محمد قاسم راڄپر
Abstract:
Prof.
Mangharam Malkani was a towering and fatherly figure of Sindhi literature of
the 20th Century. Socially he had a ‘landlord’
background, but the love of his language attracted him to literature. He abandoned his ancestral vocation and
adopted noble profession of teaching. He
took up a job of a lecturer in English at the D.J. Sindh College, Karachi. This provided him time and opportunity to
take to writing
He was the pioneer of modern Sindhi “One
act plays”; in 1923, Prof. Malkani and his friend
Khanchand Daryani had established the Rabindra Literary and Dramatic Club in
Sindh, inaugurated by the Great Poet Tagore himself. Prof. Malkani’s own
writing included 34 one-act plays and four full-length plays, leading to the
appellation ‘The Grand Old Man of Sindhi Plays”. He also directed them, and
acted on stage. In 1933, he played the lead role in a Hindi film, “Insan Ya
Shaitan” opposite Jadan Bai, mother of the well-known actress Nargis.
After
partition of subcontinent Prof Malkani migrated to India. He started literary
classes run by the Sindhi Sahit Mandal for fourteen years (1949 – 1962) in
Bombay. Where, poets and short story writers would gather to present their
writings for evaluation, and the constructive criticism, it is said, led to a
new lease of life for the Sindhi language and literature, helping the young
writers to come to grips with the changed situation after Partition.
Prof
Malkani also led a delegation of Sindhi writers to Asian Writer’s Conference in
1956, in New Delhi. On this occasion, he impressed upon Dr Rajendra Prasad, the
first President of India, that Sindhi Language should be recognized in the 8th
Schedule of the Constitution, to be ranked equally among the other fourteen
languages of India. This pioneering effort culminated into the Sindhi language
getting its due recognition on April 10, 1967.
His
profession was that of a teacher; in Karachi, he was professor of English and
Sindhi in D.J. Sindh College and after Partition, he continued teaching at Jai
Hind College till 1962, when he retired.
Prof
Malkani received the Sahita Academy Award in 1969 for his book “Sindhi Nasar Ji
Tarikh” (History of Sindhi Prose). He was also nominated ‘Fellow’ of Sahita Academy
in 1972, the only Sindhi writer thus honored so far.
ناٽڪ اسان جي حقيقي زندگيءَ جي گهڻو
ويجهو آهي. انساني زندگي ۽ سماج سان ان جو گهرو ناتو آهي. ادب جي ٻين صنفن جي ڀيٽ
۾ ناٽڪ جو اثر تيز ۽ دير تائين رهڻ وارو آهي. شاعري، ڪهاڻي ۽ ناول پڙهندڙن جي ذهنن
۾ هڪ تصور پيش ڪندا آهن. پر ناٽڪ لفظن، ڪردارن پوشاڪ، ٺاهه ٺوهه ۽ منظر ڪشيءَ سان
ڏسندڙن کي سماج جي حقيقي زندگيءَ جي ويجهو آڻي ڇڏي ٿو. ” ناٽڪ اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي
ويءَ تي ڪري ڏيکارڻ لاءِ لکيو ويندو آهي. يعني ناٽڪ جي ڪهاڻي عملي صورت اختيار ڪري
ٿي. جنهن ۾ ڪردار پنهنجو مليل پارٽ ادا ڪري ڏيکارين ٿا. انهيءَ ڪري ناٽڪ جو شعر،
ڪهاڻي ۽ ناول جي ڀيٽ ۾، اسان جي دل تي اثر وڌيڪ ٿئي ٿو. ناٽڪ پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل
ٻنهي لاءِ وندر ميسر ڪري ٿو“. 1
سنڌيءَ جديد ناٽڪ نويسيءَ
جي شروعات انگريزن جي دؤر کان ٿي. 1879ع ۾ امام بخش خادم پهرئين سنڌي ناٽڪ ’هير رانجهو‘
جو مسودو (Script)لکيو. جيڪو نه اسٽيج تي اچي ڊرامي جي صورت اختيار ڪري سگهيو ۽ نه وري
شايع ٿي مطالعاتي ناٽڪ بڻجي سگهيو. سنڌيءَ
۾ جيڪو پهريون ناٽڪ شايع ٿي سگهيو، اهو مرزا قليچ بيگ جو لکيل ’ ليليٰ مجنون‘ هو ۽
سکر واري ماستر هري سنگهه شايع ڪرائي پڌرو ڪيو. اهو ناٽڪ هندستاني ناٽڪ ’ليلي مجنون‘
جو ترجمو هو. مرزا قليچ بيگ سنڌيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڏا ناٽڪ لکي، سنڌي وڏي ناٽڪ پختو
بنياد فراهم ڪري چڏيو. مرزا صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ بي شمار وڏا توڙي ننڍا ناٽڪ تخليق،
اُلٿو ۽ ترجمو ڪري، سنڌي ادب جي هن اهم ترين صنف کي مالا مال ڪيو.
مرزا قليچ بيگ کانپوءِ هن
ميدان ۾ ڪوڙي مل چندن مل پير پاتو، سندس پهريون ناٽڪ ’ رتنا ولي‘ سنسڪرت ناٽڪ جو ترجمو
هو. جيڪو 1888ع تي رتن ساهت منڊل پاران شايع ڪرايو ويو. ايستائين سنڌ ۾ ڪابه ناٽڪ منڊلي
برپا نه ٿي هئي. 1894ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ جي قيام بعد سنڌي ناٽڪ مطالعاتي
ناٽڪ مان ڦري حقيقي ناٽڪ جو روپ ڌاريو. ڇوته ”جيستائين ڪوبه ناٽڪ اسٽيج تي پيش نه ٿو
ٿئي، تيستائين اهو فقط ڊرامي جو مسودو (Script)
آهي“. 2
سنڌيءَ ۾ رنگ منچ (Stage) تي پهريون ناٽڪ ماستر ڄيٺانند کلڻداس ڀريائيءَ جو
’ نل دمينتي‘ آيو. جيڪو ڊي جي سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچيءَ پاران 1894ع ۾ پيش ڪيو
ويو. سنڌيءَ ۾ پهريون اصلوڪو ناٽڪ مرزا قليچ بيگ جو لکيل ’ بڪاولي‘ هو، جيڪو ساڳئي
سال ماستر هري سنگهه سکر مان شايع ڪيو. اهو به صرف مطالعاتي ناٽڪ هو، جو اسٽيج تي نه
اچي سگهيو. سنڌيءَ م ننڍي ناٽڪ يا ايڪانڪي (One Act Play)
جو باني به مرزا قليچ بيگ آهي. جنهن 1895ع ۾ ’ لوڀي ۽ ٺوڳي‘ لکيو. سندس اهو پهريون ناٽڪ هو، جيڪو
رنگ منچ تي آيو ۽ ڊي جي سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ پاران ڏيکاريو ويو.
سنڌ ۾ 1880ع کان 1920ع
تائين وڏن ناٽڪن جو عروج رهيو.
چاليهن سالن جي ان مدي دوران جتي ٻين ٻولين جي ناٽڪن جي ترجمي، اُلٿي جو زور رهيو
اتي 1920ع کان سنڌيءَ ۾ اصلوڪن ناٽڪن جو زور وڌيو. اهو دؤر حقيقت نگاريءَ وارن
ناٽڪن جو هو. جنهن ۾ تنهن دؤر جي سماجي خرابين ۽
ڏاڍاين کي وائکو ڪيو ويو، پر انهنجي خلاف وڙهڻ، منهن مقابل ٿيڻ سان گڏ
بنيادي انساني حقن جي حفاظت لاءِ ڪردار خلقيا ويا.نه ته ان کان ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ننڍا ناٽڪ
شايع ٿيا يا منچ تي آيا نه ته سڀ وڏا ناٽڪ ڏيکاريا ويا يا شايع ٿيا. ان زماني ۾
ننڍا ناٽڪ ليلا رام سنگهه، ڪوڙي مل چندن مل،
ڏيئو مل گاگن سنگهه آڏواڻي،لعل چند امر ڏنو مل، ڪشنچند بيوس، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي،
چانڊو مل کتري، ديوان ٺاڪرداس، خانچند درياڻي ۽ ليلا رام ماکيجاڻي ۽ ٻين ناٽڪ نويسن
جا لکيل هئا، سندن لکيل ننڍا ناٽڪ مقبول ٿيا ته وڏي ناٽڪ جو زور ٽٽندو ويو. پر تنهن
هوندي به مرزا قليچ بيگ اصلوڪا وڏا ناٽڪ تخليق ڪندو رهيو. حقيقت پسنديءَ واري دؤر
جي شروعات ته ڪشنچند بيوس لاڙڪاڻي کان ڪئي، پر پوءِ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ خانچند درياڻيءَ
جا لکيل حقيقت نگاريءَ وارا ناٽڪ وڌيڪ مقبول ٿيا.
انهن ٻنهي ناٽڪ نويسن
کانسواءِ جن ناٽڪ نويسن جا منچ تي آيل گهڻا ناٽڪ ” کلائيندڙ چهچٽا“ هوندا هئا.
جيڪي گهڻو ڪري وڏن ناٽڪن کان اڳ يا وچ تي ڏيکاريا ويندا هئا. جيئن ڏسندڙ کِلي کِلي
گهر واپس وڃن. ” اهڙن ناٽڪن ۾ گهڻو زور مسخريءَ تي ڏنل هوندو هو. حقيقتن کي وڌائي،
مبالغي کان ڪم وٺي مذاق پيدا ڪبو هو. جن ۾ واقعن، ڪردارن ۽ نظارن جو صرفو ڪونه ٿيل
هوندو هو. هر هر پردا لاهڻا چاڙهڻا پوندا هئا. ... اهڙا تمام ٿورا ناٽڪ هئا، جن ۾
ڳنڀير نوع زندگيءَ کي حقيقت نگاريءَ سان پيش ڪيو ويو ۽ ساڀيا ۾ جيوت جي مسئلن کي
سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي“.3
1930ع ۾ سنڌي ننڍي ناٽڪ
به نئين روپ ۾ سامهون آيو. جنهن کي يڪ فصلو يا ايڪانڪي طور سڃاتو ويو. سنڌي ننڍي
ناٽڪ جو اهو روپ هنديءَ جي يڪبابي ۽ انگريزيءَ جي (One Act Play)جهڙو ئي هو. فني توڙي عملي
حوالي سان حقيقت جي گهڻو ويجهو هو. ان نئين انداز جو باني منگها رام ملڪاڻي هو. هن
سنڌي ننڍي ناٽڪ /
ايڪانڪي (One
act Play) کي جيڪو عروج ڏنو، اهو ڪنهن ٻئي جي حصي نه آيو.
پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي ادبي خدمتن جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ سندس حياتيءَ جو احوال
ڏجي ٿو.
حياتيءَ جو احوال:
پروفيسر منگها رام ملڪاڻيءَ جو جنم 24 ڊسمبر
1896ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. سندس پيءُ اُڌارام شيوڪرام خدا آبادي عامل زميندار هو.
حيدرآباد جا خدا آبادي عامل هن شهر جو پايو وجهندڙن مان هئا. سنڌ جي هندن جي تاريخ
لکندڙ ڀير مل مهر چند آڏواڻي سندس حسب نسب بابت لکي ٿو ته” حيدرآباد ۾ ملڪاڻين جون ٻه آڪهيون آهن. هڪڙن ملڪاڻين جي نک اروڙا آهي. جي رائچند
ملڪاڻيءَ جو اولاد آهن. ٻي نک درڙي آهي. حيدرآباد ۾ سندن علائقو ملڪاڻي گهٽي سڏجي
ٿو. درڙي نک، وارن ملڪاڻين جو وڏو ڏاڏو ’ملڪ مل‘ هو“.4
منگها رام ملڪاڻيءَ جي ڏاڏاڻي خاندان مان ديوان صاحبراءِ جو پٽ منشي آواتراءِ ملڪاڻي، مير
صوبدار خان جو مالياتي وزير هو. 1843ع ۾ جڏهن سر چارلس نيپيئر سنڌ فتح ڪئي. تنهن
وقت ميرن جو خزانو حيدرآباد واري قلعي ۾ هو ۽ خزاني جون چاٻيون منشي آوتراءِ وٽ
هيون. ” انهيءَ سبب سر چارلس نيپيئر ملڪاڻي گهٽيءَ به ويو هو. هن منشي آوتراءِ کان
ڪنجيون گهريون پر هن انڪار ڪيو ته هو ميرن جي حڪمن کانسواءِ چاٻيون سندس حوالي نه
ڪندو. جنهن تي هو واپس هليو ويو. آواتراءِ ميرن کي ايترو ته ويجهو هو ، جو کيس
ميرن جي گهرن جي ڏيڍيءَ وٽ بيهڻ جي اجازت هوندي هئي“. 5
منشي آواتراءِ ميرن جي صاحبيءَ کانپوءِ چارلس جي زور ڀرڻ تي
کيس حڪومتي معاملن ۾ صلاحون ڏنيون هيون. ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي اڳتي هلي لکي ٿو
ته ” انهيءَ خاندان جي گدو مل جو فرزند ديوان مولچند آهي.مولچند کي ٻه پٽ ديوان هر
راءِ ۽ ديوان ميارام، جنهن جو فرزند ديوان ڪشنچند هو. ان جو پٽ ديوان شيوڪ رام ڪشنچند
هو. ديوان شيوڪ رام جو مربي فرزند ديوان اڌارام 1869ع ڌاري ڄائو هو. مئٽرڪ پاس
ڪري، ميڊيڪل ۾ گهڙيو، مگر تندرستي نه هئڻ سبب سگهو ئي پڙهڻ ڇڏي ڏنائين.هو 1928ع ۾
ديهانت ڪري ويو. کيس ٽي پٽ منگهارام اُڌا رام ملڪاڻي، عالمچند ۽ موتيرام آهن. ٻيا
ٻئي ڀائر زمينداري سنڀاليندا آهن“.6
منگهارام ملڪاڻيءَ جو تعلق حيدرآبادي عاملن جي
انتهائي پڙهيل لکيل خاندان سان هو. سندس سئوٽ ڊاڪٽر کيمچند هو، جيڪو بمبئي
يونيورسٽيءَ جو رجسٽرڊ اکين جو ڊاڪٽر هو.هن 1903ع ۾ حيدرآباد ۾ اکين جي خيراتي
اسپتال کولي، جنهن ۾ تنهن دؤر ۾ بيمارن کي
رهائڻ جو به بندوبست ٿيل هوندو هو. ننڍي کنڊ جو مشهور هدايتڪار موتيرام بي گدواڻي
سندس سئوٽِ شريمتي ڌني ٻائي جو پٽ هو. جنهن فلمسازيءَ جي تعليم ولايت مان ورتي
هئي. هن شروع ۾ لاهور ۾ ڪجهه فلمن جي هدايتڪاري ڪئي. پر بعد ۾ بمبئي هليو ويو. جتي
هن 20 کان وڌيڪ فلمون ٺاهيون. جنهن هڪ فلم خانچند درياڻيءَ جي سنڌي اسٽيج ناٽڪ ’
انسان ڪي شيطان‘ تان ترجمو ڪري ’ انسان يا شيطان‘ جي نالي سان ٺاهي هئي. ان فلم ۾ هيرو جو ڪردار منگهارام
ملڪاڻيءَ ڪيو هو، جڏهن ته اداڪاره نرگس جي
والده ۽ سنجي دت جي ناني ”جدن ٻائي“ به هئي. ان فلم ۾ سنڌ جي مشهور مسخري ” گوپ
ڪملاڻيءَ“ اداڪاري ڪئي هئي. جنهن بعد هن به هميشه لاءِ بمبئي وڃي وسائي.
منگهارام ملڪاڻيءَ جو پيءُ
اُڌارام ملڪاڻي روشن خيال شخص هو. منگهارام اسڪولي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ورتي.
منگها رام ملڪاڻي سنڌ جي هڪ وڏي استاد غلام علي نانا جو شاگرد هو، جنهن وٽ هو ٻيون
درجو پڙهيو، سندس شخصيت کي متاثر ڪندڙ ٻيو استاد وليرام آئل مل ٿڌاڻي هو، جنهن وٽ هو
چوٿون ۽ ڇهون درجو پڙهيو هو. خانداني تعلق هئڻ سبب ساڌو هيرانند ۽ ڏيارام گدومل سندس
ٻن پڦين کي انگريزي ۽ سنسڪرت پڙهائڻ لاءِ گهر ۾ ايندا هئا. 7 سندس
خاندان جو ويجهو تعلق ديوان ڪوڙي مل سان به هو .
”منگهارام جڏهن اڃا ڇهين درجي ۾ هو ته کيس ناٽڪن ۾ ڳائڻ ۽ اداڪاري ڪرڻ
جو موقعو مليو. هو بمبئي يونيورسٽي پاران ورتل مئٽرڪ جي امتحان ۾ سڄي سنڌ اندر چوٿون
نمبر آيو ۽ پنهنجي اسڪول ۾ پهريون نمبر بيٺو، جنهن تي کيس 25 رپيا انعام مليو. انهن
پئسن مان هن 17 ڪتاب خريد ڪري اچي پنهنجي گهر ۾ لائبريري ٺاهڻ جي شروعات ڪئي. منگهارام
ڪراچيءَ ۾ اچي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. هو ڪاليج ۾ تعليم سان گڏ ڊبيٽنگ، راڳ،
ناٽڪ، ادب ۽ راندين ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندو رهيو“.8
ملڪاڻي صاحب، مرزا قليچ
بيگ جي ناٽڪ ”نيڪي ۽ بدي“ ۾ زنانو ڪردار ادا ڪيو هو. سندس شادي ڪاليج ۾ پڙهائي دوران
پيءُ جي زور ڀرڻ تي ٿي. هن 1919ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيو. سندس خانداني
زمينداري ٽنڊي محمد خان ۾ هئي. پنهنجي پيءُ جي ضعيف عمر سبب هن زمينداري سنڀالي. هن
چار پنج سال زمينداري ڪئي.
منگهارام ملڪاڻيءَ جي علمي،
ادبي ۽ خاص طور تي ناٽڪن سان دلچسپيءَ سبب کيس پهريائين ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ انگريزي
فيلو ڪري رکيو ويو. ان ڏس ۾ شوڪت حسين شوري لکيو آهي ته منگهارام جڏهن پنهنجي ٻنين تي هو ته کيس ڊي جي سنڌ
ڪاليج جي پرنسپل شهاڻي جو نياپو مليو ته ڪراچيءَ اچ ته انگريزي فيلو ڪري رکانءِ. پيءُ
سندس مرضي ڏسي، کيس موڪل ڏني. منگهارام کي هاسٽل جو وارڊن به ڪري رکيو ويو. اڳتي هلي
ليڪچرار ۽ پوءِ (نائب) پروفيسر ٿيو. هاڻي پروفيسر منگهارام ملڪاڻي سڏجڻ لڳو. دادا جشن
واسواڻي ۽ پروفيسر احمد علي خواجه (مشهور ليکڪ خيرالنساءُ جعفري جو والد) سندس شاگرد
هئا“. 9
پروفيسر منگها رام
ملڪاڻيءَ جو مضمون انگريزي هو. جيڪو ڊي جي ڪاليج ۾ پڙهائيندو به هو. تڏهن اُتي
ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي ۽ لعل چند امر ڏنو مل سنڌيءَ جا استاد هئا. پر ”سنڌي ٻوليءَ
سان لڳاءَ ۽ سندس ادبي پورهئي کي ڏسي ڊي جي ڪاليج جي پرنسپال بٽاڻيءَ کيس انگر
يزيءَ سان گڏ سنڌيءَ جو نائب پروفيسر مقرر ڪيو“. 10
ورهاڱي کانپوءِ پروفيسر
ملڪاڻي پنهنجن ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءَ سان گڏ بمبئي لڏي آيو. اتي جئه هند ڪاليج ۾ انگريزيءَ
جو پروفيسر ۽ شعبي جو اڳواڻ مقرر ٿيو.
پروفيسر ملڪاڻي انڊيا ۾
سنڌي ادب ۽ سنڌيت جي هلچل ۾ هڪ رهبر طور ڪم ڪيو. اها هلچل بمبئي جي ”سنڌي ساهت منڊل“ طرفان
1949ع کان شروع ٿي هئي. سنڌي ساهت منڊل سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي جيئارڻ لاءِ جدوجهد
ڪئي. هن جي رهبريءَ هيٺ سنڌي ساهت منڊل سنڌي ناٽڪ کي ٻيهر جيئارڻ ۾ به اهم ڪردار
ادا ڪيو. سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي ٻين ٻولين جيان سرڪاري ٻولي تسليم ڪرائڻ لاءِ
شروعاتي جدوجهد به سنڌي ساهت منڊل ڪئي هئي. 1956ع ۾ ايشيا جي ليکڪن جي ڪانفرنس
جيڪا دهليءَ ۾ ٿي هئي، ان ۾ سندس سرواڻيءَ ۾ سنڌي اديبن ۽ عالمن جي وفد ڀارت جي
تڏهوڪي صدر ڊاڪٽر راجيندر پرساد سان ملاقات ڪري سنڌيءَ کي ڀارتي آئين جي اٺين
شيڊيول ۾شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. نيٺ 10 اپريل 1976ع تي ڀارت جي سنڌين جو اهو
مطالبو تسليم ٿيو ۽ سنڌي ٻولي ڀارت جي آئين جي اٺين شيڊيول جو حصو بڻجي وئي. پروفيسر
ملڪاڻي 13 سال ان جو صدر چونڊبو رهيو، جيستائين هو ڪاليج مان رٽائر ڪري پنهنجي پٽ وٽ
ڪلڪتي ۾ وڃي رهيو. پروفيسر ملڪاڻي آخري گهڙيءَ تائين سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ ادب جي خدمت
ڪندو رهيو. هن 84 ورهين جي ڄمار ۾ پهرين ڊسمبر 1980ع ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
ادبي خدمتون:
جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو
آهي ته منگهارام ملڪاڻيءَ جو تعلق سنڌ جي پڙهيل لکيل عامل هندن جي خاندان سان هو.
تنهن دؤر ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ علم ، ادب ۽ ثقافت جو مرڪز هوندي هئي. ملڪاڻي صاحب به
پنهنجي ادبي سفر جي شروعات حيدرآباد کان ڪئي. هن جي پرورش علمي گهراڻي ۾ ٿي، جنهن جي
مٿس تمام گهرو اثر ٿيو. سندس رهبري مرزا قليچ بيگ جهڙي وڏي عالم ڪئي. ”هن شاهه عبداللطيف
ڀٽائي ۽ ٽئگور جي شاعريءَ کي پڙهڻ ۽ ترجمي ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. شاهه جي رسالي مان ڪجهه
بيت چونڊي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين ۽ اهي کڻي وڃي مرزا قليچ بيگ کي نظرثانيءَ ڪرڻ
لاءِ ڏنائين. مرزا صاحب اهو ترجمو پڙهي، کيس شاباس ڏني“. 11هن ٽئگور جي ڪتاب”گارڊنر“جو ترجمو نظماڻي نثر ۾ ڪيو،
جيڪو ”پريت جا گيت“ نالي سان سنڌيءَ ۾ ڇپيو. ورهاڱي بعد هن جيڪو پهريون ڪتاب لکيو،
سو هو ”ادبي اصول“ جنهن ۾ نثر ۽ نظم جي مختلف صنفن جا اصول سمجهايل آهن. ان کانسواءِ
هو ادبي تاريخ ۽ تنقيدي ليک ۽ ڪتابن تي تبصرا لکڻ لڳو. سندس شاهڪار ڪتاب ”سنڌي نثر
جي تاريخ“ آهي، جيڪو 1968ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان تي کيس ساهتيه اڪيڊمي جو انعام مليو. هي
ڪتاب سنڌي ناٽڪ جي تاريخ تي تحقيق لاءِ بنيادي دستاويز آهي. جڏهن ته ”ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو مختصر جائزو“، ”ڀارت ۾ سنڌي
ساهت جي سما لوچنا“، ”پڇمي ياترا“ (سفر نامو)، ”ساهتڪارن جون سمرتيون“ ڪتابن کان سواءِ
”جوانيءَ جا جذبا ۽ پيريءَ جون يادون“ سندس نظماڻي نثر جو مجموعو آهي.
ادب سان هن جي دلچسپيءَ جو
اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن ورهاڱي وقت ماڻهو جان بچائڻ ۾ پورا
هئا ته هن کي پنهنجي گهر، ملڪيت يا ڪنهن ٻي شي جو فڪر نه هو، پر هو پنهنجي ڪتابن ۽
ادبي پورهئي جي حفاظت لاءِ فڪرمند هو. هن کي ڪتاب ايترا ته عزيز هئا جو هو ،
ڳوڻيون ڀرائي هندستان کڻي ويو.
ناٽڪ نويسي، اداڪاري، هدايتڪاري ۽ ناٽڪ منڊلين
جي سرپرستي:
سنڌ ۾ ناٽڪ رڳو تفريح
لاءِ نه پر تعليمي ۽ اصلاحي مقصدن لاءِ رچايا ويندا هئا، انهن جي سرپرستي تڏهوڪا
وڏا عالم، اديب، ڊاڪٽر، پروفيسر، جج، استاد ۽ واپاري ڪندا هئا. جڏهن ڊي جي ڪاليج
ڪراچيءَ جي شاگردن لاءِ هاسٽل جي ضرورت محسوس ٿي ته تڏهن هاسٽل ٺهرائي ڏيڻ وارو
ڪير به نه هو. پوءِ ڊي جي ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن گڏجي اها رٿ رٿي ته جيڪڏهن ان
مقصد لاءِ ناٽڪ ڏيکاري سرنديءَ وارن کان رقم ڪٺي ڪئي وڃي ته ان سان هاسٽل لاءِ چڱو
موچارو چندو جمع ٿي سگهي ٿو. ان رٿا هيٺ 1894ع ۾ ” ڏيا رام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ناٽڪ
منڊلي“ قائم ڪئي وئي. جنهن جي سرپرستي تنهن وقت جي پرنسپال ڊاڪٽر جئڪسن ۽ پارسي وائيس
پرنسپال بادشاهه جي اُدم ڪئي. اها ناٽڪ منڊلي بعد ۾ ” ڊي جي سنڌ ڪاليج ناٽڪ
منڊليءَ“ جي نالي سان مشهو ٿي.تڏهن ملڪاڻي صاحب جي عمر اڃا ٻه سال مس هئي.
منگهارام
ملڪاڻيءَ ناٽڪن جي شروعات شوقيه اداڪار جي حيثيت سان حيدرآبادمان ڪئي. تنهن دؤر ۾
مرزا قليچ بيگ، ماستر ڄيٺانند کلڻداس ڀريائي، ڪوڙو مل چندن مل، ليلا رام سنگهه وطڻ
مل، ڏيئو مل گاگن مل، گاگنداس آڏواڻي، ديوان ٺاڪر داس، لعل چند امر ڏنو مل، موٽو
مل گدواڻي، ڪشنچند بيوس، جهمٽ مل ٿڌاڻي، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، چانڊو مل کتري،
ليلا رام ماکيجاڻي، نانڪرام ڌرمداس ۽ ٻيا وڏي ناٽڪ (Full length drama) جا وڏا نالا هئا، اهو زمانو 1880ع کان 1905ع تائين جو هو.
ننڍي ناٽڪ جي پيڙهه به
مرزا قليچ بيگ رکي. سندس پهريون ننڍو ناٽڪ ” لوڀي ۽ ٺوڳي“ هو، جيڪو 1895ع ۾” ڊي جي
سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي“ پاران رچايو ويو هو. ان بعد ڪجهه ٻين ناٽڪ نويسن ننڍا ناٽڪ
(ايڪانڪي) لکيا. پر سڀ کان وڌيڪ ننڍا ناٽڪ خانچند شامداس درياڻيءَ جا مشهور ٿيا.
هن 1919ع ۾ پهريون ناٽڪ ” گلاب جو گل“ لکيو. جيڪو ڏيتي ليتيءَ جي خلاف هو. سندس
ناٽڪن جا موضوع سماجي هئا. هو منگهارام سان گڏ ڪاليج ۾ پڙهيو هو. درياڻي صاحب جي
گهڻن ناٽڪن ۾ منگهارام هيرو جا ڪردار ادا ڪيا هئا.
خانچند ۽ منگهارام، بزرگ اديبن لعلچند امرڏنومل،
ڄيٺمل پرسرام ۽ هيرانند آڏواڻيءَ جي ساٿ ۽ سهڪار سان 1923ع ۾ ”رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرئمٽڪ
ڪلب“ حيدرآباد ۾ برپا ڪئي. جنهن جو مهورت رابندر ناٿ ٽئگور پاڻ پنهنجن هٿن سان ڪيو.
منگهارام ملڪاڻي ان تقريب کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ ڏاڍي محنت ڪئي. ٽئگور جي شاعري
۽ سندس ناٽڪ ”چترا“ مان انگريزيءَ ۾ هڪ ڏيک سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ جو سواد وٺائڻ لاءِ
هڪ مذاقي چهچٽو (مزاحيه ايڪانڪي) به شامل ڪيو ويو. رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرئمٽڪ ڪلب،
اهو پروگرام اڪيڊمي اسڪول جي جيڪب هال حيدرآباد ۾ ٽئگور جي آڏو پيش ڪيو. ”منگهارام
ملڪاڻيءَ جي چوڻ موجب ٽئگور جهڙي اعليٰ هستيءَ جي اڳيان ڪلچرل پروگرام ڏيکارڻ لاءِ
جگر کپندو هو. پردو مٿي کڄو ته پوءِ ڇا ٿيو، ان جي منگهارام کي ڪا خبر نه پئي. اسم
پٺيان اسم ٿيندو رهيو ۽ هال ۾ تاڙين جو ڦهڪو پوندو رهيو. ٻئي ڏينهن ڄيٺمل پرسرام، منگهارام
کي نياپو موڪليو ته ٽئگور توسان ۽ ٽهلرام آڏواڻيءَ سان ملڻ چاهي ٿو. ٽهلرام ناٽڪ ۾
زنانو ڪردار ادا ڪيو هو. ٽئگور ٻنهي جي ڪم جي ساراهه ڪئي ۽ کين پاڻ سان گڏ نيرن به
ڪرائي. ڪچهري ڪندي گرديو کين چيو ته، ’ اوهان جو سنڌيءَ ۾ کلائيندڙ نقل به پسند پيم.
ٻوليءَ سمجهڻ کانسواءِ به مطلب سمجهي ويس ۽ خوب کليم‘. جنهن تي کيس ڄيٺمل پرسرام ٻڌايو
ته؛ ’اهو ٽُڪرو اسان جي برک ليکڪ مرزا قليچ بيگ جي ناٽڪ ’ نيڪي ۽ بدي‘ مان ورتل هو‘.
نيرن ختم ٿيڻ کان پوءِ ٽئگور هنن سان هٿ هٿ ۾ ڏئي ٻاهر تائين ڇڏڻ آيو، ۽ حيدرآباد
جي ماڻهن کان موڪلاڻي ڪندي چيائين؛ ’شال ناٽڪ منڊلي وڌي ويجهي، منهنجي آسيس اٿوَ.“ 12
دنيا جي عظيم مفڪر جي
واتان چيل اهي لفظ يقينن منگهارام ملڪاڻي جي اعليٰ فن لاءِ سند جو درجو رکن ٿا. ٽئگور
جي هٿن سان مهورت ڪيل هيءَ ناٽڪ منڊلي، تنهن دؤر ۾ سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۾ وڏي
اهميت رکندي هئي. جنهن 15 سالن جي عرصي ۾ ٽيهارو کن جديد حقيقت نگاريءَ وارا ناٽڪ پيش
ڪيا. منگهارام ملڪاڻي انهن مان ڪيترن ۾ اداڪاري به ڪئي ته ڪن جي هدايتڪاري به. خانچند
درياڻيءَ جي ناٽڪن جهڙوڪ ”ملڪ جا مدبر“، ”بک جو شڪار“ ۽ ”زماني جي لهر“ ۾ هن يادگار
ڪردار ادا ڪيا. ”درياڻيءَ جي اصلوڪي ۽ اهم
ناٽڪ’ زمينداري ظلم‘ (1928ع)
۾ منگهارام هڪ پير مرد مظلوم هاريءَ، دلمراد جو ڪردار ڪماليت سان ادا ڪيو. خانچند درياڻي،
بعد ۾ سنڌ ڇڏي بمبئي ۾ وڃي فلمي دنيا ۾ گهڙيو. خانچند درياڻي جي بمبئي وڃڻ سبب رابندر
ناٿ ناٽڪ منڊلي کي وڏو نقصان رسيو. البته منگهارام کي فلمي دنيا پسند نه آئي، ان ڪري
موٽي آيو“. 13
منگهارام ملڪاڻيءَ کي
ننڍي ناٽڪ سان دلچسپي خانچند درياڻيءَ جي صحبت ۾ وڌي، اڳتي هلي هن سنڌي ننڍي ناٽڪ کي
حقيقت نگاري وارو جديد ايڪانڪي (One Act Play) بڻايو. هن پهريون ناٽڪ ” قسمت“ 1927ع ۾ لکيو، جيڪو نابلاڪ جي ناٽڪ جو
ترجمو هو. اهو ناٽڪ رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب، ڪراچي پاران ڏيکاريو ويو. ان
بعد 1929ع ۾ هن زئنگول جي ناٽڪ ’Melting Pot‘ جو الٿو ’ ايڪتا
جو آلاپ‘ نالي سان ڪيو. ملڪاڻي صاحب پهريون اصلوڪو سماجي ناٽڪ ’کن جي خطا‘ 1930ع ۾ لکيو. هن 4 وڏا ۽ 34 ننڍا ناٽڪ لکيا، جنهن
ڪري کيس سنڌي ننڍي ناٽڪ جي باني يا اَبي The Grand Old Man of Sindhi Plays’‘ جو اعزاز مليو. سندس ناٽڪن جو تفصيل هن ريت آهي.
سال
|
ناٽڪ
|
ناٽڪ
نويس
|
مختصر
جائزو
|
رچائيندڙ
يا ڇپائيندڙ
|
1927
|
قسمت
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
نابلاڪ
جي ناٽڪ تان ورتل
|
رابندر
ناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب، ڪراچي،
|
1929
|
ايڪتا جو
آلاپ
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
زئنگول
جو Melting Pot
|
رابندر
ناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب، حيدرآباد،
|
1930
|
کن جي
خطا
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
سماجي ناٽڪ
|
رابندر
ناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب، ڪراچي،
|
1930
|
پاپ جو
ڪيتو
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
ننڍو ناٽڪ
|
ڦُلواڙي
مخزن، حيدرآباد.
|
1931
|
ناخلف
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
ننڍو ناٽڪ
|
سنڌ
ڪاليج مسلني مخزن، ڪراچي.
|
1931
|
پاپ ڪي
پڃ
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
ننڍو ناٽڪ
|
سنڌ
ڪاليج مسلني مخزن، ڪراچي.
|
1932
|
اولاد
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
گهريلو ننڍو ناٽڪ
|
رابندر
ناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب، ڪراچي،
|
1932
|
ٻه باهيون
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
گهريلو ننڍو ناٽڪ
|
سنڌ
ڪاليج مسلني مخزن، ڪراچي
|
1933
|
سمنڊ
جي گجڪار
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
گهريلو ننڍو ناٽڪ
|
سنڌڪاليج
مسلني مخزن، ڪراچي
|
1934
|
ميلاپ
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
سماجي ننڍو ناٽڪ
|
شنڪر
ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سنسٿا، سکر.
|
1934
|
ضعيف
انسان
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
سماجي ننڍو ناٽڪ
|
سنڌو
مخزن، شڪارپور.
|
1935
|
ٽي
پارٽي
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
سماجي ننڍو ناٽڪ
|
شاهاڻي
اسڪول ناٽڪ منڊلي، ڪراچي.
|
1935
|
دل ۽
دماغ
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
سماجي ننڍو ناٽڪ
|
سنڌو
مخزن، شڪارپور،
|
1937
|
انارڪلي
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
تاريخي
ناٽڪ
|
رابندر
ناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب، ڪراچي.
|
1937
|
پريت
جي ريت
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
سماجي ننڍو ناٽڪ
|
اي جي
وي هاءِ اسڪول مخزن، ڪراچي.
|
1937
|
بٽئي
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
سماجي ننڍو ناٽڪ
|
سنڌو
مخزن، شڪارپور.
|
1938
|
اڪيلي
دل
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
سماجي ننڍو ناٽڪ
|
’پنگتي پردا‘ مجموعو. رتن ساهتيه منڊل،
ڪراچي.
|
1938
|
ٻي دل
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
سماجي ننڍو ناٽڪ
|
’پنگتي پردا‘ مجموعو. رتن ساهتيه منڊل،
ڪراچي.
|
1938
|
ٻه
ڀينر
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
سماجي ننڍو ناٽڪ
|
’پنگتي پردا‘ مجموعو. رتن ساهتيه منڊل،
ڪراچي.
|
1938
|
ماتا
جي مامتا
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
سماجي ننڍو ناٽڪ
|
سنڌو
مخزن، شڪارپور.
|
1939
|
دلسوز
داستان
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
شيڪسپيئر
جو Midsummer Night’s Dream ترجمو
|
سنڌ
ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي.
|
1939
|
ليڊيز
ڪلب
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
سماجي مزاحيه ننڍو ناٽڪ
|
رابندر
ناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب،حيدرآباد.
|
1939
|
پتا جو
پاپ
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
پيءُ
جي پاپ سبب ڀيڻ ڀاءُ جو پيار
|
سنڌو
مخزن، شڪارپور.
|
1940
|
ڪوڙي
ڪلنڪ
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
سماجي ننڍو ناٽڪ
|
سنڌ
ڪاليج مسلني مخزن، ڪراچي.
|
1940
|
بئراج
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
اصلوڪو
سماجي ننڍو ناٽڪ
|
سنڌو
مخزن، شڪارپور.
|
1943
|
شانتا
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
مئٽرلنڪ
جو Pelleas and Milesande
|
رتن
ساهتيه منڊل، ڪراچي.
|
1967
|
پريم
جي سيجا
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
سماجي
ننڍو ناٽڪ
|
’کڙ کٻيتا پيا ٽمڪن‘ مجموعو، ساهت ڌارا
دهلي.
|
1967
|
چڪڻ ۾
ڦول
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
سماجي
ايڪانڪي
|
’کڙ کٻيتا پيا ٽمڪن‘ مجموعو، ساهت ڌارا
دهلي.
|
1967
|
سونهن
جو نماءُ
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
ننڍو
ريڊيو ناٽڪ
|
’کڙ کٻيتا پيا ٽمڪن‘ مجموعو، ساهت ڌارا
دهلي.
|
1967
|
کُڙکُٻيتا
پيا ٽمڪن
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
سماجي
ننڍو ناٽڪ
|
’کڙ کٻيتا پيا ٽمڪن‘ مجموعو، ساهت ڌارا
دهلي.
|
1976
|
پاپ
جون پاڙون
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
نسلي
وڇوٽي تي ٻڏل ايڪانڪي
|
’آخرين ڀيٽا‘ مجموعو- شوڀا پبليڪيشن،
بمبئي.
|
1976
|
پيءُ ۽
ڌيءُ
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
سماجي
ننڍو ريڊيو ناٽڪ
|
’آخرين ڀيٽا‘ مجموعو، شوڀا پبليڪيشن،
بمبئي.
|
1976
|
پيار
ڪو پئسو
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
نسلي
وڇوٽي تي ٻڌل ريڊيو ناٽڪ
|
’آخرين ڀيٽا‘ مجموعو- شوڀا پبليڪيشن،
بمبئي.
|
1976
|
روپ ۽
ڪلا
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
فن جي
قدرن تي ٻڌل ريڊيو ناٽڪ
|
’آخرين ڀيٽا‘ مجموعو- شوڀا پبليڪيشن،
بمبئي.
|
1976
|
هوگليءَ
جي ڪناري
|
منگهارام
ملڪاڻي
|
سماجي
ننڍو ناٽڪ
|
’آخرين ڀيٽا‘ مجموعو- شوڀا پبليڪيشن،
بمبئي.
|
1979
|
جيون
ناس
|
منگھارام
ملڪاڻي
|
سماجي
ننڍو ناٽڪ
|
’سمنڊ جي گجڪار‘مجموعو-ڪونج
پبليڪيشن ، بمبئي.
|
هن گهڻي ۾ گهڻا ناٽڪ
سنڌ ۾ لکيا، هتي سندس ناٽڪن جا ٻه مجموعا شايع ٿيا. جن مان 1937ع ۾ شايع ٿيل پهرين
مجموعي ”پنج ننڍا ناٽڪ“ ۾ سندس پنج ناٽڪ ’پاپ
ڪين پڃ‘، ’ ٻه باهيون‘، ’ ٽي پارٽي‘، ’ پريت جي ريت‘ ۽ ’ بٽئي‘ شامل هئا. 1938ع ۾
شايع ٿيل سندس مجموعي ” پنگتي پردا“ ۾ هن جا چار ناٽڪ ’ ليڊيز ڪلب‘، ’ اڪيلي دل‘، ’
ٻي زال‘ ۽ ’ ٻه ڀينر‘ شامل هئا.جڏهن ته ورهاڱي کانپوءِ سندس ناٽڪن جا پنج مجموعا
شاعي ٿيا. جيڪي هن ريت آهن. (1). جيون چهچٽا ’ 1957ع‘، (2). پاپ ڪين پڃ ’1960ع‘
(3). کڙ کٻيتا پيا ٽمڪن ’1967ع‘، (4). آخرين ڀيٽ ’1975ع‘ ۽ (5). سمنڊ جي گجڪار ’1979ع‘
. 1930ع کان 1943ع تائين سنڌ ۾ سندس 24 ناٽڪ شايع ٿيا. جڏهن ته سندس اڪثر ناٽڪ منچ
تي ايندا ويا.
منگها رام ملڪاڻيءَ جي ناٽڪن جو جائزو:
منگها رام ملڪاڻي
شيڪسپيئر جي ان قول جو حامي هو ته ’ ناٽڪ زندگيءَ جي آرسي آهي‘. سندس حقيقت
نگاريءَ وارا ننڍا ناٽڪ نه رڳو سندس شخصيت، گهر ڀاتين، مٽن مائٽن ۽ دوستن يارن جي
ذاتي ڪهاڻين تي مشتمل هئا. جن کي هن وڏي دليريءَ سان ڏسندڙن آڏو پيش ڪيو. هن
تخليقي معاملي ۾ ڪنهن سان ڪابه رعايت نه ڪئي. سندس ناٽڪن جا گهڻا موضوع سندس ڄاتل
سڃاتل هئڻ ڪري حقيقي نظر اچن ٿا. هن ذاتي، گهريلو، سماجي ۽ قومي اوڻاين کي وائکو
ڪيو. ”هن جو ناٽڪ چڪڻ ۾ ڦول (1967ع) هڪ وئشيا جي موضوع تي آهي. جيڪو هن پنهنجي
جهوني استاد ۽ دوست آئل مل ٿڌاڻيءَ جي زندگيءَ جي هڪ باب کان متاثر ٿي لکيو آهي“. 14
سندس ناٽڪ ’ اڪيلي دل‘
(1938ع) سنڌ جي هڪ ڏاهي ماڻهو رشي ڏيا رام گدو مل جي جيوت تي طنز آهي. رشي ڏيا رام
گدو مل هڪ نوجوان ڇوڪريءَ جو پاپ لڪائڻ
لاءِ ٻئي جو گناهه پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو ۽ پيريءَ ۾ ساڻس شادي رچائي هندستان هليو
ويو. جنهن تي سنڌ ۾ وڏو ممڙ مَتو. اُرملا نالي ان ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ
تي سنڌ جا ماڻهو هن مها پرش تي سخت ڪاوڙ هئا. منگهارام ملڪاڻي ان موضوع تي ناٽڪ
لکيو.
هو پنهنجي قلم سان
ڪيترو سچو هو ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن ’ بٽئي‘ ناٽڪ پنهنجي
پيءُ اُڌا رام شيوڪ رام جي جيون تي لکيو. اهو ناٽڪ تڏهن لکيو، جڏهن هو والد سان گڏ
زمينداري ڪندو هو. اهڙن حقيقي موضوعن تي
ناٽڪ لکڻ پويان اصل مقصد سماجي جاڳرتا، اصلاح، نيڪيءَ جي پرچار ۽ بديءَ خلاف وڙهڻ
هو. هن ناٽڪ ۾ نه رڳو سماجي ۽ گهرو جيوت جا نقشا
چٽيا ويا پر سنڌ جي اقتصادي جيوت کي به بحث هيٺ آندو ويو. ان ناٽڪ جي حوالي سان پروفيسر
نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ سنڌي نثر جي تاليف ڪيل ڪتاب ’ ادبي گلشن‘ (ڀاڱو 3 شايع 1945) ۾
لکيو هو: ”بٽئي ناٽڪ جو هن انتخاب ۾ وڌو ويو آهي سو هڪ مکيه مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪائي
ٿو.زميندار ۽ هارين جو هڪ ٻئي ڏانهن ڪهڙو رخ ٿيڻ گهرجي؟ هارين ۾ اڄ ڪلهه سمجهه آئي
آهي ۽ هو پنهنجا حق ڇڪين ٿا، ۽ اُهي زميندار جي اڳ هارين جي اڻڄاڻائيءَ جو فائدو وٺي
هنن کي تنگ ڪندا هئا، تن کي هارين اڳيان سر جهڪائڻو ٿو پوي. اها بلڪل سچي تصوير ان
ننڍي ناٽڪ ۾ پيش ڪئي وئي آهي.“ 15
پنهنجي ناٽڪن جي حوالي سان منگهارام ملڪاڻي لکي
ٿو ته” 1945ع تائين مون ويهه، پنجويهه ننڍا ناٽڪ ڳنڀير ، گهرو، پنگتي ۽ قومي مسئلن
تي حقيقت نگاريءَ جي قاعدن موجب لکيا، جن
۾ انساني جيوت کي پيش ڪرڻ ۽ اُن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪيم. منهنجو متو آهي ته
ساهت کي وندر سان گڏ سکيا پڻ ڏيڻي آهي ۽ منهنجو عقيدو آهي ته زندگيءَ جون خاميون
تڙي ڪڍجن ۽ انسان ذات کي خوشحال ڪرڻ لاءِ ناٽڪ ڪري ڏيکارڻ جهڙو ٻيو ڪو ڪارائتو
واهڻ ڪونهي. ڇو جو زندگيءَ جا منظر اسٽيج تي اکئين ڏسڻ سان جو تاثر پيدا ٿئي ٿو،
سو ڪتب خاني ۾ ڪتاب پڙهڻ سان ٿي ڪين سگهندو“. 16
پروفيسر منگها رام
ملڪاڻيءَ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته سندس ناٽڪ ” ٽي پارٽي“ اردوءَ ۾ ترجمو ڪري
ريڊيو ناٽڪ جي صورت ۾ آل انڊيا ريڊيو تان 1943ع ۾ نشر ڪيو ويو.
منگها رام ملڪاڻيءَ جي
ناٽڪ ” پاپ ڪين پِڃَ“ جو مکيه ڪردار سندس سڳي پڦي ڪماري چتر ٻائي هئي. جيڪا اڃا ٻن
ٽن ورهين جي هئي ته ڪنهن بيماريءَ سبب اکين جو نور وڃائي ويٺي. ساڌو هيرانند کيس
گهر تعليم ڏيڻ ايندو هو. ” تنهن دؤر ۾ کيس
سُڌ هئي ته جن کي نرت ڪانهي، تن کي وديا ڏئي سگهجي ٿي. هو ڪماري چتر ٻائي کي
انگريزيءَ جي تعليم ڏيڻ لاءِ هندستان جي جدا جدا شهرن مان وڃي، پاڻ (Brillie) سکي آيو. جنهن سان هوءَ گهڻي قدر انگريزي سکي
وئي هئي. ساڌو هيرانند جي چالاڻي بعد هن ’ برل سسٽم‘ وسيلي سنسڪرت به سکي. هن ڪيترائي
ڪتاب انگريزي، سنسڪرت ۽ سنڌيءَ ۾ ’
برل سسٽم‘ تحت پاڻ لکيا“. 17
تنهن زماني ۾ منگهارام
ملڪاڻي جيئن ته وڏي بهادريءَ سان سماجي خرابين کي وائکو ڪيو، تنهن ڪري مٿس سخت
تنقيد ڪئي وئي، تڏهوڪين اخبارن سندس خلاف باهه ٻاري ڏني، هن کي همٿائڻ بدران مٿس
الزام مڙهيو ويو ته هو معاشري ۾ فحاشي پيو ڦهلائي. ان جو هڪ سبب اهو به هو ته مرزا
قليچ بيگ پهريون ماڻهو هو ، جنهن سنڌي ناٽڪ کي ڌرمي اثر مان ٻاهر ڪڍي نج اصلاحي
مقصدن لاءِ ڪتب آندو. سندس پوئواري ڪشنچند بيوس ۽ خانچند درياڻيءَ به ڪئي، پر
معاشرتي اوڻاين کي جنهن طريقي سان پروفيسر منگهارام ننگو ڪيو، ان جو ردِ عمل ته
اچڻو ئي هو. پر هن تنقيد ۽ اصلاح جي شروعات پنهنجي گهر کان ڪئي. سندس ناٽڪن ۾ الف
ليلوي داستان يا ليليٰ مجنون جي عشق جي قصن بدران سنڌي سماج جا جيئر جاڳندا ڪردار
سندس ناٽڪن جا موضوع هئا. ان تنقيد تي پنهنجو بچاءُ ڪندي هن ” پنگتي پردا“ جي مهاڳ
۾ لکيو هو ته ” جهوني زماني جا افسانا، جن ۾ ديون، پرين جون ڪرامتون ۽ راجا راڻين
جا ڪارناما هوندا هئا، يا عشق ۽ جنگ جي بازار گرم هوندي هئي، سي اڄ ناٽڪي صورت ۾
آڻجن ته جيڪر عجيب يا ناممڪن پيا لڳن. اڄوڪي زماني ۾ عام ماڻهو جي ڪشمڪش ايتري قدر
وڌي وئي آهي جو جيوت ۾ سٺائي سهڻائي خير ڪا وڃي رهي آهي. اسان جي گهرو، پنگتي ۽
قومي زندگي اوڻاين سان ٽمٽار آهي. شيڪسپيئر جي گفتي موجب، جيڪڏهن ’ ناٽڪ زندگيءَ
جي آرسي آهي‘ ته اڄوڪن ناٽڪن ۾ اُنهن اوناين کي آڻڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي“. 18
پروفيسر ملڪاڻيءَ جي ناٽڪ ’
ناخلف‘ جو مکيه ڪردار ملڪاڻي صاحب جو پيءُ
اُڌارام ۽ سندس ننڍو ڀاءُ عالمچند آهن. ” اُڌارام، عالمچند کي ريهي بيهي پنهنجي
زمينداري ڪم ۾ لڳائڻ ٿي چاهيو، پر عالمچند جي دل ننڍپڻ کان ئي سنگيت طرف مائل هئي.
ناٽڪ جو اهو نوجوان پيءُ جي ٺيڪن جي ڪمن ۾ وڃڻ بجاءِ بمبئيءَ وڃي سئنيما جو فن سکڻ
ٿو چاهي“. 19
ان ناٽڪ جو مطلب اولاد تي
زور زبردستي ڪرڻ بدران انهن جي رهنمائي ڪرڻ، سندن ڳالهه ٻڌڻ ۽ پنهنجي ڌيان موجب
مستقبل جي چونڊ ڪرڻ آهي. اهڙي ئي ڪهاڻي تي مشتمل بالي ووڊ جي سنڌي هدايتڪار راجڪمار هيراڻيءَ جي فلم ” ٿري اڊيٽس“ آهي. جنهن
۾ نوجوانن کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پنهنجي ذهن آهر ڪرڻ جي ڳالهه تي زور ڏنل آهي.
پروفيسر ملڪاڻيءَ جي ٻن
ناٽڪن ’ ٻي زال‘ ۽ ’ ٻه باهيون‘ جي ڪهاڻي پهرين زال جي گذاري وڃڻ بعد ٻي شاديءَ تي
مشتمل آهي. اها ڪهاڻي به حقيقي ۽ ملڪاڻي صاحب جي گهر جي آهي. سندس والد اُڌارام
پهرين زال جي گذاري وڃڻ بعد ٻي شادي ڪئي. جنهن سبب منگها رام ۽ سندس ڀاءُ عالمچند
کي ماٽيلي ماءُ جا عذاب سهڻا پيا. هنن ناٽڪن وسيلي ٻي شاديءَ جا ناڪاري اثر سامهون آندا ويا. جڏهن ته انهن ناٽڪن ۾ وڏي عمر
۾ جوان ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جي نقصانن کي به ڏيکاريو ويو آهي. اهڙي قسم جو ناٽڪ
سندس دلي دوست خانچند درياڻي ” جيئري تي جيئري“ لکيو هو.
” گهر ۾ ماٽيلي ماءُ اچڻ
سان اهو گهر اُجڙي ٿو وڃي، اهو سبق پرائي، منگها رام وچولي وهيءَ ۾ پنهنجي زال جي
گذاري وڃڻ بعد، ٻارن جي سک خاطر. پاڻ ٻي شادي نه ڪئي ۽ ائين باقي عمر اڪيلائپ جي
زندگي ڪاٽيائين“.20
سندس اڪيلائي جو احساس اسان کي سندس ٻين ناٽڪن ’ دل ۽ دماغ‘ ، ’ اڪيلي دل‘
۽ ’ ٻه ڀينر ‘ ۾ به نظر اچي ٿو.
سندس ناٽڪ ’ ٻه ڀينر‘ ۽ ’
دل ۽ دماغ‘ ۾ ٽيوشن پڙهندڙ ٻه نارين ۽ سندس استاد جي عشق تي لکيل آهي. اهو استاد
ڪو ٻيو نه پر خود ملڪاڻي صاحب هو. مطلب نيڪيءَ جي شروعات گهر کان ڪجي، جي مصداق هن
تنقيد جي شروعات به پاڻ ۽ پنهنجي خاندان تي ڪئي آهي. اهڙو ناٽڪ نويس ورلي ٿو نظر
اچي. انهن ناٽڪن ۾ پنهنجي اِنهن ماستر ڪردارن جي طرفداري ڪندي هو چوي ٿو ته ” اهي
به انسان آهن، جن جي اندر ۾ دل آهي ۽ پاڙهيندي پاڙهيندي، جي دليون اٽڪي ويون ته
عجب ڪونهي، نڪو ڪو اُن ۾ گناهه آهي“. 21پروفيسر ملڪاڻي جو ناٽڪ’
ٽي پارٽي‘تمام گهڻو مقبول ويو ۽ اڄ تائين اسٽيج ٿيندو پيو اچي. سندس ٻيو اهم ناٽڪ ’
ليڊيز ڪلب‘ آهي. هن ناٽڪ جو موضوع سماجي لاڳاپن لاءِ ڪلب ويندڙ عورتون آهي، جنهن ۾
ٻڌايو ويو آهي ته ليڊيز ڪلبن ۾ عورتون خراب ڪيئن ٿين ٿيون، اهو موضوع به اڄ جو ٿو
لڳي. ناٽڪ ’ سمنڊ جي گجڪار‘ ، ’ ڪوڙو ڪلنڪ‘ ۽ ’ جيون ناس‘ سندس جي عشقن تي منحصر
آهي. هو پاڻ به ان جو اعتراف ڪري ٿو. اهي ٽئي ناٽڪ هن سنڌ ۾ لکيا هئا، جنهن ۾ هن
جي جوانيءَ جي عشقن جا داستان هئا. هن ناٽڪن ۾ ٻن پريمين کي ان ڪري ڌار ٿيندي
ڏيکاريو ويو آهي، جو سندن ميلاپ مائٽن کي پسند ڪونهي.
ملڪاڻي صاحب ڪيترو نه دور
انديش هو، ان جو اندازو ان ڳالهه مان سگهجي ٿو ته هن ڪٽنبي رٿابنديءَ جي ڳالهه
1932ع ۾ ناٽڪ ’ اولاد ‘ ۾ ڪئي هئي. هن ، اِن ناٽڪ وسيلي اهو پيغام ڏنو هو ته
رٿابنديءَ کانسواءِ اولاد ڄڻن عقلمندي ناهي. ان ناٽڪ جو هڪ مڪالمو ڪيترو نه
اثرائتو آهي. ” اهو جهونو زمانو هو، جڏهن اولاد هڪ نعمت سمجهيو ويندو هو ۽ پيرن
کان پِني وٺبو هو. پر هن ڪٺن سمي ۾ جڏهن ويلي ويلي لاءِ لٺ لڳي پئي آهي، تڏهن بنا
هوند جي بي خيالو ٿي اڌ اُگهاڙا، اڌ بکايل ٻار پيدا ڪرڻ ڀاري گناهه آهي“. 22
هن تڏهوڪين هندن خاص طور
تي مٿئين طبقي عاملن تي طنز ’ ميلاپ‘ ۾ ڪئي آهي. اهو ناٽڪ هڪ عامل ڇوڪري جي مائٽن
جي مرضيءَ خلاف شادي تي آهي، جنهن کي ساهرن ۾ به سڪ نه ٿو ملي. هن اهو ناٽڪ سنڌ ۾
لکيو هو، پر بعد ۾ ان ۾ ڪردارن جي ڪجهه ڦير ڦار ڪري هند ۾ به ڇپايو هو، جيڪو اتي
منچ تي به آيو. سندس ناٽڪ ’ پريت جي ريت‘ جو موضوع سس ننهن جا جهيڙا آهن.
سندس ناٽڪ ’ پريم جي سيجا‘
کي سڄي هندستان جي بهترين ايڪانڪيءَ جو ايوارڊ به مليو هو. جيڪو زال مڙس جي لاڳاپن
تي مشتمل ناٽڪ آهي. هن ناٽڪ ۾ عورت کي مرد خراب ڪرڻ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري ٿو ، اهو
ڏيکاريل آهي. ملڪاڻي صاحب جي ناٽڪ ’ پاپ جون پاڙون‘ جو موضوع هڪ پيرسن پاران 15
سالن جي جوانڙيءَ سان زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش آهي. اهو هڪ نفسياتي ناٽڪ آهي. هن جي
ناٽڪ ’ پيريءَ جو توشو‘ جي ڪهاڻي به تمام
دلچسپ آهي ته ڪيئن نه هڪ انجنيئر سڄي عمر رشوت جي ڪمائي کائي ٿو ۽ گهر ڀاتين کي
کارائي ٿو. رٽائرمينٽ بعد گهر ڀاتي ساڻس جيڪي ڪجهه ڪن ٿا اهو هن ڊرامي ۾ ڏيکاريو
ويو آهي. نيٺ هو گهر ڇڏي فوٽ پاٿ تي اچي ويهي ٿو. ملڪاڻي صاحب جي گهر واري سندس
جوانيءَ ۾ ئي چالاڻو ڪري وئي هئي، پوءِ هن ٻي شادي نه ڪئي. ان ڪهاڻيءَ کي هن
پنهنجي ناٽڪ ’ پيري‘ جو به موضوع ٺاهيو آهي ته مرد لاءِ جيون ساٿي نه هئڻ سبب ڪهڙا
مسئلا پيدا ٿين ٿا. اهي مسئلا سماجي ۽ نفسياتي آهن.
’سونهن جو نماءُ‘ ۾ آفيسن
۾ ڪم ڪندڙ اهڙين ڇوڪرين کي بحث هيٺ آندو ويو آهي، جيڪي ڪم ڪرڻ بدران پنهنجي سونهن
۽ جسم جي نماءَ سان اعليٰ آفيسرن کي هرکائين ٿيون. اهي اوور ٽائين جي بهاني دير
تائين آفيسن ۾ ويهي، بالا عملدارن جي دل وندرائين ٿيون. جنهن سنا معاشري ۾ بداخلاقي
۽ بي حيائي وڌي ٿي. اهڙيون ڇوڪريون مائٽن سان به ويساهه گهاتي ڪن ٿيون. ناٽڪ ’ کڙ
کٻيتا پيا ٽمڪن‘ جو موضوع ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي شاديءَ کان اڳ ميلاپ تي آهي. ’ روپ ۽
ڪلا‘ ناٽڪ ۾ اسٽيج تي ڪم ڪندڙ اداڪارن ۽ هدايتڪارن جي مسئلن کي چٽيو ويو آهي. ڀارت
۾ رچيل سندس ناٽڪ ’ هو گليءَ جي ڪناري‘ به هن جي شخصي آزمودي تي منحصر ڪهاڻي آهي.
جنهن ۾ هڪ مرد جي زال جو ٻئي مرد سان ٺهي وڃڻ ۽ ان مرد جا پنهنجي نوڪرياڻيءَ سان
لاڳاپا بحث ۾ آندا ويا آهن.
ملڪاڻي صاحب جا ورهاڱي کان
اڳ لکيل ناٽڪ گهڻو تڻو سماجي اوڻاين کي وائکو ڪرڻ وارا ۽ ورهاڱي کانپوءِ وارا ناٽڪ
انسان جي اندر جي نفسياتي پيچيدگين جي موضوع تي آهن. ملڪاڻي صاحب کي پنهنجو ناٽڪ ’
ٽي پارٽي‘ گهڻو وڻندو هو. هن جي ناٽڪن جا موضوع تمام گهڻا حقيقي هئڻ سبب انهن کي اُگرا ناٽڪ سڏي سخت تنقيد به ڪئي وئي.
جنهن جو هو هميشه جواب ڏيندو رهيو. پنهنجي ساٿي گوبند مالهيءَ جي تنقيد جو جواب هن
’ کڙ کٻيتا پيا ٽمڪن‘ مجموعي جي مهاڳ ۾ هن ريت ڏنو آهي. ” ڪجهه وقت کان ڪن نقادن
جو رايو آهي ته منهنجي ناٽڪن جا موضوع بيشڪ نوان ۽ بي باڪ آهن، پر منجهن ڪشمڪش (Conflict)،
انتظار (Suspense) ۽ عروج (Climax) جون ناٽڪي خاصيتون گهٽ آهن. اها
شڪايت مون لاءِ ڌڌڪو ڏيندڙ آهي. مون ننڍي هوندي کان وٺي سيڪڙو (سوين) سنڌي، اردو،
گجراتي، مرهٽي، بنگالي ۽ انگريزي ناٽڪ شوق سان ڏٺا آهن. جوانيءَ کان برد اوسٿا
(پيري) تائين اسٽيج ۽ ريڊيو لاءِ ناٽڪ لکيا ۽ ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاريا اٿم ۽
منجهن پارٽ به ادا ڪيا اٿم. گويا مان پليو نپنو ئي رنگ ڀوميءَ جي مانڊاڻ ۾ آهيان.
تنهن هوندي به بنيادي ناٽڪي خاصيتون مون گرهڻ نه ڪيون هجن، مون لاءِ حيرت جي ڳالهه
آهي“. 23
منگهارام
ملڪاڻيءَ جا ناٽڪ سماجي خرابين کي وائکو ڪرڻ جي حوالي سان وڏي اهميت وارا آهن،
جيڪي هندستان ۾ ته ايڪڙ ٻيڪڙ پيش ٿيندا رهن ٿا، پر سنڌ سندس ناٽڪ ’ ٽي پارٽي‘
1980ع ۾ سنڌي ناٽڪ صديءَ جي موقعي تي ڏيکاريو ويو هو. سنڌ ۾ ٽيلي ويزن ناٽڪن جي
مقبوليت سبب اسٽيج ناٽڪن جو زور ٽٽي ويو آهي. جيڪي ناٽڪ پيش به ٿين ٿا، انهن ۾
سنجيدگيءَ جو ڪو پهلو نه هوندو آهي، پر اهي مزاحيه چهچٽا هوندا آهن، جن جو مقصد ڪو
اصلاحي پيغام ڏيڻ نه پر ڏسندڙن جي دل وندرائڻ لاءِ کين کلائي کلائي پيٽ ۾ سور وجهڻ
هوندو آهي.تازو ڪراچيءَ ۾ آرٽس ڪائونسل پاران سنڌي ناٽڪ کي ٻيهر جيئارڻ جي ڪوشش
ڪئي وئي آهي، اهو سلسو اڳتي وڌڻ گهرجي. ٻيو ته ملڪاڻي صاحب جا ناٽڪ ٽيلي ويزن تي
ڏيکارڻ جي پوري صلاحيت به رکن ٿا. ان طرف ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي.جيئن سنڌ ۾ اسٽيج
ناٽڪن جو فن پورو ٿي چڪو آهي، ساڳئي ريت ٽيلي ويزن ڊرامن مان به اصلاحي پهلو
ڪڏهوڪو ختم ٿي ويو آهي، هاڻي ڊراما مڪمل طور ڪمرشل ۽ بي مقصد ٿي چڪا آهن. تنهنڪري
ضررت ان ڳالهه جي آهي ته ڊرامن کي وندر بدران سماجي خرابين جي اصلاح جو واهڻ بڻايو
وڃي، جيڪو ڊرامي جو اصل مقصد آهي.
حوالا:
1.
لڇاڻي جڳديش، ساهتيه
جي پرک، ويڻا پبليڪيشن
بمبئي، 1998ع، ص. 115
2.
ساڳيو، ص. 121
3.
پرڪاش پريم، سنڌي
ناٽڪ (ورهاڱي بعد سنڌي ناٽڪ ۽ رنگ منچ جي چڪاس، اؤسر ۽ سمالوچنا)، سنڌي ڊراما
ورڪشاپ احمد آباد، 2004ع. ص. 358
4.
آڏواڻي ڀيرو مل
مهرچند، سنڌ جي هندن جي تاريخ، روشني پبليڪيشن،
ڪنڊيارو، 2006ص. 430
5.
ساڳيو. ص. 430
6.
ساڳيو. ص. 435
7.
ساڳيو. ص. 436
8.
شورو شوڪت حسين،
روزاني ڪاوش حيدرآباد، 25 مارچ 2011ع، ص. 4
9.
ساڳيو.
10.
ملڪاڻي منگها رام،
سنڌي نثر جي تاريخ،سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 2007ع، ص. 14
11.
شورو شوڪت حسين،
روزاني ڪاوش حيدرآباد، 25 مارچ 2011ع، ص. 4
12.
ساڳيو
13.
ساڳيو
14.
کلاڻي لکمي، رچنا ياترا
4، اسان جو ادب 6، ملير آديپور ڪڇ. 2005ع. ص. 190
15.
ملڪاڻي منگها رام،
سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 2007ع، ص. 179
16.
پرڪاش پريم، سنڌي
ناٽڪ (ورهاڱي بعد سنڌي ناٽڪ ۽ رنگ منچ جي چڪاس، اؤسر ۽ سمالوچنا)، سنڌي ڊراما
ورڪشاپ احمد آباد، 2004ع. ص. 359
17.
آڏواڻي ڀيرو مل مهر
چند، سنڌ جي هندن جي تاريخ، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2006ع. ص. 436
18.
ملڪاڻي منگها رام،
سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 2007ع، ص. 179
19.
کلاڻي لکمي، رچنا ياترا 4، اسان جو ادب 6،
ملير آديپور ڪڇ. 2005ع. ص. 191
20.
ساڳيو. ص. 192
21.
ساڳيو، ص. 200
22.
ساڳيو. ص. 195
23.
ساڳيو،ص. 212،213
هي تحقيقي
مقالو “ تحقيقي جرنل ڪارونجهر” (سنڌي شعبو، وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي) جي
شماري، 10، جلد 6، جون 2014 ۾ شايع ٿيو.
|
No comments:
Post a Comment