Wednesday, December 26, 2018

Razzaq Mahar: Realistic TV drama writer


سنڌي ٽيلي ناٽڪ ۾ حقيقت جا رنگ ڀريندڙ : رزاق مهر
ڊاڪٽر قاسم راڄپر

پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ “جياپو” جهڙو سماجي ۽ مقصدي ڊرامو لکڻ واري رزاق مهر جو واسطو لاڙڪاڻي سان آهي. هن 20 جولاءِ 1954 تي لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ پاڙي ۾ رانجهو خان مهر جي گھر جنم ورتو. پرائمري تعليم مراد واهڻ جي پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول مان ڪيائيـن. بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1974ع ۾ ۽ ايم اي سنڌي ادب 1979 ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. نوڪري جي شروعات بلڊنگ کاتي لاڙڪاڻي ۾ ڊرافٽس مين جي حيثيت سان ڪيائين، جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾سنڌي جو ليڪچرار ٿيو ۽ 1989 ۾ ڪميشن پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ استاد جي حيثيت سان ٻار پڙهايا. هن پنهنجي حياتيءَ جا آخري ڏهاڙا گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور گذاريا. رزاق مهر کي لکڻ جو شوق 1974 ڌاري پيدا ٿيو. هن پهرين ڪهاڻي “ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان” لکي. 1982ع ۾ رزاق مهر جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “سڪون ڪٿي آهي” پڌرو ٿيو، جنهن ۾ موجود اڪثر ڪهاڻين جو موضوع سماجي حقيقت نگاري تي مشتمل آهن.هن جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو “ڊهندڙ ليڪا” جي نالي سان شايع ٿيو. رزاق جو لکيل ناول “ٽارچر ڪئمپ مان نڪتل دانهن” اڃا تائين شايع ٿي ناهي سگهيو آهي، ڪهاڻين جي مجموعي “سڪون ڪٿي آهي” ۾ سندس ڪهاڻين جو جائزو مرحوم انور پيرزادي هن ريت ورتو هو. “رزاق مهر ترقي پسند ڪهاڻيءَ جو نوجوان ليکڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ستايل ڪردارن ۽ غريبن سان نه رڳو همدرديءَ جو اظهار ڪيل آهي، پر انهن کي هيرو ڪري پڻ پيش ڪيو آهي. ڦورو ۽ پرماري ڪردارن کان نفرت هن جي ڪهاڻين ۾ برابر موجود آهي”. رزاق مهر سنڌ جو وڏو ڪهاڻيڪار ته هو پر کيس شهرت ٽيلي ويزن ناٽڪن وسيلي ملي. هن پهريون ٽي وي ڊرامو “زندگيءَ ڏانهن” جي نالي سان لکيو. جيڪو 1986ع ۾ پروڊيوسر ذوالفقار نقوي پيش ڪيو. هن سماجي حقيقتن تي ڊراما لکي، سنڌي ٽي وي ناٽڪ کي نئون موڙ ڏنو. جنهن کانپوءِ گهڻن ليکن سماجي مسئلن تي قلم کنيو. هونئن ته رزاق پنهنجي سمورن ڊرامن ۾ نج عوامي مسئلن کي بحث هيٺ آندو آهي، پر “جياپو” اهو ڊرامو هو، جنهن کيس شهرت جي بلندن تائين رسايوجڏهن “جياپو” ٽي ويءَ تان نشر ٿيندو هو ته ماڻهن جا انبوهه دڪانن ۽ هوٽلن جي ٻاهران به ڊرامو ڏسڻ لاءِ بيهجي ويندا هئا ۽ سنڌ جي وڏيرڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف روڊن تي نعرا هڻڻ لڳندا هئا. رزاق مهر ان ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو خانگي جيلن تي قلم کڻي هڪ سماجي ناسور تان پردو کنيو. جبري پورهئي خلاف سنڌ ۾ اهو پهريون ناٽڪ هو. سندس لکيل ان ڊرامي سنڌي سماج ۾ هڪ تبديلي آندي ۽ ان کان پوءِ سنڌ ۾ جبري پورهئي ۽ خانگي جيلن جي خلاف جدوجهد شروع ٿي. سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پوليس خانگي جيلن تي ڇاپا هڻي جبري پورهيو ڪندڙ هاري آزاد ڪرايا. سندس مڪالمن ۾ انسانن جو درد هو. هن وڏيرڪي سماج جا اهڙا ته ڇوڏا لاٿا، جو تنهن دور ۾ وڏيرن ان ڊرامي سخت اعتراض واريندي پريس ڪانفرنسون ڪيون. اها سندس پورهئي جي مڃتا هئي.
جياپو ڊرامي جو هڪ منظر
            رزاق ڪجهه مقصدي اسٽيج ڊراما به لکيا، جن ۾ “بدحواس هيڊ ڪلارڪ” ، “ٽي خانداني بي روزگار”، “مولوءَ مت وڃائي” ۽ “ايف آءِ آر” گهڻو مقبول ٿيا. رزاق مهر جو ويجهو دوست ڪيهر شوڪت هڪ هنڌ لکيو آهي ته “ويجهي ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن ڪنهن معياري اسٽيج ناٽڪ ڏنا آهن ته انهن ۾ رزاق مهر ئي شايد سنڌ جو اڪيلو اسٽيج ناٽڪ ڪار آهي. جنهن سطحي ۽ بازاري ناٽڪن کان هٽي گهرائيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان ناٽڪ لکي پيش ڪرايا آهن. هن جو لکيل ناٽڪ (بدحواس هيڊ ڪلارڪ) اڄ جي اسٽيج جي گدلي سينور ۾ ڪنول جو گل آهي”. رازق مهر نه رڳو سٺو ڪهاڻيڪار پر سٺو شاعر ۽ ايڊيٽر هو، سندس ايڊيٽ ڪيل رسالو “نئين دنيا” پنهنجي دور جو بهترين رسالو هو. جنهن ۾ سندس لکيل ايڊيٽوريل ڪافي مشهور ٿيا.سنڌ جو هي ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار 15 آگسٽ 2002 ع تي دل بيهڻ سبب وفات ڪري ويو. سنڌ جي هن منفرد ناٽڪ نويس جي ٽيلي ناٽڪن ۾ زندگيءَ ڏانهن، ڇوٽڪارو، راهه جو پٿر، سفر، جياپو (سيريل) زخم زندگيءَ جا، وڇوٽيون (سيريل) اعتراف شامل آهن .


Tuesday, December 25, 2018

Karachi Case: Book review of Prof. Aijaz Qureshi


ڪراچيءَ جو ڪيس: سنڌ جي تاريخ کي درست ڪرڻ ڏانهن هڪ وک
ڊاڪٽر قاسم راڄپر
ڪراچيءَ جي تاريخ بابت سڀ کان وڌيڪ ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ ملن ٿا، جيڪي گهڻي ڀاڱي سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪراچيءَ جي تاريخ بابت ڪيئي ڪتاب ملن ٿا. ويجهڙائيءَ ۾ نامياري محقق گل حسن ڪلمتيءَ جي ڪتاب “ڪراچي سنڌ جي مارئي” جي عنوان سان شايع ٿي هٿو هٿ وڪرو ٿي چڪو آهي. جيڪو انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ جلد پڌرو ٿي ويندو. 
پروفيسر اعجاز قريشيءَ جو شمار سنڌ جي انهن محققن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي هر ڀيري ڪنهن نئين ۽ منفرد موضوع تي ڪتاب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ويجهڙائيءَ ۾ “ون يونٽ ۽ سنڌ” بابت تحقيقي ڪتاب کانپوءِ سندس ٻيو تحقيقي “ڪراچيءَ جو ڪيس” ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن کي ڪراچيءَ بابت اهم دستاويز سڏي سگهجي ٿو. پروفيسر اعجاز قريشيءَ پنهنجي هن تحقيقي ڪتاب ۾ 1948ع ۾ ڪراچيءَ جي سنڌ کان جدائيءَ کان 1970ع تائين  ڪراچيءَ بابت ٿيل اهم فيصلن تي تحقيقي انداز ۾ لکيو آهي.
پروفيسر اعجاز قريشي

اعجاز قريشيءَ جو هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته ڪراچي سنڌ کان کسي وفاق حوالي ڪرڻ وارن ۾ لياقت علي خان سان گڏ اسان جا پنهنجا نام ڪٺيا سنڌي به شامل هئا. جنهن ۾ پير الاهي بخش جو ڪردار سڀ کان وڌيڪ تڪراري ۽ سنڌ کي نقصان ڏيندڙ رهيو آهي. جنهن جو ذڪر ان کان اڳ گهڻن ليکڪن ڪيو آهي. خاص طور تي ڊاڪٽر حميده کهڙو پنهنجي والد محمد ايوب کهڙي بابت لکيل ڪتاب ۾ تفصيل سان ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ جن اهم معاملن تي بحث ڪيو ويو آهي. انهن ۾ ڪراچيءَ کان سنڌ کي ڌار ڪرڻ واري مرڪزي سرڪار جي فيصلي، ڪراچيءَ کي مرڪز  حوالي ڪرڻ  واري فيصلي جي خلاف سنڌ جي عوام، مسلم ليگ قيادت،  سنڌ قانون ساز اسيمبليءَ جي مخالفت کان ويندي سنڌي شاگردن جي احتجاج جو تفصيلي ذڪر شامل آهي.
پاڪستان ٺاهڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ جدوجهد سنڌين ۽ بنگالين ڪئي، پر اها به تاريخي حقيقت آهي ته سڀ کان وڌيڪ تڪليف به سنڌين ۽ بنگالين کي ڏني وئي. بنگالي ته پنهنجي جان آجي ڪرائي ويا پر سنڌي پاڪستان ٺاهڻ جي قيمت اڄ تائين ادا ڪري رهيا آهن. پاڪستان ٺهڻ واري ڏينهن کان وٺي سنڌين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو. پنجاب پاڪستان ٺهڻ جي سڀ کان وڌيڪ مخالفت ڪئي پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان تي پنجاب جو قبضو ٿي ويو. پاڪستان قائم ٿيڻ شرط پنجابي مهاجر اتحاد جي ڪري ٻين قومن سُتت ئي پنهنجي وجود جي بقا لاءِ رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. قائد اعظم محمد علي جناح سنڌ ڄائو هو، پر سنڌ جي تڪليفن جي شروعات سندس حياتيءَ ۾ ٿي چڪي هئي. 15 آگسٽ تي جڏهن قائد اعظم محمد علي جناح پاڪستان جي پهرئين گورنر جنرل ۽ لياقت علي خان وزير اعطم جو عهدو سنڀاليو ته ساڻڻ گڏ جيڪا پاڪستان جي پهرين ڪابينا ٺهي، ان ۾ هڪ به سنڌي ڳالهائيندڙ وزير شامل نه هو. جنهن تي محمد ايوب کهڙي جي اڳواڻيءَ ۾ مسلم ليگ جي اڳواڻن مرڪزي قيادت آڏو سخت احتجاج ڪيو. جنهن جو اثر اهو ٿيو ته چئن مهينن کانپوءِ 30 ڊسمبر  1948ع تي پيرزاده عبدالستار کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو.
پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ جي ٻولي، ثقافت، ادب کي ختم ۽ وسيلن تي قبضو ڪيو ويو. ايستائين جو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ مرڪزي سرڪار پنهنجو ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ سنڌ کان 30 ڪروڙ رپيا 3 سيڪڙو وياج تي اوڌر ورتي هئي، اها رقم واپس ئي نه ڪئي. ان جو ذڪر اعجاز قريشيءَ تفصيل سان ڪيو آهي.
تاريخي طور اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته انتهائي شاطر ۽ چالاڪ لياقت علي خان ۽ سندس ساٿين اڳواٽ طئي ڪيل حڪمت عمليءَ هيٺ پهرئين مرحلي ۾ ڪراچيءَ کي وفاقي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏياري، ان مان سنڌي هندن کي زبردستيءَ نيڪالي ڏياري ۽ بعد ۾ سنڌ حڪومت کان ڪراچي خالي ڪرائي ان کي ڌار صوبو قرار ڏيڻ جو بنياد وڌو ويو. وفاقي سرڪار پاران سنڌ حڪومت، پاڪستان جي خالق جماعت مسلم ليگ، پاڪستان جي باني سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي اعتراض، احتجاج ۽ ٺهرائن جي باوجود 18 نومبر 1947ع تي ڪراچيءَ جو انتظام وفاق حوالي ڪيو ويو.  ان صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ حيرت ۾ وجهندڙ ۽ افسوس جوڳو ڪردار سنڌ ڄائي قائد اعطم محمد علي جناح جو رهيو. جنهن پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي اهو طئي ڪري ڇڏيو هيو ته ڪراچي وفاقي گاديءَ وارو شهر هوندو. ان حوالي سان ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشيءَ ، تاريخ نويس ڊاڪٽر حميده کهڙو جي لکيل ڪتاب جا حوالا ڏنا آهن. ڪراچي توڻي سنڌ جي مجموعي تاريخ جو اهو ڪارو باب ڊاڪٽر حميده کهڙو تمام وڏي تفصيل  سان تاريخي حوالا ڏئي لکيا آهي. سندس لکيل ڪتاب “محمد ايوب کهڙو جرئتمندانه سياسي زندگي”  پڙهڻ ۽ سانڍڻ جهڙو ڪتاب آهي. پروفيسر اعجاز قريشيءَ ڪراچي کسڻ تي سنڌ جي ماڻهن، اسيمبلي ميمبرن، شاگردن ۽ سنڌي پريس جي احتجاج جا حوالا گهڻي ڀاڱي حميده کهڙو جي ڪتاب تان ئي ورتا آهن.
سنڌ اسيمبليءَ کي پاڪستان جي خالق اسيمبلي هئڻ جو اعزاز به حاصل آهي. جنهن 1943ع  ۾ هڪ ٺهراءُ منظور ڪري پاڪستان جي قيام جو مطالبو ڪيو. گڏيل هندستان ۾ اها واحد اسيمبلي هئي، جنهن اهو ٺهراءُ منظور ڪيو. تاريخ جو جبر ڏسو ته ساڳئي سنڌ اسيمبلي 10 فيبروري 1948ع تي ڪراچي وفاق حوالي نه ڪرڻ خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو، جنهن کي گورنر جنرل قائد اعظم ، وزير اعظم لياقت علي ۽ وفاقي سرڪار تسليم نه ڪيو. سنڌ اسميبليءَ جي اها ڪارروائي ليکڪ تفصيل سان ڏني آهي.
لياقت علي خان

 هو صفحي نمبر 45 تي سنڌ اسيمبليءَ جي ڪارروائيءَ جو تفصيل ڏيندي لکي ٿو ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري مرڪزي فيصلي خلاف سنڌ قانونساز اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ قاضي ۾محمد اڪبر پيش ڪيو.  جنهن ۾ چيو ويو هو ته “جيئن ته هيءَ سنڌ اسيمبلي پنهنجي خدشن ۽ خطري کي رڪارڊ تي آڻڻ چاهي ٿي ته حڪومت پاڪستان هڪ خطرناڪ رٿ ڏئي ڪراچي کي سنڌ جي انتظامي ڪنٽرول مان ڪڍي مرڪزي حڪومت جي انتظام هيٺ آڻڻ گهري ٿي. انهيءَ ڪري هيءَ اسيمبلي اهو فيصلو ٿي ڪري ته ڪراچيءَ کي ڪنهن به طريقي سان ۽ ڪنهن به قيمت تي مرڪزي اسيمبلي مرڪزي انتظاميا تحت نه کڻي. ساڳئي وقت هيءَ اسيمبلي قائد ايوان ۽ وزارتي ڪئبينيٽ کي چوي ٿي ته حڪومت پاڪستان اهو ڪم نه ڪري ڇاڪاڻ ته اهڙو  قدم سنڌ جي اقتصاديات ۽ سياست کي تمام وڏو  ڌڪ رسائيندو ۽ اهو سڄو ڪم 1940ع واري پاڪستان ٺهراءَ جي سخت نفي هوندو ۽ ان سان صوبن جي خود مختياري ۽ سالميت کي پڻ ڌڪ رسندو. هتي اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته صوبي جي ماڻهن کي هٿ وٺي هڪ جهڳڙي ۾ ڦاسايو پيو وڃي، جيڪو ملڪ لاءِ سندن وفادارين ۽ سندن پيار ۽ محبت وارن روين جي خلاف هوندو ۽ پاڪستان جي آزاد رياست ڏانهن نفرت جوڳو هوندو.”
مٿيون ٺهراءَ تاريخي اهميت رکندڙ آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تڏهوڪين پارليامينٽيرين پنهنجي ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جو ثبوت ڏيندي، سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ سازشن کي ٻنجو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. سندن خيال هو ته سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ کي ايئن ئي مان ملندو، جيئن پاڪستان ٺهراءَ کي مليو آهي. سنڌ جي چونڊيل ميمبرن پنهنجي راءِ ۾ نه فقط تڏهوڪي صورتحال جو انتهائي مختصر لفظن ۾مڪمل جائزو پيش ڪيو پر مستقبل ۾ نظر ايندڙ خطرن کان پڻ آگاهه ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن مٿئين ٺهراءَ جو جائزو ورتو وڃي ته ان جو هڪ هڪ لفظ درست ثابت ٿيو آهي. وقت ثابت ڪيو ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪري نه رڳو سنڌ کي معاشي پر سياسي نقصان رسايو ويو. لياقت علي خان پلان هيٺ ڪراچيءَ کي سنڌ کان کسي نفرت ۽ نفاق جو اهڙو ته ٻج ڇٽيو ويو، جيڪو اڄ تائين نفرت جا نوان فصل پيدا ڪري رهيو آهي. سنڌ 1947ع کان وٺي مختلف تڪرارن جي ور چڙهيل رهي آهي. هن ٺهراءَ تي سنڌ جي ميمبرن جيڪي تقريرون ڪيون آهن، اهي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪيل انتهائي اهم تقريرن ۾ شامل آهن. ڪراچيءَ جي فرزند محمد هاشم گذدر انتهائي جذباتي تقرير  ۾ پاڪستان جي تڏهوڪي سڄي صورتحال جو پوسٽ مارٽم ڪيو. هن پنهنجي تقرير ۾ پنجابين تي به سخت ڇوهه ڇنڊيا. سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل ان ٺهراءَ تي ٻين جن ميمبرن تقريرون ڪري مرڪز آڏو پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو، انهن ۾ محمود اي هارون، هرداس لالجي، آغا غلام نبي پٺاڻ، مير بنده علي خان ٽالپر، حاجي علي محمد مري، قاضي محمد اڪبر، محمد ايوب کهڙي ۽ ٻين ميمبرن تقريرون ڪيون. هن ڪتاب ۾ اهي سڀ تقريرون شامل آهن. جيڪي سڀ پڙهڻ وٽان آهن.
سنڌ جي حڪمران جماعت مسلم ليگ، ٻين سياسي جماعتن ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن به ڪراچيءَ تي مرڪزي سرڪار جي امڪاني قبضي خلاف سخت احتجاج ڪيو پر سڀ کان سگهارو احتجاج ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي شاگردن ۽ سنڌي پريس جو هو. اعجاز قريشي ڪراچيءَ تي قبضي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج ۽ 20 فيبروري 1948ع تي ملهايل “يوم ڪراچي” جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي. وزير اعظم لياقت علي خان جي رٿ هيٺ ڪراچيءَ تي قبضي خلاف سڀ کان وڌيلڪ سگهارو ڪردار تڏهوڪي وڏي وزير  محمد ايوب کهڙي جو رهيو. جيڪڏهن ون يونٽ لاڳو ڪرائڻ ۾ محمد ايوب کهڙي جو ڪردار نه هجي ها ته هو سنڌ جي تاريخ جو سڀ کان محترم ۽ مزاحمتي شخص هجي ها، ڪراچي کي سنڌ جي اکين جو تارو برقرار رکڻ لاءِ هن جو ڪردار مزاحمتي رهيو. جنهن سبب پاڪستان تي قابض لياقت علي خان سميت سڄي مهاجر پنجابي لابي سندس خلاف ٿي بيٺي ۽ انهن محسوس ڪري ورتو ته ايوب کهڙو جيستائين سنڌ جو وڏو وزير آهي، تيستائين ڪراچيءَ تي قبضو ممڪن ناهي. ان خيال هيٺ سندس حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ سان گڏ کيس رستي تان هٽائڻ جون سازشون شروع ٿي ويون. جنهن ۾ سندس ڪابينا جي ميمبرن ۽ مسلم ليگي ميمبرن انتهائي مڪاريءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. خاص طور تي گورنر غلام حسين هدايت الله، پير الاهي بخش، مير غلام علي ٽالپر جي ڪڌي ڪردار سبب ايوب کهڙي جهڙي بهادر وڏي وزير کي هٽائڻ آسان ٿي پيو. ان سڄي معاملي تي ڊاڪٽر حميده کهڙو جو لکيل ڪتاب تاريخي دستاويز آهي. ڊاڪٽر حميده کهڙو لکيو آهي ته ايوب کهڙي کي قائد اعظم محمد علي جناح استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو ۽ سندس استعيفيٰ جي غلط فيصلي سبب سنڌ جو جيڪو نقصان ٿيو، ان جو ازالو شايد سڄي زندگي نه ٿي سگهي. ايوب کهڙي کي هٽائي پير الاهي بخش کي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو ته هن 24 ڪلاڪن اندر ڪراچي سنڌ کان کسي مرڪز حوالي ڪري ڇڏي. نه فقط اهو پر پنجاب سرڪار جيڪي هندستاني مهاجر وٺڻ کان انڪار ڪيو هو، اهي هن ورتا. سندس ان عمل سنڌ جي تباهيءَ جو بنياد رکيو. سنڌ اڄ به ان غلط فيصلي جي سزا ڀوڳي رهي آهي.
پير الاهي بخش

سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي قانونسازن ڪراچيءَ تي قبضي خلاف مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو پر ان جي ابتڙ مرڪزي آئين ساز اسيمبليءَ جو ڪردار انتهائي مڪروهه رهيو. جنهن اسيمبليءَ جو مئنڊيٽ ملڪ لاءِ نئون آئين ٺاهڻ هيو، ان آئين ٺاهڻ بدران ملڪ جا بنياد لوڏيندڙ ڪجهه بنيادي غلطين واري قانونسازي به ڪئي. 22 مئي 1948ع تي پاڪستان جي قانونساز اسيمبليءَ ۾ ڪراچيءَ کي پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪرڻ جو ٺهراءُ پيش ٿيو. اوڀر پاڪستان مان چونڊيل ميمبر ۽ مرڪزي وزير خواجه شهاب الدين جيڪو ٺهراءُ پيش ڪيو، ان جو تفصيل اعجاز قريشيءَ مڪمل طور ڏنو آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته 10 فيبروري 1948ع تي سنڌ اسيمبلي ڪراچي سنڌ کان کسي وفاق حوالي ڪرڻ خلاف ٺهراءُ منظور ڪري چڪي هئي، پر قائد اعظم جهڙي ذهين ماڻهو به سنڌ اسيمبليءَ جي ان ٺهراءَ کي مان نه ڏنو. ڪتاب جي صفحي 71 کان ويندي 128 تائين مرڪزي آئين ساز اسيمبليءَ جي ان غير قانوني، غير انساني، غير جمهوري، غير آئيني، غير اخلاقي، غير پارلياماني ٺهراءُ ۽ ان تي ڪيل تقريرون تفصيل سان ڏنل آهن. ٽن نقطن تي مشتمل هيءُ ٺهراءُ تمام گهڻو خطرناڪ ثابت ٿيو. پاڪستان جي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ ان سوال تي انتهائي اهم تقرير محمد هاشم گذدر ڪئي. (هلندڙ)
ليکڪ



When Sindhi Language Act will be implemented?


سنڌي ٻولي لازمي قانون تي عمل ڪڏهن ٿيندو؟
ڊاڪٽر قاسم راڄپر
سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي تعليمي ادارن مان نيڪالي ڏيڻ جي شروعات ته پاڪستان ٺهڻ شرط شروع ٿي وئي هئي، پر ان تي عمل ڪراچيءَ تي وفاق جي قبضي ٿيڻ شرط شروع ڪيو ويو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ 94 سالن تائين سنڌي ٻولي، سنڌ جي اسڪولن، ڪاليجن، سرڪاري آفيسن، عدالتن، روينيو مطلب ته سمورن معاملن ۾ ڪتب ايندي هئي. ڪراچيءَ تي وفاق جي قبضي بعد ڪراچي شهر جي سنڌي ميڊيم اسڪولن کي بند ڪيو ويو، ڪاليجن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ تي پابندي مڙهي وئي. 14 آڪٽوبر 1954ع تي جڏهن ون يونٽ مڙهيو ويو ته سنڌي ٻولي کان دفتري ٻوليءَ واري حيثيت کسي وئي. ڪراچيءَ ۾ مادري ٻولي سنڌيءَ تي ٽيون وار ڪراچي يونيورسٽيءَ جي انتظاميا پاران سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحان وٺڻ بند ڪري ڪيو ويو. جنهن جي خلاف ڪراچيءَ جي ايس. ايم. ڪاليج، ڊي. جي. سائنس ڪاليج، اسلاميه ڪاليج، اين. اي. ڊي. انجنيئرنگ ڪاليج، گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج، ڊوميڊيڪل ڪاليج، ايس. ايم. لا ڪاليج ۽ ڪراچي يونيورسٽي جا ٽن هزارن کان وڌيڪ سنڌي شاگردن 4- سيپٽمبر 1956ع تي، احتجاجي جلسي ۾ ٺهراءُ پاس ڪري، يونيورسٽيءَ جي سنڊيڪيٽ کان مطالبو ڪيو ته انگريزي ۽ اردو سان گڏ سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحان ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي. ون يونٽ جي دؤر ۾ مڙهيل اها پابندي اڃا تائين برقرار آهي. سنڌي شاگردن لاءِ فقط سنڌي شعبي ۾ امتحان مادري ٻوليءَ ۾ ڏيڻ جي سهولت آهي. 1972ع ۾ ٻولي جي اصل حيثيت بحال ڪئي ويئي ۽ ٻولي ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو، جنهن مطابق سنڌي ٻولي کي قومي، سرڪاري ۽ دفتري ٻولي بڻايو ويو پر اُن تي صحيح معنيٰ ۾ عمل اڄ تائين ٿي نه سگهيو آهي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ سان وڏي ناانصافي آهي. ان ايڪٽ تحت فيصلو ڪيو ويو هو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي آسان سنڌي پڙهائي ويندي، جڏهن ته سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي آسان اردو پڙهائي ويندي پر سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اُن تي به عمل نه ٿو ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ اسان جي سرڪار لڳاتار  لاپرواهه بڻيل آهي، سنڌ سرڪار صوبائي اسيمبليءَ مان منظور ٿيل قانون تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ بدران خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ بابت ٽي ڀيرا ٺهراءَ منظور ڪري چڪي آهي، هي معاملو ٺهرائن وسيلي نه پر تعليم کاتي جي هڪ نوٽيفڪيشن وسيلي حل ٿي سگهي ٿو، پر اصل ڳالهه نيت جي آهي.

سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع لاڳو ٿيڻ سان سنڌي ٻولي کي جيڪي فائدا ٿيڻ گهرجن ها، گهٽ ۾ گهٽ تعليم جي شعبي ۾ ٿي نه سگهيا، پر ان جي مقابلي ۾ نقصان وڌيڪ ٿيو. سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع جي سيڪشن 4 جي سب سيڪشن 2 موجب “سنڌيءَ جي بحيثيت لازمي مضمون جي شروعات هيٺئين سطح جي ڪلاس يعني چوٿين کان ٿيندي ۽ تجويز ٿيندڙ سطحن موجب ان کي هائير سيڪنڊري ڪلاسز 12 درجي تائين متعارف ڪرايو ويندو”. ان فيصلي تي 1972ع کان اڄ تائين ابتو عمل ٿي رهيو آهي، جنهن تي اسان مان ڪنهن به ڌيان نه ڏنو آهي. جنهن جي ڪري اسان سنڌين جا ٻار به مادري ٻوليءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي رهيا آهن. سنڌي ٻولي ايڪٽ هيٺ سنڌي ڳالهائيندڙ ٻارن کي غير مادري ٻوليءَ طور چوٿين کان 12 ڪلاس تائين اردو آسان پڙهڻي هئي، جيڪا اهي اڄ ڏينهن تائين پڙهي رهيا آهن. جڏهن ته سنڌي نه ڄاڻيندڙ شاگردن کي غير مادري زبان طور آسان سنڌي چوٿين ڪلاس کان 12 ڪلاس تائين پڙهڻي هئي، پر 1972ع کان اها فقط نائين ڪلاس تائين پڙهائي وڃي ٿي. ٻوليءَ واري ايڪٽ جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي اردوءَ سان گڏ چوٿين درجي کان نائين درجي تائين پڙهائڻ تي عمل ته ٿي ويو پر بل مطابق يارهين درجي تي رکيل سنڌي مضمون تي عمل نه ٿي سگهيو. يارهين درجي ۾ غير سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي آسان سنڌيءَ جو مضمون پڙهڻو آهي، جڏهن ته سنڌي شاگردن کي يارهين درجي ۾ آسان اردوءَ جو مضمون پڙهڻو آهي. سنڌي شاگرد ته آسان اردو پڙهندا آهن پر آسان سنڌيءَ تي عمل نه ٿو ٿئي.
آسان سنڌيءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي سالن کان سنڌ حڪومت تي دٻاءُ هو. ان جي نتيجي ۾ ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت دوران تمام گهڻي اڳڀرائي ٿي. ڊاڪٽر حميده کهڙو سنڌ جي تعليم جي وزير هئي. ان جي ڪوششن سان سنڌ جي تعليم کاتي پاڪستان سرڪار جي تعليم کاتي جي (ڪريڪيولم ونگ) کان اسڪيم آف اسٽڊيز منظور ڪرائي 27 هين سيپٽمبر 2005ع تي ترت لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. اهو نوٽيفڪيشن سنڌ جي تڏهوڪي تعليم واري سيڪريٽري غلام علي شاهه پاشا جاري ڪيو. ان اسڪيم مطابق سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي يارهين ۾ آسان اردوءَ جو 100 مارڪن ۽ ٻارهين ۾ سنڌي لازميءَ جو 100 مارڪن جو پرچو جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي يارهين ۾ آسان سنڌيءَ جو 100 مارڪن ۽ ٻارهين ۾ اردو لازميءَ جو 100 مارڪن جو پرچو ڏيڻو آهي. آسان سنڌيءَ کان سواءِ ٻين مضمونن جا ڪتاب ته اڳي ئي موجود هئا پر پوءِ آسان سنڌيءَ جو ڪتاب به تيار ڪيو ويو. ان جون هزارين ڪاپيون شايع ڪيون ويون. جڏهن عمل جو وقت آيو ته هڪ سياسي ڌر سخت مخالفت ڪئي. نتيجي ۾ عمل روڪڻ لاءِ مختلف سبب سامهون آندا ويا. وڏو سبب ڪراچيءَ ۾ سنڌي مضمون جي ڪاليجي استادن جي کوٽ ڄاڻايو ويو. سنڌ حڪومت ترت ئي سنڌي مضمون جا 150 ليڪچرار ڀرتي ڪيا. خوشيءَ جي ڳالهه اها هئي ته ڪراچيءَ جي ڪجهه ڪاليجن ۾ آسان سنڌي پڙهائڻ به شروع ٿي وئي ۽ گهڻي ڀاڱي شاگردن ۽ سندن مائٽن پاران آجيان به ٿي، پر جنرل پرويز جي دور ۾ حڪومت پنهنجو ڪيل فيصلو واپس ورتو. جنهن جو سبب ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص جي بورڊن تي قابض هڪ مافيا هئي، جيڪا اڄ به سنڌي ٻوليءَ لاءِ ساڳيا ڪات ڪهاڙا کڻي ويٺي آهي، جيڪي 1947ع کانپوءِ سندن وڏڙن جي هٿن ۾ هئا. ڳالهه رڳو اتي دنگ نه ٿي ڪري. اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌي مضمون پڙهائڻ جو مسئلو منجهيل ئي هو ته ڪراچيءَ جي انٽر ميڊئيٽ ايجوڪيشن بورڊ سنڌي شاگردن کان سنڌي مضمون پڙهڻ جو ئي حق کسي ڇڏيو، سن 2001ع ڌاري اهڙو فيصلو ڪيو ويو ته اهڙو ڪوبه سنڌي شاگرد انٽرميڊئيٽ ۾ مادري ٻوليءَ وارو سنڌي مضمون نه پڙهي سگهندو، جنهن مئٽرڪ ۾ مادري ٻوليءَ وارو سنڌي مضمون نه پڙهيو هوندو. ڪراچيءَ جي ٻن ٽن اسڪولن جهڙوڪ: سنڌ مدرسي، اين. جي وي، گڏاپ ٽائون ۽ بن قاسم ٽائون جي هڪ اڌ اسڪول کان سواءِ ڪٿي به مئٽرڪ ۾ مادري ٻوليءَ وارو سنڌي مضمون نه ٿو پڙهايو وڃي. جڏهن مئٽرڪ ۾ هتي ان مضمون پڙهائڻ جو مڪمل بندوبست ناهي ته پوءِ پابندي غيرقانوني آهي، ان فيصلي سان هر سال هزارين سنڌي شاگرد متاثر ٿي رهيا آهن. جڏهن انٽر ۾ سنڌي مضمون نه پڙهبو ته بي اي ۾ به نه پڙهي سگهبو. قانون مطابق بي اي ۾ سنڌي مصمون نه هوندو ته ايم اي سنڌي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي نه ٿي ڪري سگهجي. نتيجي ۾ هوريان هوريان سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ختم ٿي ويندي. سنڌ جي شهرن ۾ قائم هزارين خانگي اسڪولن ۾ نه رڳو غير سنڌي پر سنڌي شاگردن کي به غير مادري ٻولي سنڌي وارو مضمون يعني آسان سنڌي پڙهائي وڃي ٿي، جڏهن ته انهن جو حق آهي ته انهن کي سنڌي لازمي پڙهائي وڃي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته “زور جي ميندي نه لڳندي آهي”، تنهن ڪري مان ذاتي طور ان راءِ جو آهيان ته اسان کي غيرسنڌين کي سنڌي پڙهائڻ واري جنون مان نڪري پنهنجي سنڌي ٻارن کي آسان سنڌيءَ بدران سنڌي لازميءَ جو مضمون پڙهائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ٻيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ٻارهين ڪلاس تائين آسان سنڌي لاڳو نه ٿي ڪرائي سگهي ته پوءِ غير سنڌي شاگردن وانگر يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي شاگردن لاءِ سنڌي لازمي لاڳو ڪئي وڃي.
 
ليکڪ

Monday, January 29, 2018

Sindhi Television Drama: Yesterday and today.


سنڌي ٽيلي ويزن ڊراما، ڪالهه ۽ اڄ
ڊاڪٽر قاسم راڄپر

Television Drama is the youngest branch of Sindhi drama. Pakistan Television Start Sindhi programs from 22 January 1970. First Sindhi Drama “Zeenat” was telecast on 29 January 1970. But it is noteworthy fact that during the short span of its existence, it is has covered all the principal phases of growth that drama in other languages has traversed in the course of time.
There was a time, when Sindhi dramas were jam-packed with number of talented producers, directors, writers as well as actors. Many talented entities opened their eyes here. Sindhi dramas proved to have an intense effect on the viewers from the very beginning. But now gradually this impact is drifting off.
The era of revolution of media aroused when Pakistan Television started to catch the eye of viewers and introduced a strategy to show programs in every province in their mother tongue. It was an effective way to keep endurance of provinces and their languages. Many dramas like, Noor ul huda shah’s Marvi, Amar Jaleel’s, Mitti Ja Marhun ,Hafiz Kumbhar’s, Hathen Gul Mehandi, are good pieces of Sindhi culture beside these, Rani Ji Kahani, Khan Sahib Aaino,  and Razaq Mehar’s Jiyapo especially "Dangea Manjh Darya" scripted by Ali Baba, produced by Haroon Rind, from PTV also achieved an award in German drama festival.
After 2002, private satellite channels like KTN and Sindh TV emerged, now more than 10 private Sindhi TV channels are on-air in Pakistan. These channels are presenting sub standard dramas like, Pathar Dunya and Dunya Dardan Ji. The usual and all-inclusive theme of these dramas is tight-fisted and based on feudalism, sub-standard comedy, vulgarity, terrorism, and immoral dialogues.
According to some writers such spectacular exhibition of feudalist lifestyle is actually creating antagonism and severe fissures between social classes. Whereby, entirely obliterating chances of inspiring positive changes. The prime focus should be on themes that the general viewership can relate to. Nowadays, merely 10% dramas of these private channels are promoting Sindhi culture, while others are representing Sindhi people as orthodox.
 Reality is that, interest and investment are two main pillars through which any business can make progress while it comes to Sindhi private media channels. No one invests; even actors are not given proper wages. Consideration of new script in Sindhi media seems like a castle in Spain. Because, skilled writers like, Abdul Qadir Junejo, Noor ul huda shah, Shaukat Shoro, Noor Ghallo, Agha Rafiq, Mehmood Mughal, Zaib Sindhi, Kazi Khadim and others stop to write TV plays. The producers and directors of the private channels are not well-trained and qualified.
ڊرامو انساني فطرت جو گهڻي حد تائين ترجمان پڻ رهيو آهي. ڊرامو لطيف فن  ۽ خاص طور تي مظاهراتي فن  (Performing Art)جي انتهائي اهم صنف ليکيو وڃي ٿو. ڊرامي جيڪڏهن ٿيٽر ۾ جنم ورتو، ٻاروتڻ ريڊيو تي گذاريو ته جواني وري ٽي وي تي ماڻي. موجوده دؤر ۾ اسٽيج ۽ ريڊيو جي ڀيٽ ۾ ٽي وي ڊرامو وڌيڪ سگهارو ٿي اڀريو آهي. جنهن جو اثر رابطي جي ٻين سمورن وسيلن کان تيز آهي. ٽي وي ڊرامو فقط وندر ناهي، پر ان کي شعوري جاڳرتا جي ڏس ۾ به استعمال ڪيو ويو آهي.
سنڌي ڊرامي جي تاريخ جوڙڻ وقت محققن گهڻي ڀاڱي نثري اسلوب ۾ لکيل ناٽڪن جو وچور ڏنو آهي، پر نظماڻي انداز ۾ لکيل منظوم ناٽڪن تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو آهي. جنهن جي ڪري شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ موجود ناٽڪن تي تمام گهٽ تحقيق ٿي آهي. ان جو هڪ خاص سبب اهو به آهي ته سنڌي مسلم سماج ۾ تمام گهڻي دير کانپوءِ ناٽڪ کي قبول ڪيو ويو. ٻيو ته اسان وٽ شاهه سائين تي جيڪا پير مرشد واري ڇاپ لڳل آهي. ان به تحقيق ۾ رنڊڪ وڌي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جو مطالعو ڪجي ٿو ته ان ۾ اهي سموريون خوبيون ۽ عنصر نظر اچن ٿا، جيڪي ارسطوءَ الميي (ڊرامي) لاءِ لازمي قرار ڏنا آهن. شاهه جي تمثيلي شاعريءَ ۾ جڏهن شاهه جي سورمين ۽ سورمن، سسئي پنهون، سهڻي ميهار، ليلا چنيسر، مومل راڻو، عمر مارئي، نوري ڄام تماچي، سورٺ راءِ ڏياچ، مورڙي (سُر گهاتو) ۽ امام حسين (سُر ڪيڏارو) تي غور ڪجي ٿو ته انهن ۾ ارسطوءَ وارا قديم سنگيت ڊرامي جا مڙئي عنصر ملن ٿا. جيڪي هن Poetics)) ۾ ٻڌايا آهن.
                شاهه جي شاعريءَ ۾ نه رڳو قديم پر جديد ڊرامي جا به سمورا عنصر ملن ٿا. شاهه جي تمثيلي شاعريءَ ۾ “پلاٽ، مرڪزي خيال، شروعات، ڪردار ۽ سيرت نگاري، مڪالما، تسلسل ۽ ڪشمڪش، ٽڪراءٌ ۽ انجام” جو به پورو پورو خيال رکيل نظر اچي ٿو. شاهه جي شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه اهي ڊرامائي  اهڃاڻ، اصول ۽ عنصر ڪٿان اوڌارا نه ورتا آهن.
هونئن ته سنڌيءَ ۾ منظوم ڊرامي جو باني مرزا قليچ بيگ کي سڏيو وڃي ٿو پر جيڪڏهن شاهه جي شاعريءَ ۾ منظوم ڊرامي جي سمورن اصولن، خوبين ۽ عنصرن کي سامهون رکيو وڃي ته نتيجو ڪجهه ٻيو هوندو. پر افسوس ته سنڌ ۾ ان حوالي سان تحقيق ۽ تنقيد بنهه گهٽ ٿي آهي. تنهن ڪري اسان کي سنڌي ناٽڪ جي بڻ بڻياد وارو بحث امام بخش خادم ۽ مرزا قليچ بيگ کان اڳتي وڌائڻ گهرجي ۽ شاهه سائين جي شاعريءَ  ۾ناٽڪ واري موضوع تي جديد انداز ۾ تحقيق ٿيڻ گهرجي. 
شاھھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ناٽڪ جي پهريون ڀيرو نشاندهي ڊاڪٽر هوتچندگربخشاڻيءَ ڪئي هئي. هن شيڪسپيئر جي ناٽڪن جي حوالي سان شاهه جي سورمين ۽ سورمن جي ڪردار نگاريءَ کي ناٽڪي ڪٺيو آهي. هو لکي ٿو ته “شاهه جو نمونو به انگريزي شاعر شيڪسپيئر وانگي ناٽڪ جهڙو آهي. هي هڪ نئون نمونو آهي، جو سنڌ جي ڪنهن ٻئي شاعر استعمال ۾ نه آندو آهي. انهيءَ شعر  ۾ شاهه جي شعور جون ڪُل خوبيون نڪري نروار ٿين ٿيون”.[1]
                ڊاڪٽرگربخشاڻي شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ ناٽڪ جي بنيادي عنصرن علامت نگاري، منظر ڪشي، گفتگو، سيرت نگاري، خيال ۽ عبارت جو به تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. سنڌ جي ڀيٽ ۾ هندوستان ۾ شاهه سائين جي شاعريءَ جي ناٽڪي پهلوءَ تي سٺي تحقيق ٿي آهي، پر اها اڃا اڻپوري آهي. ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ ڪڇ ۾ ٻنيءَ جي لوڪ گيتن تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته “گهڻن ئي عالمن ستن ئي سورمين جي سيرت نگاريءَ جي به اوک ڊوک ڪئي آهي. شاهه جي شعر ۾حقيقت ۽ طلسم جو جيڪو جوڙ آهي. اُهو ڏسندڙن جي دلچسپي شروع کان آخر تائين قائم رکي ٿو. ڪڇ ۾ شاهه جي مريد فقير تمر ناٽڪ طرز  ۾ شاهه جا شعر اُچاريندو هو، جو اڳتي هلي شاهه جي بيت، ناٽڪي انداز ۾ اُچارڻ ٻني ڪڇ ۾ پرمپرا (روايت) بڻجي وئي”. [2] 
جيستائين جديد اصولن تي مشتمل ڊرامي لکڻ جو تعلق آهي ته اهو اسٽيج ڊرامو هجي يا ريڊيو ۽ ٽي وي ڊرامو ، فقط اهو اديب ئي لکي سگهي ٿو. جيڪو ڊرامي جي فن ۽ اصولن کان واقف هوندو. ٽيلي ويزن ڊرامو  نه رڳو تخليقي ادب آهي، پر ساڳئي وقت هڪ ڪاوش آهي. انهيءَ لحاظ کان ادب جي ميدان ۾ ٽيلي ويزن ڊراما هڪ اهم صنف آهي، ڇاڪاڻ ته هن صنف لاءِ، لکندڙ ۾ اسٽيج ڊراما، ناول ۽ افسانا نگاريءَ جي تخليقي خوبين سان گڏوگڏ، فلم ۽ ٽيليويزن جي ڪئميرائن ۽ ٻئي فني سازو سامان جي مناسب معلومات ضروري آهي”. [3]
 اولهه جي ملڪن ۾ اڃا تائين ٽيلي ويزن ڊرامو ادبي تخليق طور ان ڪري تسليم نه ڪيو ويو  آهي. ان جو سبب اهو آهي ته اُتي ٽيلي ويزن ڊرامو عام رواجي يا سطحي ليکڪ (Hack writer) لکن ٿا. سطحي ليکڪ (Hack writer) مان مراد اهي ليکڪ آهن، جيڪي پيسن تي گهٽ معيار وارو مواد لکن. سطحي لکت (Hack writing) هر قسم جي ٿي سگهي ٿي. Hack writer معيار بدران مقدار کي ترجيح ڏين ٿا. انهن جي آڏو اصل مقصد ڪو تخليقي ڪم نه پر پيسا ڪمائڻ هوندو آهي. Hack writing جو لفظ پهريون ڀيرو ارڙهين صديءَ ۾ استعمال ٿيو.Hack  لفظ Hackney مان ورتل آهي. Hackney برطانيه ۾ گهوڙي جو هڪ قسم آهي، جيڪو نه رڳو سواري پر بار ڍوئڻ لاءِ تمام گهڻو ڪارائتو آهي. Hackney گهوڙو سواريءَ لاءِ انتهائي سولو آهي، جنهن جي ڪري اُن تي ڪير به سواري ڪري سگهي ٿو. Hack writer به گوسڙو ليکڪ Ghost writer وانگر ٻئي نالي سان به لکندو آهي. سنڌي ٽي وي ڊرامو ان حوالي سان ڀاڳن ڀريو آهي ته ان کي پنهنجي دؤر جا وڏا ڪهاڻيڪار مليا، پر اهو ماضيءَ جو قصو آهي. هاڻي صورتحال مڪمل طور تبديل ٿي چڪي آهي. جنهن جو مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو. 
سنڌي ٽيلي ويزن ڊرامو ڪالهه:
پاڪستان ٽيلي ويزن ڪراچي مرڪز جو افتتاح نومبر 1967ع تي ڪيو ويو. شروع ۾ علائقائي ٻولين جا پروگرام نه ڏيکاريا ويندا هئا. سنڌيءَ ۾ پهريون ٽي وي پروگرام‘رس رهاڻ ’ 22 جنوري 1970ع تي پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ پيش ڪيو. بلوچ صاحب ئي پاڪستان ٽيلي ويزن تي سنڌي نشريات جو باني آهي. 
پاڪستان ٽيلي ويزن جي انتظاميا جڏهن سنڌيءَ ۾ ڊراما پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ساڳيو اردو ڊرامن وارو مسئلو پيدا ٿيو ته اهي ڊراما لکندو ڪير؟  پر جيئن ته عبدالڪريم بلوچ پهريان ريڊيو تي صداڪار ۽ پروڊيوسر جي حيثيت سان ڪم ڪري چڪو هو، تنهن ڪري هن کي ريڊيو ڊرامي جي گرامر جي ڄاڻ هئي. جنهن اها ڄاڻ تنهن دؤر جي اديبن ۽ ڪهاڻيڪارن کي ڏني. پاڪستان ٽيلي ويزن جي پهرئين سنڌي ڊرامي لاءِ مرزا قليچ بيگ جي ناول ‘زينت’ کي شمشير الحيدريءَ ڊرامي جو روپ ڏنو، جيڪو ٽن قسطن تي مشتمل هو. ان ڊرامي جو هدايتڪار ۽ پيشڪار  به عبدالڪريم بلوچ هو. ‘ زينت’ ڊرامي جي پهرين قسط 29 جنوري 1970ع  تي پيش ڪئي وئي. جڏهن ته ٻي قسط 5 فيبروري 1970ع ، ٽين ۽ آخري قسط 12 فيبروري 1970ع تي پيش ڪئي وئي. هر قسط 25 منٽن تي مشتمل هئي.
تنهن دؤر ۾ پي ٽي ويءَ جي سنڌي شعبي ۾ اڃا اسڪرپٽ ايڊيٽر مقرر نه ٿيو هو، اهو ڪم سنڌي ٽيلي ويزن ڊرامن جي باني ناٽڪ نويس محترم شمشير الحيدريءَ اعزازي طور سرانجام ڏنو. هن اهو ڪم ڇهن مهينن تائين ڪيو. سنڌيءَ ۾ پهريون ڊرامو بيحد پسند ڪيو ويو. جنهن ڪري ٻئي ڊرامي جي تياري شروع ڪئي وئي. ان لاءِ پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ، علي بابا جي ڪهاڻي‘هي جيون هي سپنا’ جي چونڊ ڪئي. جنهن کي ڊرامي جو روپ به پاڻ علي بابا ڏنو. هي ڊرامو 16، اپريل 1970ع تي پيش ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت پي ٽي ويءَ جي سنڌي ڊرامن واري شعبي کي شمشير الحيدري ۽ علي بابا جي صورت ۾ ٽي وي ناٽڪ لکڻ جي ڄاڻ رکندڙ ٻه ليکڪ ملي ويا. پي ٽي وي تان پيش ڪيل پهريون ڊرامو ‘زينت’ ناول تان ورتل هيو، جڏهن ته ٻيو ڊرامو ‘هي جيون هي سپنا’ علي بابا جي ڪهاڻيءَ جو ڊرامائي روپ هو. ان کانپوءِ آغا سليم جو لکيل ڊرامو “خواب جو سورج”، امر جليل جو “اوندهه ۽ روشني” پيش ڪيو ويو. امرجليل ۽ آغا سليم ٽيلي ويزن کان اڳ ريڊيو لاءِ ڊراما لکي توڙي پيش به ڪري چڪا هئا. ممتاز مرزا به ريڊيو حيدرآباد لاءِ تنهن دؤر ۾ ڊراما لکندو هو. هن پي ٽي ويءَ لاءِ پهريون ڊرامو ‘ريت’ لکيو. جيڪو 14، جولاءِ 1970ع تي عبدالڪريم بلوچ پيش ڪيو. ممتاز مرزا کانپوءِ مراد علي مرزا به ٽي وي ناٽڪ نويسيءَ طرف آيو ۽ هن جو لکيل ناٽڪ ‘اداس پاڇا’ 18، آگسٽ 1970ع تي بلوچ صاحب پيش ڪيو.
عبدالڪريم بلوچ جي ذاتي دلچسپيءَ سبب غلام نبي مغل، جمال ابڙي، ماهتاب محبوب، ثميره زرين، نسيم کرل ۽ نجم عباسيءَ جهڙن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين کي ڊرامائي روپ ۾ پيش ڪيو ويو. جنهن سبب سنڌي ناٽڪ جي پيڙهه پختي ٿي بيٺي. اڳتي هلي عبدالقادر جوڻيجو، علي محمد مجروح، قاضي خادم، شاهد ڪاظمي، قمر شهباز، منير چانڊيو، فيض ٻگهيو، شوڪت حسين شورو، ماڻڪ، اياز عالم ابڙو، طارق عالم ابڙو، نور گهلو، ڪيهر شوڪت، رشيد صابر، ملڪ آگاڻي، آغا رفيق، شيخ عبدالراز راز، رضيه کوکر، نورالهديٰ شاهه، محمود مغل، امداد حسيني، عثمان ميمڻ، فيروز الدين احساس، رزاق مهر، انور سولنگي، روشن تنيو، زيب سنڌي، فاروق سولنگي، عنايت ميمڻ، سيد يار محمد شاهه، ماڪن شاهه رضوي، بادل جمالي، عزيز ڪنگراڻي، رحمت الله ماڄوٺي، حفيظ ڪنڀر، شبنم گل، علي راز شر ۽ ٻين پي ٽي ويءَ لاءِ شاهڪار سنڌي ڊراما تخليق ڪيا.
سنڌي ناٽڪ نويسن سنڌي سماج  ۾ موجود سمورين خرابين جهڙوڪ: زمينداري ظلم، ڏيتي ليتي، غربت، طبقاتي ورڇ، تعليم جي کوٽ، برادرين جي وچ ۾ جهيڙا، پيار محبت، دولت جو انڌ، رشوت جهڙي سماجي برائي ۽ ٻين کوڙ مسئلن کي وائکو ڪرڻ لاءِ قلم کنيو. تنهن دؤر ۾ سنڌي ڊرامن جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ماڻهو پنهنجو ڪم ڪار لاهي، گهرن، هوٽلن، اوطاقن ۽ اوڙي پاڙي ۾ ٽي وي آڏو ويهي مقرر وقت تي ڊرامي جي انتظار ڪندا هئا. 25 منٽن جي ڊرامي دوران ڏسندڙ مڪمل خاموشيءَ سان ڊرامو ڏسي ان جي هڪ هڪ منظر ۽ مڪالمي مان وندربا هئا.
                جيڪڏهن فني لحاظ کان پي ٽي ويءَ جي سنڌي ڊرامن جو جائزو ورتو وڃي ته اهي شروع کان وٺي داخلي عنصرن جهڙوڪ ڪهاڻي، ڪردار نگاري، مڪالمن، منظر نگاري ۽ خارجي عنصرن اداڪاري، هدايتڪاري، عڪاسي، صوتي اثرن، پردي پويان موسيقي، ڪئميرائن جو استعمال، ٻاهرين عڪسبندي، ايڊيٽنگ، صدابندي وغيره جي حوالي سان مڪمل رهيا آهن. انهن ۾ ڪٿي به فني کوٽ نظر نه ايندي هئي. پي ٽي ويءَ تي پروڊيوسر ٿيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ تعليمي لياقت ماسٽرس هوندي هئي. پي ٽي ويءَ تي اسسٽنٽ پروڊيوسر طور ڀرتي ٿيڻ کانپوءِ انهن کي پي ٽي وي اڪيڊمي اسلم آباد موڪليو ويندو هو. جنهن کانپوءِ اهي ڪنهن سينيئر پروڊيوسر سان مددگار طور ڪم ڪندا هئا.گهڻي ڀاڱي پروڊيوسرن کي پرڏيهه سکيا لاءِ به موڪليو ويندو هو.
                ٽيلي ويزن ناٽڪ گڏيل ڪوشش جي نتيجي ۾ جنم وٺي ٿو. جنهن ۾ بنيادي ڪم ته ناٽڪ نويس ڪري ٿو. پر ڪاغذن تي لکيل ڪردارن کي  زنده ڪرڻ وارو پروڊيوسر هوندو آهي. جيڪو اداڪارن جي مدد سان  ناٽڪ نويسن جي خيالن کي پردي تي حقيقي انداز ۾ سامهون آڻي ٿو.  پاڪستان  ۾ جڏهن ٽيلي ويزن شروع ٿيو ته ان دؤر ۾ ملڪ ۾ڪو به سيکاريل پروڊيوسر موجود نه هو، جنهن سبب ريڊيو پروڊيسرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون.
                پي ٽي ويءَ جي سنڌي ڊرامن ۾ سنڌي ٻولي، ثقافت، ريتن رسمن ۽ سماجي حالتن جو پورو پورو خيال رکيو ويندو هو. هڪ ته تنهن دؤر ۾ ناٽڪ لکڻ وارا ڪي عام رواجي ليکڪ نه پر چوٽيءَ جا ڪهاڻيڪار هئا. جڏهن ته انهن جي لکيل ناٽڪن جي نظرداري ڪرڻ وارن ۾ عبدالڪريم بلوچ، شمشير الحيدري، غلام حيدر صديقي، ممتاز مرزا جهڙا ڄاڻو هئا. بلوچ صاحب نه رڳو گهڻا ناٽڪ نويس متعارف ڪرايا پر گهڻي ۾ گهڻي سنڌي پروڊيوسر به تيار ڪيا. جن کي سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر جي تحفظ جي سُتي تڏهن بلوچ صاحب ئي پياري ڇڏي هئي.  جنهن جي ڪري ناٽڪ نويس توڙي پروڊيوسر ٻولي، سماجي حالتن، سنڌي ثقافت، ڪردار نگاري، اخلاقيات، عوامي پسند ۽ مقصديت جهڙين بنيادي ڳالهين جو خاص خيال رکندا هئا.
ٽيلي ويزن ڊراما، اڄ
2002 ع تائين مجموعي طور تي سڄي پاڪستان ۾ فقط هڪ ٽي وي چئنل پاڪستان ٽيلي ويزن چئنل ڏٺو ويندو هو. ڇوته عام ماڻهن کي ڊش اينٽينا جهڙي سهولت گهٽ ميسر هئي. جنرل پرويز مشرف جي دؤر ۾ ميڊيا کي مڪمل طور آزاد ڪرڻ واري خيال کانپوءِ خانگي شعبي کي به ميڊيا جي صنعت ۾ سيڙپڪاريءَ جو موقعو مليو. جنهن ٿوري ئي وقت ۾ پاڪستان ۾ ميديا جي شڪل ئي مٽائي ڇڏي.
اڄ جڏهن اسان پنهنجي چوڌاري نهاريون ٿا ته هر پاسي اسان کي انٽرنيٽ ۽ موبائل فون جو استعمال نظر اچي ٿو. انٽرنيٽ جهڙي شاندار ايجاد دنيا کي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پر ٽين دنيا جي ملڪن ۾ اڄ به ان جو هاڪاري استعمال سڀ کان وڏو سوال آهي. اهڙيءَ ريت ٽيلي ويزن وسيلي درست ۽ غلط معلومات ۽ وندر جي فراهمي وارو موضوع به ڊگهي عرصي کان بحث هيٺ آهي. سڌريل ملڪن ته ٽيلي ويزن جي ايجاد سان گڏ ئي ان جي هاڪاري ۽ ناڪاري پاسن تي تحقيق ڪئي هئي، پر پوئتي پيل ملڪن ۾ ان طرف گهڻو ڌيان نه ڏنو ويو آهي. اولهه جي محققن جو ان سلسلي ۾ چڱو موچارو ڪم نظر اچي ٿو. پر بدقسمتيءَ سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽيلي ويزن جي پروگرامن يا ڊرامن جي ثقافتي ۽ سماجي اثرن بابت تحقيقي ڪم نه هئڻ برابر  آهي.
جڏهن اسان علائقائي ٻولين جي ڳالهه ڪنداسين ته ملڪي سطح تي اڄ به سنڌي ٽي وي چئنل سڀ کان وڌيڪ ڏٺا وڃن ٿا. گيلپ سروي موجب 8 سنڌي، پنجابي، سرائيڪي ۽ پشتو چئنلن مان سنڌي ٽي وي چئنل سڀ کان وڌيڪ مقبول آهن. وڏي اعزاز جي ڳالهه اها آهي ته علائقائي ٻولين جي چئنلن جي ڏسندڙن مان 82 سيڪڙو ماڻهو سنڌي ٽي وي چئنل ڏسن ٿا. جڏهن ته باقي ٻولين جي ڏسندڙن جو انگ فقط 18 سيڪڙو آهي. ان لحاط کان صوبائي ٻولين ۾ ملڪي سطح تي سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ چئنل ڪي ٽي اين آهي. جنهن جي ڏسندڙن جو انگ 47 سيڪڙو آهي.

پاڪستان ۾ علائقائي ٻولين جي ٽي وي چئنلن جي درجي بندي

                  (ذريعو: گيلپ پاڪستان ميڊيا سائبر ليٽر2012)4

 پاڪستان ۾ آخري آدمشماري  1998ع ۾ ٿي هئي، ان موجب پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ (44.15 سيڪڙو) پنجابي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. جڏهن ته ملڪي سطح تي سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 14.1 سيڪڙو آهي. پر جيڪڏهن اسان اهي انگ اکر  مختلف صوبائي ٻولين جي مقوليت جاچڻ لاءِ ڪتب آڻيون ٿا ته اتي هڪ فخر محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستان اندر سڀني صوبن ۾ سڀ کان وڌيڪ (80 سيڪڙو) سنڌي ٻوليءَ جا چئنل ڏٺا وڃن ٿا. جڏهن ته باقي سمورين ٻولين جا چئنل ڏسندڙن جو انگ فقط 20 سيڪڙو آهي. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهي سنڌي ٽي وي چئنل سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي تحفظ ۽ عام ماڻهن جي اهنجن کي پڌرو ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪو ڪردرا ادا ڪري رهيا آهن يا نه؟ ته جواب “ نه” ۾ اچي ٿو.
اسان وٽ عام طور اهو ئي سمجهيو ويو آهي ته سنڌي ڊرامن ۾ ڪردارن کي اجرڪ، ٽوپي، پٽڪو، ڀرت ڀريل رئو ۽ چولو پهرائڻ سان سنڌ جي ثقافت جي عڪاسي ۽ خدمت ٿي وڃي ٿي. يا وري ڪنهن ڌاڙيل کي ڪلاشنڪوف ڏئي، ان کي ڪنهن وڏيري جي چوڻ تي مظلوم عورت کي ڪاري قرار ڏئي قتل ڪرڻ کي سنڌ جي حقيقي ثقافت سڏيو وڃي ٿو.
جيڪڏهن اسان موجود سيٽلائيٽ سنڌي ٽي وي چئنلن تان ٽيليڪاسٽ ٿيندڙ ڊرامن تي غور ڪنداسين ته انهن ۾ سنڌي سماج لاءِ ناسور بڻيل ڪُڌين ريتن ۽ رسمن کي سنڌ جي ثقافت قرار ڏيڻ لاءِ وسان نه گهٽايو آهي. جنهن جو اجتماعي طور تي سنڌي قوم کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي. ڇا واقعي سنڌ جي تصوير ايتري خراب آهي، جيڪا اڄ اسان خانگي ٽيلي ويزن چئنلن جي ڊرامن ۾ ڏسئون ٿا. سنڌ اندر يا سنڌ کان ٻاهر ڪنهن فورم تي جيڪڏهن ڪنهن غير سنڌيءَ سان ڳالهائجي ٿو ته گهڻو ڪري هو اهو سوال ضرور ڪندو ته “سنڌ جا ماڻهو ته ڏاڍا خطرناڪ آهن؟” جڏهن کانئس پڇبو ته سنڌين بابت هن اها راءِ ڪيئن جوڙي، ته جواب ۾ هو چوندو آهي ته سنڌي ٽي وي ڊراما ڏسي ائين ئي محسوس ٿيندو آهي.
سنڌ جي غلط ريتن رسمن کي ثقافت جو نالو ڏئي. حقيقت ۾سنڌ کي بدنام ڪرڻ جي شروعات ضياءُ الحق جي دور ۾ ٿي، جيڪا اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت  ۾ جاري آهي.پر جيڪڏهن معاشري ۾ ڪي خرابيون آهن به ته ڇا ان کي ختم ڪرڻ جو طريقو بس اهو ئي آهي، جيڪو اڄ ڪلهه اسان ٽيلي ويزن ڊرامن ۾ ڏسئون ٿا.
بنيادي طور تي ٻين سماجن وانگر سنڌي سماج ۾ به تمام گهڻيون اوڻايون آهن. جن جي نشاندهي ضرور ٿيڻ گهرجي، پر اصل اختلاف طريقي ڪار تي آهي. جيڪي ڪجهه هاڻوڪن ٽي وي ڊرامن ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو، ان کي ڏيکارڻ جا ٻيا به گهڻائي طريقا آهن. جنهن سان سنڌ اندر توڙي سنڌ کان ٻاهر سنڌ جي تصور کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.
هن وقت ڊرامي کي فقط وندر لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو، جڏهن ته ان جو بنيادي ڪم ڏسندڙن جي ذهني ۽ روحاني تربيت ڪري کين ڪارائتو شهري بڻائڻ آهي. جڏهن کان ڊرامو پنهنجي اصل مقصد کان هٽي ويو آهي، تڏهن کان ان جي جاءِ ڪلچر جي نالي تي ٺينگ ٽپا ڏيڻ وارن ورتي آهي. جيڪي ڪلچر جي نالي کي پنهنجي ذهني ۽ جسماني عياشيءَ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.
                سنڌي چئنلن تي ڌاڙيلن جي موضوع تي جيڪي ڊراما ڏيکاريا وڃن ٿا، انهن جو انداز فلمي آهي. جنهن مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته اهڙي قسم جون ڪهاڻيون سرجيندڙ يا ته ادارن جي پاليسيءَ جا پابند آهن. يا وري انهن جي تربيت ٽيلي فلمن وسيلي ٿيل آهي.  ڪو به فن بيڪار يا خسيس نه هوندو آهي پر اصل ڳالهه ان فن ذريعي ڏنل پيغام هوندو آهي. جيڪڏهن ڪو تخليقڪار چاهي ته ڪنهن ننڍي دستاويزي يا ٽيلي فلم وسيلي به هو سماجي براين جي سڌاري لاءِ جوڳو بندوبست ڪري سگهي ٿو. پر ان لاءِ بنيادي ڳالهه ڏاهپ ۽ گهربل سکيا آهي. ڊرامن وسيلي سنڌي سماج  ۾ موجود سمورين بڇاڙين کي وائکو ڪرڻ گهرجي. پر هر ڊرامي ۾ ڌاڙيلن کي ڪلهي تي بندوق ڏئي. سنڌ جي ماڻهن جي غير حقيقي تصوير کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اسان وٽ هر خرابيءَ کي ڪلچر جو نالو ڏنو وڃي ٿو. مثال طور “ڌاڙيل ڪلچر”، “ڪاپي ڪلچر” وغيره. ڪلچر جي ان جديد تعارف ۾ سنڌي اخبارون ۽ ٽي وي چئنل ڏوهاري آهن. اسان کي هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ڪا به سماجي خرابي ان قوم جو ڪلچر ٿي نه ٿي سگهي. هاڻي سنڌي ٽي وي چئنلن جي مالڪن پاران اسان کي  اها ڳالهه سختيءَ سان قبول ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ٿي ته اسان جا ڏسندڙ فقط گليمر، ڌاڙيل، عورت کي ويڙهاڪ ۽ بي وفا ڪري ڏيکارڻ وارا ڊراما ڏسڻ پسند ڪن ٿا، جيڪا ڳالهه سراسر غلط آهي. ڏسندڙن  جو ذوق وڌائڻ بنيادي طور ناٽڪ نويس جي ذميواري آهي، سٺو ناٽڪ نويس جنهن پاسي ڏسندڙ کي وٺي ويندو، هو ان پاسي ويندو. اسان وٽ سٺي ذوق وارا ڊراما ئي نه ٺهندا ته ڏسندڙ وٽ پسند ۽ ناپسند جو ڪو ئي ناهي ته پوءِ هو ڪيڏانهن وڃي.
                هڪ سروي موجب 39 سيڪڙو ماڻهن جي راءِ آهي ته انهن کي اصلاحي ۽ سماجي ڊراما پسند آهن. جڏهن ته 25 سيڪڙوطنزيه ۽ مزاحيه،  20 سيڪڙو ماڻهو ٽريجڊي، 13 سيڪڙو رومانوي ڊراما ڏسڻ پسند ڪن ٿا. جڏهن ته فقط ٽي سيڪڙو ماڻهن ڌاڙيلن جي موضوع تي ٺهندڙ ڊراما پسند ڪيا.
سنڌ جا ماڻهو ڪهڙي قسم جا ڊراما ڏسڻ پسند ڪن ٿا
(ذريعو: سنڌي ٽيلي ويزن ڊرامي جو تاريخي، ثقافتي ۽ سماجي اڀياس- ص. 451) 5

مٿيان نتيجا ظاهر ڪن ٿا ته سنڌ جا ماڻهو  امن پسند آهن، انهن  کي هر ڀرو ڏوهاري سوچ رکندڙ سڏي بدنام ڪيو پيو وڃي.
                Hack writer جي معنيٰ ۽ مفهوم جي پس منظر ۾ سنڌي ڊرامن جو جائزو ورتو وڃي ته موجوده دؤر  ۾ خانگي سنڌي چئنلن تان پيش ٿيندڙ ڊراما گهڻي ڀاڱي سطحي لکت Hack writing آهن. انهن ڊرامن جي ڀيٽ پي ٽي ويءَ جي ڊرامن سان ان ڪري نه ٿي ڪري سگهجي. جو پي ٽي ويءَ جا ڊراما معياري آهن. انهن کي هر لحاظ کان اعليٰ درجي جا ڊراما سڏي سگهجي ٿو.  خانگي چئنلن لاءِ ڊراما لکندڙن کان ڪنهن به قسم جا ڊراما لکرائي سگهجن ٿا. خانگي چئنلن لاءِ لکندڙ اڪثر ڊراما نگارن جا نالا نه اڳ ۾ ٻڌا ويا، نه وري انهن کي ادبي دنيا ۾ ڪا حيثيت حاصل آهي. انهن وٽ ڪو خيال، اسلوب، مقصد ۽ معيار ناهي. اهڙن ڊراما نگارن سنڌي ثقافت ۽ سماجي قدرن کي سخت هاڃو رسايو آهي.
سنڌي ڊرامن ۾ هٿيارن جي استعمال ۽ سنڌي ماڻهن جي سڃاڻپ تبديل ڪرڻ تي پيمرا جو نوٽيس:
                پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جي اها ذميواري آهي ته اها ٽي وي چئنلن تي هلندڙ پروگرامن  جي مانيٽرنگ ڪري انهن  ۾ جيڪڏهن ڪو اعتراض جوڳو منظر يا مڪالما نشر ٿئي ٿو ته ان جي خلاف پاڻمرادو ڪارروائي ڪري، جڏهن ته پيمرا جي “ڪائونسل آف ڪمپلين” ۾ ڪو به شهري پنهنجي شڪايت داخل ڪرائي سگهي ٿو. جنهن تي پيمرا ڪارروائي ڪندي آهي. گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌي سيٽلائيٽ ٽي وي چئنلن تي جيڪي ڊراما ڏيکاريا وڃن ٿا، انهن جي منظرن، مڪالمن، لباس ۽ ٻوليءَ تي ڏسندڙن کي تمام گهڻيون شڪايتون آهن، جنهن جو اظهار هو پيمرا وٽ ڪندا رهندا آهن، انهن شڪايتن جو وچور پيمرا جي ويب سائيٽ  http://www.pemra.gov.pk/complaints/  تي ڏسي سگهجي ٿو.  پيمرا  وٽ ڏسندڙن جي شڪايتن جو  سڄو وچور هتي ته نه ٿو ڏئي سگهجي پر صرف سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر  2017 جي ٽن مهينن ۾ پيمرا کي ٻن درجنن کان وڌيڪ شڪايتون وصول ٿيون، جنهن ۾ سيپٽمبر 2017 دوران ڪي ٽي اين چئنل خلاف 11 شڪايتون داخل ٿيون،  انهن شڪايتن ۾ ڏسندڙن ڪي ٽي اين جي ڊرامن تي سخت تنقيد ڪئي آهي. هتي انهن سمورين شڪايتن جو تفصيل ڏيڻ ممڪن ناهي، پر  شڪايت نمبر 92341 ۾ شڪايت ڪندڙ  لکي ٿو ته “سنڌي چئنلن تي مار ڌاڙ، نامناسب ڌاڙيل ڪلچر، ڏيکاريو وڃي ٿو، جنهن جو نوجوانن جي ذهنن تي ناڪاري اثر پوي ٿو. اهڙي قسم جي ڊرامن تي پابندي مڙهي وڃي. سڄي دنيا پاڪستان جي ثقافت ڏسي رهي آهي ته اهي دهشتگرد آهن. ڊرامن ۾ دهشتگرد، ڌاڙيل، مار ڌاڙ،  رائفلون، بندوقون نه ڏيکاريون وڃن. ان سان اهو تاثر اڀري ٿو ته پاڪستان جا ماڻهو ڌاڙيل آهن”.
                اها ته صرف هڪ شڪايت آهي، پر ان سان گڏ اهڙيون لاتعداد شڪايتون نه فقط ڪي ٽي اين، پر سنڌ ٽي وي، آواز ٽي وي، مهراڻ ٽي وي ۽ ڌرتي ٽي ويءَ جي خلاف داخل ٿيل آهن. جن ۾ ڏسندڙن اهڙا ڊراما فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. انهن شڪايتن جو پيمرا 30 نومبر 2017 تي نوٽيس ورتو. پيمرا پاران جاري ڪيل ايڊوائيس ۾ سمورن سنڌي ٽي وي چئنلن کي مخاطب ٿيندي چيو ويو آهي ته “ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) هڪ ايڊوائيس جي ذريعي سنڌي ٽي وي چئنلن کي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اخلاقي ضابطي 2015 جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪن. ڊرامن ۽ ٻين پروگرامن جا موضوع ۽ مواد  جي چونڊ ۾ بهتري آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايڊوائيس ۾ ريگيوليٽر سنڌي ٽي وي لائسنس هولڊرز کي سنڌين کي تشدد ڪندڙ ۽ انتها پسند قوم طور ڏيکارڻ، تشدد ۽ هٿيارن جي استعمال تي مشتمل موضوعن کي هٿي وٺرائڻ کان خبردار ڪندي واضح ڪيو آهي ته اهڙي قسم جي ڊرامن يا پروگرامن کي نشر ڪرڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ 2015 جي مڪمل ڀڃڪڙي جي ذمري ۾ اچي ٿو. ماڻهن جي وڏي تعداد اهڙي قسم جا ڊراما ڏيکارڻ تي سخت ڳڻتي  ظاهر ڪئي آهي ۽ ريگيو ليٽر کي شڪايت ڪئي آهي ته ان عمل جي ذريعي سنڌي ٽي وي چئنل هڪ امن پسند قوم جي اميج کي داغدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پيمرا سنڌي ٽي وي چئنلز کي هدايت ڪئي آهي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ 2015  تحت ڏسندڙن جي ڳڻتي، معاشري جي سماجي ۽ ثقافتي قدرن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي پروگرامن ۽ ڊرامن جي موضوعن تي نظر ثاني ڪن ۽ موضوع جي چونڊ ۽ مواد ۾ بهتري آڻڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ 2015 جي شق 7 تحت اداري اندر نگران ڪميٽيون قائم ڪري انهن جو تفصيل 15 ڏينهن اندر ريگيوليٽر کي مهيا ڪن”.
                هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ٽي وي چئنلن جا مالڪ پيمرا جي ان صلاح تي ڪيترو عمل ڪن ٿا. جيڪڏهن اهي عمل نه ٿا ڪن ته ڏسندڙن کي ٻيهر پيمرا آڏو دانهڻ ۽ هدايتن تي عمل نه ٿيڻ جي شڪايت ڪرڻ جو مڪمل اختيار آهي.
مٿئين بحث جو نچوڙ ڪڍيو وڃي ته نتيجا ڪجهه هن ريت بيهن ٿا.
1.     پاڪستان ٽيلي ويزن شروع کان وٺي سنڌي ٻولي، ڪلچر ۽ سماجي سڌاري لاءِ جيڪا حڪمت عملي جوڙي هئي، ان تي عمل اڄ به جاري آهي. جنهن جا اڄ تائين هاڪاري نتيجا ملي رهيا آهن. ٻين چئنلن کي به ان مان سکڻ گهرجي.
2.     سنڌ جي عالمن، اديبن، ٻوليءَ جي ماهرن، سگهڙن، ڳائڻن پاڪستان ٽيلي ويزن سان جنهن لڳاءَ جو مظاهرو ڪيو هو، خانگي چئنلن تي اهو لڳاءُ نظر نه پيو اچي.
3.     خانگي چئنلن وٽ ڊرامن جي تياريءَ جي ڏس ۾ ڪابه حڪمت عملي نظر نه ٿي اچي، جنهن جي ڪري ڪو سٺو ناٽڪ نويس خانگي چئنلن لاءِ ناٽڪ لکڻ لاءِ راضي ناهي. جيڪڏهن ڪو لکي به ٿو ته مناسب اجورو نه ملڻ سبب هو ان چئنل تي لکڻ جو سلسلو برقرار رکي نه ٿو سگهي.
4.     اسان جي ملڪ ۾ فن جي سکيا خاص طور تي ٽيلي ويزن ڊراما پروڊڪشن جي حوالي سان ڪو سکيا گهر موجود ناهي. اڳ اهو ڪم پاڪستان ٽيلي ويزن جا سکيل پروڊيوسر ڪندا هئا، پر هاڻي اُتي به پيشه ور ۽ تجربيڪار پروڊيوسر نه رهيا آهن.
5.     خانگي چئنلن جي کنڀي واڌ سبب معياري ڪم نه ٿو ٿئي. جنهن جي ڪري ٽيلي ويزن ڊرامو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي.
6.     سنڌي ٽيلي ويزن چئنلن تي  باقاعدي ڪو به اسڪرپٽ جو شعبو ناهي. جنهن جي ڪري نه ته سٺين ڪهاڻين تي ٻڌل ڊراما پيش ٿين ٿا، نه وري سنڌي ٻوليءَ جو ڪو خيال رکيو وڃي ٿو.
7.     شهري ماحول ۾ رهندڙ نوان فنڪار سنڌي ٻولي درست طريقي سان نه ٿا اُچاري سگهن، جنهن ڪري ٻولي ڏينهون ڏينهن  بگڙجي رهي آهي.
8.     سنڌ جي ماڻهن جو وڏو تعداد سنڌي ٽيلي ويزن چئنل ڏسي ٿو، جنهن ۾ مکيه چئنل ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي آهن. تنهن ڪري سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي تحفظ جي سڀ کان وڏي ذميواري به انهن ٻنهي چئنلن تي لاڳو ٿئي ٿي.
9.     سنڌي  ٽي وي چئنلن سنڌي ماڻهن جي سڃاڻپ ئي ڌاڙيل ٺاهي ڇڏي آهي، جيڪا نه رڳو حقيقت جي ابتڙ پر اخلاقيات جي به خلاف آهي.
10.                        خانگي سنڌي ٽي وي چئنلن جا ڊراما سماجي سڌاري جي سلسلي ۾ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ بدران سماجي بگاڙ  سان گڏو گڏ ثقافتي بگاڙ جو سبب پڻ بڻجي رهيا آهن.
سنڌي ٽي وي ڊرامن جي بهتري، ٻولي ۽ ثقافت جي تحفظ لاءِ ڪجهه تجويزون:
1.     خانگي چئنلن کي پاڪستان ٽيلي ويزن جي سکيل ناٽڪ نويسن ۽ سينيئر اداڪارن جون خدمتون حاصل ڪري پنهنجي ڊرامن جو معيار بهتر بڻائڻ گهرجي.
2.     سنڌ حڪومت سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي بگاڙ کي قومي ڏوهه قرار ڏئي، جيئن سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي بگڙڻ کان بچائي سگهجي. ان سلسلي ۾ سنڌ اسميبليءَ مان قانون جوڙائي سگهجي ٿو. فلمن ۽ اسٽيج ڊرامن جي لاءِ اهڙو قانون اڳ ئي موجود آهي.
3.     سنڌي اخبارن جي ٻوليءَ جي مانيٽرنگ وانگر سنڌي لئنگويج اٿارٽي خانگي ٽي وي توڙي ايف ايم چئنلن تي ڪتب ايندڙ ٻوليءَ جي مانيٽرنگ ڪري، واسطيدار چئنلن کي ماهوار مانيٽرنگ رپورٽ موڪلي ڏئي.
4.     سنڌ جا عالم، اديب، ماهر، ساڃاهه وند ۽ سول سوسائٽي خانگي سنڌي ٽي وي چئنلن تي ٻوليءَ جي مانيٽرنگ ڪري ۽ غلطين جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ ٽي وي چئنلن ڏانهن خط لکي.
5.     ارڙهين ترميم کانپوءِ سڌ سماءُ کاتو به صوبن کي ملڻ گهرجي، پر وفاقي سرڪار ان تي زوريءَ قبضو ڪيو ويٺي آهي. سنڌ سرڪار اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿاري.
6.     سنڌ جو سڌ سماءُ کاتو پيمرا جي طرز تي ٽي وي چئنلن لاءَ اخلاقي ضابطو جُوڙي، جنهن ۾ مکيه ڳالهه ٽي وي چئنلن تان اخلاقيات جو درس ڏيڻ، غير اخلاقي پروگرام نه ڏيکارڻ، ڪو مخصوص لباس اوڍائي ڪنهن قوم جي توهين نه ڪرڻ، ڌاڙيلن کي هيرو ڪري پيش نه ڪرڻ، ٽي ويءَ وسيلي فحاشي نه ڦهلائڻ، ٻولي توڙي ثقافت جو تحفظ ڪرڻ شامل هئڻ گهرجي.
7.     سنڌ جا ساڃاهه وند سنڌي ٽي وي چئنلن تي زور ڀرين ته اُهي ڌاڙيلن کي هيرو ڪري ڏيکارڻ بند ڪن.
8.     ڏوهن ۽ ڌاڙيلن جي موضوع تي ٺهندڙ ڊراما ۽ ٻيا پروگرام پرائيم ٽائيم ۾ نشر نه ڪيا وڃن. جيئن ٻار اهڙا ڊراما نه ڏسن.
9.     اشتهاري ادارن جي زور تي ڌاڙيلن جي موضوع تي ٺهندڙن ڊرامن کان پاسو ڪيو وڃي.
10.                        پاڪستان ٽيلي ويزن کي سمورن يادگار پراڻن سنڌي ڊرامن جي ٻيهر رڪارڊنگ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي،  جن جا اسڪرپٽ پي ٽي ويءَ جي لائبريريءَ ۾ محفوظ پيل آهن.
حوالا:
1-     گربخشاڻي ھوتچند مولچند ڊاڪٽر،  شاهه جو رسالو ، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2012: ص. 61
2-     لالواڻي ڄيٺو، سنڌي ناٽڪ پرمپرا، اسٽيج پبليڪيشن ڪٻير نگر احمد آباد. 2012ع: ص. 8_7
3-     بلوچ عبدالڪريم، ٽيلي ويزن ڊراما نگاري(مضمون) ،آخري رات (ليکڪ ممتاز مرزا)، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، 1979ع، ص. 249
4-     گيلپ پاڪستان ميڊيا سائبر ليٽر2012.
5-     راڄپر محمد قاسم ڊاڪٽر ، سنڌي ٽيلي ويزن ڊرامي جو تاريخي، ثقافتي ۽ سماجي اڀياس (پي ايڇ ڊي مقالوڪراچي يونيورسٽي2014) - ص. 451



                            Research Journal Karonjhar, Federal Urdu University . December 2017                                 



Razzaq Mahar: Realistic TV drama writer

سنڌي ٽيلي ناٽڪ ۾ حقيقت جا رنگ ڀريندڙ : رزاق مهر ڊاڪٽر قاسم راڄپر پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ “جياپو” جهڙو سماجي ۽ مقصدي ڊرامو لکڻ واري ...