Tuesday, February 24, 2015

Naseer uddin Shah in Arts council Karachi


ڊرامو هميشه زنده رهڻو آهي

نصير الدين شاهه جو آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ ڊراما ورڪشاپ کي خطاب
قاسم راڄپر
 ٿيٽر ۽ فلم جي جڳ مشهور بالي ووڊ اداڪار نصير الدين شاهه چيو آهي ته ٿيٽر صدين کان زنده آهي ۽ اهو ڪڏهن به نه مرندو، ٿيٽر فلمن جهڙو نه ٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ٿيٽر مري ويندو. ٿيٽر لاءِ ڪنهن وڏي اسٽيج، ميڙ ۽ گهڻن اداڪارن جي ضرورت نه هوندي آهي. مون 14 سالن جي عمر ۾ ئي فيصلو ڪيو ته زندگي ٿيٽر ۾ گذاريندس ۽ اهو ناتو اڄ تائين برقرار آهي. مون 25 سالن ۾ ڪنهن به اداڪار واتان ACT لفظ جي معنيٰ نه ٻڌي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيٽر ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جڏهن مان نيشنل اسڪول آف ڊراما دهليءَ ۾ پڙهندو هئس ته ڳوٺ ويندي ريل گاڏيءَ ۾ ماڻهو مون کان پڇندا هئا ته تون ڇا پڙهندو آهين ته مان چوندو هئس ته ڊرامو ، ته ماڻهو کلندا هئا ته ڊرامو به پڙهبو آهي. هن چيو ته فنڪار جي زندگي اڪيلي هوندي آهي، انهن کي هي سفر به اڪيلي سر طئي ڪرڻو هوندو آهي. مان جڏهن 14 سالن جو هئس ته ٿيٽر اداڪار ٿيڻ جو فيصلو  ڪيم، مون جيڪو سوچيو اهو ڪري ڏيکاريم. هن چيو ته توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته دنيا جو پهريون اداڪار ڪير هو، پهريون ڊرامو ڪهڙو هو. منهنجي خيال ۾ ڊرامو ڪروڙين سال اڳ شروع ٿيو هو، جڏهن انسانن اڃا ڳالهائڻ شروع نه ڪيو هو، انسان جهنگ ۾ رهندا هئا، اهي جهنگ ۾ شڪار ڪري پيٽ گذر ڪندا هئا، اهي شڪار ڦاسائڻ لاءِ پهريان ريهرسل ڪندا هئا، نقلي جانور ٿيندا هئا، ڊرامي جا ماهر ان ڳالهه تي متفق آهن ته ڊرامي اتان ئي جنم ورتو آهي. هن چيو ته اداڪاري ۽ ٿيٽر جي شروعات تفريح لاءِ نه پر رابطي لاءِ ٿي ۽ ان جو بڻ بنياد مندر ۽ عبادتگاهه هئا، يونان، جاپان، چين ۽ هندستان ۾ ڊرامو ايئن ئي آيو. مندرن ۾ منچ (اسٽيج) ٺهيل هوندا هئا. هندستان ۾ اڄ به ٿيٽر مذهب سان جُڙيل آهي. اڄ به اُتي منچ جي پوڄا ٿيندي آهي، پر منهنجي استاد جو چوڻ هو ته منچ جي پوڄا سان ڪو فرق نه ٿو پوي، اصل ڳالهه اها آهي ته ڪهڙي اداڪار منچ تي ڪيترو پگهار ڳاڙيو آهي. ٿيٽڙ جو بنيادي مقصد ئي رابطو آهي. ان ڪري ٿيٽر صدين کان زنده آهي ۽ هميشه زنده رهندو، ٿيٽر ان ڪري نه مرندو جو انسان هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهندا. دهليءَ ۾ منڊي هائوس واري علائقي 12 ٿيٽر آهن، جن مان 11 سڄو سال خالي ۽ هڪ ڀريل هوندو آهي. اصل ڳالهه اها ناهي ته ٿيٽر ڀريل هجن، پر اصل ۾ مقصد واري ڳالهه ڪرڻ ئي حقيقي ٿيٽر آهي. هن چيو ته ٿيٽر لاءِ گهڻن اداڪارن، گهڻن ماڻهن ۽ وڏي منچ جي ضرورت نه هوندي آهي، ٻه ماڻهو ڪٿي بهب سٺو اسڪرپٽ پيش ڪري سگهن ٿا، ان لاءِ هڪ ڏسڻ وارو ئي ڪافي آهي.هن چيو ته 35 سال اڳ جڏهن مان ۽ اوم پوري ممبئي آيا هئاسين ته اسان ٻئي روڊن، رستن، فوٽ پاٿن تي ٿيٽر ڪندا هئاسين، تڏهن هڪ ٻه ماڻهو  اسان کي ڏسندا هئا ۽ اڄ اسان کي ڏسڻ وارا لکين آهن.  هن چيو ته ٿيٽر ۽ فلم ۾ وڇوٽي هئڻ گهرجي، ٻئي هڪ ٻئي کان ڌار اظهار جا ذريعا آهن، ٻنهي ۾ اهو فرق برقرار رهڻ گهرجي، اسان ڪِڪِ جهڙي فلم ٿيٽر ۾ پيش نه ٿا ڪري سگهون ۽ پيش به نه ڪرڻ گهرجي. ناٽڪ زندگيءَ کي گهڻو ويجهو هوندو آهي. هن ٿيٽر جي شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن توهان کي ٿيٽر سان لڳاءُ ناهي ته پوءِ ان شعبي ۾ نه اچو ۽ وڃي  ڊاڪٽر ٿيو.


Saturday, February 14, 2015

Drama Director & Writer Jeevan Gursahaney

سنڌي ناٽڪ جي قد آور شخصيت جيون گرسهاڻي


ڊاڪٽر قاسم راڄپر
ڊرامو انساني جذبن جي اظهار جو منفرد ذريعو آهي، جيڪو آڳاٽي زماني کان سمورين ثقافتن ۾ سڀاءَ جو انتهائي ڪارائتو نمونو  رهيو آهي. حقيقت ۾ڊرامو انسان جي بنيادي سرگرمي پڻ آهي. ادب جي ٻين صنفنن جي ڀيٽ ۾ ڊرامي جو اثر تيز ۽ ديرپا آهي،  شاعري، ڪهاڻي ۽ ناول ۾ پڙهندڙن آڏو سماج جي جيڪا تصوير پيش ڪئي ويندي آهي، اها ڊرامي وسيلي وڌيڪ بهتر نموني سان پيش ڪئي وڃي ٿي، ڇو ته ڊرامو مڪالمن، ڪردارن، ويس وڳن، ٺاهه ٺوهه، منظرن وغيره کي عملي صورت ۾ آڻي ڏسندڙن کي سماج جي حقيقي زندگيءَ جي گهڻو ويجهو آڻي بيهاري ٿو. سنڌيءَ ۾ مطالعاتي ناٽڪ جو جنم ته 1880ع ۾ مرزا قليچ بيگ جي لکيل ناٽڪ “ليليٰ مجنون ” سان ٿيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان کان هڪ سال اڳ امام بخش خادم به ناٽڪ لکي چڪو هو، جيڪو نه اسٽيج تي آيو ۽ نه وري شايع ٿي سگهيو. ورهاڱي تائين سنڌي ناٽڪ ڦوهه جواني ماڻي چڪو هو، پر  ورهاڱي سبب سنڌي اسٽيج ناٽڪ جا سرپرست هندو سنڌي ڀارت لڏي ويا. اُتي به هو ڪنهن هڪ هنڌ تي ٿائينڪا ڪونه ٿيا. ٻيو ته اهي هتي ڀريل گهر، هلندڙ ڪاروبار ڇڏي ويا هئا، تنهن ڪري نئين ديس وڃي سڀ کان اڳ هنن پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. پر پنهنجي وطن جي اُڪير ۾ هنجون هاريندڙن جو ڏک ونڊائڻ لاءِ انهن کي وندرائڻ لاءِ سڀ کان اڳ رام پنجواڻيءَ ڪوشش ورتي. هن پنهنجي ساٿين سان گڏ جدا جدا شهرن ۾سنڌين جي ڪئمپن ۾ وڃي، پنهنجن مٺڙن ٻولن سان وندرايو. ان عمل جا بهترين نتيجا اچڻ سبب ان لاءِ باضابطا پليٽ فارم جوڙڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. بمبئيءَ ۾ جنوري 1949ع ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي سرواڻيءَ ۾ ترقي پسند ليکڪن ‘سنڌي ساهت منڊل’ ٺاهيو. جنهن ۾ هفتيوار ادبي ڪلاسن سان گڏ ڪانفرنسون ڪيون ويون ۽ ناٽڪ ڏيکاريا ويا. ساڳئي سال (1949ع) ۾ دهلي ڪاليج ۾ “دهلي ڪاليج ساهتيه سڀا” ڊاڪٽر هرو مل سدا رنگاڻيءَ جي سرپرستيءَ ۾ کلي. ان سڀا سنڌي ناٽڪ خاص طور ايڪانڪي اسٽيج ڪرڻ شروع ڪيا. ڊاڪٽر هرو مل سدا رنگاڻيءَ سان گڏ ٻي اهم شخصيت جيون گوبند رام گرسهاڻيءَ جي هئي. جيڪو اڳتي هلي نه رڳو دهلي پر هندستان ۾ سنڌي ناٽڪ جو وڏو نالو بڻيو.
ڊگهي قد، ويڪري پيشاني وارو رعبدار شخص جيون گرسهاڻي 13 آڪٽوبر 1928ع تي ساهتي پرڳڻي جي شهر ٺارو شاهه ۾ پيدا ٿيو. (ڪجهه ڪتابن ۾ ڪراچي لکيل آهي). ورهاڱي کانپوءِ مختلف هنڌن کان ٿيندو سندس خاندان دهليءَ ۾ ٿائينڪو ٿيو. هو سنڌ ۾ به ٺارو شاهه کان ويندي ڪراچيءَ تائين اسٽيج ناٽڪن سان واڳيل رهيو ۽ ورهاڱي کانپوءِ به ساڳئي ڪِرت سان لڳي ويو. ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪن جو پهريون مجموعو رام پنجواڻيءَ جو “سنڌ جون ست ڪهاڻيون” شايع ٿيو، جيڪو گهڻي ڀاڱي سنڌ ۾ ئي لکيو ويو هو. ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪ لکڻ جي شروعات، جيون گرسهاڻيءَ ڪئي. هن پهريون ناٽڪ ‘ڏيتي ليتي’ 1950ع ۾ لکيو  ۽ اسٽيج تي آندو. ان کانپوءِ هن “فئشن ايبل” (1952ع)، “ڪاڪو بهلاڻيءَ وارو” (1954)، “مهمان” (1961)، “نيلام” (1961)، “مئريج بيورو” (1963) سميت لاتعداد ناٽڪ لکيا. ان جي باوجود ته هن ناٽڪ نويس ۽ اداڪار طور پاڻ مڃايو هو پر هن پردي پويان بيهي هدايتڪاريءَ کي ترجيح ڏني. هن 1961ع  ۾ سنڌو ڪلا سنگم  جي نالي سان ناٽڪ منڊلي دهليءَ ۾ قائم ڪئي، جنهن جي پليٽ فارم تان هن 14 وڏن ناٽڪن جا 76 شوز ۽ 33 ايڪانڪين (ننڍي ناٽڪ) جا 100 کان وڌيڪ شوز هندستان اندر توڙي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پيش ڪيا. هو انتهائي محنتي ۽ پروفيشنل هدايتڪار هو، هو آخري دم تائين سنڌي ناٽڪ سان ڪُل وقتي سلهاڙيل رهيو. 
هن جي هيمراج ناگواڻيءَ سان جوڙي ڏاڍي مشهور ٿي ۽ ا ن جوڙيءَ  ڊگهي عرصي تائين هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي ناٽڪن جي سار سنڀال ڪئي. . جيون،  منگهارام ملڪاڻي، رام پنجواڻي، آغا سليم، هريڪانت ڄيٺواڻي، واسديو نرمل، لڇمڻ ڪومل، جسونت ڪمار، جي اين ناگراڻي، گوبند مالهي، اي بي سڳو مل سميت انيڪ ناٽڪ نويسن جا ناٽڪ اسٽيج تي پيش ڪيا. هو نه رڳو بهترين ناٽڪ نويس ۽ هدايتڪار هو، پر ڀلوڙ اداڪار به هو. هن هر قسم جا ناٽڪ جهڙوڪ ٽريجڊي، طنزيه، مزاحيه وغيره پيش ڪيا. کيس هند جي پهرئين سنڌي  ناٽڪ جي هدايتڪاريءَ جو به شرف حاصل ٿيو. کيس وڏن ناٽڪن جي هدايتڪاريءَ ۾ ڪمال حاصل هو. هو آخري دم تائين سنڌيت جي هلچل سان جڙيل رهيو. هن سنڌيت کي محفوظ رکڻ لاءِ ناٽڪ ڪلا جو سهارو ورتو ۽ ان ۾ هن کي ڀرپور ڪاميابي ملي. هن سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ واري جدوجهد ۾ عملي ڪردار ادا ڪيو ۽ دهليءَ ۾ مظاهرن ۽ ڌرڻن ۾ نه رڳو پاڻ پر پنهنجي نياڻي انيتا سان گڏ شرڪت ڪئي. هن نه رڳو سنڌي ناٽڪ ڪلا کي اوج تي رسايو پر نون فنڪارن، ناٽڪ نويسن ۽ هدايتڪارن کي همٿايو. هو انتهائي سخت طبعيت هدايتڪار ليکيو ويندو هو، جيڪو اداڪارن کي نپوڙي کانئن ڪم وٺندو هو.  ڊگهي قد سبب ڪيرت ٻاٻاڻيءَ کيس سنڌي ناٽڪ جو “لمبو” سڏيو هو. سندس هڪ ناٽڪ “اوکا پنڌ پيار جا” 1989ع دور درشن تان ٽيليڪاسٽ ٿيو.
جيون بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي سنڌي ناٽڪن جي سرپرستي ڪئي. هو هميشه چوندو هو ته سنڌي ناٽڪ منهنجو پهريون پيار آهي، پيار ۾ پائڻ ۽ وڃائڻ ڪهڙو؟  جيون، سنڌين ٻولي ۽ ناٽڪ لاءِ فڪر مند هئڻ سان گڏ پر اميد به هو. ٽماهي اسٽيج مخزن لاءِ هيمراج ناگواڻيءَ کي ڏنل هڪ انٽرويو  ۾هن چيو هو ته “سنڌي ناٽڪ، ڀارت ۾ سنڌي هلچل جي جان آهي. سنڌي ناٽڪ سنڌيت کي زنده رکندو اهو منهنجو وشواس آهي. سنڌي ناٽڪ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جو مستقبل هڪ ٻئي سان جُڙيل آهي. سنڌي ناٽڪ آهي ته سنڌي ٻولي رهندي، سنڌي ٻولي آهي ته سنڌيت زنده جاويد رهندي، ان ڪري سنڌيت قائم رکڻ لاءِ هر هڪ سنڌيءَ کي پاڻ پتوڙڻو پوندو”.
جيون پنهنجو سڄو جيون سنڌي ناٽڪ کي ارپي ڇڏيو هو ، جنهن جي موٽ ۾ سنڌين کيس تمام گهڻي عزت، مان ۽ مرتبو ڏنو.  هريڪانت ڄيٺواڻيءَ جي مشهور ناٽڪ “مڪان خالي آهي” تي کيس “اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا” پاران بهترين هدايتڪار جو اعزاز ڏنو ويو. جڏهن ته آغا سليم جي تاريخي ڊرامي “دودو چنيسر ” جي ڊائريڪشن ڏيڻ تي کيس 1974ع ۾  آل انڊيا سنڌي ڊراما ڪامپيٽيشن ۾ بهترين هدايتڪار جو ايوارڊ مليو. کيس دهليءَ ۾ “سنڌي رتن” جو اعزاز به مليو.  44 سالن تائين سنڌي ڊرامن جي سرپرستي ڪندڙ جيون گرسهاڻي 19 جون 1994ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سنڌي ڊرامن لاءِ سندس خدمتون هميشه ياد رکيون ويندون.
(جيون گرسهاڻي جي جنم ڏينهن جي موقعي تي)
Awami Awaz Sunday Mag 12.10.2014



Dr. Qasim Rajpar: Sindhi Drama in Poetry of Shah Latif

شاهه جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ لکيل سنڌي ناٽڪ
محمد قاسم راڄپر
Abstract:
Shah Abdul Latif Bhittai (1689–1752) was a Sufi scholar and considered as one of the greatest poets of the Sindhi language. Shah Abdul Latif Bhittai was born in 1689 in Hala Haveli's village near Hyderabad, Pakistan. His most famous written work is the “Shah Jo Risalo”, which is a masterpiece of Sindhi Literature as well. The major themes of his poetry include Unity of Almighty, love for human, religious tolerance and humanistic values.
The women in Shah Abdul Latif’s poetry are known as the seven heroines (ست سورميون) of Sindhi folklore. They have been given the status of heroines in the Shah Jo Risalo. The Seven heroines respected throughout Sindh for their positive qualities: their honesty, integrity, piety and loyalty. They were also valued for their bravery and their willingness to risk their lives in the name of love.
In his monumental work, there are Chapters, known as Surs (Melodies) where Bhittai gives his Message of love, longing, patriotism, Communal harmony, tolerance, Divine Affection and devotion. These Seven Melodies and in fact the seven stages of Soul that find expression through his famous heroine. Scholars have observed that the succession of Sohni, Sassi, Leela, Moomal, Marui, Noori and Sorath (Seven Heroines) represent the Seven Stages of the Soul. Indeed, quite an apt allegory, and Bhittai’s specialty is that he doesn’t narrate complete stories but offers dramatic monologues highlighting the lessons to be learnt at each stage.
Many Sindhi dramatists write drama in the light of Shah Abdul Latif Bhittai’s poetry. Khanchand daryani was the first play writer who write “Moomal aen Mendhro” in 1922. After that, so many dramatists write drama in the perspective of poetry of Shah.

 ڊرامو انساني جذبن جي اظهار جو قديم ۽ مڃيل ذريعو آهي، جديد ڊرامي جي شروعات يونان کان ٿي. يونانين پنهنجي ورثي کي نه رڳو محفوظ ڪيو پر ان تي وڌيڪ تحقيق ۽ اڀياس ڪري دنيا کي نوان رستا ڏسيا. يونان ۾ ڊرامو ابتدائي صورت ۾ شاعراڻي اسلوب ۾ ملي ٿو، جنهن تي افلاطون پهريون ڀيرو تنقيد ڪئي. افلاطون شاعريءَ جا ٽي قسم (1) بيانيه شاعري (2) ڊرامائي شاعري (3) رزميه شاعري، ڄاڻايا آهن. ادب جي قديم تاريخن تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ڊرامي جي سڀ کان آڳاٽي وصف ارسطوءَکان ملي ٿي. جيڪا هن پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب بوطيقا (Poetics)  ۾ الميي (Tragedy) تي بحث ڪندي ٻڌائي آهي. هن الميي يا ڊرامي کي عمل جي نقالي   (Imitation of an action) سڏيو آهي.
عالمن جي راءِ آهي ته ڊرامو ارسطو ءَ ايجاد نه ڪيو هو، پر هن پنهنجي خيالن کي واضح ڪرڻ لاءِ مشهور يوناني ناٽڪ نويسن جهڙوڪ ‘سوفوڪليز’ وغيره جي تخليقن مان مثال پيش ڪيا. يونانين جو يقين هو ته الميو (Tragedy) ڊرامي جو سڀ کان اعليٰ قسم آهي. ارسطوءَ جي الميي واري وصف کي ئي ڊرامي جي وصف تسليم ڪيو ويو آهي،
شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جو مطالعو ڪجي ٿو ته ان ۾ اهي سموريون خوبيون ۽ عنصر نظر اچن ٿا، جيڪي ارسطوءَ الميي (ڊارمي) لاءِ لازمي قرار ڏنا آهن. شاهه جي تمثيلي شاعريءَ ۾ جڏهن شاهه جي سورمين ۽ سورمن، سسئي پنهون، سهڻي ميهار، ليلا چنيسر، مومل راڻو، عمر مارئي، نوري ڄام تماچي، سورٺ راءِ ڏياچ، مورڙو (سُر گهاتو) ۽ امام حسين (سُر ڪيڏارو) تي غور ڪجي ٿو ته انهن ۾ ارسطوءَ واري قديم ڊرامي جا مڙئي عنصر ملن ٿا، جيڪي هن بوطيقا Poetics)) ۾ ٻڌايا آهن. جيڪي هي آهن:
 (1) سٽاءُ (Plot)،  (2) ڪردار (Character)، (3) خيال (Thoughts)، (4) ڳالهائڻ جو انداز (Diction)،  (5) سنگيت (Melody )، (6) تماشو  (Spectacle ).
                شاهه جي شاعريءَ ۾ نه رڳو قديم پر جديد ڊرامي جا به سمورا عنصر ملن ٿا. شاهه جي تمثيلي شاعريءَ ۾ “پلاٽ، مرڪزي خيال، ڪردار ۽ سيرت نگاري، مڪالما، تسلسل ۽ ڪشمڪش، ٽڪراءٌ ۽ انجام” جو به پورو پورو خيال رکيل نظر اچي ٿو.  شاهه جي شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه اهي ڊرامائي  اهڃاڻ، اصول ۽ عنصر ڪٿان اوڌارا نه ورتا آهن، پر هن اهي اصول ۽ عنصر پاڻ تخليق ڪيا آهن. هونئن ته سنڌيءَ ۾ سنگيت ڊرامن جو باني مرزا قليچ بيگ کي سڏيو وڃي ٿو پر شاهه جي شاعريءَ ۾ سنگيت ڊرامي جي سمورين خوبين ۽ عنصرن کي سامهون رکيو وڃي ته نتيجو ڪجهه ٻيو هوندو، پر افسوس ته سنڌ ۾ ان حوالي سان تحقيق ۽ تنقيد بنهه گهٽ ٿي آهي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اسان وٽ اڃا تائين ڊرامو مذهبي اثر کان ٻاهر نڪري نه سگهيو آهي ۽ ڊرامي کي مذهبي بنياد تي معيوب سمجهي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي ان پاسي تي تحقيقي ڪم نه ٿو ڪيو وڃي.
                شاھھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ناٽڪ جي پهريون ڀيرو نشاندهي ڊاڪٽر هوتچندگربخشاڻيءَ ڪئي هئي. هن شيڪسپيئر جي ناٽڪن جي حوالي سان شاهه جي سورمين ۽ سورمن جي ڪردار نگاريءَ کي ناٽڪي ڪوٺيو آهي. هو لکي ٿو ته “شاهه جو نمونو به انگريزي شاعر شيڪسپيئر وانگي ناٽڪ جهڙو آهي. هي هڪ نئون نمونو آهي، جو سنڌ جي ڪنهن ٻئي شاعر استعمال ۾ نه آندو آهي. انهيءَ شعر  ۾ شاهه جي شعور جون ڪُل خوبيون نڪري نروار ٿين ٿيون”.[1]
                ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ ناٽڪ جي بنيادي عنصرن علامت نگاري، منظر ڪشي، گفتگوء، سيرت نگاري، خيال ۽ عبارت جو به تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. “گهڻن ئي عالمن ستن ئي سورمين جي سيرت نگاريءَ جي به اوک ڊوک ڪئي آهي. شاهه جي شعر ۾حقيقت ۽ طلسم جو جيڪو جوڙ آهي. اُهو ڏسندڙن جي دلچسپي شروع کان آخر تائين قائم رکي ٿو. ڪڇ ۾ شاهه جي مريد فقير تمر ناٽڪ طرز  ۾ شاهه جا شعر اُچاريندو هو، جو اڳتي هلي شاهه جي بيت، ناٽڪي انداز ۾ اُچارڻ ٻني ڪڇ ۾ پرمپرا (روايت) بڻجي وئي”. [2] 
ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي شاهه جي شاعريءَ جي ناٽڪي رخ جي نشاندهي ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهائڻ دوران پنهنجي تقريرن، مضمونن ۽ مقالن ۾ ڪئي هئي. جنهن کانپوءِ شاهه سائين جي شاعريءَ جي ڊرامائي روپ کي نظر ۾ رکندي شاعريءَ جي پس منظر ۾ سنڌي ناٽڪ لکڻ جي شروعات سنڌي ناٽڪ ۾ حقيقت نگاريءَ جي باني  خانچند درياڻيءَ 1922ع ۾ ڪئي. هن سُر مومل راڻي تي پهريون ناٽڪ “مومل مينڌرو” لکيو. جنهن جو بنياد شاهه سائين جي شاعريءَ تي هو. هن ناٽڪ کي حقيقي روپ ڏيڻ لاءِ هنڌ هنڌ تي شاهه ڀٽائيءَ جي شاعري ڪتب آندي. جنهن سندس ان ڪامياب تخليق کي وڌيڪ دلچسپ بڻايو. اهو ناٽڪ پهريان سنڌي ساهت سوسائٽيءَ شايع ڪرايو، جنهن کانپوءِ اهو ناٽڪ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي هدايتن هيٺ “ڊي جي سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچيءَ” پاران اسٽيج ڪيو ويو. ان ناٽڪ ۾ اداڪاري ڊي جي ڪاليج جي ساگردن ڪئي. ناٽڪ جي هدايتڪار پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ان ناٽڪ جو احوال ڏيندي لکي ٿو ته “ ان ۾ بيت ۽ ڏوهيڙا شاهه صاحب جا ڪم آندل هئا ۽ ڪردارن جي زباني اهي ٺهڪندڙ هئا. .. هن ۾ مومل جو ڪردار ڪاليج جي هڪ ڇوڪري  مڪند لالا ڏاڍي نفيسائي ۽ اُتساهه وچان ڪيو هو ۽ ڪافيون ۽ ڏوهيڙا ميٺاج ڀريا ڳايا هئا، راڻي جو پارٽ موتي جڳتياڻيءَ ڪيو هو”.[3]
ان ناٽڪ کانپوءِ لعل چند امر ڏني مل عمر مارئيءَ جي قصي تي “عمر مارئي” لوڪ ناٽڪ لکيو، جيڪو رابندر ناٿ ڊرئمٽيڪ ڪلب حيدرآباد پاران 1925ع ۾ اسٽيج ٿيو. اهو ناٽڪ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ساڳئي ناٽڪ منڊليءَ ور ور ڏئي ڏهه ٻارهن ڀيرا اسٽيج ڪيو هو. ساڳئي سال لعل چند امر ڏني ٻيو ناٽڪ “سهڻي ميهار” لکيو، پر اهو اسٽيج تي نه اچي سگهيو. جنهن کانپوءِ هن “سسئي پنهون” ناٽڪ ڊنگو مل سان گڏجي لکيو، پر اهو به اسٽيج نه ٿي سگهيو ۽ نه وري شايع ٿي سگهيو. 1932ع ۾ مزاحيه اداڪار منگل سنگهه رامچنداڻيءَ “سسئي پنهون” ناٽڪ لکيو هو. جيڪو “ينگ سٽيزنس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد” پاران اسٽيج تي آندو ويو. ان ۾ به شاهه جون ڪافيون ۽ وايون ڏنل هيون. ڊاڪٽر ليلا رام ڦيرواڻيءَ 1936ع ۾ “ليلا چنيسر” جي لوڪ داستان تي ناٽڪ “هڪڙي رات” جي نالي سان لکيو. هي ناٽڪ اسٽيج تي ڪونه آيو، پر ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. جنهن جو مهاڳ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ لکيو. 
شاهه جي شاعريءَ جي بنياد تي سنڌيءَ ۾ لوڪ ناٽڪ لکڻ جي پختي روايت سدا حيات پروفيسر رام پنجواڻيءَ وڌي. هن 1941ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي چوڻ تي ڪاليج جي غريب شاگردن جي مالي سهائتا لاءِ هڪ ناٽڪ “مومل راڻو” هڪ اندر لکي اسٽيج تي آندو. جنهن جون هدايتون ڪاليج جي استادن هيرانند ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ ڏنيون. هن ناٽڪ ۾ مومل جو ڪردار ڪاليج جي شاگردياڻي مئنا واسواڻيءَ ادا ڪيو هو، جنهن شاهه جا بيت ۽ وايون سُريلي آواز ۾ ڳايون. راڻي جو ڪردار ڪملا ڪرپلاڻيءَ مرداڻي انداز ۾ ڪيو. رُڪَ آڏواڻي سومل بڻي. رام پنجواڻيءَ شاهه جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ ٻيو ناٽڪ لوڪ داستان “عمر مارئي” تي “پکي ۽ پدمڻي” جي نالي سان لکيو. جيڪو 1943ع ۾ ڪاليج جي شاگردياڻين پنجواڻي صاحب جي “سنڌي سرڪل” جي پليٽ فارم تان سندس ئي هدايتڪاريءَ ۾ڪري ڏيکاريو.  جنهن ۾ عمر جو ڪردار مئنا، مارئي جو ڪردار ڪملا ٿڌاڻيءَ ادا ڪيو هو. هن ناٽڪ ۾ رام پنجواڻيءَ ڀڳت جي روپ ۾ ڀٽائيءَ جي شاعري موهيندڙ انداز ۾ ڳائي هئي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي هلچل تيز ٿيڻ سبب هن دؤر ۾ ناٽڪ سرجڻ گهٽجي ويا ۽ ورهاڱي کان اڳ 1946ع ۾ نانڪرام ڌرمداس لوڪ ناٽڪ “سهڻي ميهار” لکيو. جيڪو ماهوار “ڀارت جيون” حيدرآباد ۾ شايع ٿيو، ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾آخري لوڪ ناٽڪ “سسئي رُل مُئي” لعل چند امر ڏني مل 1946ع ۾ لکيو. جيڪو “مهراڻ مخزن” ڪراچيءَ ۾ شايع ٿيو. 
ورهاڱي سبب سنڌي ناٽڪ جي جُڙيل شاندار روايت پوئتي پئجي وئي، سنڌي ناٽڪ جا سرپرست، ليکڪ ۽ فنڪار گهڻي ڀاڱي هندو هئا، جيڪي لڏي هندستان هليا ويا. جنهن سبب سرحد جي ٻنهي پاسن کان سنڌي ناٽڪ ڪجهه سال ماٺ رهيو. پر چوندا آهن ته ناٽڪ ڪڏهن مرندو ناهي. هند ۾ سنڌي ناٽڪ کي ٻيهر جيئارڻ جي ڪوشش به لطيف جي نالي سان رام پنجواڻيءَ ڪئي. هن سنڌ ۾ شاهه جي ستن ئي سُورمين تي لکيل پنهنجا ناٽڪ پناهگير ڪئمپن ۾ آباد سنڌين کي هٿ جي ٺهيل اسٽيج تي ڪري ڏيکاريا. ايئن لطيف جي ڪلام وسيلي وندرائي هن سنڌين جي ڏکن جو بار هلڪو ڪيو. ورهاڱي کانپوءِ  ڀارت ۾سنڌي ناٽڪن جو پهريون مجموعو رام پنجواڻيءَ جو “سنڌ جون ست ڪهاڻيون” 1952ع ۾شايع ٿيو، جيڪو گهڻي ڀاڱي سنڌ ۾ ئي لکيو ويو هو. ان ۾ شاهه جي ستن ئي سورمين کي سندس ڪلام جي روشنيءَ ۾ڊراما ئي روپ ۾ اسٽيج تي پيش ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو. ساڳئي سال جئه هند ڪاليج سنڌي سرڪل، بمبئيءَ پاران اهي ست ئي سورميون اسٽيج تي به آيون. 1955ع ۾ موتي لعل جوتواڻي، نيم تاريخي قصي تي ٻڌل  ناٽڪ “ليلان چنيسر” لکيو، جيڪو  سنڌي نو جيون سڀا دهليءَ پاران اسٽيج تي آيو.
ورهاڱي دوران ان موضوع تي سنڌ ۾ مرزا گل حسن ڪربلائي “ماڳ جي محبت” لکيو. جيڪو لوڪ داستان “عمر مارئي” تي مشتمل هو. هن ناٽڪ ۾ شاهه سائين جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ مارئيءَ جي ملير ۽ مارن سان محبت جي اُپٽار ٿيل هئي. اهو ناٽڪ مهراڻ مخزن ڪراچيءَ ۾ 1947ع ۾ شايع ٿيو. جڏهن ته 1952ع ۾ ڪشنچند نيڀراج ڏيواڻيءَ جو لکيل ناٽڪ “سهڻي ميهار” چندن پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. 1955ع ۾ نور احمد نور  لوڪ ناٽڪ “سسئي پنهون” لکيو، جيڪو  اتحاد آرٽ ڪلب، حيدرآباد پاران منچ تي پيش ڪيو ويو. 1956ع ۾ غلام حيدر جو لکيل لوڪ ناٽڪ “مومل راڻو” ڪوهنور ڊرئميٽڪ ڪلب، حيدرآباد پاران پيش ڪيو ويو. سيد منظور نقوي سنڌي ريڊيو ڊرامن جي بانين مان آهي. هن شاهه سائين جي سورمي ليلا تي اسٽيج ناٽڪ “ليلا چنيسر” لکيو، جيڪو 1957ع ۾ مهراڻ آرٽس سرڪل، حيدرآباد پاران اسٽيج تي آندو ويو. “ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ جو لکيل منظوم ڊراما ‘مومل راڻو’ نئين زندگي سيپٽمبر 1957ع ۾ شايع ٿيو. آزاديءَ کانپوءِ هي پهريون ننڍو منظوم ڊراما آهي، جيڪو مثنويءَ جي صورت ۾ جوڙيل آهي”.[4] 
1958ع ۾ هلال پاڪستان، حيدرآباد (هاڻي ڪراچي)پاران ڊراما نمبر شايع ڪيو ويو. جنهن ۾ مختلف ناٽڪ نويسن جا 15 ناٽڪ شايع ڪيا ويا، ورهاڱي کانپوءِ ڪنهن به اخبار پاران شايع ٿيل اهو پهريون “ناٽڪ نمبر” هو. جنهن ۾ بشارت حسين انصاريءَ جو شاهه جي ڪلام جي پس منظر ۾ لکيل ناٽڪ “نوري ڄام تماچي” به شامل هو. 1960ع ۾ سراج الحق ميمڻ، شاهه جي سُر گهاتو جي پس منظر ۾ هڪ ناٽڪ “گهاتو گهر نه آيو” لکيو، جيڪو ٽماهي مهراڻ ۾ شايع ٿيو. اهو ناٽڪ بيحد مقبول ويو. شعبان بخت جو شمار ورهاڱي کانپوءِ وارن بنيادي سنڌي ناٽڪ نويسن ۾ ٿئي ٿو. هن کي لوڪ داستانن ۽ تاريخي ناٽڪ لکڻ جو وڏو ڏانءُ هو. هن 1961ع ۾ ٽي ناٽڪ “ور وطن ڄائي”، “سهڻي ميهار” ۽ “عمر مارئي” لکيا. انهن ٽنهي ناٽڪن جو بنياد به شاهه سائين جي ڪلاسيڪي شاعري هو. اهي ناٽڪ سنڌو ساڻيهه منڊل حيدرآباد پاران اسٽيج به ڪيا ويا.
سراج صاحب شاهه جي شاعريءَ کي بنياد بڻائي ٻيو ناٽڪ “پوڄا ڏٺم پير ڍڪڻ مٿي ڍول” 1963ع ۾ لکيو. جيڪو تاريخي داستان ليلا چنيسر  تي لکيل هو. اهو ناٽڪ ماهوار نئين زندگيءَ ۾ قسطوار شايع ٿيو. آغا سليم گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي، هو لطيف جو پارکو ۽ مترجم به آهي، پر سندس اصل سڃاڻپ ناول ۽ ناٽڪ نويسي آهي. هن شاهه سائين جي شاعريءَ کي نظر ۾ رکي “سورٺ راءِ ڏياچ” جي داستان تي استيج ناٽڪ “گل ڇنو گرنار جو” لکيو، جيڪو  1964ع ۾ پهريون ڀيرو گورنمينٽ ڪاليج ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد پاران اسٽيج ڪيو ويو، ان کانپوءِ به اهو ناٽڪ ڪيترائي ڀيرا اسٽيج تي ڏيکاريو ويو آهي ۽ اڄ تائين ڪامياب ترين ناٽڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، اهو ناٽڪ هندستان ۾ ڪيترين ئي ناٽڪ منڊلين ۾ جدا جدا شهرن ۾ ڏيکاريو ويو آهي. اهو ناٽڪ مختلف ادبي رسالن ۾ڪيترائي ڀيرا شايع ٿيو. هاڻي ويجهڙائي ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران آغا سليم جي ناٽڪن جي مجموعي “ڊراما” ۾ به اهو ناٽڪ شامل آهي. 
غالب لطيف سنڌ جو مڃيل ناٽڪ نويس ٿي گذريو آهي، هن نه رڳو ناٽڪ لکيا پر سڄي سنڌ خاص طور تي اترين ضلعن ۾ ناٽڪ اسٽيج به ڪيا. جن جو هدايتڪار هو پاڻ ۽ آغا سليم هوندا هئا. غالب لطيف شاهه سائين جي ڪلام کي ذهن ۾ رکي “سنگهارن جي سار” ناٽڪ لکيو. جيڪو ماهوار نئين زندگيءَ (جون 1965) ۾ شايع ٿيو. ان ناٽڪ ۾ مارئي جي جدوجهد ۽ سانگين لاءِ اُڪير کي موضوع بڻايو ويو هو. سنڌي ناٽڪ جي تاريخ لکڻ سان گڏ ناٽڪ نويسيءَ ۾ ڊاڪٽر يوسف پنهور جو به وڏو نالو آهي، جيڪڏهن ايئن چئجي ته پروفيسر منگها رام ملڪاڻيءَ کانپوءِ سنڌي ناٽڪ جي تاريخ لکڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪم ڊاڪٽر يوسف پنهور ڪيو آهي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. هن مختلف سماجي مسئلن تي گهڻا ناٽڪ لکيا ۽ اسٽيج تي آندا. شاهه سائين جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ هن جا لکيل ناٽڪ “عمر مارئي”، “ڪاڪ محل” ۽ “سسئي پنهون” 1967۽ 1968ع ۾ زرعي ڪاليج سنڌي ڊرئميٽڪ سوسائٽي، ٽنڊو ڄام پاران اسٽيج ڪيا ويا. هن جي ناٽڪن جو مجموعو “اسٽيج ڊراما” 1980ع ۾ زيب ادبي مرڪز حيدرآباد پاران شايع ٿيو، جنهن ۾ هن جا لکيل 10 ننڍا ناٽڪ شامل آهن. ان مجموعي ۾ اهي ٽئي ناٽڪ به شامل آهن.
عبدالڪريم بلوچ سنڌي ٽيلي ويزن ناٽڪ جو باني ۽ ابو ليکيو وڃي ٿو. هو ٽي وي کان اڳ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان واڳيل هو. هو نه رڳو بهترين براڊ ڪاسٽر ۽ پروڊيوسر هو پر کيس قدر ڊرامو لکڻ جي به ڏات ڏني هئي. هن اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ لاتعداد ناٽڪ لکيا. هن شاهه سائين جي سُر “سورٺ راءِ ڏياچ” جي پس منظر ۾  ناٽڪ “تند ڪٽارو ڪنڌ” لکيو. جيڪو ماهوار نئين زندگي (مئي 1968) ۾ شايع ٿيو.
سنڌ ۽ هند جي ناٽڪ نويسن شاهه جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ هر قسم جا ناٽڪ تخليق ڪيا آهن. ڊاڪٽر اياز قادريءَ تي شاهه سائين جي شاعريءَ کي سنگيت ڊراما جي انداز ۾ لکيو. سدا حيات پوپٽي هيرا ننداڻي شاهه جي ڪلام کي بنهه نئين انداز ۾ ناٽڪي روپ ڏنو. اهو نرتيه ناٽڪ (Ballet)  جو انداز هو. جنهن ۾ پوپٽيءَ جو ڪو ثاني نه هو. هن شاهه جي ڪلام جي پس منظر ۾ 1962 ع ۾ نرتيه ناٽڪ “راءِ ڏياچ ۽ سورٺ”، سنڌي ڀڳت “مومل راڻو” لوڪ سر بمبئيءَ پيش ڪيو. “مومل راڻو” ڀڳت ٽماهي “اسٽيج” مخزن، جنوري _مارچ 1998ع ۾ شايع ٿي. ان ۾ به هن شاهه جو ڪلام ڪتب آندو آهي. پوپٽيءَ جي هڪ ٻيو نرتيه ناٽڪ “سهڻي ميهار” به نه رڳو بمبئي توڻي ٻين شهرن ۾ اسٽيج تي آيو پر شايع به ٿيو. “ ارجن حاسد، لطيف جي سورمي مارئي تي نرتيه ناٽڪ “عمر مارئي” لکيو. جيڪو 26 جون 1983ع ۾ احمد آباد ۾ غير سنڌين جي هڪ ناٽڪ منڊليءَ پاران پيش ڪيو ويو. ان ناٽڪ جو هدايتڪار چمن تپودن به سنڌي نه هو. هي سنڌي لوڪ سنگيت ناٽڪ جو هڪ ڪلاسيڪل تجربو هو. اهو ناٽڪ اسٽيج مخزن ۾ به شايع ٿيو”. [5]
سنڌ هند جي برک اديب لڇمڻ ڀاٽيا ‘ڪومل’ 1967ع ۾ “سُر سورٺ” ۽ 1969ع ۾ “سُر سامونڊي” تي مشتمل ٻه ناٽڪ لکيا، جڏهن ته هن ٽيون ناٽڪ “مومل راڻو” 1969ع ۾ لکيو. جيڪي سنڌو ڪلا ڪيندر دهليءَ پاران رنگ منچ تي به آندا ويا. جڏهن ته اهي ڪيترائي ڀيرا شايع به ٿيا. اهي ٽئي سنگيت ناٽڪ به شاهه سائين جي ڪلام کي ذهن ۾ رکي لکيا ويا.
گورڌن ڀارتي هند جو مڃيل شاعر ۽ ناٽڪ نويس آهي. هن به شاهه سائين جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ ڪيترائي ناٽڪ لکيا، جن ۾ مومل راڻي جي لوڪ داستان تي مشتمل “رات رُسي ويو راڻو”، لوڪ ڪهاڻي سهڻي ميهار تي “آءُ ڪنن ۾ ڪاهي” ۽ عمر مارئي جي قصي کي بنياد بڻائي هن شاهه سائين جي سُر جي روشنيءَ ۾ “ڪوٽن ۾ قرار” لکيو. اهي ناٽڪ پڻ 1968ع ڌاري لکيا ويا. جيڪي سنڌي ڪلچرل سوسائٽي دهليءَ پاران منچ تي آيا.
نثار حسينيءَ جو شمار سنڌ جي انهن ٿورن ناٽڪ نويسن ۽ هدايتڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن ڪلاسيڪل انداز ۾ تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانن جي موضوع تي ناٽڪ لکيا ۽ اسٽيج ڪيا. هن جو ناٽڪ “ڪاڪ ڪڙهي وڻ ٻريا” مومل راڻي داستان تي لکيل آهي. ٻيو ناٽڪ “ڏات جي لات” هن نوري ڄام تماچيءَ جي تاريخي قصي تي لکيو. اهي ٻئي ناٽڪ 1972ع ۾ پرڀات آرٽ سرڪل، حيدرآباد پاران اسٽيج ڪيا ويا.
1973ع ۾ رام ٻيلاڻي خمار ٻه سنگيت ناٽڪ “راءِ ڏياچ” ۽ “مومل راڻو” لکيا. جيڪي جوتي ڪلا مندر بمبئيءَ پاران رنگ منچ تي آيا. 1975ع ۾ هوندراج دکايل جو لوڪ ڪهاڻيءَ جي بنياد “عمر مارئي” ناٽڪ لکيو. جيڪو سنڌو ڪلا مندر گانڌي ڌام اديپور  پاران اسٽيج ڪيو ويو. شاهه جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ هندستان ۾ ناٽڪ نه رڳو گهڻي ۾ لکيا ويا پر گهڻي ڀاڱي اسٽيج به ڪيا ويا.اهو سلسو اُتي اڄ به جاري آهي. مٿي ذڪر ڪيل ناٽڪن کانسواءِ به اڻ ڳڻيا سنڌي لوڪ ناٽڪ، شاهه سائين جي شاعريءَ واري پلاٽ کي نظر ۾ رکي لکيا ويا آهن، گهڻن ناٽڪن جو مرڪزي خيال ڀٽائي جي شاعري ۽ فلسفو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ گهٽ ناٽڪ لکيا ۽ اسٽيج ڪيا ويا.
سنڌ ۽ هند ۾ ريڊيو لاءِ شاهه جي شاعريءَ روشنيءَ ۾ ناٽڪن جو پلاٽ جوڙي بي شمار ناٽڪ لکيا ويا، جيڪي سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ تان نشر ڪيا ويا. جيڪي پروڊيوسر شيخ ابراهيم ۽ جهانگير قريشيءَ پيش ڪيا. مٿي جن ناٽڪن جو ذڪر ڪيو ويو آهي اهي گهڻي ڀاڱي شاهه سائين جي ستن سورمين تي لکيل آهن. سيد ماڪن شاهه رضوي سنڌ جو پهريون ناٽڪ نويس آهي، جنهن شاهه جي سورمن تي ست ريڊيو ناٽڪ لکيا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان 1985ع ۾ اهي ناٽڪ “رتيءَ جي رهاڻ” جي سري هيٺ نصير مراز پيش ڪيا. انهن مان ڪو به ناٽڪ هن وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي لائبريريءَ ۾موجود ناهي. انهن ناٽڪن جي پروڊيوسر ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي تاريخ لکندڙ هاڻوڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر نصير مرزا موجب “ اهي ناٽڪ اڻ ملهه سرمايو هئا، جيڪي اسان جي لائبريريءَ ۾ موجود ناهن. گهڻي ڳولا جي باوجود هٿ نه ٿا اچن، اها ته پڪ آهي ته اهي اڃا تائين ڪنهن هٿ محفوظ ضرور آهن، پر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ملڪيت هئڻ جي باوجود اسان وٽ نه هئڻ تي بيحد ڏک آهي”. [6]
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي لائبريريءَ ۾ اهڙن ڊرامن مان فقط هڪ ڊرامو ارشاد قمر شهباز جو لکيل “سورٺ راءِ ڏياچ” محفوظ ٿيل آهي. جنهن جو پيشڪار خواجه امداد هيو. هو ڊرامو به شروعاتي ڏهاڙن جو رڪارڊ ڪيل آهي، جنهن ۾ غزالا رفيق، قمر شهباز، نور محمد لاشاري، گل بانو، اي آر بلوچ، ۾محبوب عالم ۽ ٻين صداڪار طور حصو ورتو.
2014ع ۾ ماڻڪ جو ڪتاب “ماڻڪ جي بريف ڪيس مان” شايع ٿيو آهي. جنهن ۾ هن جو شاهه سائين جي “سُر گهاتو” جي پس منظر ۾ لکيل ڊرامائي فيچر “تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهڙا” شامل آهي. هن اهو ڊرامائي فيچر 1981ع ۾ لکيو هو، جيڪو تڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر به ٿيو هو. هي پنهنجي نوعيت منفرد ڊرامائي فيچر آهي. اهڙي قسم جا فيچر سيد ماڪن شاهه رضوي “شاهه جا پکي” ۽ “شاهه جا پورهيت” جي عنوان سان لکي چڪو آهي. جيڪي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيا.
هندستان ۾ جئپور آڪاش واڻيءَ  تان گورڌن ڀارتيءَ جا شاهه جي ستن سورمين تي لکيل ناٽڪ پيش ٿي چڪا آهن، جن کي هند ۾ بيحد ساراهيو ويو، انهن ناٽڪن جو هدايتڪار موهن مرچنداڻي هو. هنن ناٽڪن سنڌي ريڊيو ناٽڪن کي هڪ نئون روپ ڏنو. احمد اباد آڪاش واڻيءَ تان ڊاڪٽر لکمي چند پريم، جا لکيل ناٽڪ “ليلا چنيسر” ۽ “مومل راڻو” نشر ڪيا ويا.
هند ۾ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي اهو محقق ۽ ناٽڪ نويس آهي، جنهن نه رڳو هر قسم جا سنڌي ناٽڪ لکيا آهن، پر سنڌي ناٽڪ تي سڀ کان وڌيڪ تحقيقي ڪتاب ۽ مقالا هن جا ئي لکيل آهن. شاهه جي شاعري نئين نسل تائين پهچائڻ لاءِ ڄيٺي هڪ نئون تجربو ڪيو. هن “عمر مارئي” داستان تي شاهه سائين جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ پپيٽ ناٽڪ “عمر مارئي” لکيو. “جيڪو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پپيٽ ماهرن مهيپت ڪوي ۽ ليلا ڪويءَ پيش ڪيو. هند سنڌ ۾ اها پهرين وڻندڙ ۽ لاجواب ڪوشش رهي. هڪ ڪلاڪ جي ان پپيٽ ناٽڪ جي ڊي وي ڊي هند توڙي ٻين ملڪن ۾ ڪافي مقبول آهي، جنهن ۾ نرتيه انداز ۾ سنگيت به شامل ڪيو ويو آهي”.[7]   
سڌ سماءُ جي جديد ذريعن ۾ ٽيلي ويزن سڀ کان وڌيڪ تيز ۽ اثرائتو ذريعو آهي ۽ ڊرامو ٽيلي ويزن تي سڀ کان وڌيڪ ڏٺو وڃي ٿو. سنڌي ٽيلي ناٽڪ نويسيءَ جي باني شمشير الحيدريءَ، شاهه جي ستن سورمين کي ڊرامائي روپ ڏيڻ جو خيال 1986ع ۾ پيش ڪيو. تڏهوڪي جنرل مئنيجر عبد الڪريم بلوچ ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽر ممتاز مرزا جي دلچسپيءَ سبب “لطيفي لات” جي عنوان سان شاهه جي ستن سورمين تي ناٽڪ لکي پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پهريون ناٽڪ تاريخي عشقيه داستان مومل راڻي تي “ڪاڪ محل” جي نالي سان شمشير الحيدريءَ لکيو. 12 قسطن تي مشتمل ان ڊراما سيريل جو پروڊيوسر محمد بخش سميجو هو. شمشير الحيدريءَ ان کان اڳ اردو ڊرامن جي سيريز ۾ ٻه ناٽڪ “مومل راڻو” ۽ “سورٺ راءِ ڏياچ” لکي چڪو هو. پر سندس لکيل ڊراما سيريل “ڪاڪ محل” کي بيحد ساراهيو ويو. ڪاڪ محل بعد ۾ سنگم پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران شايع ڪيو ويو. سيد ماڪن شاهه رضوي شاهه سائين جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ جيڪي ريڊيو ناٽڪ لکيا هئا، اهي ساڳيا هن 2004ع ڌاري پاڪستان ٽيلي ويزن کي به لکي ڏنا پر اهي رڪارڊ نه ڪيا ويا.
هندستان ۾ دور درشن بمبئي تان ڪان موتيهار جو لکيل “سهڻي ميهار” ۽ دور درشن احمد آباد تان لکمي چند جو لکيل “مومل راڻو” پيش ٿي چڪا آهن. هندستان ۾ ڪجهه ٻيا لوڪ ناٽڪ به دور درشن تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن. شاهه سائين جي شخصيت ۽ شاعريءَ جي حوالي سان هندستان ۾ سڀ کان اهم ڪم منوهر بيدي ۽ جڳديش لڇاڻيءَ جو لکيل ٽي وي ناٽڪ “نيڻين نِنڊَ حَرام” آهي. اهو ناٽڪ ويڻا پبليڪيشن الهاس نگر پاران 1993ع ۾ شايع ڪيو ويو. هي ناٽڪ اڃا تائين ٽيليڪاسٽ نه ٿي سگهيو آهي. هن وڊيو ناٽڪ جي مهاڳ شاهه جي شارح پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ لکيو آهي. هو لکي ٿو ته “هي ناٽڪ شاهه ڀٽائيءَ جي زندگي ۽ سندس سير و سياحت جي نسبت ۾ آهي ۽ ان کي مطالعي ڪرڻ مان پروڙجي ٿو ته هنن نه رڳو خود رسالي جو اڀياس ڪيو آهي، پر رسالي ۽ شاهه جي سوانح عمريءَ تي به عالمانه ادب بخوبي پڙهيو اٿن ۽ موزون هنڌ تي شاهه صاحب جي ڪلام مان اثر انگيز مثال پيش ڪيا اٿن”. [8]
شاهه سائين جي شاعري هر دؤر ۾ هر عمر جي ماڻهن لاءِ آهي. ان جي پيغام کي ڦهلائڻ لاءِ ٽيلي ويزن ناٽڪ بهترين وسيلو بڻجي سگهن ٿا. تنهن ڪري شاهه سائين جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ گهڻي کان گهڻا ڊراما لکرائي نشر ڪيا وڃن، جيئن دنيا جي هن عظيم شاعر جو فڪر ۽ فلسفو گهڻن ماڻهن تائين پهچي سگهي. ان سلسلي ۾ پي ٽي وي يا ڪو ٻيو ٽي وي چئنل منوهر بيدي ۽ جڳديش لڇاڻيءَ واري اسڪرپٽ کي فوري طور تي ڊرامي جو عملي روپ ڏئي.




حوالا:
1.      گربخشاڻي ھوتچند مولچند ڊاڪٽر،  شاهه جو رسالو ، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2012: ص. 61
2.      لالواڻي ڄيٺو، سنڌي ناٽڪ پرمپرا، اسٽيج پبليڪيشن ڪٻير نگر احمد آباد. 2012ع: ص. 8_7
3.      ملڪاڻي منگها رام پروفيسر، سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 2007: ص. 158
4.      بلوچ غلام رسول، سنگيت ڊراما: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، مئي 1988ع: ص. 103
5.      لالواڻي ڄيٺو، سنڌي ناٽڪ پرمپرا، اسٽيج پبليڪيشن ڪٻير نگر احمد آباد. 2012ع: ص. 9
6.      ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽرنصير مرزا جي مقالي نگار سان 16 آڪٽوبر 2014ع تي ٿيل ڳالهه ٻولهه.
7.      لالواڻي ڄيٺو، سنڌي ناٽڪ پرمپرا، اسٽيج پبليڪيشن ڪٻير نگر احمد آباد. 2012ع: ص. 10
8.      آڏواڻي ڪلياڻ پروفيسر (مهاڳ)، نيڻين نِنڊَ حرام (منوهر بيدي_جڳديش لڇاڻي)، ويڻا پبليڪيشن الهاس نگر: 1993: ص. ٻ

 هي مقالو شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي تحقيقي جرنل ”ڪلاچي“ جي ڊسمبر 2015 جي شماري ۾ شايع ٿيو. 




Friday, February 13, 2015

Dr. Qasim Rajpar: DETERIORATION OF SINDHI LANGUAGE ON TELEVISION CHANNELS

ڊاڪٽر محمد قاسم راڄپر

ٽيلي ويزن چئنلن تي سنڌي ٻوليءَ جو بگاڙ
DETERIORATION OF SINDHI LANGUAGE ON TELEVISION CHANNELS
ABSTRACT
Today Globlization with the improvment in the communication has changed the face of globe. Local geographical boundries have been invaded and corroded by the forces of the modern mass communication. This change has brought many traditional and conservative cultures, in direct exposure of the cultural invasion of diffrent countires of east and west. Modern television has evolved as a strongest agent to dissemninate programs carrying cultures of these sending countries.
In Pakistan, cable TV is the fastest growing medium of communication. Through this TV system the rural population has now gained access to the local as well as the foreign TV channels, which was not so earlier, Pakisatn Television which is the state owned TV channel had been only option for these villagers.
In 2002 after the emergance of new media industry in Pakistan, KTN was the first sindhi satellite TV channel which started satellite transmission in 2003, now 8 Sindhi Television channels telecast news, views and entertainment progams round the clock. The new satellite culture has also challenged the linguistic phenomenon of Sindh by producing its own lingua franca which mixes Urdu and Sindhi. In this research paper I have discussed “Effects, issues and challenges of Sindhi Language on Television”.
ٽيلي ويزن هن وقت برقي ابلاغ ۾ رابطي جو سڀ کان وڌيڪ سگهارو ذريعو آهي. ٽيلي ويزن وسيلي چيل هڪ لفظ يا اسڪرين تي ڏيکاريل هڪ منظر هر عمر جي ماڻهوءَ جو ڌيان ڇڪائي ٿو. ڪيترا ئي سال گذرڻ جي باوجود ماڻهن کي اڄ به راڻيءَ جي ڪهاڻي، ‘خان صاحب’، ‘ديوارين’، ‘جنگل’،‘راڻيءَ جي ڪهاڻي’، ‘آئينو’، ‘سوال’، ‘جياپو’ ۽ ٻيا کوڙ سارا ڊراما، انهن ڊرامن جا منظر ۽ مڪالما به ياد آهن. جديد تحقيق ته اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته برقي ابلاغ جي اوزارن، ريڊيو، ٽيلي ويزن، ٽيلي فون، موبائل ۽ ڪمپيوٽر وسيلي انسان پنهنجي نظرکان وڌيڪ تيزيءَ سان پيغام وصول ڪري سگهي ٿو. هزارين ميل ڏور ملڪن مان ٽيليفون، ڪمپيوٽر، ريڊيو ۽ ٽيلي ويزن وسيلي پيغام اک جي رفتار کان به تيزيءَ سان اسان تائين پهچي وڃي ٿو، ڇوته انساني اک وسيلي ڏسڻ جي به هڪ حد مقرر ٿيل آهي، پر پيغام رسائڻ وارن جديد اوزارن جي رفتار اک کان به گهڻي تيز آهي. سائنس جي ترقيءَ جتي انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ انيڪ ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، اتي انهن سائنسي ايجادن جي غلط استعمال سان انسانن وڏيون تڪليفون به ڏٺيون آهن. انسانن ظاهري طور تي ايٽمي توڙي ٻيا جديد هٿيار پنهنجي تحفظ لاءِ ٺاهيا آهن، پر جڏهن انهن جو غلط استعمال ٿئي ٿو ته پوءِ ناگا ساڪي ۽ هيرو شيما جهڙيون تباهيون اچن ٿيون. تنهن ڪري بنيادي ڳالهه سائنسي اوزارن ۽ جديد ايجادن جو مثبت ۽ درست استعمال نهايت اهميت جوڳو آهي. اڄ جڏهن اسان پنهنجي چؤطرف ڏسون ٿا ته هر پاسي اسان کي انٽرنيٽ ۽ موبائل فون جو استعمال نظر اچي ٿو. انٽرنيٽ جهڙي شاندار ايجاد دنيا کي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ آڻي ڇڏيو آهي. پر ٽين دنيا جي ملڪن ۾ اڄ ان جو درست استعمال سڀ کان وڏو سوال آهي.؟ اهڙيءَ ريت ٽيلي ويزن وسيلي صحيح ۽ غلط معلومات ۽ تفريح جي فراهمي وارو موضوع به سماجي ماهرن وٽ ڊگهي عرصي کان بحث هيٺ آهي. سڌريل ملڪن ته ٽيلي ويزن جي ايجاد سان گڏ ئي ان جي هاڪاري ۽ ناڪاري پاسن تي تحقيق ڪئي هئي، پر اسان جهڙن پوئتي پيل ملڪن ۾ ان طرف گهڻو ڌيان نه پيو ڏنو وڃي. انگريزيءَ ۾ ان سلسلي ۾ چڱو موچارو ڪم نظر اچي ٿو. پر بدقسمتيءَ سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽيلي ويزن جي پروگرامن يا ڊرامن جي اثرن بابت تحقيقي ڪم تمام گهٽ ٿيو آهي. جيئن ته هتي اسان جي بحث جو موضوع ٽيلي ويزن پروگرامن خاص طور تي سنڌي ڊرامن ۾ ٻوليءَ جو وڌندڙ بگاڙ آهي، تنهن ڪري اسان پاڻ کي ان تائين محدود رکنداسين.
ٻولي انسان جو فطرتي ۽ قدرتي ورثو آهي، جيڪو انسان ذات کي خلقڻهار پاران شروع کان ئي عطا ٿيو آهي. اهو ورثو انسان جي ترقيءَ سان گڏ اڳتي وڌي ٿو. تهذيبي ترقيءَ جو واسطو  به ٻوليءَ جي ترقيءَ  سان لاڳاپيل آهي. اها ڳالهه  تسليم ٿيل آهي ته دنيا جون سموريون ٻوليون، ان علائقي جي علمي، ادبي، تهذيبي، اقتصادي ۽ صحافتي سازگار ماحول ۾ وڌنديون آهن. ڌار ڌار علمن ، سائنسي ايجادن ۽ ٽيڪنالاجي وسيلي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪنديون آهن. هر قوم لاءِ ٻولي رابطي جو سڀ کان اثرائتو وسيلو رهي آهي. هاڻي جڏهن اطلاعاتي ذريعا اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سگهارا ٿيا آهن ته ٻوليءَ جي اهميت اڃا به وڌي آهي. سنڌي ٻولي نشري ٻوليءَ کان هڪ وک اڳتي وڌائي انٽرنيٽ جي ٻولي ٿي چڪي آهي. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ علمي، ادبي، تهذيبي ۽ صحافتي سازگار ماحول تمام گهڻو ضروري هوندو آهي. ڌار ڌار علمن، هنرن، ايجادن، ڄاڻ ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعن مان معلومات جي مٽا سٽا ڪري ڪنهن به ٻوليءَ جي تحفظ ۽ ترقيءَ جو بندو بست ڪري سگهجي ٿو. هن وقت جڏهن سڌ سماءُ جي مڙني وسيلن ۾ ٽيلي ويزن سڀ کان وڌيڪ اثرائتو ذريعو بڻيل آهي. اتي مختلف ٻولين تي ان جا ناڪاري اثر به هڪ وڏو سوال آهن. اطلاعاتي ترقيءَ واري هن دؤر ۾ سنڌي ٽيلي ويزن چئنلن جي ٻوليءَ تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي.
پاڪستان ۾ ٽيلي ويزن ڊرامن جي شروعات
1964ع ۾ پاڪستان ۾ ٽي وي نشريات شروع ٿيڻ سان گڏ ئي ٽي وي ڊراما وجود ۾ آيا. حڪومتي ڪنٽرول جي ڪري پي ٽي وي خبرن جي سلسلي هميشه عوام کي پوئتي رکيو ۽ ان تان صرف حڪمرانن جي سرگرمين تي مشتمل خبرون ڏنيون ويون. جڏهن ته ان جي برعڪس ڊرامن ۾ عوامي امنگن ۽ روايتن جو خيال رکيو ويو. تنهن ڪري ڊرامي جي ترقي ۽ ترويج لاءِ پي ٽي وي جو ڪردار خبرن کان وڌيڪ اهم رهيو. بقول حميد ڪاشميريءَ جي ته “ڊرامو پي ٽي وي جو بنيادآهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ ٽي وي کان ٻاهر ڪڍي نه ٿو سگهجي. ٽي وي جي عزت ڊرامو آهي”.1
شروعاتي ڏينهن ۾ٽيلي ويزن جهڙي نئين اطلاعاتي وسيلي جي آمد سان گڏ ان جي فني رخن کان واقفيت نه هئڻ سبب ڊرامن جا مسودا حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي. تنهن زماني ۾ ڊرامن جا مسودا ٽن طريقن سان حاصل ڪيا ويا. پهريون وسيلو ته اسٽيج ڊراما هئا ۽ ٻيو ريڊيو ڊراما هئا، جن ۾ ڪجهه تبديلي ڪري ان ۾ ٽي وي ڊرامن جون فني ضرورتون  شامل ڪري اسڪرين تي پيش ڪيا ويا. پر سڀ کان وڌيڪ اهم ڪم ناليوارن اديبن کان ڊراما لکرائي پاڪستان ۾ ڊرامن جي هڪ نئين صنف متعارف ڪرائي وئي.
ٽيلي ويزن ڊرامو آرٽ آهي ۽ ادب جو حصو هئڻ سبب ٻين صنفن جي مقابلي ۾ ڪنهن به ريت گهٽ ناهي. ڊرامو جيڪڏهن ٿيٽر ۾ پيدا ٿيو، ٻاراڻي وهي هن ريڊيو تي گذاري ته جواني وري ٽي وي تي ماڻي. اسٽيج ۽ ريڊيو جي ڀيٽ ۾ ٽي وي ڊرامو تمام گهڻو طاقتور آهي. جنهن جو اثر رابطي جي ٻين سمورن وسيلن کان تيز آهي. ٽي وي ڊرامو فقط تفريح ناهي، پر ان کي جاڳرتا جي سلسلي ۾ به استعمال ڪيو ويو آهي. ڊرامي جو اثر ايترو تيز آهي جو هاڻي اهو گهريلو زندگيءَ تي تمام گهڻو اثر انداز ٿي رهيو آهي. عورتون هار سينگهار، فيشن، گهرن جي سجاوٽ وغيره به ٽي وي ڊرامن کان متاثر ٿي ڪن ٿيون. جڏهن ته نوجوان طبقو پنهنجي اٿڻي ويهڻي ۾ ڊرامي کان تمام گهڻو متاثر نظر اچي ٿو.
پي ٽي ويءَ جي شروعاتي ڏينهن کان پڙهيل لکيل اديب، ناٽڪ نويس ۽ شاعر هن اداري سان سلهاڙجي ويا. جن پنهنجي تخليقن سان پي ٽي وي کي شاهڪار ڊراما به ڏنا. شروع ۾ ڪجهه اسٽيج ۽ ڪجهه ريڊيو ڊراما به پي ٽي ويءَ تان ٽيليڪاسٽ ٿيا. شروع واري دؤر ۾ پي ٽي ويءَ جا ڊراما رڪارڊ ڪرڻ جي سهولت نه هوندي هئي، جنهن ڪري اهي سٽيج ڊرامن وانگر ٿيندا هئا. پي ٽي ويءَ تان سڀ کان پهريون ڊرامو‘ نذرانه’ پيش ڪيو ويو. جيڪو نجمه فاروقيءَ لکيو ۽ فضل ڪمال پروڊيوس ڪيو. ان دؤر ۾ ٻيو مشهور ڊرامو ‘کنڊر’ پيش ڪيو ويو، جيڪو مختار صديقيءَ لکيو ۽ آغا ناصر پيش ڪيو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽيلي ويزن  ڊرامن جي اوسر
پاڪستان ٽيلي ويزن جي نشريات جو دائرو وسيع ڪرڻ لاءِ صوبن جي گاديءَ جي هنڌن ۾ ٽي وي مرڪز قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ ٽي وي مرڪز جو افتتاح نومبر 1967ع تي ڪيو ويو. سنڌيءَ ۾ پهريون ٽي وي پروگرام‘ رس رهاڻ ’  22 جنوري 1970ع تي پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ پيش ڪيو. اهڙيءَ ريت سنڌيءَ ۾ پهريون ٽي وي پروگرام پيش ڪرڻ جو اعزاز به کيس حاصل ٿيو.
‘ زينت ’ ، پي ٽي ويءَ جو پهريون سنڌي ڊرامو 
پاڪستان ٽيلي ويزن جي انتظاميا جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊراما پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ساڳيو اردو ڊرامن وارو مسئلو پيدا ٿيو ته اهي ڊراما لکندو ڪير؟  پر جيئن ته عبدالڪريم بلوچ پهريان ريڊيو تي صداڪار ۽ پروڊيوسر جي حيثيت سان ڪم ڪري چڪو هو، تنهن ڪري هن کي ريڊيو ڊرامن جي گرامر جي ڄاڻ هئي، جنهن اها ڄاڻ تنهن دؤر جي اديبن ۽ ڪهاڻيڪارن کي ڏني. پاڪستان ٽيلي ويزن جي پهرئين سنڌي ڊرامي لاءِ مرزا قليچ بيگ جي ناول ‘ زينت ’ کي شمشير الحيدريءَ ڊرامي جو روپ ڏنو، جيڪو ٽن قسطن تي مشتمل هو. ان ڊرامي جو هدايتڪار ۽ پيشڪار  به عبدالڪريم بلوچ هو. ‘ زينت ’ ڊرامي جي پهرين قسط 29 جنوري 1970ع تي پيش ڪئي وئي. جڏهن ته ٻي قسط 5 فيبروري 1970ع ، ٽين ۽آخري قسط 12 فيبروري 1970ع تي پيش ڪئي وئي. هر قسط 25 منٽن تي مشتمل هئي. ان ڊرامي جو احوال بلوچ صاحب هن ريت لکيو آهي. “ٻئي پروگرام لاءِ تياري شروع ڪيم، هاڻ ڊرامو ڪرڻو هو سو به قسطوار. انهيءَ لاءِ مون مرحوم شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جن جي ناول زينت جو انتخاب ڪيو ۽ ڊرامائي تشڪيل جو ڪم جناب شمشير الحيدريءَ کي سونپيم. مکيه ڪردارن زينت لاءِ ڀيڻ غزالا رفيق (مرحومه) ۽ علي رضا لاءِ قربان جيلاني (مرحوم) جو انتخاب ڪيو ويو. ٻين ڪردارن ۾ عبدالرحمان ميمڻ، عبدالحق ابڙو، ڪامران ڀٽي، ممتاز پنهور، محمد صديق مغل، پروين عيساڻي، بلقيس سيد، زبير نوناري، زيبو ۽ ڪيترائي ٻيا فنڪار هئا. ٽنهي قسطن کي ڪهاڻي، ڊرامائي روپ، اداڪاري ۽ پراڊڪٽس جي لحاظ کان بيحد پسند ڪيو ويو” . 2
پهريون طبعزاد سنڌي ٽيلي ويزن ڊرامو :
پي ٽي ويءَ جا پهريان ٻئي ڊراما ‘زينت’ ۽ ‘هي جيون هي سپنا’ طبعزاد ڊراما نه هئا، اهڙيءَ ريت ٽيون ڊرامو ‘خواب جوسورج’ به طبعزاد ڊرامو نه هو، اهو ڊرامو گورڪيءَ جي ناول تان ورتل هو. جڏهن ته ٽي ويءَ جو پهريون طبعزاد ڊرامو امر جليل جو لکيل ‘ اوندهه ۽ روشني’ هو. جيڪو 11، جون 1970ع تي عبدالڪريم بلوچ پيش ڪيو. بلوچ صاحب ان ڊرامي بابت لکي ٿو ته “ هن ڊرامي ۾ به مکيه ڪردار غزالا رفيق (مرحوم) ۽ قربان جيلاني (مرحوم) ادا ڪيا. ساڻن ٽيون ڪردار رشيد هميراڻيءَ ڪيو. هيءَ ڊرامو بلوچي زبان ۾ ترجمو ٿي ڪوئٽه سينٽر تان پڻ پيش ٿيو. امر جليل جي لکيل ڊرامي ‘ماءُ’ کي پي. ٽي وي (پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن) کان انعام مليو. هن ڊرامي ۾ انڌي ماءُ جو ڪردار غزاله رفيق ۽ (مفرور قيدي) پٽ جو ڪردار وسيم ڪيو، هيءَ پهريون سنڌي ڊرامو هو، جيڪو پاڪستان جي سمورين اسٽيشنن تان هلايو ويو ۽ پروڊيوسرن کي هدايت ڪئي ويئي ته انهيءَ کي ضرور ڏسن”.3
موجوده دؤر ۾ ٽيلي ويزن جي اهميت
2008ع ۾ بي بي سيءَ ٽيلي ويزن چئنلن جي مقبوليت بابت هڪ سروي جاري ڪئي. اها پنهنجي نوعيت جي منفرد رپورٽ آهي. 2008ع ۾ ٿيل ان سروي وسيلي اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته پاڪستان ۾ سيٽلائيٽ ٽي وي چئنلز تيزيءَ سان پير کوڙي رهيا آهن. جنهن سبب سڌ سماءُ جي مڙني وسيلن مان ماڻهن جي سڀ کان وڌيڪ رسائي ٽيلي ويزن تائين آهي. اها شرح شهرن اندر 96 سيڪڙو (مرد) ۽ 96 سيڪڙو (عورتون)، جڏهن ته ٻهراڙين ۾ اها شرح ترتيب وار 87 سيڪڙو ۽ 79 سيڪڙو آهي. سنڌ اندر سڌ سماءَ جي مڙني وسيلن ۾ ٽيلي ويزن سڀ کان وڌيڪ مقبول وسيلو آهي. جڏهن ته ان کانپوءِ ريڊيو (سراسري طور 39 سيڪڙو) ۽ اخبارون (سراسري طور 37 سيڪڙو) ماڻهو پڙهن ٿا.
پاڪستان ۾ ڪيبل ٽيلي ويزن (CTV) جي شروعات 2002 کان ٿي، جڏهن پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) لائسنس جاري ڪرڻ شروع ڪيا. پهرئين سال سڄي پاڪستان ۾ 900 لائسنس جاري ڪيا ويا، جڏهن ته پيمرا جي 2010 ۾ جاري ڪيل رپورٽ موجب سڄي ملڪ ۾ 2500 ڪيبل آپريٽرن کي لائسنس جاري ڪيا ويا آهن. ڪيبل/ سيٽلائيٽ ٽي ويءَ جي ترقيءَ جا سنڌي ٽيلي ويزن چئنلن تي به اثر پيا آهن. هن وقت سڄي پاڪستان ۾ صوبائي ٻولين مان سڀ کان وڌيڪ اخبارون ۽ رسالا سنڌيءَ ۾ شايع ٿين ٿا، جن جي پڙهندڙن جو ڳاڻيٽو ٻين صوبائي ٻولين کان تمام گهڻو آهي. ساڳئي ريت جڏهن ٽيلي ويزن چئلن ۾ تعداد ۽ لوڪ پسند جي لحاظ کان صوبائي ٻولين ۾سڀ کان وڌيڪ ٽي وي چئنل سنڌيءَ ۾ آهن. جن جو تعداد هن ريت آهي.
چارٽ نمبر: 1
سيريل نمبر
ٽي وي چئنل جو نالو
ڪيفيت
1
ڪي ٽي اين
تفريحي
2
ڪي ٽي اين نيوز
خبرون
3
سنڌ ٽي وي
تفريحي
4
سنڌ ٽي وي نيوز
خبرون
5
ڪشش
تفريحي
6
آواز
تفريحي/ خبرون
7
مهراڻ
تفريحي/ خبرون
8
ڌرتي
تفريحي/ خبرون

پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا)جي رڪارڊ موجب هن وقت پاڪستان ۾ 91 سيٽلائيٽ ٽي وي چئنلن کي لائسنس جاري ٿيل آهن. جن مان چئن چئنلن اڃا نشريات شروع نه ڪئي آهي، باقي 79 چئنلن جي نشريات جاري آهي. جڏهن ته باقي چئنلن مان ڪجهه چئنل نشريات جي تياري ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه جا لائسنس في ادا نه ڪرڻ سبب رد ٿيل آهن. سنڌيءَ ۾ 8 سيٽلائيٽ ٽي وي چئنل نشريات ڏيکاري رهيا آهن. جڏهن ان جي ڀيٽ ۾ پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ سرائيڪي ٻولين جي چئنلن جو انگ تمام گهٽ آهي. تفصيل لاءِ هي چارٽ ڏسو.
چارٽ نمبر: 2
سيريل نمبر
ٽي وي چئنل جو نالو
ٻولي
ڪيفيت
1
اپنا چئنل
پنجابي
تفريحي/ خبرون
2
پنجاب ٽي وي
پنجابي
تفريحي/ خبرون
3
راوي ٽي وي
پنجابي
خبرون
4
ڪي 2
پنجابي، پوٺوهاري، سرائيڪي
تفريحي
5
اي وي ٽي خيبر
پشتو
تفريحي
6
خيبر نيوز
پشتو
خبرون
7
پشتو ون
پشتو
تفريحي/ خبرون
8
وش ٽي وي
بلوچي
تفريحي/ خبرون
9
روحي
سرائيڪي
تفريحي
10
وسيب
سرائيڪي
تفريحي/ خبرون

چارٽ نمبر 1 ۽ 2 جو جائزو وٺڻ مان معلو ٿئي ٿو ته سڀ کان وڌيڪ ٽي وي چئنل سنڌي ٻوليءَ ۾ آهن. پاڪستان جي صوبائي ٻولين جي چئنلن جي درجي بنديءَ لاءِ گيلپ سروي پاران جيڪي انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، اهو نه رڳو حيران ڪندڙ پر فخر جوڳا به آهن. 1998ع جي  آدمشماريءَ  موجب پاڪستان ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ 14 سيڪڙو، پنجابي ڳالهائيندڙ 44 سيڪڙو، پشتو ڳالهائيندڙ 14 سيڪڙو ۽ بلوچي ڳالهائيندڙ 3.5 سيڪڙو آهن. پر سڀ  کان وڌيڪ ٽيلي ويزن چئنل سنڌيءَ ٻوليءَ جا ڏٺا وڃن ٿا. وڌيڪ تفصيل لاءِ هي چارٽ پڙهو.



چارٽ نمبر: 3
پاڪستان ۾علائقائي ٻولين جي ٽي وي چئنلن ڏسندڙ
(ذريعو: گيلپ ميڊيا سائبر ليٽر 2012)
مٿئين انگن اکرن مان ظاهر آهي ته جيڪڏهن سنڌيءَ کانسواءِ ٻين سمورين ٻولين جي ڏسندڙن جو تعداد پاڻ ۾ ملايو وڃي، تڏهن به سنڌي ٽيلي ويزن چئنل ڏسندڙن جو تعداد  سڀ کان وڌيڪ آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ، واڌاري ۽ سڌاري لاءِ اسان کي سڀ کان وڌيڪ ذميداريءَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
پي ٽي ويءَ جي سنڌي ڊرامن جي ٻولي:
سنڌ جي وڏي براڊ ڪاسٽر عبدالڪريم بلوچ سنڌي ٽيلي ويزن نشريات جو بنياد رکيو، جيڪو ان کان اڳ ريڊيو حيدرآباد تي صداڪار ۽ پروڊيوسر جي حيثيت سان ڪم ڪري چڪو هو. تنهن دؤر ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جو مرڪز به حيدرآباد هئي. سنڌ جا مکيه علمي ۽ ادبي ادارا به حيدرآباد ۾ هئا. جتي سنڌ جا وڏا عالم ۽ اديب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي آبياري ڪندا هئا. انهن عالمن، اديبن، ٻوليءَ جي ماهرن جي صحبت ۾ رهي عبدالڪريم بلوچ جو سنڌي ٻوليءَ سان لڳاءُ فطري هو.هن پنهنجي اها روايت ڪراچي ٽيلي ويزن مرڪز تي به برقرار رکي.ٻيو ته سنڌيءَ ۾ ٽيلي ويزن پروگرامن جي بانين ۾ پير حسام الدين راشديءَ ۽ شمشير الحيدريءَ جهڙا عالم، اديب ۽ ٻوليءَ جا گهڻَ گُهرا هئا. جن کي سنڌي ٻوليءَ جي نشري هئڻ تي فخر ته هيو ئي پر انهن کي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري، سڌاري ۽ تحفظ جو احساس هر وقت هو. ريڊيو حيدرآباد واري روايت کي برقرار رکندي پي ٽي ويءَ تي به سنڌيءَ جي “ساهتي لهجي” کي معياري قرار ڏئي، برقرار رکيو ويو. اهڙيءَ ريت سنڌيءَ ۾ ٽيلي ويزن جي نشريات سنڌي ٻولي ۽ ادب جي عاشقن جي ڪوششن سان معياري لهجي ۾ ٿي. اهو ڪارنامو عبدالڪريم بلوچ جهڙي علم، ادب ۽ فن دوست شخصيت سرانجام ڏنو. جنهن سنڌي ٻولي جي معياري لهجي کي برقرار رکڻ لاءِ جيڪا لٺ پهرين ڏينهن کئين ان مان رٽائرمينٽ تائين هٿ نه ڪڍيو. هن سنڌ مان چونڊي چونڊي عالم، اديب، شاعر، فنڪار، سگهڙ، سازندا، شاهه جا پارکو، ٻوليءَ جا ماهر ٽيلي ويزن تي متعارف ڪرايا. جنهن لاءِ کيس سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽيلي ويزن نشريات جو “باني” ۽ “ ابو” سڏڻ گهرجي. ان دؤر جي سڀني وڏن ڪهاڻيڪارن، ناٽڪ نويسن ۽ شاعرن ٽيلي ويزن لاءِ لکيو، هڪ ته ٽيلي ويزن، ريڊيو جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پرڪشش ۽ تيز ترين موا صلاتي سرشتو هو.جنهن وسيلي ڏسندڙن تائين پيغام تمام گهڻو تيز  رسي رهيو هو. ٻيو ته ريڊيو جي ڀيٽ ۾ اديبن کي تخليق جو اُجورو به وڌيڪ ملندو هو، ان ڪري اديبن، ناٽڪ نويسن ۽ شاعرن جو رجحان ٽي ويءَ طرف وڌيو. شمشير الحيدريءَ کانپوءِ علي بابا، آغا سليم، امر جليل، ممتاز مرزا، مراد علي مرزا، يوسف شاهين، قاضي خادم، قمر شهباز جهڙن ناٽڪ نويس نج سنڌي ٻوليءَ ۾ ناٽڪ لکيا، جيڪي گهڻي ڀاڱي عبدالڪريم بلوچ پيش ڪيا ته انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو خاص خيال رکيو ويو.
                        1975ع  ۾ ممتاز مرزا پاڪستان ٽيلي ويزن تي ‘اسڪرپٽ ايڊيٽر’ طور ذميواري سنڀالي. هو ان کان اڳ ريڊيو حيدرآباد تي انچارج پروڊيوسر هو، هن جي تربيت ريڊيو حيدرآباد تي سندس والد مرزا گل حسن ‘ احسن’ ڪربلائي جهڙي شخصيت ڪئي، جيڪو تڏهن ريڊيو حيدرآباد تي اسڪرپٽ ايڊيٽر ۽ اُچار چڪاسيندڙ هو. نشري مسودن جي ايڊيٽنگ ممتاز مرزا کي ورثي ۾ ملي هئي.ان کانسواءِ سنڌي ٻولي، ادب ۽ شاهه لطيف جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي صحبت به کيس حاصل رهي.  ٻيو ته ايستائين هو ريڊيو جو بهترين ناٽڪ نويس طور پاڻ به مڃائي چڪو هو. عبدالڪريم بلوچ کانپوءِ گهڻا ناٽڪ نويس، شاعر ، اديب، سگهڙ ۽ فنڪار سندس ڪوششن سان ٽيلي ويزن تي آيا.
                        ريڊيو پاڪستان کانپوءِ پاڪستان ٽيلي ويزن سنڌي نشري ادب خاص طور تي ڊرامي جي ترقيءَ ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. عبدالڪريم بلوچ جيڪو ٻوٽو 1970ع ۾ لڳايو هو، اهو سندس  ساٿي پروڊيوسرن: ممتاز مرزا، غلام حيدر صديقي، هارون رند، منظور قريشي ، محمد بخش سميجي، بيدل مسرور ،  فيض ٻگهئي ، اعجاز عليم عقيلي ۽ ٻين  جي ڪوششن سان ٿوري ئي عرصي ۾ وڌي وڻ ٿيو. شمشير الحيدريءَ ، علي بابا، آغا سليم،  امر جليل، ممتاز مرزا، مراد علي مرزا، يوسف شاهين، قاضي خادم، قمر شهباز کانپوءِ علي محمد مجروح، نورالهديٰ شاهه، شوڪت حسين شورو، عبدالقادر جوڻيجو، اياز عالم ابڙو، ڪيهر شوڪت، بادل جمالي، زيب سنڌي، ملڪ آگاڻي، نور گهلو، منير چانڊيو، آعا رفيق، محمود مغل، امداد حسيني، طارق عالم ابڙي جهڙا وڏا ڪهاڻيڪار ٽي ويءَ لاءِ ڊراما لکڻ لڳا. جڏهن ته شاعرن جو هڪ وڏو تعداد به پي ٽي ويءَ سان سلهاڙجي ويو. ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌي ٽيلي ويزن ڊرامي پنهنجي منفرد حيثيت پاڪستان ٽيلي ويزن جي سمورن مرڪزن تي مڃائي ورتي.
شروعاتي ڏينهن ۾ پاڪستان ٽيلي ويزن جي ڊرامن ۾ سنڌي ٻولي ۽ ان جي معياري لهجي جو خاص خيال رکيو ويو. ان ۾ نه رڳو ناٽڪ نويسن، پر پروڊيوسرن ۽ فنڪارن جي محنت شامل آهي. ڇوته ٽي وي ڊرامو لکجڻ کانپوءِ ان کي عملي طور اسڪرين تي ڪري ڏيکارڻ ۾ ٽي وي پروڊيوسر، ٽيڪينيڪي عملي ۽ فنڪارن جو اهم ڪردار هوندو آهي. اهڙيءَ ريت گڏيل محنت سان ئي ڪو شاهڪار تخليق ٿيندو آهي. پي ٽي وي جي سڃاڻپ هميشه ڊراما رهيا آهن ۽ ان ڏس ۾ سنڌي شعبي به پاڻ مڃايو آهي. پي ٽي ويءَ جي ڊرامن ۾ هميشه نج سنڌي ادبي  ٻوليءَ جي استعمال تي زور ڏنو ويو.
اهڙي نموني جڏهن پي ٽي ويءَ تان سنڌي ٻوليءَ ۾ روزاني “خبرون” نشر ٿيڻ لڳيون ته ان ڏس ۾ به سنڌيڪارن ۽ خبرون پڙهندڙن کي خاص هدايتون جاري ڪيون ويون، ته سنڌي ٻوليءَ جو معياري لهجي ۽ اُچارن جو خاص خيال رکيو وڃي. ان سلسلي ۾ جناب شمشير الحيدري، سليم ميمڻ، رشيد هميراڻي، ممتاز شيخ، تاج بلوچ، الله بچائي ميمڻ ۽ ٻين خاص خيال رکيو.  
سنڌي ٻوليءَ جو وڌندڙ بگاڙ:
اهڙن وڏن ڪهاڻيڪارن، اديبن، شاعرن، ٻولي جي ماهرن جي هوندي به نشري ادارن (ريڊيو ۽ ٽيلي ويزن) تي سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ جون شڪايتون ڊگهي وقت کان رهيون آهن. اسان وٽ عام طور تي ٻوليءَ جو بگاڙ ان کي سمجهيو ويندو آهي ته ان ٻوليءَ ۾ ڪنهن ڌاري ٻوليءَ جا لفظ شامل ٿي رهيا آهن. جنهن کي عالمن ٻوليءَ  جو  بگاڙ نه پر هڪ ٻوليءَ جي ٻي ٻوليءَ کان اوڌر وٺڻ سڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته :  “ٻولين جو ، اهڙيءَ طرح هڪ ٻئي کان لفظ اُڌارا وٺڻ ۾ ڪو به عيب ڪونهي. بلڪه اها ته هڪ سڌريل ۽ شاهوڪار ٻوليءَ  جي خوبي آهي. دنيا جون سڌريل ۽ شاهوڪار ٻوليون هميشه هڪ ٻئي کان لفظ اُڌارا وٺنديون رهنديون آهن. لفظن جي اُڌاري وٺڻ واري انهيءَ عمل کي، ٻولين جي لغات ۾ واڌارو چئبو ۽ نه ڪه ٻوليءَ جو بگاڙ. ٻوليءَ جو بگاڙ يا ٻوليءَ کي بگاڙڻ ان عمل کي چئبو آهي، جڏهن ڪنهن به ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ، اديب ۽ شاعر، پنهنجي ٻوليءَ جي صوتياتي آوازن جو غلط اُچار ڪن، ٻوليءَ جي صوتياتي نظام ۾ غلط نموني سان ڦير ڦار ڪن.ٻوليءَ جي لغوي خزاني يعني لفظن جي وياڪرڻي ڍانچي يعني صرفي ۽ نحوي قاعدن ۽ قانونن کي پنهنجي مرضيءَ سان يا قانونن جي ڄاڻ نه هئڻ سبب، غلط نموني استعمال ڪن يا لفظ جي واحد ۽ جمع صورتن ٺاهڻ وارن اصولن کان اڻ ڄاڻ هجن”. 4
سنڌي ٻولي اختياريءَ جي سيڪريٽري تاج جويو به غلام علي الانا صاحب واري راءِ جو آهي ته  “هر ٻولي ڌار ڌار سماجن جي اثرن، واپاري، اقتصادي ۽ تهذيبي لاڳاپن، مذهبي ناتن ۽ لڏ پلاڻ جي واقعن کان متاثر ٿيندي رهندي آهي. انهيءَ نموني ٻوليون پنهنجا اثر ٻين ٻولين تي ڇڏينديون آهن، ۽ ساڳيءَ طرح پاڻ به قبولينديون رهنديون آهن، اهو هڪڙو فطري ۽ سڀاويڪ عمل آهي، جنهن وسيلي ٻوليون هڪ ٻئي کان لفظ اڌارا وٺنديون ۽ پنهنجو دامن وسيع، شاهوڪار ۽ ڪشادو ڪنديون آهن. اها لفظن جي ڏي وٺ صدين کان جاري آهي ۽ صدين تائين جاري رهندي ايندي، ۽ اِنهيءَ ڏي وٺ ۽ اوڌر کي روڪڻ يا اُن جي اڳيان هٿرادو بند ٻڌڻ ۽ آڏون ڏيڻ، ٻولين جي فطري اوسر ۽ واڌ کي روڪڻ جي برابر ٿيندو.” 5
سنڌي ٻوليءَ جي وڌندڙ بگاڙ جي معاملي تي سنڌ جي سمورن عالم ۽ اديبن کي تمام گهڻي ڳڻتي رهي آهي. 30 مئي 1992ع تي بدين ۾ ‘ ٻارڙو ۽ سنڌي ٻولي’ جي عنوان سان ٿيل سيمينار ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو هو ته “ تاريخ جي هن موڙ تي سنڌي زبان کي صحيح نموني ۾ لکڻ، پڙهڻ يا ڳالهائڻ جا مسئلا اچي پيدا ٿيا آهن. پر سڀ کان وڏو ۽ خطري وارو مسئلو ٻوليءَ جي بگاڙ جو آهي، جنهن کي نه روڪيو ويو ته اهو ٻوليءَ جي اندروني  زوال جو سبب بنبو. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي وڌندڙ بگاڙ طرف فوري توجهه ڏنو وڃي...... موجوده دؤر ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي کي عام اطلاعاتي نظام ۾ خاص اهميت حاصل آهي. خبرن نشر ڪرڻ، ڊرامن يا ٻين پروگرامن ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. تنهن کي لکين ماڻهو ٻڌن ٿا. .... انهيءَ ڪري جيڪڏهن غلط ٻولي استعمال ٿئي ٿي ته ان جو سبق سڀني کي ملي ٿو. ضروري آهي ته ريڊيو ۽ ٽي وي جهڙا شانائتا ۽ اهم ادارا صحيح سنڌي ٻوليءَ جي استعمال جي ذميداري قبول ڪن ۽ ان لاءِ  خاص بندو بست ڪن. جيئن سهڻي ٻوليءَ سان بگاڙ جي راهه بند ڪري سگهجي.” 6
جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته پاڪستان ٽيلي ويزن تي سنڌي ٻولي جي تحفظ، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ انفرادي طور ڪي جوڳا اپاءُ ورتا ويا هئا، پر تنهن جي باوجود محققن ان تي تنقيد ڪئي آهي. لوڪ ادب جي ڄاڻو  ڊاڪٽر  ڪمال ڄامڙي لکيو آهي ته  “جنهن تيزيءَ سان غير فطري انداز ۾ سنڌي ٻوليءَ کي بگاڙيو پيو وڃي، اُن مان وڏو خطرو اهو به آهي ته ڪٿي ايئن نه ٿئي جو اڄ جو لکجندڙ ادب، سرجيندڙ شاعري ۽ ڳالهائجندڙ ٻولي، ڏهن سالن کانپوءِ اسان جو نئون نسل صحيح نموني سان پڙهي به نه سگهي”. 7
پي ٽي ويءَ جي سنڌي ڊرامن ۾ ٻوليءَ جي بگاڙ جي حوالي سان  به تنقيد ٿيندي رهي آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي پنهنجي مضمون “پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ويچاري سنڌي ٻولي” ۾ لکيو آهي ته : “ ڊرامي ۾ جتي بهتر ٻولي ڪتب آندي وڃي ٿي، اُتي اُن حوالي سان ڪچايون به ڏسڻ ۾ اينديون. مثال طور : جيڪڏهن چانهه کڻڻ جو ڏيک، ڏيکاريو ويندو آهي ته، چانهه پيئڻ جي صلاح هن ريت ڪئي ويندي آهي. ‘ سائين چانهه وٺو!’ جڏهن ته سنڌيءَ ۾ ‘ چانهه پيئو’ چيو ويندو آهي، ۽ چانهه دڪان تان وٺبي آهي. اهڙيءَ ريت ‘مانيءَ لاءِ به  ماني کائو’  نه پر ‘ ماني وَٺو’  استعمال ڪيو وڃي ٿو. ‘ بابا ڊرائيور کي چَئُه ته گاڏي کڻي اچي’ ڊرائيور گاڏي کڻي نه پر ڪاهي ايندو آهي”.8
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي پي ٽي ويءَ جي ڊرامي ‘ قربتون’ جي ٽين قسط جي هڪ مڪالمي جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ‘ان ڊرامي جو ليکڪ  اردو ٻوليءَ کان ڪيترو متاثر آهي، ان جو اندازو هن مڪالمي مان لڳائي سگهجي ٿو. ‘ثنا جي ٻَچِي آيل آهي’. اهو جملو سڌو سنئون اردوءَ جو ترجمو ٿيل آهي. اردوءَ ۾ ٻارڙيءَ کي ‘ بچي’ چئبو آهي. جڏهن ته سنڌيءَ ۾ ’ ٻَچِي‘ لفظ جي ڪا ٻي معنيٰ آهي”.9
نشري ادارن ۾ سنڌي گرامر جو خيال نه رکڻ جون شڪايتون به ڊگهي عرصي کان ٿينديون رهيون آهن. جيئن گرامر جي جري ۽ ندائي حالتن جو خيال نه رکڻ، مذڪر ۽ مؤنث جي معاملي ۾ لاپرواهي ڪرڻ وغيره. ٻيو ته سنڌي ٻوليءَ جي هڪ وڏي خاصيت اها به آهي ته هر لفظ ۽ اکر کي تمام گهڻي چٽائي سان اچاريو ويندو آهي. ان سلسلي ۾ زير، زبر ، پيش ۽ شد، مد  جو خاص خيال رکڻو هوندو آهي. پر نشري ادارن ۾ اُچارن تي خاص ڌيان نه ڏيڻ جي ڪري سنڌي ٻوليءَ  ۾ بگاڙ پيدا ٿي رهيو آهي.
خانگي ٽيلي ويزن چئنلن جي ٻولي:
                        پاڪستان ٽيلي ويزن تي سنڌي ٻوليءَ کي گهربل وقت ڏيڻ جي حوالي سان سنڌ جي عالمن ۽ اديبن منڍ کان ئي ڪوششون ڪيون هيون، جنهن جي نتيجي ۾ هفتي ۾ هڪ ڀيرو 25 منٽن بدران روزانو هڪ ڪلاڪ سنڌي پروگرامن لاءِ مخصوص ٿيو. سنڌي ٻوليءَ سان محبت ڪندڙن پنهنجي جدوجهد جاري رکي ۽ جڏهن پي ٽي ويءَ جي نشريات 24 ڪلاڪ ٿي ته سنڌي پروگرامن جو به وقت وڌايو ويو. اڳتي هلي جڏهن 2002ع ۾ پاڪستان ۾ سيٽلائيٽ ٽيلي ويزن چئنلن جي شروعات ٿي ته سنڌ جي ماڻهن کي اهو احساس ٿيو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ به سيٽلائيٽ ٽيلي ويزن چئنل هئڻ گهرجي. ان کوٽ کي محسوس ڪندي “ڪي ٽي اين” جو قيام عمل ۾ آيو. جنهن جي سنڌ جي ماڻهن وڏي آجيان ڪئي. اڳي سنڌي ٻولي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به صرف سنڌ تائين محدود هئي، پر ڪي ٽي اين وسيلي اها دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي وئي. بعد ۾ سنڌ ٽي وي، ڪشش، مهراڻ، ڌرتي ۽ آواز ٽي وي ان سٿ ۾ شامل ٿي وئي. انهن ٽيلي ويزن چئنلن جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ، سنڌي ٻولي ماجد ڀرڳڙيءَ جي ڪوششن سان ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي ٻولي ٿي چڪي هئي. تنهن ڪري انهن چئنلن جي نشريات کانپوءِ اها اميد پيدا ٿي پئي ته هاڻي سنڌي ٻولي وڌندي ويجهندي، ان جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ قدم کنيا ويندا. سنڌ جي ماڻهن جو خيال هو ته ريڊيو  پاڪستان ۽ پاڪستاڻ ٽيلي ويزن سرڪاري ادارا آهن، انهن سنڌي ٻوليءَ جي گهربل خدمت نه ڪئي آهي، پر هاڻي سنڌي سيڙپڪارن جا پنهنجا خانگي چئنل ان سلسلي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندا.
                        خانگي سنڌي ٽي وي چئنلن جي نشريات ڏسڻ کانپوءِ سنڌ جي ماڻهن ۾ ان ڳالهه جو احساس پيدا ٿيڻ لڳو ته اهي چئنل سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ جو پڻ سبب بڻجي رهيا آهن. جنهن جو سبب اتي ويٺل ڪارڪنن جي اڻڄاڻائي، تڪڙ ۽ لاپرواهي آهي. انهن کي ٽي وي ڊرامي جي تياريءَ جي  بنيادي ڳالهين جي به ڄاڻ ناهي، انهن کي اها به خبر ناهي ته ڊرامي لاءِ ٻوليءَ جي اهميت ڪيتري آهي.“ اسڪرپٽ ۾ ٻولي ڪهڙي استعمال ٿيل آهي، آيا ڪيريڪٽر (Character) ٿا ڳالهائين يا ليکڪ (Writer) ٿو ڳالهائي. گرامر جو وڌ ۾ وڌ خيال ڪرڻ گهرجي ۽ شوٽنگ وقت اداڪارن جا لهجا ۽ ٻوليءَ جي بيهڪ جي ذميواري به ڊائريڪٽر جي آهي. پر اڄ جي ڊائريڪٽرن جي لاپرواهيءَ سبب روزانو کوڙ جملا غلط اُچاريا وڃن ٿا”.10
سنڌي چئنلن جي خبرن ۾خبرون پڙهندڙن جا لهجا به تنقيد هيٺ ايندا رهيا آهن، جڏهن ته سنڌي ڊرامن ۾ جيڪا ٻولي ڪتب آندي پئي وئي، اها ڪنهن به حوالي سان معياري نه هئي. ان معاملي تي سنڌ جي ٻولي ماهرن، عالمن ۽ اديبن تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. خانگي سنڌي چئنلن تي ٻوليءَ جي بگاڙ تي پهريون جامع تحقيقي مضمون / مقالو، رياضت ٻرڙي لکيو. هو لکي ٿو ته ” خانگي سنڌي ٽيلي ويزن چئنلن تي  مذڪر، مؤنث ۽ واحد،  جمع جون غلطيون ڪيون وڃن ٿيون. اهي غلطيون لڳ ڀڳ سڀني سنڌي چينلن تي عام آهن، جنهن سان سنڌي ٻوليءَ جي صحت ۽ سهڻائپ تمام گھڻي متاثر ٿي رهي آهي. جھڙوڪ: ‘منهنجِي دِل’  (مؤنث) بدران، اردو ٻوليءَ جي اثر هيٺ ‘منهنجو دل’ (مذڪر ڪرڻ)، ‘ڪتابَ’ کي مذڪر ۽ واحد سمجھڻ بدران ‘ميرِي ڪتاب’ طور واحد ۽ مؤنث ڪرڻ ۽ ان جو جمع ‘ڪتابون’ ڪرڻ، ‘موسمَ’ کي ‘موسمُ’ (مذڪر) ڪرڻ. ايئن ئي ‘ڪلاس’ کي به مذڪر ۽ واحد سمجھڻ بدران، ‘ميرِي ڪلاس’ طور واهپو ڪرڻ ۽ ان جو جمع ‘ڪلاسون’ ڪرڻ، ‘ اطلاعَ ’ بدران ’ اطلاعات’ يا ‘ ڇرڪَ’ بدران ‘ڇرڪِ’ ڪرڻ”.11
                        ان کان سواءِ انگريزي لفظن جو جمع به سنڌي طريقي بدران انگريزي طريقي سان ڪيو وڃي ٿو. جھڙوڪ: فورسز، منسٽرس، شوز، آفيسرس ۽ اپارٽمينٽس، وغيره. ان طرف به ڌيان ڏيڻ جي گھڻي گھرج آهي ۽ واحد، جمع جا مقرر طريقا مروج ڪرائڻ سميت، مختلف اسمن جي حيثيت به طَئي ڪرڻي آهي ته اهي مذڪر ۽ واحد آهن يا مؤنث ۽ جمع؟ مثال طور، سنڌ جي ڪجھه علائقن ۾ ‘هوٽلَ’ مذڪر ۽ جمع آهي ته ڪجھه علائقن ۾ ‘هوٽلون’ مؤنث ۽ جمع آهي، ڪٿي ‘مارڪيٽ’ مذڪر ۽ واحد آهي ته ڪٿي ‘مارڪيٽون’ مؤنث ۽ جمع آهي، ڪن هنڌن تي ‘رزلٽِ’ مؤنث ۽ واحد آهي ته ڪٿي ‘رزلٽُ’ مذڪر ۽ واحد آهي. ان حوالي سان هڪ معياري لهجي موجب، لفظن جي حيثيت کي مقرر ڪرڻ جي ذميواري واسطيدار ادارن ۽ فردن تي لازمي ٿي پوي ٿي. ٽي وي ڊرامن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو معياري لهجو ڪتب نه آڻڻ جو مکيه سبب ڊرامي جا هدايتڪار آهن پر ان سلسلي ۾ ناٽڪ نويس جي به بنيادي ذميواري آهي ته هو پنهنجي تخليق کي مرڻ نه ڏئي. عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جو اهو ناٽڪ نويس آهي، جيڪو پنهنجي ڊرامي تي شروع کان آخر تائين مڪمل ڌيان ڏيندو آهي، ڊرامي جو مسودو لکڻ کانپوءِ اداڪارن جي چونڊ، ريهرسل، رڪارڊنگ، ايڊيٽنگ ۽ نشر ٿيڻ واري ڏينهن دوستن سان گڏجي ڏسڻ تائين هو ڊرامي سان سلهاڙيل هوندو آهي. تنهن ڪري سندس ڊرامن ۾ ٻولي ۽ ان جي لهجن جون اوڻايون نظر نه اينديون. “ ٻوليءَ جي وياڪرڻي قانون ۽ سٽاءَ موجب، هر ملڪ جي درسي ڪتابن، سرڪاري آفيسن، ڪورٽن جي فيصلن، اشاعتي ۽ موصلاتي ادارن يعني اخبارن، ريڊئي ۽ ٽيلي ويزن تي هميشه معياري لهجو ڪم آڻڻو آهي، اهو قانون، سنڌي ٻوليءَ سان به لڳي ٿو، پر سنڌ ۾ انهيءَ اصول ۽ قانون تي ڪوبه ماڻهو توجهه نٿو ڏئي، سنڌي اخبارن، سنڌ جي ريڊيو اسٽيشنن ۽ ٽيلي ويزن جا ليکڪ يا پروگرامن ۾ حصو وٺندڙ، خبرون پڙهندڙ توڙي درسي ڪتابن جا سبق لکندڙ، ته اُلٽو اهڙن پروگرامن يا اخبارن ۾ پنهنجن پنهنجن خطن (علائقن) ۾ ڪم ايندڙ لهجا استعمال ڪندا رهن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻوليءَ ۾ سڌاري بدران، بگاڙ وارو عمل وڌيڪ تيز  نظر آيو آهي... ٽيلي ويزن ۽ ريڊئي تي ڪي ماڻهو ‘ خبرن ’ بدران ‘ کبرون ’ اُچاريندا آهن. ‘خط’ لفظ جي بدران ‘کت ’ چوندا آهن. ‘ غلام’ لفظ جي بدران ‘ گلام’  چوندا آهن، ۽ ‘ غور’  لفظ بدران ‘ گور’ چوندا آهن”. 12
ڊاڪٽر الانا صاحب جنهن ڳالهه جي نشاندهي ڪئي آهي. اها صورتحال اڄ هر سنڌي ٽيلي ويزن ۽ ايف ايم چئنلن تي عام آهي. پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ريڊيو پاڪستان ان حوالي سان ٿورو گهڻو خيال ضرور رکن ٿا، پر اتي به آهستي آهستي سنڌي ٻوليءَ ۾ بگاڙ جو مسئلو پيدا ٿي رهيو آهي. خانگي ٽيلي ويزن چئنلن ۾ اسڪرپٽ جي شعبي تي جيڪڏهن ڌيان نه ڏنو ويو ۽ “ اُچار چڪاسڻ وارو شعبو”  قائم ڪري “معياري سنڌي لهجي” کي هٿي نه وٺرائي وئي ته سنڌي ٻوليءَ جي معياري لهجي توڙي ٻوليءَ کي محفوظ رکڻ ڏکيو ٿي پوندو. 
                        مٿئين بحث مان اها ڳالهه سامهون آئي ته خانگي ٽي وي چئنلن تي سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ جا مکيه ڪارڻن مان  ڪجهه  هيٺ ڏنل آهن. جن تي ڌيان ڏئي ٽيلي ويزن وسيلي سنڌي ٻوليءَ کي وڌائي سگهجي ٿو.
1.     خبرن واري شعبي ۾ اڻ سکيل اسڪرپٽ ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر: سنڌي اخبارن توڙي ٽي وي چئنلن تي گهڻي ڀاڱي گهٽ معاوضي تي ملازم رکيا ويندا آهن، جن کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافت جي بنيادي ڄاڻ نه هوندي آهي، ٻيو ته گهٽ معاوضي سبب اهي هر وقت ٻي نوڪريءَ جي ڳولا ڪن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو اهڙن ملازمن کي جڏهن به ڪجهه وڌيڪ پگهار واري نوڪري آڇي ويندي آهي ته اهي ان کي اوليت ڏيندا آهن. جنهن سبب مستقل طور سنڌي ميڊيا ملازمن جي کوٽ کي منهن ڏيندي پئي اچي.
2.     اردو ۽ انگريزي ميڊيم ۾ پڙهيل نيوز ريڊرز ۽ اينڪر پرسن: جڏهن کان وٺي سنڌ جي ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن ۾ سنڌي ٻوليءَ وارن اسڪولن ۾ معياري تعليم جو سلسلو ختم ٿي ويو آهي ته خانگي اسڪولن انهن جي جاءِ والاري آهي، جتي تعليم جو معيار گهڻو سٺو ته ناهي پر سرڪاري اسڪولن کان چڱو آهي. انهن اسڪولن ۾ جيئن ته سنڌي ٻولي پڙهائڻ جو جوڳو بندو بست ناهي، تنهن ڪري اتان پڙهي نڪتل ٻار اڳتي هلي سنڌي ٻوليءَ کان محروم رهجي وڃن ٿا. سنڌي والدين جو اولاد هئڻ ۽ گهر ۾ سنڌي ماحول هئڻ سبب اهي سنڌي ڳالهائين ته ٿا پر پڙهي، لکي نه ٿا سگهن، پوءِ اهي جڏهن عملي ميدان ۾ اچن ٿا ته انهن جي اها محرومي سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ جو سبب بڻجي ٿي. اهڙا ٻار شهري ماحول ۾ رهي جڏهن ٽيلي ويزن چئنل تي اينڪرپرسن (ميزبان) نيوز اينڪر (خبرون پڙهندڙ) يا اداڪار ٿين ٿا ته انهن کي سنڌي ٻولي اُچارڻ نه ٿي اچي، جنهن جي ڪري اهي غلط سنڌي اُچار کي ايترو ته عام ڪري ڇڏين ٿا جو اهي هرڪو استعمال ڪري ٿو. مثال طور: “ علا قو، اساني، دکهي انسانيت، پهرين دفعه” (سلام سنڌ، مارننگ شو، 19 آگسٽ 2014). منهنجي ذاتي راءِ موجب سنڌي ٻوليءَ کي خطرو ڌارين مان نه پر پنهنجن مان آهي.
3.    ٽي وي چئنلن جي ٻولي چڪاسڻ لاءِ  مستقل بندو بست نه هئڻ: سڌريل قومون پنهنجي ٻولي، علم، ادب، ريتن، رسمن ۽ ثقافت جي تحفظ لاءِ اداري قائم ڪري ان ڏس ۾ مستقل بنيادن تي چوڪسي ڪنديون آهن. سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ ۽ ترقيءَ لاءِ وقت بوقت ڪوششون ورتيون ويون آهن، ان سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو ، سنڌي ادبي بورڊ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جهڙا ادارا قائم ڪيا ويا. جتي ويٺل سنڌي ٻوليءَ جي سڄڻن هميشه پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌي ٻولي اختياري سنڌي اخبارن جي مانيٽرنگ ڪندي رهي ته پر بدقسمتيءَ سان هاڻي اسان وٽ ڪو به اهڙو ادارو ناهي، جيڪو سنڌي ٽي وي چئنلن جي مانيٽرنگ ڪري. جنهن سبب سنڌي ٽي وي چئنل 24 ڪلاڪ ڊرامن، خبرن ۽ بحث مباحثن ۾سنڌي ٻولي بگاڙي رهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي مانيٽرنگ نه ٿيڻ جي ڪري سنڌي ٽي وي چئنلن تي اردو ٻوليءَ جو واهپو وڌي رهيو آهي. مهراڻ ٽي ويءَ جي مارننگ شو ‘صبح مهراڻ’ ۾ ميزبان، مهمان کي مخاطب ٿي هن طريقي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ اردو ٻوليءَ کي شامل ڪيو. “ ابو ، امي جي لاڊلي”. (صبح مهراڻ، مهراڻ ٽي وي، 19 آگسٽ، 2014). انهن چئن لفظن ۾ فقط هڪ لفظ “جي” سنڌي آهي. اهو ته هڪ مثال آهي. باقي جيڪڏهن توهان سنڌي ٽي وي چئنلن جا مارننگ شو ڏسندا ته انهن ۾ گهڻو ڪري ميزبان ۽ مهمان اردو گاڏڙ سنڌي ڳالهائيندا آهن. محترم غلام علي الانا صاحب جي ان سلسلي ۾ پنهنجي راءِ آهي. پر جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ گهربل لفظ موجود آهن، تنهن هوندي زبردستيءَ اردو ، انگريزي يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي لفظن جو سهارو وٺي تيزيءَ سان سنڌي ٻوليءَ کي بگاڙيو پيو وڃي. ڪنهن زماني ۾ ساڳئي ريت فارسي ۽ عربيءَ کي زبردستيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ شامل ڪيو ويو هو. هاڻي هڪ ٻيو مسئلو به سنڌي ٽي وي چئنلن جي پروگرامن ۾ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، اهو اردو ڳالهائيندڙ مهمانن جي شرڪت آهي. اسان کي اردو ٻولي يا اردو ڳالهائيندڙن سان ساڙ يا نفرت ناهي. پر ڇا اردو ٽي وي چئنلن تي ڪنهن سنڌيءَ کي گهرائي ان سان سنڌيءَ ۾ ڳالهايو ويندو آهي. ڇا جن موضوعن تي ڳالهائڻ لاءِ اردو ڳالهائيندڙ مهمانن کي گهرايو ويندو آهي، انهن موضوعن تي ڳالهائڻ وارا سنڌي موجود ناهن. ٻيو ته سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سنڌي ٻوليءَ کي گهربل وقت ڏيڻ لاءِ سنڌ جي عالمن، اديبن، سياسي اڳواڻن، دانشورن، استادن ۽ شاگردن سالن جا سال جدوجهد ڪئي، هاڻي جيڪڏهن ميڊيا جي ترقيءَ سبب سنڌي ٻوليءَ ۾ 8 چئنل موجو د آهن ته انهن تي هڪ صرف ۽ صرف سنڌي ٻوليءَ جو آهي، ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته انهن ٽي وي چئنلن تي اردو ڳالهائيندڙ مهمانن کي گهرائي، انهن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهايو وڃي، جيئن اهي سنڌي سکن. اسان وٽ ماضيءَ ۾ پاڪستان ٽيلي ويزن جي سنڌي ڊرامن جا ڪيترائي مثال موجود آهن. جيئن “خان صاحب” کي اردوءَ ۾ “ڇوٽي سي دنيا”، “راڻيءَ جي ڪهاڻي” کي “ديوارين” ۾ ترجمو ڪري هلايو ويو. “ڇوٽي سي دنيا، ديوارين ۽ جنگل” اهي ڊراما هئا. جن اردو ڊرامن تي اهڙو ته اثر ڇڏيو جو اڳتي هلي گهڻن ڊرامن ۾ سنڌي گاڏڙ اردو ڪردار رکيا ويا. اهو سلسلو هاڻي به جاري آهي.
4.    خبرن جي معاملي ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ: اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ سخت مقابلي ۽ خبرن ۾ هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرڻ سبب سنڌي ٻوليءَ ۾ وڌيڪ بگاڙ پيدا ٿي رهيو آهي. سمورن ٽي وي چئنلن وٽ خبرن ٺاهڻ کان خبرون پڙهڻ تائين تڪڙ سبب ٻوليءَ جو خيال نه ٿو رکيو وڃي.
5.     اردو ٽيلي ويزن چئنلن جي مانيٽرنگ جو اثر: اردو ٻوليءَ جي اثر سبب سنڌي ٽي وي چئنلن تي ڪجهه لفظن کي مؤنث بدران مذڪر ۽ مذڪر بدران مؤنث ڪري لکيو ۽ اُچاريو وڃي ٿو. جنهن جو مکيه سبب خبرن واري شعبي ۾گهٽ پڙهيل اسڪرپٽ ايڊيٽرز پاران اردو چئنلز جي مانيٽرنگ ڪري سنڌيءَ ۾ تڪڙيون خبرون ترجمو ڪرڻ آهي. ٻيو ته اردو ڊرامن جي اثر سبب سنڌي ليکڪ به اردو لفظ استعمال ڪن ٿا. انجنيئر احسان احمد عرساڻي “چڻنگ” رسالي جي جون 2000 واري شماري ۾  سنڌي ٻوليءَ جي وڌندڙ بگاڙ جا ڪجهه مثال ڏنا آهن. “ (الف) آواز اچي پئي. (ب) منهنجو دل نه ٿو چوي. (ٻ) اڄ موسم سٺو آهي. (ت) هيءَ ڪتاب پنهنجي آهي. (ٽ) مون کي اطلاع نه ملي.” 13
6.     سنڌي ٻوليءَ سان محبت ۽ مالڪيءَ واري تصور جي کوٽ: جڏهن سنڌي ماڻهن وٽ تفريح ۽ معلومات جي لاءِ فقط هڪ ٽي وي چئنل پاڪستان ٽيلي ويزن هو، تڏهن سنڌي ٻوليءَ جي پروگرامن لاءِ وڌيڪ وقت مخصوص ڪرڻ لاءِ مطالبا ٿيندا رهندا هئا. اڳتي هلي جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي ٽي اين (2002ع) ۽ سنڌ ٽي وي (2004ع) نشريات شروع ڪئي ته سنڌي ماڻهن کي سالن پراڻو خواب ساڀيان ٿيندي نظر آيو. سنڌي ماڻهن پنهنجي کيسي مان پيسا ڏئي ڪي ٽي اين کي بند ٿيڻ کان بچايو، پر اڳتي هلي اهي ٽي وي چئنل سنڌ جي ماڻهن جي اميدن تي پورا نه لٿا. انهن ٽي وي چئنلن جي سيڙپڪارن سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي فقط ڪمائي جو ذريعو بڻايو، ٻوليءَ سان محبت ۽ مالڪي واري تصور جي کوٽ سبب سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو.
7.      سرڪاري ۽ خانگي ٽي وي چئنلن تي اسڪرپٽ ايڊيٽر جي کوٽ: جنهن دؤر ۾پاڪستان ٽيلي ويزن جي سنڌي ڊرامن ڏيها ڏيهه مقبوليت ماڻي تنهن دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جا محافظ سنڌ جا عالم، اديب ۽ پڙهيل لکيل پروڊيوسر هئا. جڏهن ته ممتاز مرزا پنهنجي ساٿين فيض ٻگئي، بادل جمالي ۽ غلام حيدر شيخ سان گڏجي ڊرامن توڙي ٻين پروگرامن ۾ نج سنڌي ٻوليءَ جي استعمال کي يقيني بڻايو. پر هاڻي پي ٽي ويءَ سميت سمورن خانگي ٽي وي چئنلن ۾ اسڪرپٽ ايڊيٽر جي کوٽ آهي. جنهن سبب ناٽڪ نويسن جي ٻولي ۽ اداڪارن جي اُچارن کي ڪو به چڪاسڻ وارو ناهي.
8.     هندستاني ڊرامن جو وڌندڙ اثر: ڪجهه وقت اڳ تائين هندستاني فلمن ۽ ڊرامن کان متاثر ٿي ڊراما لکڻ عيب سمجهيو ويندو هو. پر هاڻي اردو توڙي سنڌي ٽي وي چئنلن تي هندستان جي ٽيلي ويزن چئنلن کان متاثر ٿي، ڊراما لکڻ عام ڳالهه آهي، جيڪي نه ته سنڌي ماحول ۽ نه وري ثقافت موجب آهن، اهڙا ڊراما نج ڪاروباري بنيادن تي ڏيکاريا وڃن ٿا. اهڙن ڊرامن لاءِ ليکڪ به لاهور جا غير سنڌي ڳوليا وڃن ٿا. جن ۾ محمد طارق جهڙو ناٽڪ نويس مکيه آهي.
9.     گهٽ معاوضي سبب سٺن ليکڪن پاران خانگي چئنلن پاران ڊراما نه لکڻ: هن وقت ٽي وي سڀ کان وڌيڪ تيز ترين تفريح ۽ معلومات جو ذريعو آهي. اڳي جيڪي به سنڌي ناٽڪ نويس پي ٽي ويءَ لاءِ سنڌي ڊراما لکندا هئا. اهي خانگي ٽي وي چئنلن لاءِ ڊراما ان ڪري نه ٿا لکن جو انهن کي معاوضو نه ٿو ملي.
10.                        اڻ سکيل هدايتڪار: خانگي سنڌي ٽي وي چئنلن تي ڊرامن جو شعبو، گهٽ پڙهيل  هدايتڪارن حوالي ٿيل آهي،  جن کي سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻ ناهي. جنهن جي ڪري اهي نه ته اسڪرپٽ ڏسن ٿا نه وري رڪارڊنگ وقت اداڪارن جي تلفظ جو خيال رکن ٿا.
11.                        اسڪرپٽ کانسواءِ ڊراما ٺاهڻ: هاڻي گهڻو ڪري ڏٺو ويو آهي ته سنڌي ڊرامن لاءِ اسڪرپٽ نه ٿو لکيو وڃي. رڪارڊنگ وقت ڊرامي جي منظر موجب فنڪار گڏ ٿين ٿا ۽ پاڻ ۾ بحث ڪري رڪارڊنگ شروع ڪن ٿا، پوءِ جنهن کي جيڪو وڻي ٿو، سو ڳالهائي ٿو ۽ اهڙيءَ ريت ڊرامو تيار ٿئي ٿو.  
12.                        ادارن جو نه ٺهڻ: سنڌ جي ماڻهن جي اها وڏي بدقسمتي آهي، جو انهن وٽ ادارا جوڙڻ لاءِ ماڻهو نه رهيا آهن، جيڪي ٿورا گهڻا ماڻهو ادارا ٺاهي سگهن ٿا، انهن کي سيڙپڪار برداشت نه ٿا ڪن.. سنڌي ٽي وي چئنلن جي مالڪن جي اها سوچ ته “ اهي ئي هر ڪم جا ماهر آهن” سبب هن وقت تائين ڪوبه ٽي وي چئنل  اداري جي شڪل اختيار نه ڪري سگهيو آهي. اهي مالڪ سمجهن ٿا ته هنن کان وڏو ٻيو ڪو ليکڪ، پروڊيوسر، هدايتڪار ۽ اينڪر پرسن ناهي. 
13.                         اليڪٽرانڪ ميڊيا جي طاقت جي خوف سبب سنڌي ٽي وي چئنلن تي اصلاحي تنقيد نه ٿيڻ: اليڪٽرانڪ ميڊيا هن وقت انتهائي سگهارو ذريعو بڻيل آهي. جنهن جي ڪري ان جي غلطين جي نشاندهي نه ٿي ٿئي، جيڪڏهن نشاندهي ٿئي به ٿي ته اها ايتري اثرائتي ناهي. جيڪڏهن سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي بگاڙ وارو معاملو انهن چئنلن آڏو اجتماعي طور اٿاريو وڃي ته انهن جو کڙتيل ضرور نڪرندو.  تنهن ڪري اسان کي سنڌي ٽي وي چئنلن جي غلطين خاص طور تي ٻوليءَ جي بگاڙ وارو مسئلو اٿارڻو پوندوم ٻي صورت ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي جيڪو نقصان رسندو، ان جو ازالو ڪڏهن به نه ٿي سگهندو. ان حوالي سان سنڌي ٽي وي ناٽڪن جي باني شمشيرالحيدريءَ پنهنجي هڪ يادگار انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته “ ٻولي ۽ ڪلچر جو معاملو نهايت نازڪ آهي، ان لاءِ ته ڪورٽ وڃي سگهجي ٿو. ڪلچر کي ايئن بگاڙڻ قانوني ڏوهه آهي، پر ٻليءَ کي گهنٽي ڪير ٻڌي؟ اسان جي علم وارن ۾ مزاحمت نه رهي آهي. وٽن ڪابه همت ڪونهي. اهي مصلحت جو شڪار ٿي ويا آهن. اهي انهن چئنلن خلاف ڪو آواز اٿاريندا ته پوءِ سندن پذيرائي ڪيئن ٿيندي. انهن کي ڪوريج کپي. ٻولي ۽ ڪلچر سان انهن جو ڇا وڃي؟ سچ چوڻ وارا ته مري ويا آهن”. 14
حوالا:
1. ڪاشميري حميد، ٽيلي ويزن ڊراما (مضمون)، سرسيدين چوٿون جلد: 1986ع، ص. 226
2. بلوچ عبدالڪريم، ٽيلي ويزن ڊراما نگاري(مضمون) ،آخري رات (ليکڪ ممتاز مرزا)، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، 1979ع، ص. 273
 3. ساڳيو. 274
4. الانا غلام علي ڊاڪٽر، سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 2006ع، ص. 446، 447
5. جويو تاج، سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال (مرتب: تاج جويو)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 2009، ص. 11
6. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر،سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال (مرتب: تاج جويو)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 2009، ص. 210
7. ڄامڙو ڪمال ڊاڪٽر، سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال (مرتب: تاج جويو)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 2009، ص. 86
8. ساڳيو، ص. 88
9. ساڳيو، ص. 88
10.  گاد ايوب، ٽيلي ناٽڪ ڪيئن ٺاهجي، ڪنول پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2011ع. ص. 27
11.  ٻرڙو رياضت: http://www.sindhsalamat.com/threads/19266
12.  الانا غلام علي ڊاڪٽر، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2006ع. ص. 447،448
13. عرساڻي احسان احمد انجنيئر، لسانيات کان سماجي لسانيات تائين، چڻنگ رسالو، جون 2000ع، ص. 12
14. انٽريو: شمشيرالحيدري،انٽرويو وٺندڙ غلام مصطفيٰ سولنگي ۽ ديدار سنديلو، ٽماهي مهراڻ، شمارو 3، 2013: ص. 214

 هي مقالو وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ جي تحقيقي جرنل ”ڪارونجهر“ جي ڊسمبر 2015 جي شماري ۾ شايع ٿيو. 


Razzaq Mahar: Realistic TV drama writer

سنڌي ٽيلي ناٽڪ ۾ حقيقت جا رنگ ڀريندڙ : رزاق مهر ڊاڪٽر قاسم راڄپر پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ “جياپو” جهڙو سماجي ۽ مقصدي ڊرامو لکڻ واري ...