري آهي تيتري بيان ڪري ٿو، ۽ جيڪي کيس ڀرجي اچي ٿو سو چئي ڏئي ٿو.” [8]
سنڌي شاعرن پنهنجن مناظرن’ ۾ جن ۾ ٻن ڌرين کي منهن مقابل ڪرايو آهي، سي زندگيءَ جي هر ڀاڱي سان واسطو رکن ٿيون؛ خواهه اهي جاندار يا بيجان آهن، يا محض حقائق ۽ نظريا آهن، مگر انهن مڙني کي عام زندگيءَ جي عملي توڙي ذهني وارداتن ۾ وڏو دخل آهي. ڪي مدمقابل ڌريون اهڙيون آهن، جي هڪٻئي جون مخالف يا ضد آهن، ۽ انهن جي وچ ۾ مباحثو هڪ فطري امر آهي؛ ڪن ڌرين کي زندگيءَ جا حالات ۽ حادثا منهن مقابل ڪرائين ٿا ته ڪي ڌريون وري شاعرن محض مزي ۽ ظرافت خاطر پاڻ ۾ اٽڪايون آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مناظرن بابت وڌيڪ لکي ٿوته : “ مناظرن جو سٽاءُ ساڳي سانگ واري، يعني ڊرامائي آهي، ڪي مناظرا ڄڻ سانگ آهن، جن ۾ ٻه ڪردار هڪ ٻئي سان مخاطب ٿين ٿا ۽ آخر ۾ ٽيون ڪردار داخل ٿئي ٿو، مناظرا عام سنڌي شاعريءَ جو نج ۽ نادر نمونو آهن. کل ۽ خوش طبعي مناظرن جي جان آهي.[9]
بلوچ صاحب جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي، ڊاڪٽر غلام قادر سومرو لکي ٿو ته: “سنڌي آڳاٽي لوڪ شاعريءَ ۾ مناظرو اهم صنف آهي، مناظرن ۾ اسان کي طنز ۽ مزاح، هجوَ ۽ هزل جو مواد ملي ٿو[10]
ڏس ۽ بيان
‘ ڏس’ ۽ ‘بيان’ سنڌي مظاهراتي فن جي قديم شڪل آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته “ ڏس ۽ بيان واريون ڪافيون، ڳالهين کڻڻ ۽ قصن جي ڳائڻ جي فن جيئن ترقي ڪئي ته سڄاڻ قصه خوانن، ڳالهه کڻندي، قصو بيان ڪندي، ٿوري ٿوري وقفي کانپوءِ هڪ ٻه ڪافيون ڳايون، انهيءَ لاءِ ته محفل مچي ۽ ڪافين جي ڳائڻ کانپوءِ کين ڪجهه وقت ساهي ملي. جيئن ته اهي ڪافيون، قصي يا ڳالهه جي بيان واري محفل جو هڪ باب بنيون، انهيءَ ڪري ڪن هنرمند قصي کڻندڙن انهن ڪافين جي ڳائڻ ۾ پڻ ’ بيان‘ ۽ ’ ڏس‘ جي ڪاريگريءَ کي شامل ڪيو. سونو خان لغاري پهريون هنر مند شاعر ۽ قصه خوان هو، جنهن قصي جي خاص خاص ٽاڻن ۽ اهڃاڻن مطابق ڪافيون جوڙيون.” [11]        
سانگ
 سنڌ ۾ سانگ رچائڻ جي روايت قديم آهي، سانگ جي لفظي معنيٰ ‘ نقل’ آهي، سانگ به سنڌ جي لوڪ ناٽڪ جو هڪ پراڻو قسم آهي. جنهن ۾ سانگ ڪرڻ وارا اهي صورتون ٺاهي ايندا هئا، جهڙو ڪردار انهن کي ڪرڻو هوندو هو، هو ڪردار آهر ڳالهائيندا به هئا، ڪي ڪردار هلڪڙا ته ڪي وري چڱن مڙسن وارا ادا ڪندا هئا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب جي ڪتاب ’مناظرا‘ جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته :
“سانگ سنڌ جو ڊرامو آهي، جنهن جي شروعات آڳاٽي وقت کان ٿي، مڱڻهار، ڀٽ، شيدي، ۽ ٻيا خاص حرفتي ۽ هنرمند گروهه، شادين ۽ محفلن ۾ سانگ وجهندا هئا، جنهن  ۾ مختلف ڪردارن جا روپ اختيار ڪري، واقعي يا سماجي منظر جي جيئري جاڳندي تصوير پيش ڪندا هئا، هنرمند عورتون وري عورتن جي مجلس ۾ سانگ وجهنديون هيون، اڃا تائين ڪن جاين تي اهي سانگ رچايا وڃن ٿا.” [12]
سانگ جو فن سنڌ جي هندن توڙي مسلمانن ۾ هڪ جيترو مقبول رهيو آهي، سنڌي هندو پنهنجي مذهبي ڏڻن سان گڏوگڏ پنهنجي شادين مرادين تي به ’سانگ‘  جون محفلون منعقد ڪرائيندا هئا، ساڳئيءَ ريت سنڌي مسلمانن جي ڪاڄن ۾ سانگ جون محفلون مچنديون هيون، سنڌ ۾ ناٽڪي فن جي اوائلي صورتن مان هڪ آهي، جيڪا تفريح جا ٻيا وسيلا ميسر هئڻ سبب هاڻي پوينن پساهن ۾ آهي پر تنهن هوندي به سنڌ جي ڪجهه حصن ۾ ٿيندڙ شادين مرادين ۾ ‘سانگ’ رچائڻ جو سلسلو اڄ تائين جاري آهي، ان فن ۾ مردن کان وڌيڪ عورتون ماهر آهن، ٻيو ته ڪاڄن جي موقعن تي ٻاهر ڇنن ۾ راڳ ۽ ناچ هئڻ سبب هي فن گهرن اندر عورتن ۾ وڌيڪ مقبول آهي، ان ۾ مڱڻهار عورتون ڀڙُ آهن. لنگهياڻيون (مڱڻهار عورتون) ۽ شيدياڻيون مختلف ڪردار ڌاري زناڻين محفلن ۾ تفريح پيدا ڪنديون آهن. ان موقعي تي اهي قدرتي فنڪار عورتون ننڍن ننڍن ٽوٽڪن سان گڏ لوڪ گيت به ڳائينديون آهن.
 “ڪاڄن ۾ مينديءَ رات، جڏهن گهوٽيتيون ڪنواريتن ۾ ميندي کڻي وينديون هيون ته انهيءَ موقعي تي شيدياڻيون مايون لاڏن سان گڏ سانگ به رچائينيون هيون. سانگ سنڌي سماج ۾ ناٽڪ جي بنهه جهوني روايت آهي، جنهن ۾ چار پنج مايون، مختلف ويس ڌاري ‘هيرن’ ۽ ٻين ٻولن سان کل ڀوڳ جو سامان پيدا ڪنديون هيون.ان ويل گهڻو ڪري گهوٽ ماءُ سندن جملن جي حملن جو شڪار ٿيندي هئي. ڏاڍيون ڏکيون ڳالهيون کل ڀوڳ ۾ چئجي وينديون هيون پر مجال آهي جو ڪنهن جي پيشانيءَ تي گهنج پئي. سڀ هڪٻئي جي خوشيءَ ۾ سرهيون، نه دانهن نه ميار، نه ڏاج نه ڏيپ جي گهر، نه اجائي ڇڪ ڇڪان.” [13]
پُتلي تماشو
 سنڌ  ۾ ‘پُتلي تماشو’ کيڏڻ جو رواج آڳاٽي زماني کان وٺي رهيو آهي،  جنهن آثار اسان کي موهن جي دڙي مان به ملن ٿا. پُتليون در اصل اهڙيون مورتون آهن، جن کي ڌاڳي ۽ هٿ جي آڱرين جي مدد سان اهڙيون طريقي سان چوريو ويندو آهي، جو اهي ڪنهن انسان يا ٻئي جاندار جو نقل پيش ڪنديون آهن. ان سلسلي ۾ شيخ عزيز، غلام حيدر صديقيءَ جي ڪتاب ‘ ننڊي کنڊ ۾ ڊرامي جي تاريخ’ ۾ لکيو آهي ته :
“هڪ ڳالهه پُتلين جي تماشي جي به آهي، جنهن جو وجود اسان کي ٻه صديون قبل مسيح ۾ ملي ٿو، ممڪن آهي ته اهو سلسلو گهڻو اڳ جو هجي، جنهن جا ثبوت موهن جي دڙي ۽ هڙاپا واري تهذيب مان لڌل ٺڪريءَ جا جڙيل ٻارن جا رانديڪا آهن.” [14]
پُتلين وسيلي هر قسم جا قصا پيش ڪيا ويندا آهن. اهو کيل اڄ به خاص طور تي ٻارن ۾ گهڻو مقبول آهي ۽ ڪيترائي ادارا ٻارن ۾ تعليم جي جاڳرتا لاءِ رابطي جو اهو ذريعو استعمال ڪن ٿا. اهو فن هاڻي  گهر گهر ٽي وي ۽ ٻين تفريحي ذريعن جي ڪري ختم ٿي رهيو آهي. اردوءَ ۾ ته اڄ به پُتلي تماشا پيش ٿي رهيا آهن، جنهن ۾ خاص طور تي ‘ انڪل سرگم’ جا پتلي تماشا تمام گهڻا مقبول ٿيا آهن، ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ اهو فن اڄ به عروج تي آهي، اتي ان فن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ‘ لوڪ ورثه’ ۽ ٻيا ادارا موجود آهن. هاڻي اسٽيج سان گڏ ٽي وي تي به پُتلي تماشو ٿئي ٿو.
تماشو
ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي پنهنجي ڪتاب ‘ ناٽڪ ڪلا جو وڪاس’ ۾ تماشي ۽ پتلين جي ناچ کي ڌار ڌار فن ڄاڻايو آهي. تماشي بابت هو لکي ٿو ته “جيئن اڄ مهاراشٽر پرانت (علائقي)۾ تماشو بيحد لوڪ پريه (مقبول) آهي. تيئن سنڌ ۾ به ‘تماشو’ ٿيندو هو، مسلمان اميرن جي شادين جي موقعن تي ڳائڻيون اچي ڳائينديون نچنديون هيون، جنهن کي ‘تماشو‘ سڏيو ويندو هو. جيوڻي سنڌ جي لوڪ پريه گائڪا هوندي هئي، جيڪا ناچ به ڪندي هئي ۽ ڳائيندي به هئي. تماشي ۾ وايون، ڪافيون وغيره ڳايون وينديون هيون، هند جي سنڌين ۾جيتوڻيڪ تماشو موجود ڪونهي، پر اڄ ڪلهه امير سنڌي شادين يا ٻين شُڀ موقعن تي  ’سنگيت محفل‘ ضرور مچائيندا آهن.” [15]
سنڌي ٻهراڙين ۾ شادين مرادين ۾ اڄ به ‘تماشو’ ٿئي ٿو. البت وقت سان گڏ ان ۾ تبديلي ضرور آئي آهي. امير توڙي غريب ان سلسلي ۾ وت ۽ وس آهر خرچ ڪري خوشين کي ٻيڻو ڪن ٿا، سنڌ جي اتر ۽ اولهه وارن علائقن ۾ خاص طور تي ڇوڪرن جو ناچ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جڏهن ته امير گهراڻا اڄ به ناچڻيون گهرائين ٿا.
مسخري
 کل ڀوڳ يا مسخريءَ جو فن سنڌ ۾ آڳاٽو آهي، سنڌ ۾ مسخرن کي به هڪ اهم مقام حاصل آهي. جيڪي اسڪرپٽ، اسٽيج ۽ هدايتن کانسواءِ جنهن فن جو مظاهرو صدين کان ڪري رهيا آهن، اهو ته ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو ته سنڌ ۾ ناٽڪ جو فن فقط ڌرمي مقصدن لاءِ استعمال نه ٿيو آهي، پر اهو نج تفريحي به آهي، ان فن وسيلي صرف ڌرمي پرچار نه ڪئي وئي آهي پر ان سان لوڪن کي وندرايو به ويو آهي. هي فن مختلف صورتون اختيار ڪري اڄ به سنڌ جي اوطاقن، ڪچهرين ۽ ڪاڄن جو اهم حصو بڻيل آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اوطاقون ثقافت جو مرڪز ليکيون وڃن ٿيون، پر کرن جون ڪچهريون به وڌيڪ پر لطف ۽ رس واريون ٿينديون هيون،   جڏهن هاري ڳاهه ڳاهي ، ڳاهيل کري ۾کريل يا وائريل اَن کي ڪنهن امڪاني نقصان کان بچائڻ لاءِ ديرن تي ئي وقت گذريندا هئا ته ديرن تي جيڪي محفلون مچنديون هيون ته انهن کي ٻڌڻ لاءِ شوقينن جا ميڙ مچندا هئا، اهڙن ڪچهرين ۾ ڳائڻ وڄائڻ سان گڏ مسخري جي فن جو به مظاهرو ٿيندو هو، ان لاءِ نه ڪا اسٽيج سجائبي هئي نه ڪو اسڪرپٽ هوندو هو، روايتي طور هر فن جا ماهر اهي ڳوٺاڻا ڪردار پرهه ڦٽيءَ تائين پيا محفلون وندرائيندا هئا. اهي مسخرا سنڌ ۾ مزاحيه فن جا سرجڻهار رهيا آهن، جيڪي صدين کان ڪاڄن توڙي خوشيءَ ٻين موقعن تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا رهيا آهن. ان حوالي سان مشهور محقق ڊاڪٽر غلام قادر سومرو لکي ٿو ته “ سنڌ ۾ مسخرن کي هڪ خاص مقام حاصل رهيو آهي، کلڻ کلائڻ جي فن جا هي ماهر سنڌ ۾ ٿيندڙ وهانءُ وڌائڻ ۽ شادي مراديءَ جي موقعن تي پنهنجي زبان درازي يا سوانگ وسيلي مهمانن کي کلائي کلائي ساڻو ڪري وجهندا آهن.” [16]
سنڌ ۾ مزاحيه فن جي قدامت بابت ڊاڪٽر غلام قادر سومرو لکي ٿو ته : “ سنڌ ۾ مسخرن جو رواج قديم آهي، اڳئين زماني ۾ بادشاهه، راڄ ڌڻي، امير ۽ راجا حڪومت جي ڪاروبار جي ٻوجهه کي هلڪو ڪرڻ پاڻ وٽ زبان دراز، بڪ بڪيا، ظريف، ٽڻڪ قسم جا ماڻهو، چرچائي، حاضر جواب ۽ مسخرا رکندا هئا. جنهن ڪري سنڌ ۾ مسخري جي فن ڪمال هاصل ڪيو، تحفته الڪرام مان پتو پوي ٿو ته عربن جي وقت کل مسخري جو رواج موجود هو.” [17]
سنڌ ڄائي مغل بادشاهه اڪبر جا نوَ رتن تمام گهڻا مشهور آهن، جيڪي نه رڳو محفل جا مور پر سندس خاص صلاحڪار به هئا، انهن مان ٽن جو واسطو سنڌ سان هو. “ اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ جيڪي نورتن هئا انهن مان گهڻن جو تعلق سنڌ سان هيو، بيربل، ملا دوپيازو ۽ تانسين جو تعلق سنڌ جي فتح باغ ‘ سيوهڻ’ علائقي سان هو.” [18]
 جڏهن ته ان سلسلي ۾ نورو مسخرو، محمد فقير مسخرو به وڏا ڪردار رهيا آهن. اڱڻ مسخرو، ڀليڏنو مسخرو، قادو شيدي ماتليءَ وارو، خميسو مسخرو، عبدو مسخرو، شهمير شر، ٻڍو مير بحر (هالا)، عرض محمد راڄپر، قادر بخش مڱڻهار عرف قادو مڱڻهار جهرڪن وارو، قاضي الله ورايو، حاجي الله رکيو ۽ يار محمد (ٽنڊو قيصر)، سروٽو فقير راڻي پور وارو، آچر مسخرو (پڊعيدن وارو)، نٿو ڪهيري، اسماعيل شيدي (ماتليءَ وارو)، فيض محمد نطاماڻي ٽنڊو قيصر، محمد خان مسخرو، ٻيڙي فقير، آرو شيدي ۽ مسخرا پنهنجي ڏات سان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماڻهن کي وندرائيندا رهيا آهن.
                                                                  آڳاٽي زماني ۾ ‘وتايو فقير’ سنڌ جو اهڙو ڪردار رهي چڪو آهي. جنهن جا گفتا سنڌ ۾ اڄ به مشهور آهن، سندس ڳالهين ۾ گهرائي هوندي هئي، هو فقراه طبيعت هئڻ جي باوجود فلسفيانه ڳالهيون ڪندو هو،  درويش وتائي فقير جهڙا ڪردار ننڍي کنڊ ۾ ورلي ملن ٿا، هن جي گفتن جي شروعات ته 18 صديءَ ۾ ٿي پر انهن گفتن ۾ سمايل سچ ۽ حق جي ڳالهه کيس سدائين لاءِ سنڌ جي درويشن ۽ الله لوڪن جي قطار ۾ آڻي بيهاريو آهي، سندس چرچي ۽ چريائپ ۾ به وڏي معنيٰ هئي. سندس ڳالهين تي خلق بي اختيار کلندي هئي، هو پنهنجي دؤر جو وڏو نفسياتي ماهر هو، جيڪو ماڻهن جي نبض ڏسڻ کانسواءِ پنهنجي گفتن وسيلي سندن علاج ڪندو هو. سنڌ جي معروف ڏاهي سراج الحق ميمڻ وتائي فقير کي ساراهيندي لکي ٿو ته : “وتايو، اسان جي اجتماعي ۽ عوامي ڏاهپ جو اهڃاڻ آهي، جيڪو سلسليوار پنجن هزارن سالن تائين اسان کي جيئڻ جي سگهه ۽ جيئري رهي سگهڻ جو ڏانءُ سيکاريندو رهندو. ان جو صاف سڌو سبب اهو آهي ته وتائي اسان کي پاڻ تي کلڻ، ڪوڙ ۽ دولاپ کي ننگو اگهاڙو ڪري ان تي کلڻ ۽ سچا ٽهڪ ڏيڻ جي ترغيب ڏني آهي.”  [19]
ڀَڳت
 سانگ، مناظرن، مسخري، ڏس ۽ بيان سان گڏ ‘ڀَڳت’ کي به سنڌ ۾ ناٽڪ جو آڳاٽو نمونو چئي سگهجي ٿو. ڀَڳت ڪرڻ  وارا مرد هوندا هئا، سندن پيرن ۾ ڇير به ٻڌل هوندي هئي، جنهن جي ڇم ڇم سان محفل جو مزو ٻيڻو ٿي ويندو هو. ڀَڳت جيئن ته نج هندو مظاهراتي فن جو قسم آهي، تنهن ڪري ان جي شروعات ۾ ڀڳتي گيت ڳايو ويندو هو، جنهن کان پوءِ ڪنهن سَنت يا صوفي شاعر جو ڪلام مٺڙي آواز ۾ ڳاتو ويندو هو، ڳائڻ سان گڏ ڀڳت جهمر به هڻندا هئا. سنڌ جي ان قديم روايت بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته: “ ڀَڳت ڳائڻ سان گڏ نچندا به هئا، نچڻ وقت ڀڳت (وجهڻ) واري پڙ ۾ اڳتي پٺتي هلندا به رهندا هئا،  سندن ڪهاڻيءَ جو بياني انداز به موسيقيءَ جي لئي ۾ هوندو هو، جيئن جيئن ڪهاڻي ارتقائي منزلون طئي ڪندي ويندي هئي، تيئن تيئن ڀڳت ڪردارن جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني به ڪندا ويندا هئا.” [20]
آڳاٽي زماني ۾ ڀَڳت هندن جون ڌرمي ڪهاڻيون پيش ڪرڻ جو هڪ ذريعو هو. ڀَڳت گهڻو ڪري جيڪو ڪلام ڳائيندا هئا، اهو به ڌرمي رنگ جو هوندو هو. پر اڳتي هلي ان ۾ نه رڳو هندو مذهبي ڪٿائون پيش ٿيڻ لڳيون پر مسلمان جي بزرگن جي چڱين ڳالهين جو ذڪر به ٿيڻ لڳو. ڀَڳت وجهڻ دوران سنڌ جي رومانوي لوڪ داستانن جا قصا به سُر ۽ لئي ۾ نچندي ٻڌايا ويندا هئا. سنڌ صدين کان مذهبي طور روادار رهي آهي تنهن ڪري ڀڳت وجهڻ وارين محفلن ۾ هندن سان گڏ مسلمان به هوندا هئا، اهو مثال شايد ئي دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ملي سگهي. ان قديم سنڌي فن بابت سنڌ جو مشهور اديب لوڪ رام ڏوڏيجا لکي ٿو ته “ڀَڳت هڪ نج سنڌي موسيقي فن آهي، جنهن جهڙو مزيدرا راڳ ۽ ناچ جو ڍنگ روءِ زمين تي نه ملندو، سنڌڙيءَ جي پيارن، سادن، سودن غريبن لاءِ، جن جي زندگي ڏکن، ڏاکڙن سان ڀريل هئي، اهو ئي هڪ خوشي ۽ وندر جو وسيلو هو.”  [21]
اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾‘مظاهراتي فن’ جي قدامت ۽ وسعت جي جڏهن ڳالهه ڪجي ٿي ته ان جو هر پاسو منفرد محسوس ٿئي ٿو، نه فقط ننڍي کنڊ پر پري پري تائين ان فن جهڙو فن نظر نه ٿو اچي. ڀَڳت جي تاڃي ڀيٽي بابت لوڪ رام ڏوڏيجا، پنهنجي آتم ڪهاڻي ‘منهنجو وطن منهنجا ماڻهو’ ۾ لکي ٿو ته “ ڀَڳت جي تاڃي پيٽي ۾ ڏوهيڙن، بيتن، ڪافين ۽ قصن ذريعي جيڪا اُڻاوت ڪئي وڃي ٿي، اهو ئي سنڌي فن جو اعليٰ نمونو آهي. سدوريءَ سنڌڙيءَ جي اعليٰ تهذيب جو اهو نرالو رنگ ۽ ڍنگ ايامن کان سنڌين جي دلين کي باغ بهار ڪندو رهي ٿو.” [22]
ڀَڳت ۾ ڪا ڪهاڻي، ڪو منظر، ڏي سوال، وٺ جواب جي صورت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، سنڌ ۾ اها روايت آڳاٽي آهي ته گهڻا ڀڳت، ڀڳت وجهڻ کان اڳ شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام مان ‘سر ڪلياڻ’ پراٿنا (دعا) واري انداز ۾ پيش ڪندا هئا، ڀڳت ۾ راڳ سان گڏ مڪالما به هوندا آهن. سنڌي ناٽڪ جي اوسر جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر پريم پرڪاش سنڌ جي ڀَڳت ۽ قديم يوناني ڊرامي جي حوالي سان لکيو آهي ته : ”ڀَڳت کي ڊراما جي ابتدائي صورت سڏي سگهجي ٿو. البت ڀَڳت ۽  قديم يوناني ڊرامي ۾ ڪجهه قدر هڪ جهڙائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر ائين اتفاقيه ٿيو آهي، نه ته ٻنهي جي ترتيب يا ساخت هڪ ٻئي کان مختلف آهي. ٻنهي قسمن جي تماشن ۾ کليو ميدان منتخب ڪيو ويندو آهي.” [23]
سنڌ ۾ ڀڳت هندو مسلم ايڪتا جو بهترين مثال رهيا آهن. ڀڳت ڪهاڻي اهڙي انداز سان کڻندا آهن جو ٻڌندڙ محسوس ڪندو ته سندس آڏو ڪي منظر اچي وڃي رهيا آهن. سنڌ ۾ ڀڳت نارو تمام مشهور ڀڳت رهيو آهي. هن شاهه جي ڪلامن کي عوام تائين منفرد انداز ۾ پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.“ ڀڳت ناروءَ جاڳايل مورا تمام لوڪ پريه هئا پر هو پنهنجي جوڙيدار ٽيڪوءَ سان گڏ ڪويل ڏيپچند ۽ سورٺ داستان پرجوش ۾ کڻندو هو. ... صوڀو ڀڳت پنهنجو مٽ پاڻ هو. ڀڳت گوئند وڏو  ۽ ان کانسواءِ جاڙا رام ڀڳت، پرسو ڀڳت، ستو ڀڳت، موٽڻ ڀڳت، ٽهليو ڀڳت، ڀڳت تيرٿ گر، ڀڳت ليلا رام وغيره سنڌ جا ناميارا ڀڳت هئا، .... شمن گڏي اسلامي ۽ هندو واڻيءَ جو ماهر هوندو هو. راڌي ڀڳتياڻي پڻ ڀڳت وجهندي هئي. پيسو مهتازي پڻ افسانه پيش ڪرڻ ۾ ماهر هوندو هو. ڀڳت صرف هندو سنڌين جو ورثو ڪونهي، پر اهو گڏيل هندو مسلم ڀڳتن جو ورثو آهي. الله ڏنو نوناري ۽ خيرو ميراثي مسلمان ڀڳتن به ڪافي شهرت حاصل ڪئي.” [24]
جن ڀَڳتن پنهنجي سُر ذريعي امن، ڀائيچاري، هندو مسلم اتحاد، پنهجائپ، غريبن جي خدمت ۽ انسان دوستيءَ جو درس ڏئي سڄي سنڌ ۾ ناماچاري پيدا ڪئي، انهن جو سر مور امر شهيد ڪنور ڀَڳت ڪنور رام، انگريزن جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ سنڌ ۾ ٿورو نفاق جو ٻج ڇٽيو پئي ويو ته هو تڏهن سنڌ ۾ هندو مسلم ايڪتا جو اهڃاڻ هو ۽ کيس فقط ان سبب جي ڪري ئي شهيد ڪيو ويو. هو اڄ به ڀڳت جي سڃاڻپ بڻيل آهي. هن مذهب، رنگ، نسل، ذات پات کان هٽي ڪري سنڌ جي ماڻهن خاص طور غريبن جي خدمت ڪئي.
چؤنڪي
                ڀَڳت جي ڀيٽ ۾ چؤنڪي اڄ به هندتوڙي سنڌ جي هندو سنڌين ۾ مقبول آهي. چؤنڪي ڪندڙ صندل مٿان ٺهيل اسٽيج تي ويهي ڳائيندو آهي، چؤنڪيءَ ۾ قصو کڻبو آهي. سنڌ ۾ ماستر چندر چؤنڪي ڪندڙن ۾ ٻين کان اڳتي رهيو آهي. جڏهن ته سدا حيات پروفيسر رام پنجواڻي به پنهنجو مٽ پاڻ هو. ورهاڱي کانپوءِ رام پنجواڻي جتي مظاهراتي فن جي ٻين وسيلن کي استعمال ڪري هند ۾ سنڌيت جي جوت جلائي اتي هن چؤنڪي واري مورچي جو به بهترين استعمال ڪيو. ديپڪ آشا به پاڻ مڃايو. جڏهن ته ڀڳونتي ناواڻي، ڪملا ڪيسواڻي ۽ ڪلا هزاريءَ به هن فن ۾ مشهوري ماڻي. چؤنڪي جي حوالي سان ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ پنهنجي ڪتاب ‘ ناٽڪ ڪلا  جو وڪاس’ ۾ لکيو آهي ته “ چؤنڪيءَ جو زور پڪڙڻ جو هڪ ٻيو ڪارڻ پڻ آهي، جو ڀڳت جي لوڪ پريته گهٽجي رهي آهي.” [25]
رام ليلا ۽ راس ليلا
سنڌ ۾ عربن جي آمد کان اڳ ۽ پوءِ به ‘رام ليلا ’ ۽ ‘راس ليلا ’ جو رواج عام رهيو آهي، سنڌ جي هندن جي اها ڌرمي روايت هندستان جي ٻين حصن وانگر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ صدين کان رائج رهي. هن قسم جي ڌرمي رسمن ۾ ماڻهن جا انبوهه ڪاهجي ايندا هئا.‘رام ليلا ’۾ هندو سري رام چندر ۽ سيتا ماتا جي ڪٿا کي ماڻهن اڳيان پيش ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ‘راس ليلا ’ ۾ شري ڪرشن مهراج جي جمنا ڪناري تي گوپيچن سان راس رچائڻ جو منظر هوندو آهي.“دسهڙي کان اڳ، ڏهن ڏينهن لاءِ ‘رام ليلا ’ ٿيندي هئي، جنهن ذريعي آدرشي راجڪمار رامچندر جي زندگيءَ جو اهو باب ڊرامي جي نموني پيش ڪيو ويندو آهي.” [26]
 هو اڳتي لکي ٿو ته  “سنڌي هندن ۾، پنهنجي مذهبي ڏڻن جهڙوڪ: هوليءَ جي واقعي (موقعي) تي ’سانگ‘ ڪڍڻ جو رواج هو. اهڙيءَ ريت ڏياريءِ تي ‘رام ليلائون’ ۽ سانوڻ جي رت (مند) ۾ ‘راس ليلائون’ ڪڍندا هئا. جن کي سنڌي ڊرامي جي ابتدا سمجهڻ گهرجي.” [27]
سنڌ ۾ هندن جي مذهبي ڏڻن جي موقعن تي نڪرندڙ رام ليلا ۽ راس ليلا سنڌ ۾ ناٽڪ جي قديمي روايتن مان هڪ اهم روايت آهي، جيڪا سنڌ ۾وقت ۽ حالتن جي تبديليءَ جي باوجود هندو مذهب جو حصو رهي آهي، جنهن ۾ ڌرم کانسواءِ سنڌي ثقافت جو به هڪ رنگ نمايان رهيو آهي. سنڌ ۾ سهپ ۽ رواداريءَ سبب نه فقط هندو پر مسلمان به انهن رسمن ۾ شريڪ ٿي لطف ماڻيندا رهيا آهن. ايامن کان اهو سلسلو سنڌ ۾ اڄ به جاري آهي.
ريڊيو ، ٽيلي ويزن ۽ فلم جي وڌندڙ مقبوليت سبب سنڌ جا اهي روايتي لوڪ ناٽڪ تيزيءَ سان ختم ٿي رهيا آهن. جن کي بچائڻ جي سخت ضرورت آهي. ان لاءِ عوامي سطح تي ان لاءِ شعور اجاڳر ڪرڻ سان گڏ ان جي سرپرستي به لازمي آهي، ٻي صورت ۾ سنڌي لوڪ ادب جو املهه خزانو هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو.
حوالا :
1.  ائن مورا . سنڌيڪار. عطا محمد ڀنڀرو،سنڌ ڌرتي مذهبن جي ماءُ’، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو. ڇاپو پهريون 2010 
2. سراج، ‘سنڌي ٻولي’، سنڌي لئنگيج اٿارٽي حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 2009، ص. 120 
3.  ساڳيو، ص.130،129
4.  ساڳيو، ص.132،131
5. ساڳيو، ص. 73
6. سومروغلام قادر ڊاڪٽر ،  ‘سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح’ .ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي، 2013ع ، ص. 586
7. لالواڻي ڄيٺو، ناٽڪ ڪلا جو وڪاس’، ڄيٺو لالواڻي پبلشرز ڪٻير نگر  احمد آباد، 1982، ص. 19
8. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، لوڪ ادب ‘مناظرا’، سنڌي ادبي بورڊ ، 1961ع .ص.78
9. ساڳيو. ص: 78.
10. سومروغلام قادر ڊاڪٽر ، ‘ سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح’ .ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي، 2013ع، ص. 351
11. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ‘ سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ’، شاهه لطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڇاپو ٻيو، 2003ع، ص: 270.
12. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، لوڪ ادب اسڪيم‘مناظرا ’ (مقدمو)، سنڌي ادبي بورڊ ، 1961ع، ص. 19
13. مرزا ممتاز ، ‘سپريان سندي ڳالهڙي’، مهراڻ پبلشرس ڪراچي، ص19۽ 20
14. عزيز شيخ (مهاڳ) صديقي غلام حيدر، ‘ ننڍي کنڊ ۾ ڊرامي جي تاريخ’، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2008 ص.9
15. لالواڻي ڄيٺو ، ‘ ناٽڪ ڪلا جو وڪاس’، ڄيٺو لالواڻي پبلشرز ڪٻير  نگر احمد آباد، 1982ع، ص. 14 
16. سومروغلام قادر ڊاڪٽر ، ‘سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح’ .ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي، 2013ع.ص. 121
17. ساڳيو، ص. 242
18. عقيلي سرشار فقير، (مضمون)، ‘ لاڙ جون ڪجهه تاريخي شخصيتون ملان دوپيازو’، روزاني مهراڻ ساليانو نمبر 1957ع، ص، 26
20. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر،‘ سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس’، روشني، 2006، ص. 143
21. ڏوڏيجا لوڪ رام، منهنجو وطن منهنجا ماڻهو’، سنڌي ساهت گهر، ڇاپو ٽيون، 2007، ص. 346
22. ساڳيو، ص. 347
23. پرڪاش پريم، ‘سنڌي ناٽڪ جي اوسر (1880ع کان 1980ع تائين)’، انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1993ع. ص.36
24. لالواڻي ڄيٺو ، ‘ ناٽڪ ڪلا جو وڪاس’، ڄيٺو لالواڻي پبلشرز، ڪٻير  نگر احمد آباد، 1982ع ، ص. 17،16
25. ساڳيو، ص. 18
26. سومروغلام قادر ڊاڪٽر ، ‘ سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح’ ، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي، 2013ع ص، 586
27. ساڳيو، ص، 587
KALACHI RESEARCH JOURNAL
VOL. 17: ISSUE 1ST , JUNE 2014
ISSN 2219-5912

No comments:

Post a Comment

Razzaq Mahar: Realistic TV drama writer

سنڌي ٽيلي ناٽڪ ۾ حقيقت جا رنگ ڀريندڙ : رزاق مهر ڊاڪٽر قاسم راڄپر پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ “جياپو” جهڙو سماجي ۽ مقصدي ڊرامو لکڻ واري ...