Friday, February 13, 2015

Dr. Qasim Rajpar: DETERIORATION OF SINDHI LANGUAGE ON TELEVISION CHANNELS

ڊاڪٽر محمد قاسم راڄپر

ٽيلي ويزن چئنلن تي سنڌي ٻوليءَ جو بگاڙ
DETERIORATION OF SINDHI LANGUAGE ON TELEVISION CHANNELS
ABSTRACT
Today Globlization with the improvment in the communication has changed the face of globe. Local geographical boundries have been invaded and corroded by the forces of the modern mass communication. This change has brought many traditional and conservative cultures, in direct exposure of the cultural invasion of diffrent countires of east and west. Modern television has evolved as a strongest agent to dissemninate programs carrying cultures of these sending countries.
In Pakistan, cable TV is the fastest growing medium of communication. Through this TV system the rural population has now gained access to the local as well as the foreign TV channels, which was not so earlier, Pakisatn Television which is the state owned TV channel had been only option for these villagers.
In 2002 after the emergance of new media industry in Pakistan, KTN was the first sindhi satellite TV channel which started satellite transmission in 2003, now 8 Sindhi Television channels telecast news, views and entertainment progams round the clock. The new satellite culture has also challenged the linguistic phenomenon of Sindh by producing its own lingua franca which mixes Urdu and Sindhi. In this research paper I have discussed “Effects, issues and challenges of Sindhi Language on Television”.
ٽيلي ويزن هن وقت برقي ابلاغ ۾ رابطي جو سڀ کان وڌيڪ سگهارو ذريعو آهي. ٽيلي ويزن وسيلي چيل هڪ لفظ يا اسڪرين تي ڏيکاريل هڪ منظر هر عمر جي ماڻهوءَ جو ڌيان ڇڪائي ٿو. ڪيترا ئي سال گذرڻ جي باوجود ماڻهن کي اڄ به راڻيءَ جي ڪهاڻي، ‘خان صاحب’، ‘ديوارين’، ‘جنگل’،‘راڻيءَ جي ڪهاڻي’، ‘آئينو’، ‘سوال’، ‘جياپو’ ۽ ٻيا کوڙ سارا ڊراما، انهن ڊرامن جا منظر ۽ مڪالما به ياد آهن. جديد تحقيق ته اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته برقي ابلاغ جي اوزارن، ريڊيو، ٽيلي ويزن، ٽيلي فون، موبائل ۽ ڪمپيوٽر وسيلي انسان پنهنجي نظرکان وڌيڪ تيزيءَ سان پيغام وصول ڪري سگهي ٿو. هزارين ميل ڏور ملڪن مان ٽيليفون، ڪمپيوٽر، ريڊيو ۽ ٽيلي ويزن وسيلي پيغام اک جي رفتار کان به تيزيءَ سان اسان تائين پهچي وڃي ٿو، ڇوته انساني اک وسيلي ڏسڻ جي به هڪ حد مقرر ٿيل آهي، پر پيغام رسائڻ وارن جديد اوزارن جي رفتار اک کان به گهڻي تيز آهي. سائنس جي ترقيءَ جتي انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ انيڪ ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، اتي انهن سائنسي ايجادن جي غلط استعمال سان انسانن وڏيون تڪليفون به ڏٺيون آهن. انسانن ظاهري طور تي ايٽمي توڙي ٻيا جديد هٿيار پنهنجي تحفظ لاءِ ٺاهيا آهن، پر جڏهن انهن جو غلط استعمال ٿئي ٿو ته پوءِ ناگا ساڪي ۽ هيرو شيما جهڙيون تباهيون اچن ٿيون. تنهن ڪري بنيادي ڳالهه سائنسي اوزارن ۽ جديد ايجادن جو مثبت ۽ درست استعمال نهايت اهميت جوڳو آهي. اڄ جڏهن اسان پنهنجي چؤطرف ڏسون ٿا ته هر پاسي اسان کي انٽرنيٽ ۽ موبائل فون جو استعمال نظر اچي ٿو. انٽرنيٽ جهڙي شاندار ايجاد دنيا کي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ آڻي ڇڏيو آهي. پر ٽين دنيا جي ملڪن ۾ اڄ ان جو درست استعمال سڀ کان وڏو سوال آهي.؟ اهڙيءَ ريت ٽيلي ويزن وسيلي صحيح ۽ غلط معلومات ۽ تفريح جي فراهمي وارو موضوع به سماجي ماهرن وٽ ڊگهي عرصي کان بحث هيٺ آهي. سڌريل ملڪن ته ٽيلي ويزن جي ايجاد سان گڏ ئي ان جي هاڪاري ۽ ناڪاري پاسن تي تحقيق ڪئي هئي، پر اسان جهڙن پوئتي پيل ملڪن ۾ ان طرف گهڻو ڌيان نه پيو ڏنو وڃي. انگريزيءَ ۾ ان سلسلي ۾ چڱو موچارو ڪم نظر اچي ٿو. پر بدقسمتيءَ سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽيلي ويزن جي پروگرامن يا ڊرامن جي اثرن بابت تحقيقي ڪم تمام گهٽ ٿيو آهي. جيئن ته هتي اسان جي بحث جو موضوع ٽيلي ويزن پروگرامن خاص طور تي سنڌي ڊرامن ۾ ٻوليءَ جو وڌندڙ بگاڙ آهي، تنهن ڪري اسان پاڻ کي ان تائين محدود رکنداسين.
ٻولي انسان جو فطرتي ۽ قدرتي ورثو آهي، جيڪو انسان ذات کي خلقڻهار پاران شروع کان ئي عطا ٿيو آهي. اهو ورثو انسان جي ترقيءَ سان گڏ اڳتي وڌي ٿو. تهذيبي ترقيءَ جو واسطو  به ٻوليءَ جي ترقيءَ  سان لاڳاپيل آهي. اها ڳالهه  تسليم ٿيل آهي ته دنيا جون سموريون ٻوليون، ان علائقي جي علمي، ادبي، تهذيبي، اقتصادي ۽ صحافتي سازگار ماحول ۾ وڌنديون آهن. ڌار ڌار علمن ، سائنسي ايجادن ۽ ٽيڪنالاجي وسيلي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪنديون آهن. هر قوم لاءِ ٻولي رابطي جو سڀ کان اثرائتو وسيلو رهي آهي. هاڻي جڏهن اطلاعاتي ذريعا اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سگهارا ٿيا آهن ته ٻوليءَ جي اهميت اڃا به وڌي آهي. سنڌي ٻولي نشري ٻوليءَ کان هڪ وک اڳتي وڌائي انٽرنيٽ جي ٻولي ٿي چڪي آهي. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ علمي، ادبي، تهذيبي ۽ صحافتي سازگار ماحول تمام گهڻو ضروري هوندو آهي. ڌار ڌار علمن، هنرن، ايجادن، ڄاڻ ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعن مان معلومات جي مٽا سٽا ڪري ڪنهن به ٻوليءَ جي تحفظ ۽ ترقيءَ جو بندو بست ڪري سگهجي ٿو. هن وقت جڏهن سڌ سماءُ جي مڙني وسيلن ۾ ٽيلي ويزن سڀ کان وڌيڪ اثرائتو ذريعو بڻيل آهي. اتي مختلف ٻولين تي ان جا ناڪاري اثر به هڪ وڏو سوال آهن. اطلاعاتي ترقيءَ واري هن دؤر ۾ سنڌي ٽيلي ويزن چئنلن جي ٻوليءَ تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي.
پاڪستان ۾ ٽيلي ويزن ڊرامن جي شروعات
1964ع ۾ پاڪستان ۾ ٽي وي نشريات شروع ٿيڻ سان گڏ ئي ٽي وي ڊراما وجود ۾ آيا. حڪومتي ڪنٽرول جي ڪري پي ٽي وي خبرن جي سلسلي هميشه عوام کي پوئتي رکيو ۽ ان تان صرف حڪمرانن جي سرگرمين تي مشتمل خبرون ڏنيون ويون. جڏهن ته ان جي برعڪس ڊرامن ۾ عوامي امنگن ۽ روايتن جو خيال رکيو ويو. تنهن ڪري ڊرامي جي ترقي ۽ ترويج لاءِ پي ٽي وي جو ڪردار خبرن کان وڌيڪ اهم رهيو. بقول حميد ڪاشميريءَ جي ته “ڊرامو پي ٽي وي جو بنيادآهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ ٽي وي کان ٻاهر ڪڍي نه ٿو سگهجي. ٽي وي جي عزت ڊرامو آهي”.1
شروعاتي ڏينهن ۾ٽيلي ويزن جهڙي نئين اطلاعاتي وسيلي جي آمد سان گڏ ان جي فني رخن کان واقفيت نه هئڻ سبب ڊرامن جا مسودا حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي. تنهن زماني ۾ ڊرامن جا مسودا ٽن طريقن سان حاصل ڪيا ويا. پهريون وسيلو ته اسٽيج ڊراما هئا ۽ ٻيو ريڊيو ڊراما هئا، جن ۾ ڪجهه تبديلي ڪري ان ۾ ٽي وي ڊرامن جون فني ضرورتون  شامل ڪري اسڪرين تي پيش ڪيا ويا. پر سڀ کان وڌيڪ اهم ڪم ناليوارن اديبن کان ڊراما لکرائي پاڪستان ۾ ڊرامن جي هڪ نئين صنف متعارف ڪرائي وئي.
ٽيلي ويزن ڊرامو آرٽ آهي ۽ ادب جو حصو هئڻ سبب ٻين صنفن جي مقابلي ۾ ڪنهن به ريت گهٽ ناهي. ڊرامو جيڪڏهن ٿيٽر ۾ پيدا ٿيو، ٻاراڻي وهي هن ريڊيو تي گذاري ته جواني وري ٽي وي تي ماڻي. اسٽيج ۽ ريڊيو جي ڀيٽ ۾ ٽي وي ڊرامو تمام گهڻو طاقتور آهي. جنهن جو اثر رابطي جي ٻين سمورن وسيلن کان تيز آهي. ٽي وي ڊرامو فقط تفريح ناهي، پر ان کي جاڳرتا جي سلسلي ۾ به استعمال ڪيو ويو آهي. ڊرامي جو اثر ايترو تيز آهي جو هاڻي اهو گهريلو زندگيءَ تي تمام گهڻو اثر انداز ٿي رهيو آهي. عورتون هار سينگهار، فيشن، گهرن جي سجاوٽ وغيره به ٽي وي ڊرامن کان متاثر ٿي ڪن ٿيون. جڏهن ته نوجوان طبقو پنهنجي اٿڻي ويهڻي ۾ ڊرامي کان تمام گهڻو متاثر نظر اچي ٿو.
پي ٽي ويءَ جي شروعاتي ڏينهن کان پڙهيل لکيل اديب، ناٽڪ نويس ۽ شاعر هن اداري سان سلهاڙجي ويا. جن پنهنجي تخليقن سان پي ٽي وي کي شاهڪار ڊراما به ڏنا. شروع ۾ ڪجهه اسٽيج ۽ ڪجهه ريڊيو ڊراما به پي ٽي ويءَ تان ٽيليڪاسٽ ٿيا. شروع واري دؤر ۾ پي ٽي ويءَ جا ڊراما رڪارڊ ڪرڻ جي سهولت نه هوندي هئي، جنهن ڪري اهي سٽيج ڊرامن وانگر ٿيندا هئا. پي ٽي ويءَ تان سڀ کان پهريون ڊرامو‘ نذرانه’ پيش ڪيو ويو. جيڪو نجمه فاروقيءَ لکيو ۽ فضل ڪمال پروڊيوس ڪيو. ان دؤر ۾ ٻيو مشهور ڊرامو ‘کنڊر’ پيش ڪيو ويو، جيڪو مختار صديقيءَ لکيو ۽ آغا ناصر پيش ڪيو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽيلي ويزن  ڊرامن جي اوسر
پاڪستان ٽيلي ويزن جي نشريات جو دائرو وسيع ڪرڻ لاءِ صوبن جي گاديءَ جي هنڌن ۾ ٽي وي مرڪز قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ ٽي وي مرڪز جو افتتاح نومبر 1967ع تي ڪيو ويو. سنڌيءَ ۾ پهريون ٽي وي پروگرام‘ رس رهاڻ ’  22 جنوري 1970ع تي پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ پيش ڪيو. اهڙيءَ ريت سنڌيءَ ۾ پهريون ٽي وي پروگرام پيش ڪرڻ جو اعزاز به کيس حاصل ٿيو.
‘ زينت ’ ، پي ٽي ويءَ جو پهريون سنڌي ڊرامو 
پاڪستان ٽيلي ويزن جي انتظاميا جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊراما پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ساڳيو اردو ڊرامن وارو مسئلو پيدا ٿيو ته اهي ڊراما لکندو ڪير؟  پر جيئن ته عبدالڪريم بلوچ پهريان ريڊيو تي صداڪار ۽ پروڊيوسر جي حيثيت سان ڪم ڪري چڪو هو، تنهن ڪري هن کي ريڊيو ڊرامن جي گرامر جي ڄاڻ هئي، جنهن اها ڄاڻ تنهن دؤر جي اديبن ۽ ڪهاڻيڪارن کي ڏني. پاڪستان ٽيلي ويزن جي پهرئين سنڌي ڊرامي لاءِ مرزا قليچ بيگ جي ناول ‘ زينت ’ کي شمشير الحيدريءَ ڊرامي جو روپ ڏنو، جيڪو ٽن قسطن تي مشتمل هو. ان ڊرامي جو هدايتڪار ۽ پيشڪار  به عبدالڪريم بلوچ هو. ‘ زينت ’ ڊرامي جي پهرين قسط 29 جنوري 1970ع تي پيش ڪئي وئي. جڏهن ته ٻي قسط 5 فيبروري 1970ع ، ٽين ۽آخري قسط 12 فيبروري 1970ع تي پيش ڪئي وئي. هر قسط 25 منٽن تي مشتمل هئي. ان ڊرامي جو احوال بلوچ صاحب هن ريت لکيو آهي. “ٻئي پروگرام لاءِ تياري شروع ڪيم، هاڻ ڊرامو ڪرڻو هو سو به قسطوار. انهيءَ لاءِ مون مرحوم شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جن جي ناول زينت جو انتخاب ڪيو ۽ ڊرامائي تشڪيل جو ڪم جناب شمشير الحيدريءَ کي سونپيم. مکيه ڪردارن زينت لاءِ ڀيڻ غزالا رفيق (مرحومه) ۽ علي رضا لاءِ قربان جيلاني (مرحوم) جو انتخاب ڪيو ويو. ٻين ڪردارن ۾ عبدالرحمان ميمڻ، عبدالحق ابڙو، ڪامران ڀٽي، ممتاز پنهور، محمد صديق مغل، پروين عيساڻي، بلقيس سيد، زبير نوناري، زيبو ۽ ڪيترائي ٻيا فنڪار هئا. ٽنهي قسطن کي ڪهاڻي، ڊرامائي روپ، اداڪاري ۽ پراڊڪٽس جي لحاظ کان بيحد پسند ڪيو ويو” . 2
پهريون طبعزاد سنڌي ٽيلي ويزن ڊرامو :
پي ٽي ويءَ جا پهريان ٻئي ڊراما ‘زينت’ ۽ ‘هي جيون هي سپنا’ طبعزاد ڊراما نه هئا، اهڙيءَ ريت ٽيون ڊرامو ‘خواب جوسورج’ به طبعزاد ڊرامو نه هو، اهو ڊرامو گورڪيءَ جي ناول تان ورتل هو. جڏهن ته ٽي ويءَ جو پهريون طبعزاد ڊرامو امر جليل جو لکيل ‘ اوندهه ۽ روشني’ هو. جيڪو 11، جون 1970ع تي عبدالڪريم بلوچ پيش ڪيو. بلوچ صاحب ان ڊرامي بابت لکي ٿو ته “ هن ڊرامي ۾ به مکيه ڪردار غزالا رفيق (مرحوم) ۽ قربان جيلاني (مرحوم) ادا ڪيا. ساڻن ٽيون ڪردار رشيد هميراڻيءَ ڪيو. هيءَ ڊرامو بلوچي زبان ۾ ترجمو ٿي ڪوئٽه سينٽر تان پڻ پيش ٿيو. امر جليل جي لکيل ڊرامي ‘ماءُ’ کي پي. ٽي وي (پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن) کان انعام مليو. هن ڊرامي ۾ انڌي ماءُ جو ڪردار غزاله رفيق ۽ (مفرور قيدي) پٽ جو ڪردار وسيم ڪيو، هيءَ پهريون سنڌي ڊرامو هو، جيڪو پاڪستان جي سمورين اسٽيشنن تان هلايو ويو ۽ پروڊيوسرن کي هدايت ڪئي ويئي ته انهيءَ کي ضرور ڏسن”.3
موجوده دؤر ۾ ٽيلي ويزن جي اهميت
2008ع ۾ بي بي سيءَ ٽيلي ويزن چئنلن جي مقبوليت بابت هڪ سروي جاري ڪئي. اها پنهنجي نوعيت جي منفرد رپورٽ آهي. 2008ع ۾ ٿيل ان سروي وسيلي اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته پاڪستان ۾ سيٽلائيٽ ٽي وي چئنلز تيزيءَ سان پير کوڙي رهيا آهن. جنهن سبب سڌ سماءُ جي مڙني وسيلن مان ماڻهن جي سڀ کان وڌيڪ رسائي ٽيلي ويزن تائين آهي. اها شرح شهرن اندر 96 سيڪڙو (مرد) ۽ 96 سيڪڙو (عورتون)، جڏهن ته ٻهراڙين ۾ اها شرح ترتيب وار 87 سيڪڙو ۽ 79 سيڪڙو آهي. سنڌ اندر سڌ سماءَ جي مڙني وسيلن ۾ ٽيلي ويزن سڀ کان وڌيڪ مقبول وسيلو آهي. جڏهن ته ان کانپوءِ ريڊيو (سراسري طور 39 سيڪڙو) ۽ اخبارون (سراسري طور 37 سيڪڙو) ماڻهو پڙهن ٿا.
پاڪستان ۾ ڪيبل ٽيلي ويزن (CTV) جي شروعات 2002 کان ٿي، جڏهن پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) لائسنس جاري ڪرڻ شروع ڪيا. پهرئين سال سڄي پاڪستان ۾ 900 لائسنس جاري ڪيا ويا، جڏهن ته پيمرا جي 2010 ۾ جاري ڪيل رپورٽ موجب سڄي ملڪ ۾ 2500 ڪيبل آپريٽرن کي لائسنس جاري ڪيا ويا آهن. ڪيبل/ سيٽلائيٽ ٽي ويءَ جي ترقيءَ جا سنڌي ٽيلي ويزن چئنلن تي به اثر پيا آهن. هن وقت سڄي پاڪستان ۾ صوبائي ٻولين مان سڀ کان وڌيڪ اخبارون ۽ رسالا سنڌيءَ ۾ شايع ٿين ٿا، جن جي پڙهندڙن جو ڳاڻيٽو ٻين صوبائي ٻولين کان تمام گهڻو آهي. ساڳئي ريت جڏهن ٽيلي ويزن چئلن ۾ تعداد ۽ لوڪ پسند جي لحاظ کان صوبائي ٻولين ۾سڀ کان وڌيڪ ٽي وي چئنل سنڌيءَ ۾ آهن. جن جو تعداد هن ريت آهي.
چارٽ نمبر: 1
سيريل نمبر
ٽي وي چئنل جو نالو
ڪيفيت
1
ڪي ٽي اين
تفريحي
2
ڪي ٽي اين نيوز
خبرون
3
سنڌ ٽي وي
تفريحي
4
سنڌ ٽي وي نيوز
خبرون
5
ڪشش
تفريحي
6
آواز
تفريحي/ خبرون
7
مهراڻ
تفريحي/ خبرون
8
ڌرتي
تفريحي/ خبرون

پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا)جي رڪارڊ موجب هن وقت پاڪستان ۾ 91 سيٽلائيٽ ٽي وي چئنلن کي لائسنس جاري ٿيل آهن. جن مان چئن چئنلن اڃا نشريات شروع نه ڪئي آهي، باقي 79 چئنلن جي نشريات جاري آهي. جڏهن ته باقي چئنلن مان ڪجهه چئنل نشريات جي تياري ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه جا لائسنس في ادا نه ڪرڻ سبب رد ٿيل آهن. سنڌيءَ ۾ 8 سيٽلائيٽ ٽي وي چئنل نشريات ڏيکاري رهيا آهن. جڏهن ان جي ڀيٽ ۾ پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ سرائيڪي ٻولين جي چئنلن جو انگ تمام گهٽ آهي. تفصيل لاءِ هي چارٽ ڏسو.
چارٽ نمبر: 2
سيريل نمبر
ٽي وي چئنل جو نالو
ٻولي
ڪيفيت
1
اپنا چئنل
پنجابي
تفريحي/ خبرون
2
پنجاب ٽي وي
پنجابي
تفريحي/ خبرون
3
راوي ٽي وي
پنجابي
خبرون
4
ڪي 2
پنجابي، پوٺوهاري، سرائيڪي
تفريحي
5
اي وي ٽي خيبر
پشتو
تفريحي
6
خيبر نيوز
پشتو
خبرون
7
پشتو ون
پشتو
تفريحي/ خبرون
8
وش ٽي وي
بلوچي
تفريحي/ خبرون
9
روحي
سرائيڪي
تفريحي
10
وسيب
سرائيڪي
تفريحي/ خبرون

چارٽ نمبر 1 ۽ 2 جو جائزو وٺڻ مان معلو ٿئي ٿو ته سڀ کان وڌيڪ ٽي وي چئنل سنڌي ٻوليءَ ۾ آهن. پاڪستان جي صوبائي ٻولين جي چئنلن جي درجي بنديءَ لاءِ گيلپ سروي پاران جيڪي انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، اهو نه رڳو حيران ڪندڙ پر فخر جوڳا به آهن. 1998ع جي  آدمشماريءَ  موجب پاڪستان ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ 14 سيڪڙو، پنجابي ڳالهائيندڙ 44 سيڪڙو، پشتو ڳالهائيندڙ 14 سيڪڙو ۽ بلوچي ڳالهائيندڙ 3.5 سيڪڙو آهن. پر سڀ  کان وڌيڪ ٽيلي ويزن چئنل سنڌيءَ ٻوليءَ جا ڏٺا وڃن ٿا. وڌيڪ تفصيل لاءِ هي چارٽ پڙهو.



چارٽ نمبر: 3
پاڪستان ۾علائقائي ٻولين جي ٽي وي چئنلن ڏسندڙ
(ذريعو: گيلپ ميڊيا سائبر ليٽر 2012)
مٿئين انگن اکرن مان ظاهر آهي ته جيڪڏهن سنڌيءَ کانسواءِ ٻين سمورين ٻولين جي ڏسندڙن جو تعداد پاڻ ۾ ملايو وڃي، تڏهن به سنڌي ٽيلي ويزن چئنل ڏسندڙن جو تعداد  سڀ کان وڌيڪ آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ، واڌاري ۽ سڌاري لاءِ اسان کي سڀ کان وڌيڪ ذميداريءَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
پي ٽي ويءَ جي سنڌي ڊرامن جي ٻولي:
سنڌ جي وڏي براڊ ڪاسٽر عبدالڪريم بلوچ سنڌي ٽيلي ويزن نشريات جو بنياد رکيو، جيڪو ان کان اڳ ريڊيو حيدرآباد تي صداڪار ۽ پروڊيوسر جي حيثيت سان ڪم ڪري چڪو هو. تنهن دؤر ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جو مرڪز به حيدرآباد هئي. سنڌ جا مکيه علمي ۽ ادبي ادارا به حيدرآباد ۾ هئا. جتي سنڌ جا وڏا عالم ۽ اديب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي آبياري ڪندا هئا. انهن عالمن، اديبن، ٻوليءَ جي ماهرن جي صحبت ۾ رهي عبدالڪريم بلوچ جو سنڌي ٻوليءَ سان لڳاءُ فطري هو.هن پنهنجي اها روايت ڪراچي ٽيلي ويزن مرڪز تي به برقرار رکي.ٻيو ته سنڌيءَ ۾ ٽيلي ويزن پروگرامن جي بانين ۾ پير حسام الدين راشديءَ ۽ شمشير الحيدريءَ جهڙا عالم، اديب ۽ ٻوليءَ جا گهڻَ گُهرا هئا. جن کي سنڌي ٻوليءَ جي نشري هئڻ تي فخر ته هيو ئي پر انهن کي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري، سڌاري ۽ تحفظ جو احساس هر وقت هو. ريڊيو حيدرآباد واري روايت کي برقرار رکندي پي ٽي ويءَ تي به سنڌيءَ جي “ساهتي لهجي” کي معياري قرار ڏئي، برقرار رکيو ويو. اهڙيءَ ريت سنڌيءَ ۾ ٽيلي ويزن جي نشريات سنڌي ٻولي ۽ ادب جي عاشقن جي ڪوششن سان معياري لهجي ۾ ٿي. اهو ڪارنامو عبدالڪريم بلوچ جهڙي علم، ادب ۽ فن دوست شخصيت سرانجام ڏنو. جنهن سنڌي ٻولي جي معياري لهجي کي برقرار رکڻ لاءِ جيڪا لٺ پهرين ڏينهن کئين ان مان رٽائرمينٽ تائين هٿ نه ڪڍيو. هن سنڌ مان چونڊي چونڊي عالم، اديب، شاعر، فنڪار، سگهڙ، سازندا، شاهه جا پارکو، ٻوليءَ جا ماهر ٽيلي ويزن تي متعارف ڪرايا. جنهن لاءِ کيس سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽيلي ويزن نشريات جو “باني” ۽ “ ابو” سڏڻ گهرجي. ان دؤر جي سڀني وڏن ڪهاڻيڪارن، ناٽڪ نويسن ۽ شاعرن ٽيلي ويزن لاءِ لکيو، هڪ ته ٽيلي ويزن، ريڊيو جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پرڪشش ۽ تيز ترين موا صلاتي سرشتو هو.جنهن وسيلي ڏسندڙن تائين پيغام تمام گهڻو تيز  رسي رهيو هو. ٻيو ته ريڊيو جي ڀيٽ ۾ اديبن کي تخليق جو اُجورو به وڌيڪ ملندو هو، ان ڪري اديبن، ناٽڪ نويسن ۽ شاعرن جو رجحان ٽي ويءَ طرف وڌيو. شمشير الحيدريءَ کانپوءِ علي بابا، آغا سليم، امر جليل، ممتاز مرزا، مراد علي مرزا، يوسف شاهين، قاضي خادم، قمر شهباز جهڙن ناٽڪ نويس نج سنڌي ٻوليءَ ۾ ناٽڪ لکيا، جيڪي گهڻي ڀاڱي عبدالڪريم بلوچ پيش ڪيا ته انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو خاص خيال رکيو ويو.
                        1975ع  ۾ ممتاز مرزا پاڪستان ٽيلي ويزن تي ‘اسڪرپٽ ايڊيٽر’ طور ذميواري سنڀالي. هو ان کان اڳ ريڊيو حيدرآباد تي انچارج پروڊيوسر هو، هن جي تربيت ريڊيو حيدرآباد تي سندس والد مرزا گل حسن ‘ احسن’ ڪربلائي جهڙي شخصيت ڪئي، جيڪو تڏهن ريڊيو حيدرآباد تي اسڪرپٽ ايڊيٽر ۽ اُچار چڪاسيندڙ هو. نشري مسودن جي ايڊيٽنگ ممتاز مرزا کي ورثي ۾ ملي هئي.ان کانسواءِ سنڌي ٻولي، ادب ۽ شاهه لطيف جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي صحبت به کيس حاصل رهي.  ٻيو ته ايستائين هو ريڊيو جو بهترين ناٽڪ نويس طور پاڻ به مڃائي چڪو هو. عبدالڪريم بلوچ کانپوءِ گهڻا ناٽڪ نويس، شاعر ، اديب، سگهڙ ۽ فنڪار سندس ڪوششن سان ٽيلي ويزن تي آيا.
                        ريڊيو پاڪستان کانپوءِ پاڪستان ٽيلي ويزن سنڌي نشري ادب خاص طور تي ڊرامي جي ترقيءَ ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. عبدالڪريم بلوچ جيڪو ٻوٽو 1970ع ۾ لڳايو هو، اهو سندس  ساٿي پروڊيوسرن: ممتاز مرزا، غلام حيدر صديقي، هارون رند، منظور قريشي ، محمد بخش سميجي، بيدل مسرور ،  فيض ٻگهئي ، اعجاز عليم عقيلي ۽ ٻين  جي ڪوششن سان ٿوري ئي عرصي ۾ وڌي وڻ ٿيو. شمشير الحيدريءَ ، علي بابا، آغا سليم،  امر جليل، ممتاز مرزا، مراد علي مرزا، يوسف شاهين، قاضي خادم، قمر شهباز کانپوءِ علي محمد مجروح، نورالهديٰ شاهه، شوڪت حسين شورو، عبدالقادر جوڻيجو، اياز عالم ابڙو، ڪيهر شوڪت، بادل جمالي، زيب سنڌي، ملڪ آگاڻي، نور گهلو، منير چانڊيو، آعا رفيق، محمود مغل، امداد حسيني، طارق عالم ابڙي جهڙا وڏا ڪهاڻيڪار ٽي ويءَ لاءِ ڊراما لکڻ لڳا. جڏهن ته شاعرن جو هڪ وڏو تعداد به پي ٽي ويءَ سان سلهاڙجي ويو. ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌي ٽيلي ويزن ڊرامي پنهنجي منفرد حيثيت پاڪستان ٽيلي ويزن جي سمورن مرڪزن تي مڃائي ورتي.
شروعاتي ڏينهن ۾ پاڪستان ٽيلي ويزن جي ڊرامن ۾ سنڌي ٻولي ۽ ان جي معياري لهجي جو خاص خيال رکيو ويو. ان ۾ نه رڳو ناٽڪ نويسن، پر پروڊيوسرن ۽ فنڪارن جي محنت شامل آهي. ڇوته ٽي وي ڊرامو لکجڻ کانپوءِ ان کي عملي طور اسڪرين تي ڪري ڏيکارڻ ۾ ٽي وي پروڊيوسر، ٽيڪينيڪي عملي ۽ فنڪارن جو اهم ڪردار هوندو آهي. اهڙيءَ ريت گڏيل محنت سان ئي ڪو شاهڪار تخليق ٿيندو آهي. پي ٽي وي جي سڃاڻپ هميشه ڊراما رهيا آهن ۽ ان ڏس ۾ سنڌي شعبي به پاڻ مڃايو آهي. پي ٽي ويءَ جي ڊرامن ۾ هميشه نج سنڌي ادبي  ٻوليءَ جي استعمال تي زور ڏنو ويو.
اهڙي نموني جڏهن پي ٽي ويءَ تان سنڌي ٻوليءَ ۾ روزاني “خبرون” نشر ٿيڻ لڳيون ته ان ڏس ۾ به سنڌيڪارن ۽ خبرون پڙهندڙن کي خاص هدايتون جاري ڪيون ويون، ته سنڌي ٻوليءَ جو معياري لهجي ۽ اُچارن جو خاص خيال رکيو وڃي. ان سلسلي ۾ جناب شمشير الحيدري، سليم ميمڻ، رشيد هميراڻي، ممتاز شيخ، تاج بلوچ، الله بچائي ميمڻ ۽ ٻين خاص خيال رکيو.  
سنڌي ٻوليءَ جو وڌندڙ بگاڙ:
اهڙن وڏن ڪهاڻيڪارن، اديبن، شاعرن، ٻولي جي ماهرن جي هوندي به نشري ادارن (ريڊيو ۽ ٽيلي ويزن) تي سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ جون شڪايتون ڊگهي وقت کان رهيون آهن. اسان وٽ عام طور تي ٻوليءَ جو بگاڙ ان کي سمجهيو ويندو آهي ته ان ٻوليءَ ۾ ڪنهن ڌاري ٻوليءَ جا لفظ شامل ٿي رهيا آهن. جنهن کي عالمن ٻوليءَ  جو  بگاڙ نه پر هڪ ٻوليءَ جي ٻي ٻوليءَ کان اوڌر وٺڻ سڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته :  “ٻولين جو ، اهڙيءَ طرح هڪ ٻئي کان لفظ اُڌارا وٺڻ ۾ ڪو به عيب ڪونهي. بلڪه اها ته هڪ سڌريل ۽ شاهوڪار ٻوليءَ  جي خوبي آهي. دنيا جون سڌريل ۽ شاهوڪار ٻوليون هميشه هڪ ٻئي کان لفظ اُڌارا وٺنديون رهنديون آهن. لفظن جي اُڌاري وٺڻ واري انهيءَ عمل کي، ٻولين جي لغات ۾ واڌارو چئبو ۽ نه ڪه ٻوليءَ جو بگاڙ. ٻوليءَ جو بگاڙ يا ٻوليءَ کي بگاڙڻ ان عمل کي چئبو آهي، جڏهن ڪنهن به ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ، اديب ۽ شاعر، پنهنجي ٻوليءَ جي صوتياتي آوازن جو غلط اُچار ڪن، ٻوليءَ جي صوتياتي نظام ۾ غلط نموني سان ڦير ڦار ڪن.ٻوليءَ جي لغوي خزاني يعني لفظن جي وياڪرڻي ڍانچي يعني صرفي ۽ نحوي قاعدن ۽ قانونن کي پنهنجي مرضيءَ سان يا قانونن جي ڄاڻ نه هئڻ سبب، غلط نموني استعمال ڪن يا لفظ جي واحد ۽ جمع صورتن ٺاهڻ وارن اصولن کان اڻ ڄاڻ هجن”. 4
سنڌي ٻولي اختياريءَ جي سيڪريٽري تاج جويو به غلام علي الانا صاحب واري راءِ جو آهي ته  “هر ٻولي ڌار ڌار سماجن جي اثرن، واپاري، اقتصادي ۽ تهذيبي لاڳاپن، مذهبي ناتن ۽ لڏ پلاڻ جي واقعن کان متاثر ٿيندي رهندي آهي. انهيءَ نموني ٻوليون پنهنجا اثر ٻين ٻولين تي ڇڏينديون آهن، ۽ ساڳيءَ طرح پاڻ به قبولينديون رهنديون آهن، اهو هڪڙو فطري ۽ سڀاويڪ عمل آهي، جنهن وسيلي ٻوليون هڪ ٻئي کان لفظ اڌارا وٺنديون ۽ پنهنجو دامن وسيع، شاهوڪار ۽ ڪشادو ڪنديون آهن. اها لفظن جي ڏي وٺ صدين کان جاري آهي ۽ صدين تائين جاري رهندي ايندي، ۽ اِنهيءَ ڏي وٺ ۽ اوڌر کي روڪڻ يا اُن جي اڳيان هٿرادو بند ٻڌڻ ۽ آڏون ڏيڻ، ٻولين جي فطري اوسر ۽ واڌ کي روڪڻ جي برابر ٿيندو.” 5
سنڌي ٻوليءَ جي وڌندڙ بگاڙ جي معاملي تي سنڌ جي سمورن عالم ۽ اديبن کي تمام گهڻي ڳڻتي رهي آهي. 30 مئي 1992ع تي بدين ۾ ‘ ٻارڙو ۽ سنڌي ٻولي’ جي عنوان سان ٿيل سيمينار ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو هو ته “ تاريخ جي هن موڙ تي سنڌي زبان کي صحيح نموني ۾ لکڻ، پڙهڻ يا ڳالهائڻ جا مسئلا اچي پيدا ٿيا آهن. پر سڀ کان وڏو ۽ خطري وارو مسئلو ٻوليءَ جي بگاڙ جو آهي، جنهن کي نه روڪيو ويو ته اهو ٻوليءَ جي اندروني  زوال جو سبب بنبو. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي وڌندڙ بگاڙ طرف فوري توجهه ڏنو وڃي...... موجوده دؤر ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي کي عام اطلاعاتي نظام ۾ خاص اهميت حاصل آهي. خبرن نشر ڪرڻ، ڊرامن يا ٻين پروگرامن ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. تنهن کي لکين ماڻهو ٻڌن ٿا. .... انهيءَ ڪري جيڪڏهن غلط ٻولي استعمال ٿئي ٿي ته ان جو سبق سڀني کي ملي ٿو. ضروري آهي ته ريڊيو ۽ ٽي وي جهڙا شانائتا ۽ اهم ادارا صحيح سنڌي ٻوليءَ جي استعمال جي ذميداري قبول ڪن ۽ ان لاءِ  خاص بندو بست ڪن. جيئن سهڻي ٻوليءَ سان بگاڙ جي راهه بند ڪري سگهجي.” 6
جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته پاڪستان ٽيلي ويزن تي سنڌي ٻولي جي تحفظ، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ انفرادي طور ڪي جوڳا اپاءُ ورتا ويا هئا، پر تنهن جي باوجود محققن ان تي تنقيد ڪئي آهي. لوڪ ادب جي ڄاڻو  ڊاڪٽر  ڪمال ڄامڙي لکيو آهي ته  “جنهن تيزيءَ سان غير فطري انداز ۾ سنڌي ٻوليءَ کي بگاڙيو پيو وڃي، اُن مان وڏو خطرو اهو به آهي ته ڪٿي ايئن نه ٿئي جو اڄ جو لکجندڙ ادب، سرجيندڙ شاعري ۽ ڳالهائجندڙ ٻولي، ڏهن سالن کانپوءِ اسان جو نئون نسل صحيح نموني سان پڙهي به نه سگهي”. 7
پي ٽي ويءَ جي سنڌي ڊرامن ۾ ٻوليءَ جي بگاڙ جي حوالي سان  به تنقيد ٿيندي رهي آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي پنهنجي مضمون “پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ويچاري سنڌي ٻولي” ۾ لکيو آهي ته : “ ڊرامي ۾ جتي بهتر ٻولي ڪتب آندي وڃي ٿي، اُتي اُن حوالي سان ڪچايون به ڏسڻ ۾ اينديون. مثال طور : جيڪڏهن چانهه کڻڻ جو ڏيک، ڏيکاريو ويندو آهي ته، چانهه پيئڻ جي صلاح هن ريت ڪئي ويندي آهي. ‘ سائين چانهه وٺو!’ جڏهن ته سنڌيءَ ۾ ‘ چانهه پيئو’ چيو ويندو آهي، ۽ چانهه دڪان تان وٺبي آهي. اهڙيءَ ريت ‘مانيءَ لاءِ به  ماني کائو’  نه پر ‘ ماني وَٺو’  استعمال ڪيو وڃي ٿو. ‘ بابا ڊرائيور کي چَئُه ته گاڏي کڻي اچي’ ڊرائيور گاڏي کڻي نه پر ڪاهي ايندو آهي”.8
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي پي ٽي ويءَ جي ڊرامي ‘ قربتون’ جي ٽين قسط جي هڪ مڪالمي جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ‘ان ڊرامي جو ليکڪ  اردو ٻوليءَ کان ڪيترو متاثر آهي، ان جو اندازو هن مڪالمي مان لڳائي سگهجي ٿو. ‘ثنا جي ٻَچِي آيل آهي’. اهو جملو سڌو سنئون اردوءَ جو ترجمو ٿيل آهي. اردوءَ ۾ ٻارڙيءَ کي ‘ بچي’ چئبو آهي. جڏهن ته سنڌيءَ ۾ ’ ٻَچِي‘ لفظ جي ڪا ٻي معنيٰ آهي”.9
نشري ادارن ۾ سنڌي گرامر جو خيال نه رکڻ جون شڪايتون به ڊگهي عرصي کان ٿينديون رهيون آهن. جيئن گرامر جي جري ۽ ندائي حالتن جو خيال نه رکڻ، مذڪر ۽ مؤنث جي معاملي ۾ لاپرواهي ڪرڻ وغيره. ٻيو ته سنڌي ٻوليءَ جي هڪ وڏي خاصيت اها به آهي ته هر لفظ ۽ اکر کي تمام گهڻي چٽائي سان اچاريو ويندو آهي. ان سلسلي ۾ زير، زبر ، پيش ۽ شد، مد  جو خاص خيال رکڻو هوندو آهي. پر نشري ادارن ۾ اُچارن تي خاص ڌيان نه ڏيڻ جي ڪري سنڌي ٻوليءَ  ۾ بگاڙ پيدا ٿي رهيو آهي.
خانگي ٽيلي ويزن چئنلن جي ٻولي:
                        پاڪستان ٽيلي ويزن تي سنڌي ٻوليءَ کي گهربل وقت ڏيڻ جي حوالي سان سنڌ جي عالمن ۽ اديبن منڍ کان ئي ڪوششون ڪيون هيون، جنهن جي نتيجي ۾ هفتي ۾ هڪ ڀيرو 25 منٽن بدران روزانو هڪ ڪلاڪ سنڌي پروگرامن لاءِ مخصوص ٿيو. سنڌي ٻوليءَ سان محبت ڪندڙن پنهنجي جدوجهد جاري رکي ۽ جڏهن پي ٽي ويءَ جي نشريات 24 ڪلاڪ ٿي ته سنڌي پروگرامن جو به وقت وڌايو ويو. اڳتي هلي جڏهن 2002ع ۾ پاڪستان ۾ سيٽلائيٽ ٽيلي ويزن چئنلن جي شروعات ٿي ته سنڌ جي ماڻهن کي اهو احساس ٿيو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ به سيٽلائيٽ ٽيلي ويزن چئنل هئڻ گهرجي. ان کوٽ کي محسوس ڪندي “ڪي ٽي اين” جو قيام عمل ۾ آيو. جنهن جي سنڌ جي ماڻهن وڏي آجيان ڪئي. اڳي سنڌي ٻولي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به صرف سنڌ تائين محدود هئي، پر ڪي ٽي اين وسيلي اها دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي وئي. بعد ۾ سنڌ ٽي وي، ڪشش، مهراڻ، ڌرتي ۽ آواز ٽي وي ان سٿ ۾ شامل ٿي وئي. انهن ٽيلي ويزن چئنلن جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ، سنڌي ٻولي ماجد ڀرڳڙيءَ جي ڪوششن سان ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي ٻولي ٿي چڪي هئي. تنهن ڪري انهن چئنلن جي نشريات کانپوءِ اها اميد پيدا ٿي پئي ته هاڻي سنڌي ٻولي وڌندي ويجهندي، ان جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ قدم کنيا ويندا. سنڌ جي ماڻهن جو خيال هو ته ريڊيو  پاڪستان ۽ پاڪستاڻ ٽيلي ويزن سرڪاري ادارا آهن، انهن سنڌي ٻوليءَ جي گهربل خدمت نه ڪئي آهي، پر هاڻي سنڌي سيڙپڪارن جا پنهنجا خانگي چئنل ان سلسلي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندا.
                        خانگي سنڌي ٽي وي چئنلن جي نشريات ڏسڻ کانپوءِ سنڌ جي ماڻهن ۾ ان ڳالهه جو احساس پيدا ٿيڻ لڳو ته اهي چئنل سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ جو پڻ سبب بڻجي رهيا آهن. جنهن جو سبب اتي ويٺل ڪارڪنن جي اڻڄاڻائي، تڪڙ ۽ لاپرواهي آهي. انهن کي ٽي وي ڊرامي جي تياريءَ جي  بنيادي ڳالهين جي به ڄاڻ ناهي، انهن کي اها به خبر ناهي ته ڊرامي لاءِ ٻوليءَ جي اهميت ڪيتري آهي.“ اسڪرپٽ ۾ ٻولي ڪهڙي استعمال ٿيل آهي، آيا ڪيريڪٽر (Character) ٿا ڳالهائين يا ليکڪ (Writer) ٿو ڳالهائي. گرامر جو وڌ ۾ وڌ خيال ڪرڻ گهرجي ۽ شوٽنگ وقت اداڪارن جا لهجا ۽ ٻوليءَ جي بيهڪ جي ذميواري به ڊائريڪٽر جي آهي. پر اڄ جي ڊائريڪٽرن جي لاپرواهيءَ سبب روزانو کوڙ جملا غلط اُچاريا وڃن ٿا”.10
سنڌي چئنلن جي خبرن ۾خبرون پڙهندڙن جا لهجا به تنقيد هيٺ ايندا رهيا آهن، جڏهن ته سنڌي ڊرامن ۾ جيڪا ٻولي ڪتب آندي پئي وئي، اها ڪنهن به حوالي سان معياري نه هئي. ان معاملي تي سنڌ جي ٻولي ماهرن، عالمن ۽ اديبن تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. خانگي سنڌي چئنلن تي ٻوليءَ جي بگاڙ تي پهريون جامع تحقيقي مضمون / مقالو، رياضت ٻرڙي لکيو. هو لکي ٿو ته ” خانگي سنڌي ٽيلي ويزن چئنلن تي  مذڪر، مؤنث ۽ واحد،  جمع جون غلطيون ڪيون وڃن ٿيون. اهي غلطيون لڳ ڀڳ سڀني سنڌي چينلن تي عام آهن، جنهن سان سنڌي ٻوليءَ جي صحت ۽ سهڻائپ تمام گھڻي متاثر ٿي رهي آهي. جھڙوڪ: ‘منهنجِي دِل’  (مؤنث) بدران، اردو ٻوليءَ جي اثر هيٺ ‘منهنجو دل’ (مذڪر ڪرڻ)، ‘ڪتابَ’ کي مذڪر ۽ واحد سمجھڻ بدران ‘ميرِي ڪتاب’ طور واحد ۽ مؤنث ڪرڻ ۽ ان جو جمع ‘ڪتابون’ ڪرڻ، ‘موسمَ’ کي ‘موسمُ’ (مذڪر) ڪرڻ. ايئن ئي ‘ڪلاس’ کي به مذڪر ۽ واحد سمجھڻ بدران، ‘ميرِي ڪلاس’ طور واهپو ڪرڻ ۽ ان جو جمع ‘ڪلاسون’ ڪرڻ، ‘ اطلاعَ ’ بدران ’ اطلاعات’ يا ‘ ڇرڪَ’ بدران ‘ڇرڪِ’ ڪرڻ”.11
                        ان کان سواءِ انگريزي لفظن جو جمع به سنڌي طريقي بدران انگريزي طريقي سان ڪيو وڃي ٿو. جھڙوڪ: فورسز، منسٽرس، شوز، آفيسرس ۽ اپارٽمينٽس، وغيره. ان طرف به ڌيان ڏيڻ جي گھڻي گھرج آهي ۽ واحد، جمع جا مقرر طريقا مروج ڪرائڻ سميت، مختلف اسمن جي حيثيت به طَئي ڪرڻي آهي ته اهي مذڪر ۽ واحد آهن يا مؤنث ۽ جمع؟ مثال طور، سنڌ جي ڪجھه علائقن ۾ ‘هوٽلَ’ مذڪر ۽ جمع آهي ته ڪجھه علائقن ۾ ‘هوٽلون’ مؤنث ۽ جمع آهي، ڪٿي ‘مارڪيٽ’ مذڪر ۽ واحد آهي ته ڪٿي ‘مارڪيٽون’ مؤنث ۽ جمع آهي، ڪن هنڌن تي ‘رزلٽِ’ مؤنث ۽ واحد آهي ته ڪٿي ‘رزلٽُ’ مذڪر ۽ واحد آهي. ان حوالي سان هڪ معياري لهجي موجب، لفظن جي حيثيت کي مقرر ڪرڻ جي ذميواري واسطيدار ادارن ۽ فردن تي لازمي ٿي پوي ٿي. ٽي وي ڊرامن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو معياري لهجو ڪتب نه آڻڻ جو مکيه سبب ڊرامي جا هدايتڪار آهن پر ان سلسلي ۾ ناٽڪ نويس جي به بنيادي ذميواري آهي ته هو پنهنجي تخليق کي مرڻ نه ڏئي. عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جو اهو ناٽڪ نويس آهي، جيڪو پنهنجي ڊرامي تي شروع کان آخر تائين مڪمل ڌيان ڏيندو آهي، ڊرامي جو مسودو لکڻ کانپوءِ اداڪارن جي چونڊ، ريهرسل، رڪارڊنگ، ايڊيٽنگ ۽ نشر ٿيڻ واري ڏينهن دوستن سان گڏجي ڏسڻ تائين هو ڊرامي سان سلهاڙيل هوندو آهي. تنهن ڪري سندس ڊرامن ۾ ٻولي ۽ ان جي لهجن جون اوڻايون نظر نه اينديون. “ ٻوليءَ جي وياڪرڻي قانون ۽ سٽاءَ موجب، هر ملڪ جي درسي ڪتابن، سرڪاري آفيسن، ڪورٽن جي فيصلن، اشاعتي ۽ موصلاتي ادارن يعني اخبارن، ريڊئي ۽ ٽيلي ويزن تي هميشه معياري لهجو ڪم آڻڻو آهي، اهو قانون، سنڌي ٻوليءَ سان به لڳي ٿو، پر سنڌ ۾ انهيءَ اصول ۽ قانون تي ڪوبه ماڻهو توجهه نٿو ڏئي، سنڌي اخبارن، سنڌ جي ريڊيو اسٽيشنن ۽ ٽيلي ويزن جا ليکڪ يا پروگرامن ۾ حصو وٺندڙ، خبرون پڙهندڙ توڙي درسي ڪتابن جا سبق لکندڙ، ته اُلٽو اهڙن پروگرامن يا اخبارن ۾ پنهنجن پنهنجن خطن (علائقن) ۾ ڪم ايندڙ لهجا استعمال ڪندا رهن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻوليءَ ۾ سڌاري بدران، بگاڙ وارو عمل وڌيڪ تيز  نظر آيو آهي... ٽيلي ويزن ۽ ريڊئي تي ڪي ماڻهو ‘ خبرن ’ بدران ‘ کبرون ’ اُچاريندا آهن. ‘خط’ لفظ جي بدران ‘کت ’ چوندا آهن. ‘ غلام’ لفظ جي بدران ‘ گلام’  چوندا آهن، ۽ ‘ غور’  لفظ بدران ‘ گور’ چوندا آهن”. 12
ڊاڪٽر الانا صاحب جنهن ڳالهه جي نشاندهي ڪئي آهي. اها صورتحال اڄ هر سنڌي ٽيلي ويزن ۽ ايف ايم چئنلن تي عام آهي. پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ريڊيو پاڪستان ان حوالي سان ٿورو گهڻو خيال ضرور رکن ٿا، پر اتي به آهستي آهستي سنڌي ٻوليءَ ۾ بگاڙ جو مسئلو پيدا ٿي رهيو آهي. خانگي ٽيلي ويزن چئنلن ۾ اسڪرپٽ جي شعبي تي جيڪڏهن ڌيان نه ڏنو ويو ۽ “ اُچار چڪاسڻ وارو شعبو”  قائم ڪري “معياري سنڌي لهجي” کي هٿي نه وٺرائي وئي ته سنڌي ٻوليءَ جي معياري لهجي توڙي ٻوليءَ کي محفوظ رکڻ ڏکيو ٿي پوندو. 
                        مٿئين بحث مان اها ڳالهه سامهون آئي ته خانگي ٽي وي چئنلن تي سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ جا مکيه ڪارڻن مان  ڪجهه  هيٺ ڏنل آهن. جن تي ڌيان ڏئي ٽيلي ويزن وسيلي سنڌي ٻوليءَ کي وڌائي سگهجي ٿو.
1.     خبرن واري شعبي ۾ اڻ سکيل اسڪرپٽ ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر: سنڌي اخبارن توڙي ٽي وي چئنلن تي گهڻي ڀاڱي گهٽ معاوضي تي ملازم رکيا ويندا آهن، جن کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافت جي بنيادي ڄاڻ نه هوندي آهي، ٻيو ته گهٽ معاوضي سبب اهي هر وقت ٻي نوڪريءَ جي ڳولا ڪن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو اهڙن ملازمن کي جڏهن به ڪجهه وڌيڪ پگهار واري نوڪري آڇي ويندي آهي ته اهي ان کي اوليت ڏيندا آهن. جنهن سبب مستقل طور سنڌي ميڊيا ملازمن جي کوٽ کي منهن ڏيندي پئي اچي.
2.     اردو ۽ انگريزي ميڊيم ۾ پڙهيل نيوز ريڊرز ۽ اينڪر پرسن: جڏهن کان وٺي سنڌ جي ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن ۾ سنڌي ٻوليءَ وارن اسڪولن ۾ معياري تعليم جو سلسلو ختم ٿي ويو آهي ته خانگي اسڪولن انهن جي جاءِ والاري آهي، جتي تعليم جو معيار گهڻو سٺو ته ناهي پر سرڪاري اسڪولن کان چڱو آهي. انهن اسڪولن ۾ جيئن ته سنڌي ٻولي پڙهائڻ جو جوڳو بندو بست ناهي، تنهن ڪري اتان پڙهي نڪتل ٻار اڳتي هلي سنڌي ٻوليءَ کان محروم رهجي وڃن ٿا. سنڌي والدين جو اولاد هئڻ ۽ گهر ۾ سنڌي ماحول هئڻ سبب اهي سنڌي ڳالهائين ته ٿا پر پڙهي، لکي نه ٿا سگهن، پوءِ اهي جڏهن عملي ميدان ۾ اچن ٿا ته انهن جي اها محرومي سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ جو سبب بڻجي ٿي. اهڙا ٻار شهري ماحول ۾ رهي جڏهن ٽيلي ويزن چئنل تي اينڪرپرسن (ميزبان) نيوز اينڪر (خبرون پڙهندڙ) يا اداڪار ٿين ٿا ته انهن کي سنڌي ٻولي اُچارڻ نه ٿي اچي، جنهن جي ڪري اهي غلط سنڌي اُچار کي ايترو ته عام ڪري ڇڏين ٿا جو اهي هرڪو استعمال ڪري ٿو. مثال طور: “ علا قو، اساني، دکهي انسانيت، پهرين دفعه” (سلام سنڌ، مارننگ شو، 19 آگسٽ 2014). منهنجي ذاتي راءِ موجب سنڌي ٻوليءَ کي خطرو ڌارين مان نه پر پنهنجن مان آهي.
3.    ٽي وي چئنلن جي ٻولي چڪاسڻ لاءِ  مستقل بندو بست نه هئڻ: سڌريل قومون پنهنجي ٻولي، علم، ادب، ريتن، رسمن ۽ ثقافت جي تحفظ لاءِ اداري قائم ڪري ان ڏس ۾ مستقل بنيادن تي چوڪسي ڪنديون آهن. سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ ۽ ترقيءَ لاءِ وقت بوقت ڪوششون ورتيون ويون آهن، ان سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو ، سنڌي ادبي بورڊ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جهڙا ادارا قائم ڪيا ويا. جتي ويٺل سنڌي ٻوليءَ جي سڄڻن هميشه پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌي ٻولي اختياري سنڌي اخبارن جي مانيٽرنگ ڪندي رهي ته پر بدقسمتيءَ سان هاڻي اسان وٽ ڪو به اهڙو ادارو ناهي، جيڪو سنڌي ٽي وي چئنلن جي مانيٽرنگ ڪري. جنهن سبب سنڌي ٽي وي چئنل 24 ڪلاڪ ڊرامن، خبرن ۽ بحث مباحثن ۾سنڌي ٻولي بگاڙي رهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي مانيٽرنگ نه ٿيڻ جي ڪري سنڌي ٽي وي چئنلن تي اردو ٻوليءَ جو واهپو وڌي رهيو آهي. مهراڻ ٽي ويءَ جي مارننگ شو ‘صبح مهراڻ’ ۾ ميزبان، مهمان کي مخاطب ٿي هن طريقي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ اردو ٻوليءَ کي شامل ڪيو. “ ابو ، امي جي لاڊلي”. (صبح مهراڻ، مهراڻ ٽي وي، 19 آگسٽ، 2014). انهن چئن لفظن ۾ فقط هڪ لفظ “جي” سنڌي آهي. اهو ته هڪ مثال آهي. باقي جيڪڏهن توهان سنڌي ٽي وي چئنلن جا مارننگ شو ڏسندا ته انهن ۾ گهڻو ڪري ميزبان ۽ مهمان اردو گاڏڙ سنڌي ڳالهائيندا آهن. محترم غلام علي الانا صاحب جي ان سلسلي ۾ پنهنجي راءِ آهي. پر جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ گهربل لفظ موجود آهن، تنهن هوندي زبردستيءَ اردو ، انگريزي يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي لفظن جو سهارو وٺي تيزيءَ سان سنڌي ٻوليءَ کي بگاڙيو پيو وڃي. ڪنهن زماني ۾ ساڳئي ريت فارسي ۽ عربيءَ کي زبردستيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ شامل ڪيو ويو هو. هاڻي هڪ ٻيو مسئلو به سنڌي ٽي وي چئنلن جي پروگرامن ۾ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، اهو اردو ڳالهائيندڙ مهمانن جي شرڪت آهي. اسان کي اردو ٻولي يا اردو ڳالهائيندڙن سان ساڙ يا نفرت ناهي. پر ڇا اردو ٽي وي چئنلن تي ڪنهن سنڌيءَ کي گهرائي ان سان سنڌيءَ ۾ ڳالهايو ويندو آهي. ڇا جن موضوعن تي ڳالهائڻ لاءِ اردو ڳالهائيندڙ مهمانن کي گهرايو ويندو آهي، انهن موضوعن تي ڳالهائڻ وارا سنڌي موجود ناهن. ٻيو ته سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سنڌي ٻوليءَ کي گهربل وقت ڏيڻ لاءِ سنڌ جي عالمن، اديبن، سياسي اڳواڻن، دانشورن، استادن ۽ شاگردن سالن جا سال جدوجهد ڪئي، هاڻي جيڪڏهن ميڊيا جي ترقيءَ سبب سنڌي ٻوليءَ ۾ 8 چئنل موجو د آهن ته انهن تي هڪ صرف ۽ صرف سنڌي ٻوليءَ جو آهي، ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته انهن ٽي وي چئنلن تي اردو ڳالهائيندڙ مهمانن کي گهرائي، انهن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهايو وڃي، جيئن اهي سنڌي سکن. اسان وٽ ماضيءَ ۾ پاڪستان ٽيلي ويزن جي سنڌي ڊرامن جا ڪيترائي مثال موجود آهن. جيئن “خان صاحب” کي اردوءَ ۾ “ڇوٽي سي دنيا”، “راڻيءَ جي ڪهاڻي” کي “ديوارين” ۾ ترجمو ڪري هلايو ويو. “ڇوٽي سي دنيا، ديوارين ۽ جنگل” اهي ڊراما هئا. جن اردو ڊرامن تي اهڙو ته اثر ڇڏيو جو اڳتي هلي گهڻن ڊرامن ۾ سنڌي گاڏڙ اردو ڪردار رکيا ويا. اهو سلسلو هاڻي به جاري آهي.
4.    خبرن جي معاملي ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ: اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ سخت مقابلي ۽ خبرن ۾ هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرڻ سبب سنڌي ٻوليءَ ۾ وڌيڪ بگاڙ پيدا ٿي رهيو آهي. سمورن ٽي وي چئنلن وٽ خبرن ٺاهڻ کان خبرون پڙهڻ تائين تڪڙ سبب ٻوليءَ جو خيال نه ٿو رکيو وڃي.
5.     اردو ٽيلي ويزن چئنلن جي مانيٽرنگ جو اثر: اردو ٻوليءَ جي اثر سبب سنڌي ٽي وي چئنلن تي ڪجهه لفظن کي مؤنث بدران مذڪر ۽ مذڪر بدران مؤنث ڪري لکيو ۽ اُچاريو وڃي ٿو. جنهن جو مکيه سبب خبرن واري شعبي ۾گهٽ پڙهيل اسڪرپٽ ايڊيٽرز پاران اردو چئنلز جي مانيٽرنگ ڪري سنڌيءَ ۾ تڪڙيون خبرون ترجمو ڪرڻ آهي. ٻيو ته اردو ڊرامن جي اثر سبب سنڌي ليکڪ به اردو لفظ استعمال ڪن ٿا. انجنيئر احسان احمد عرساڻي “چڻنگ” رسالي جي جون 2000 واري شماري ۾  سنڌي ٻوليءَ جي وڌندڙ بگاڙ جا ڪجهه مثال ڏنا آهن. “ (الف) آواز اچي پئي. (ب) منهنجو دل نه ٿو چوي. (ٻ) اڄ موسم سٺو آهي. (ت) هيءَ ڪتاب پنهنجي آهي. (ٽ) مون کي اطلاع نه ملي.” 13
6.     سنڌي ٻوليءَ سان محبت ۽ مالڪيءَ واري تصور جي کوٽ: جڏهن سنڌي ماڻهن وٽ تفريح ۽ معلومات جي لاءِ فقط هڪ ٽي وي چئنل پاڪستان ٽيلي ويزن هو، تڏهن سنڌي ٻوليءَ جي پروگرامن لاءِ وڌيڪ وقت مخصوص ڪرڻ لاءِ مطالبا ٿيندا رهندا هئا. اڳتي هلي جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي ٽي اين (2002ع) ۽ سنڌ ٽي وي (2004ع) نشريات شروع ڪئي ته سنڌي ماڻهن کي سالن پراڻو خواب ساڀيان ٿيندي نظر آيو. سنڌي ماڻهن پنهنجي کيسي مان پيسا ڏئي ڪي ٽي اين کي بند ٿيڻ کان بچايو، پر اڳتي هلي اهي ٽي وي چئنل سنڌ جي ماڻهن جي اميدن تي پورا نه لٿا. انهن ٽي وي چئنلن جي سيڙپڪارن سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي فقط ڪمائي جو ذريعو بڻايو، ٻوليءَ سان محبت ۽ مالڪي واري تصور جي کوٽ سبب سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو.
7.      سرڪاري ۽ خانگي ٽي وي چئنلن تي اسڪرپٽ ايڊيٽر جي کوٽ: جنهن دؤر ۾پاڪستان ٽيلي ويزن جي سنڌي ڊرامن ڏيها ڏيهه مقبوليت ماڻي تنهن دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جا محافظ سنڌ جا عالم، اديب ۽ پڙهيل لکيل پروڊيوسر هئا. جڏهن ته ممتاز مرزا پنهنجي ساٿين فيض ٻگئي، بادل جمالي ۽ غلام حيدر شيخ سان گڏجي ڊرامن توڙي ٻين پروگرامن ۾ نج سنڌي ٻوليءَ جي استعمال کي يقيني بڻايو. پر هاڻي پي ٽي ويءَ سميت سمورن خانگي ٽي وي چئنلن ۾ اسڪرپٽ ايڊيٽر جي کوٽ آهي. جنهن سبب ناٽڪ نويسن جي ٻولي ۽ اداڪارن جي اُچارن کي ڪو به چڪاسڻ وارو ناهي.
8.     هندستاني ڊرامن جو وڌندڙ اثر: ڪجهه وقت اڳ تائين هندستاني فلمن ۽ ڊرامن کان متاثر ٿي ڊراما لکڻ عيب سمجهيو ويندو هو. پر هاڻي اردو توڙي سنڌي ٽي وي چئنلن تي هندستان جي ٽيلي ويزن چئنلن کان متاثر ٿي، ڊراما لکڻ عام ڳالهه آهي، جيڪي نه ته سنڌي ماحول ۽ نه وري ثقافت موجب آهن، اهڙا ڊراما نج ڪاروباري بنيادن تي ڏيکاريا وڃن ٿا. اهڙن ڊرامن لاءِ ليکڪ به لاهور جا غير سنڌي ڳوليا وڃن ٿا. جن ۾ محمد طارق جهڙو ناٽڪ نويس مکيه آهي.
9.     گهٽ معاوضي سبب سٺن ليکڪن پاران خانگي چئنلن پاران ڊراما نه لکڻ: هن وقت ٽي وي سڀ کان وڌيڪ تيز ترين تفريح ۽ معلومات جو ذريعو آهي. اڳي جيڪي به سنڌي ناٽڪ نويس پي ٽي ويءَ لاءِ سنڌي ڊراما لکندا هئا. اهي خانگي ٽي وي چئنلن لاءِ ڊراما ان ڪري نه ٿا لکن جو انهن کي معاوضو نه ٿو ملي.
10.                        اڻ سکيل هدايتڪار: خانگي سنڌي ٽي وي چئنلن تي ڊرامن جو شعبو، گهٽ پڙهيل  هدايتڪارن حوالي ٿيل آهي،  جن کي سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻ ناهي. جنهن جي ڪري اهي نه ته اسڪرپٽ ڏسن ٿا نه وري رڪارڊنگ وقت اداڪارن جي تلفظ جو خيال رکن ٿا.
11.                        اسڪرپٽ کانسواءِ ڊراما ٺاهڻ: هاڻي گهڻو ڪري ڏٺو ويو آهي ته سنڌي ڊرامن لاءِ اسڪرپٽ نه ٿو لکيو وڃي. رڪارڊنگ وقت ڊرامي جي منظر موجب فنڪار گڏ ٿين ٿا ۽ پاڻ ۾ بحث ڪري رڪارڊنگ شروع ڪن ٿا، پوءِ جنهن کي جيڪو وڻي ٿو، سو ڳالهائي ٿو ۽ اهڙيءَ ريت ڊرامو تيار ٿئي ٿو.  
12.                        ادارن جو نه ٺهڻ: سنڌ جي ماڻهن جي اها وڏي بدقسمتي آهي، جو انهن وٽ ادارا جوڙڻ لاءِ ماڻهو نه رهيا آهن، جيڪي ٿورا گهڻا ماڻهو ادارا ٺاهي سگهن ٿا، انهن کي سيڙپڪار برداشت نه ٿا ڪن.. سنڌي ٽي وي چئنلن جي مالڪن جي اها سوچ ته “ اهي ئي هر ڪم جا ماهر آهن” سبب هن وقت تائين ڪوبه ٽي وي چئنل  اداري جي شڪل اختيار نه ڪري سگهيو آهي. اهي مالڪ سمجهن ٿا ته هنن کان وڏو ٻيو ڪو ليکڪ، پروڊيوسر، هدايتڪار ۽ اينڪر پرسن ناهي. 
13.                         اليڪٽرانڪ ميڊيا جي طاقت جي خوف سبب سنڌي ٽي وي چئنلن تي اصلاحي تنقيد نه ٿيڻ: اليڪٽرانڪ ميڊيا هن وقت انتهائي سگهارو ذريعو بڻيل آهي. جنهن جي ڪري ان جي غلطين جي نشاندهي نه ٿي ٿئي، جيڪڏهن نشاندهي ٿئي به ٿي ته اها ايتري اثرائتي ناهي. جيڪڏهن سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي بگاڙ وارو معاملو انهن چئنلن آڏو اجتماعي طور اٿاريو وڃي ته انهن جو کڙتيل ضرور نڪرندو.  تنهن ڪري اسان کي سنڌي ٽي وي چئنلن جي غلطين خاص طور تي ٻوليءَ جي بگاڙ وارو مسئلو اٿارڻو پوندوم ٻي صورت ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي جيڪو نقصان رسندو، ان جو ازالو ڪڏهن به نه ٿي سگهندو. ان حوالي سان سنڌي ٽي وي ناٽڪن جي باني شمشيرالحيدريءَ پنهنجي هڪ يادگار انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته “ ٻولي ۽ ڪلچر جو معاملو نهايت نازڪ آهي، ان لاءِ ته ڪورٽ وڃي سگهجي ٿو. ڪلچر کي ايئن بگاڙڻ قانوني ڏوهه آهي، پر ٻليءَ کي گهنٽي ڪير ٻڌي؟ اسان جي علم وارن ۾ مزاحمت نه رهي آهي. وٽن ڪابه همت ڪونهي. اهي مصلحت جو شڪار ٿي ويا آهن. اهي انهن چئنلن خلاف ڪو آواز اٿاريندا ته پوءِ سندن پذيرائي ڪيئن ٿيندي. انهن کي ڪوريج کپي. ٻولي ۽ ڪلچر سان انهن جو ڇا وڃي؟ سچ چوڻ وارا ته مري ويا آهن”. 14
حوالا:
1. ڪاشميري حميد، ٽيلي ويزن ڊراما (مضمون)، سرسيدين چوٿون جلد: 1986ع، ص. 226
2. بلوچ عبدالڪريم، ٽيلي ويزن ڊراما نگاري(مضمون) ،آخري رات (ليکڪ ممتاز مرزا)، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، 1979ع، ص. 273
 3. ساڳيو. 274
4. الانا غلام علي ڊاڪٽر، سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 2006ع، ص. 446، 447
5. جويو تاج، سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال (مرتب: تاج جويو)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 2009، ص. 11
6. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر،سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال (مرتب: تاج جويو)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 2009، ص. 210
7. ڄامڙو ڪمال ڊاڪٽر، سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال (مرتب: تاج جويو)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 2009، ص. 86
8. ساڳيو، ص. 88
9. ساڳيو، ص. 88
10.  گاد ايوب، ٽيلي ناٽڪ ڪيئن ٺاهجي، ڪنول پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2011ع. ص. 27
11.  ٻرڙو رياضت: http://www.sindhsalamat.com/threads/19266
12.  الانا غلام علي ڊاڪٽر، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2006ع. ص. 447،448
13. عرساڻي احسان احمد انجنيئر، لسانيات کان سماجي لسانيات تائين، چڻنگ رسالو، جون 2000ع، ص. 12
14. انٽريو: شمشيرالحيدري،انٽرويو وٺندڙ غلام مصطفيٰ سولنگي ۽ ديدار سنديلو، ٽماهي مهراڻ، شمارو 3، 2013: ص. 214

 هي مقالو وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ جي تحقيقي جرنل ”ڪارونجهر“ جي ڊسمبر 2015 جي شماري ۾ شايع ٿيو. 


No comments:

Post a Comment

Razzaq Mahar: Realistic TV drama writer

سنڌي ٽيلي ناٽڪ ۾ حقيقت جا رنگ ڀريندڙ : رزاق مهر ڊاڪٽر قاسم راڄپر پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ “جياپو” جهڙو سماجي ۽ مقصدي ڊرامو لکڻ واري ...