هڪ شخص- هڪ ادارو: ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي
قاسم راڄپر
ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جا هندو هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ
وڃي وسائي، ڪن بمبئيءَ ۾ گهر اڏيو ته ڪي دهليءَ ويا، ڪي جئپور، يو پي، سي پي،
گجرات، گانڌي ڌام ۽ ڪن وري احمد آباد وسائي. بمبئي ۽ دهليءَ کانپوءِ احمد آباد
سنڌين جو وڏو علمي ۽ ادبي مرڪز بڻيو. جتان جي سنڌين سنڌيت جي جوت جلائڻ لاءِ سنڌي
ٻوليءَ کي جيئارڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ نيٺ سڄي هندستان ۾ سنڌيءَ کي به قومي ٻولي
مڃيو ويو.
ڄيٺي
لالواڻي جو شمار هندستان ۾ سنڌيت جي انهن
سپاهين ۾ طئي ٿو، جن سنڌي ٻولي، لوڪ ادب، ناٽڪ، صحافت ۽ تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيو. هو
گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. سندس شخصيت جو هر پاسو سگهارو آهي. هو هڪ ئي وقت
صحافي، ناٽڪ نويس، نثر نويس،محقق، اداڪار، پروڊيوسر ۽ هدايتڪار آهي. سندس شخصيت جو
هر پاسو مڪمل آهي. سندس جنم ساهتي پرڳڻي جي ڳڙهه ڪنڊياري ۾ ماڌو داس جي سکئي ستابي گهر ۾ 8 مارچ 1945ع تي ٿيو. هو
اڃا ٻن سالن جو ئي هو ته مٿان ورهاڱي جي قيامت اچي ڪڙڪي ۽ هن کي پنهنجا وسيل اباڻا
اجها ڇڏڻا پيا.
ورهاڱي کانپوءِ سندس
والد احمد آباد ۾ ٿائينڪو ٿيو، جتي هن سنڌو نگر (ڪٻير نگر) ۾ پهرين وڏي ٻه ماڙ
عمارت جوڙائي، هو جلد ئي اتان جي سنڌي پنچائت جو مُکي چونڊيو ويو. ڄيٺي لالواڻيءَ
جي والد کي پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ سان بيحد لڳاءُ هو. ان سلسلي ۾ ڄيٺو لکي ٿو ته ”
هو اچانڪ شاهه صاحب جو ڪلام گن گنائڻ شروع ڪندو ۽ سنڌ جون ڳالهيون به ٻڌائيندي
ٻڌائيندي هن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي ايندا هئا، انهن ڳالهين سنڌ جي سڪ ۽
ساروڻيءَ ننڍپڻ کان ئي منهنجي دل ۾ جنم
وٺي ڇڏيو هو. منهنجو پتا جيستائين حيات هئا ٻه دفعا سنڌ جي ياترا ڪري آيا هئا.
سنڌو ماتا جي ڏسڻ، جنم هنڌ جو درشن ڪرڻ ۽ سونهاري سنڌ جي سر زمين تي پير رکي سلام
ڀرڻ لاءِ منهنجي دل تڙپندي رهي. هڪ ڀيري شڌاڻي درٻار جي جٿي سان سنڌ جي ياترا تي
وڃڻ جو پروگرام رٿيم، درٻار وارن ڄاڻ ڏني ته منهنجي نالي جي ويزا ملي آهي. منهنجي
خوشيءَ جي حد نه رهي. مان مڪمل تياري ڪري امر تسر پهتس، پر واگها بارڊر تي پهچي
خبر پئي ته ٻين سان گڏ منهنجي ويزا به رد ڪئي وئي آهي.“
ڄيٺي جي سنڌ ڏسڻ جي
خواهش 2008 ۾ پوري ٿي، هو ”پاڪ انڊيا پيپلز فورم“ جي پروگرام هيٺ وڏي جٿي سان گڏ
ڪراچيءَ آيو، پر پنهنجي اباڻي گهر ڪنڊياري
نه وڃي سگهيو. هو ٻيو ڀيرو سگا پاران سڏايل ”شاهه، سچل، سامي عالمي ڪانفرنس“ ۾
شرڪت ڪندڙ 30 سنڌي اديبن جي وفد سان گڏ آيو، سندس سالن پراڻي خواهش پوري ٿي ۽ هو
ڪنڊياري سميت سڄي سنڌ گهميو. هن وقت به ڪنڊياري ۾ سندس مائٽن جا 40-45 گهر موجود
آهن. جنهن ۾ سندس ماروٽ به شامل آهن. ڄيٺو 5 ڀيرا سنڌ جو درشن ڪري چڪو آهي، هو هنڌ
جي انهن سنڌين ۾ شامل آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اڄ به پنهنجي جڙن سان جڙيل
آهن.
ڄيٺي لالواڻيءَ کي
ننڍپڻ کان ئي ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو ۽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪجهه عرصو پڙهيو به پر والد جي
وفات سبب پڙهائي ڇڏي گهر سنڀالڻ لڳو، اُتان ئي سندس تڪليفن جي شروعات ٿي، پر هن
حالتن آڏو ڪڏهن به آڻ نه مڃي. گهريلو ذميوارين سان گڏ هو سنڌي ٻولي، ساهت ۽ ڪلا سان جڙيل رهيو. هو لکي ٿو ته ” اڃا اسان
سنڌي ٻوليءَ جي وڪاس، واڌاري، سنڀالڻ ۽ سانڍڻ جون تياريون ڪري رهيا هئاسين جو سنڌي
لپي ۽ ديو ناگري لپيءَ جي هڪ نئين ڳنڀير مسئلي جنم ورتو. سنڌي اديب ۽ قوم ٻن طبقن
۾ ورهائجي وئي، سنڌي جاتيءَ ۾ گهرو ويڙهه جنم ورتو، هر ڪنهن پنهنجا پنهنجا مورچا
سنڀاليا. اسان نوجوان سنڌي لپيءَ جي کيمي ۾ هليا وياسين. سنڌي لپي هلچل ۾ شري ڪيرت
ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، اي جي اُتم، پروفيسر
پوپٽي هيراننداڻي اسان جا رهبر بڻيا. دهليءَ جي بوٽ ڪلب تي ٻاونجهاهه سنڌيت جي
پيارن جي بک هڙتال ٿي، ان ۾ به شامل ٿيڻ جو موقعو مليو.
هن گجرات يونيورسٽيءَ مان ايم اي سنڌي ادب ۾
ڪئي. جڏهن ته سندس پي ايڇ ڊي گجرات جي پاسي سنڌي لوڪ گيتن جي حوالي سان ”ٻنيءَ جا
لوڪ گيت“ جي سري سان آهي. هن ته لکڻ کان اڳ کيس اداڪاريءَ جو شوق هو، هو پنهنجي ان
شوق خاطر ٻاروتڻ ۾ ئي احمد آباد ۾”سنڌ ڪلاڪار منڊل“ سان جُڙي ويو. هو سنڌي اديبن
جي گروهه بندين جو به شڪار رهيو آهي، پر سنڌيت جي جوت جلائي رکڻ واري عظيم مقصد
سبب هن ڪنهن به معاملي ۾ پنهنجي انا کي آڏو نه آندو آهي. اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر کان
ويندي لائبريرين جي نوڪريءَ تائين هو، سنڌيت جو خادم رهيو آهي، هن ننڍي کان ننڍي ۽
وڏي کان وڏي عهدي تي رهي به پاڻ سنڌيت لاءِ ارپيو آهي، ڊائريڪٽر نيشنل ڪائونسل فار
پروموشن آف سنڌي لئنگويج باندره جو عهدو هجي
يا وري گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊمي جي وائيس
چيئرمين جو عهدو يا کڻي سنڌي اڪيڊمي نئين دهليءَ جي سيڪريٽريءَ جو عهدو هجي، هن
سنڌي ٻولي، جاتي، ساهت ۽ ڪلا جي خدمت ڪئي آهي.
ڄيٺو لالواڻي ظاهري طور ته هڪ شخص آهي،
پر سندس هن جيترو سنڌي ٻولي، ادب ۽ ناٽڪ لاءِ ڪم ڪيو آهي، شايد ڪو ادارو ڪري سگهي.
سندس شخصيت گهڻ رخي آهي، پر ان جو هي پاسو پنهنجي جاءِ تي مڪمل آهي. هن لکڻ جي
شروعات مضمون نويسيءَ کان ڪئي، سندس پهريون ڪتاب ”ويچار“ (مضمون) 1976ع ۾ شايع
ٿيو، ان کانپوءِ هن بنا ساهيءَ جي پنجاهه کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن. جنهن ۾ ناٽڪ،
ناٽڪن جي تاريخ ۽ فن، ڪهاڻيون، تعليم، ٻاراڻو ادب، مقالا، مضمون وغيره شامل آهن.
ڪراچي: ”سنڌ صدين کان“ سيمينار جي موقعي تي رکيل مورائي، قاسم راڄپر ۽ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي
هو نه رڳو ڀلوڙ ناٽڪ نويس آهي، پر بهترين
ناٽڪ نويس، هدايتڪار پڻ آهي، ان کانسواءِ رنگ منچ جي هر شعبي ۾ کيس ڪمال جي مهارت
حاصل آهي. سندس لکيل توڙي ترجمو ڪيل ڪتابن جو تعداد 50 کان وڌيڪ آهي. جن جو وچور
هن ريت آهي.
ناٽڪن جي فن ۽ تاريخ تي ڪتاب:
1-
ناٽڪ ۽ رنگ منچ ڪلا (ناٽڪ
ڪلا)1981ع.
2-
ناٽڪ ڪلا جو وڪاس (سنڌي ناٽڪ جي
تاريخ) 1983ع.
3-
سنڌو ناٽيه درشن (سنڌي ناٽڪ جي تاريخ) 1984ع.
4-
سنڌي لوڪ ناٽڪ (لوڪ ناٽڪن جو
جائزو) 1988ع.
5-
سنڌي ناٽيه اتهاس (گجراتيءَ ۾
سنڌي ناٽڪن جي تاريخ).
6-
سنڌي ناٽڪون ڪا اتهاس (هنديءَ ۾
سنڌي ناٽڪن جي تاريخ) 1997ع.
7-
سنڌي ڀڳت (هنديءَ ۾) 1997ع.
8-
سنڌي ڀڳت، شئلي (هنديءَ ۾) 1998ع.
9-
سنڌي ناٽيه ڀومي (گجراتيءَ ۾ سنڌي ناٽڪن جي تاريخ).
10-
سنڌي ناٽيه ڀومي (اردوءَ ۾ سنڌي ناٽڪن جي تاريخ).
11-
سنڌي ناٽڪ پرمپرا (ناٽڪن بابت مقالا ۽ مضمون) 2012ع.
ناٽڪن جا مجموعا:
1-
تنهنجا غم منهنجا غم آهن
(ايڪانڪيون) 1980ع.
2-
ٽرنگي روشني (ٻارن لاءِ
ايڪانڪيون)1986ع.
3-
اوڀاريون لهواريون (ريڊيو ناٽڪ)
1984ع.
4-
حادثو (ريڊيو ناٽڪ) 1996ع.
5-
ڀينڪر پنجو (ايڊز تي ريڊيو سيريل
ناٽڪ) 2003ع.
6-
مُڇر مامو (ٻارن لاءِ ناٽڪ) 2005ع.
7-
آخرين سنڌي (ايڪانڪيون) 2009ع.
8-
قاتل ڪير (گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪيل ايڪانڪيون) 1981ع.
9-
ٻه ناٽڪ ڪار (گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ايڪانڪيون)
1987ع.
10-
ڪنوارن ڪيو ڪمال (گجراتيءَ مان
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٽه فصلو ناٽڪ) 1984ع.
11-
شريمان ڦيرو ڦرڪي (گجراتيءَ مان
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٻارن لاءِ ناٽڪ)1996ع.
12-
شادي ته ڪر (گجراتيءَ مان سنڌيءَ
۾ ترجمو ڪيل ٽه فصلو ناٽڪ) 2006ع.
13-
گهر ايڪ مندر (سنڌيءَ مان
گجراتيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٽه فصلو ناٽڪ).
14-
تارا دک مارا ڇي (سنڌيءَ مان
گجراتيءَ ۾ ترجمو ڪيل ايڪانڪيون).
15-
مسٽر گپوڙيداس (اڻ ڇپيل، وڏو ٻار
ناٽڪ).
16-
ڪوئي به نه بچندو (اڻ ڇپيل، ٽه
فصلو ناٽڪ).
17-
چورن مٿان مور (اڻ ڇپيل، ٽه فصلو
ناٽڪ).
18-
عمر مارئي (پپيٽ وڊيو ناٽڪ).
19-
پڃري ۾ شينهن (ٽي وي ناٽڪ).
ڪجهه ٻيا ڪتاب:
1-
ويچار (مضمون) 1976ع.
2-
ماضيءَ جا ڌنڌلا عڪس (ڪهاڻيون )
1976ع.
3-
فلم اسٽار (فلمي هستين جا
انٽرويوز) 1977ع.
4-
ادبي سرهاڻ (مضمون) 1982ع.
5-
ماءُ (صحت بابت معلوماتي ڪتاب)
1982ع.
6-
آڪاشي ياترا (وگيان) 1982ع.
7-
علي با با گل (گجراتيءَ مان ترجمو
ڪيل ٻارن لاءِ ناول ) 1982ع.
8-
جادوئي چدو (گجراتيءَ مان ترجمو
ڪيل ٻارن لاءِ ناول ) 1982ع.
9-
ڪٽنبي صحت (تندرستيءَ بابت
معلوماتي ڪتاب) 1983ع.
10-
بدني سکيا (فزيڪل ٽريننگ بابت
ڪتاب) 1985ع.
11-
بدني تعليم (فزيڪل ٽريننگ بابت
ڪتاب) 1986ع.
12-
وطن جي صدقي (مضمون) 1985ع.
13-
پوسٽ مارٽم (ڪهاڻيون) 1985ع.
14-
ٻنيءُ جا لوڪ گيت (مقالو) 1992ع.
15-
سنڌي پروليون (لوڪ ادب) 1995ع.
16-
سنڌي فوڪ لور (تحقيقي مقالا)
1998ع.
17-
ٻليءَ جو صبر (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) 1997ع.
18-
ادبي ويچار (تحقيقي مقالا) 1998ع.
19-
اسان جو ورثو (لوڪ ادب) 2001ع.
20-
ٻنيءَ جا لوڪ گيت (پي ايڇ ڊي
مقالو) 2002ع.
21-
سنڌي لوڪ رنگ (لوڪ ادب) 2004ع.
22-
ردي (ڪهاڻيون) 2006ع.
23-
آزاديءَ جو پروانو، هيمو ڪالاڻي
(جيون ڪٿا) 2007ع.
24-
ڦڌو ڦڌو ڪوڙو سچ (ترجمو) 2008ع.
25-
ڪتابي ڪيڙو (ٻارن جو ڪهاڻيون)
2008ع.
26-
مهاڳ (مختلف ڪتابن جا لکيل مهاڳ)
2009ع.
27-
ادبي غنچو (تحقيقي مقالا) 2010ع.
.
(سنڌيت جو شيدائي ڊاڪٽر ڄيٺو
لالواڻي 8 مارچ تي 70 هين سالگره ملهائي رهيو آهي)
No comments:
Post a Comment