Monday, February 29, 2016

Dr. Qasim Rajpar: Review of Manzoor Kohyar's Book of Drama "Raj kartah" (King Maker)

ڊاڪٽر محمد قاسم راڄپر

سنڌي ناٽڪ جو نئون جنم
(منظور ڪوهيار جي اسٽيج ڊرامن جي مجموعي ’راج ڪرتهه‘ جو اڀياس)

Abstract:

The drama is most power full medium of communication. Drama is popular all over the world and can be found in literature of almost all the developed languages. The Drama was the part of Hindu Religion but the Journey of Modern Sindhi drama was started in 1880, when Mirza Qalech Baig wrote first Sindhi Drama “Lela Majnon”. This was closet drama and that time there was no dramatic club in Sindh, which staged opera. In 1894, first dramatic club “D.J Sindh Collage Natak Mandli” was formed, which staged first drama “Nal damenti” written by Jethanand Khilndas. The first period of Sindhi drama ended during partition of Sub-continent in 1947. The independence brought change in the political setup. Like the other genres of literature, Sindhi drama also suffered a break after the migration of Hindu dramatists and closure of all dramatic clubs all over Sindh. A new period of Sindhi drama started after partition in Sindh and India. After the evident of Radio and Television Sindhi drama effect badly, some dramatists now are trying to save the Sindhi stage drama. Manzoor Kohiar is one of them, recently his book was published. This contains his four Art dramas. This is new birth of Sindhi stage drama.
ڊرامو، ادب ۽ ابلاغ جي اهم صنف جي حيثيت سان دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ موجود آهي. سنڌي ادب ۾ به اها صنف سوين سالن کان موجود آهي. سنڌي ڊرامي جي اها سڀ کان وڏي خوش قسمتي آهي ته ان جو جنم سنڌ جي انتهائي پڙهيل لکيل طبقي ۾ ٿيو، وڏو ناٽڪ هجي يا ننڍو ناٽڪ ان جي ابتدا سنڌ جي تنهن دؤر جي اڪابرن وسيلي ٿي. مرزا قليچ بيگ کان ويندي، منگها رام ملڪاڻيءَ تائين سنڌي ناٽڪ نويسن جون خدمتون سنڌ صدين تائين ياد رکندي. سنڌي ڊرامي جي ٻي وڏي خوش قسمتي اها ٿي جو ان عملي صورت به نج تعليمي ماحول ۾ تعليمي مقصدن لاءِ  اختيار ڪئي.
سنڌي ناٽڪ جي اوسر واري تاريخ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اُن دؤر  ۾ سنڌي ڊرامن جو بنيادي ۽ وڏو مقصد تعليم ۽ تهذيب جو پرچار هوندو هو. ان ڪري هر سال تعليمي ادارن ۾ وڏن ڏهاڙن توڙي سالياني تقريبن ۾ باقاعدگي ۽ خاص تيارين سان اسٽيج ڊرامو ڪيو ويندو هو. سنڌي ناٽڪ جي سرجڻهاري دؤر کي تاريخ جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته سنڌي ناٽڪ جي شروعات تعليمي ادارن جي احاطي ۾ معلوم ٿئي ٿي. اهو ئي سبب هو ته پهرين سنڌي ڊرئميٽڪ سوسائٽي به ماضيءَ جي هڪ مشهور تعليمي اداري سنڌ ڪاليج ڪراچي (هاڻوڪي ڊي جي سنڌ گورنمينٽ سائنس ڪاليج) ۾ ’ڏيا رام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽي‘ جي نالي سان برپا ٿي هئي، (جيڪا اڳتي هلي سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي بڻي) اُتي جيڪو پهريون سنڌي ناٽڪ (نل دمينتي) پيش ٿيو هو، تنهن ناٽڪ جو ليکڪ به هڪ استاد (ماستر ڄيٺانند کلڻداس ڀريائي) هو. ان ڊرامي جو مقصد مٺا رام هاسٽل )جيڪا هاڻي مڪمل طور رينجرز جي قبضي هيٺ آهي) جي قيام لاءِ چندو گڏ ڪرڻ هو. ’نل دمينتيءَ‘ ۽ اُن بعد جيڪي به سنڌي ڊراما لکيا ۽ اسٽيج ڪيا ويا، سي اُن وقت جي ڌنڌوڙي ناٽڪ منڊلين جي عام بازاري طرز تي نه، پر اُهي ناٽڪ تعليمي ادارن جي احاطي ۾ اُستادن ۽ شاگردن پاڻ ۾ گڏجي خاص اهتمام سان اسٽيج ڪيا. جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته سنڌي ناٽڪ جو جنم نيڪ ارادن سان نيڪ ادارن ۾ نيڪ ماڻهن جي هٿ ۾ ٿيو، اهو سلسلو پوءِ  به جاري رهيو.
جديد سنڌي ناٽڪن جي تاريخ گهڻي پراڻي ڪانهي، سنڌ تي انگريزن جي ڪاهه کان اڳ هتي روايتي سانگ رچائڻ ۽  لوڪ ناٽڪن جون ثابتيون ته گهڻيون ئي ملن ٿيون، پر جديد سنڌي ناٽڪ انگريزن جي دؤر ۾ ئي اُسريو ۽ نسريو. 1879ع کان 1900ع تائين سنڌي ناٽڪن جي شروعاتي دؤر ۾ 21 ناٽڪ لکيا ويا. جن مان هڪ ناٽڪ امام بخش خادم، 12 ناٽڪ مرزا قليچ بيگ، هڪ ناٽڪ ڪوڙي مل چندن مل، هڪ ڄيٺانند ڀريائي، 4 ليلارام سنگهه وطڻ مل ۽ هڪ هڪ ناٽڪ ڏيئومل گاگنداس ۽ گاگن داس آڏواڻي لکيو. 14 ناٽڪ اسٽيج تي آيا. هڪ ناٽڪ اسٽيج نه ٿيو ۽ نه وري شايع ٿي سگهيو. جڏهن ته 6 ناٽڪ مطالعاتي هئا، جيڪي شايع  ٿيا.گهڻي ڀاڱي اهي ناٽڪ ڌرمي ۽ تاريخي يا لوڪ ڪهاڻين تي مشتمل هئا.
جيئن ته ناٽڪ سنڌي نثر  نويسن لاءِ بنهه نئين صنف هئي، تنهن ڪري ناٽڪ نويسن جو زور  ترجمن ۽ اُلٿن تي هو. مرزا قليچ بيگ جي ڪوشش هئي ته شيڪسپيئر جي ناٽڪن کي سنڌي ويس ڍڪائجي. تنهن ڪري هن شيڪسپئر جي ترجمو ڪيل ناٽڪن جا سنڌي نالا رکيا. سنڌ جي هندو ناٽڪ نويسن شروعاتي ناٽڪ ڌرمي لکيا. هن دؤر ۾ سنڌي ناٽڪ جي پيڙهه پئجي چڪي هئي، ڪراچيءَ ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ کان پوءِ شڪارپور ۾ ڌرم اپڪار ڊرئميٽڪ سوسائٽي قائم ڪئي وئي. جنهن جو سڄو انتظام اُتان جا وڪيل، جج ، استاد ۽ ٻيا پڙهيا لکيا ماڻهو هلائيندا هئا. هي دؤر وڏن ناٽڪن جو هو. پر مرزا قليچ بيگ ڪجهه ننڍا ناٽڪ به لکيا ويا. پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ ”هن دؤر کي سنسڪرت تان ڌرمي ناٽڪن (تقدير جو فلسفو) ۽ شيڪسپيئر تان رومانوي ناٽڪ (سيرت جو فلسفو)  سڏيو آهي.“ (1)
سنڌي ناٽڪ جو ٻيو ۽ سونهري دؤر 1901ع کان شروع ٿي ورهاڱي تي ختم ٿئي ٿو. هن دؤر ۾ سنڌي ناٽڪ نويسن سڀ کان وڌيڪ سماجي موضوعن تي ناٽڪ لکيا، جنهن سبب هن دؤر کي حقيقت نگاريءَ وارو دؤر سڏيو ويو. هن دؤر ۾ لعل چند امر ڏنو مل، ڪشنچند بيوس، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، چانڊو مل کتري، ليلا رام ماکيجاڻي، نانڪ رام ڌرمداس، خانچند درياڻي، اُڌو جهانگياڻي، منگهارام ملڪاڻي، محمد اسماعيل عرساڻي ۽ ٻيا کوڙ ناٽڪ نويس ميدان ۾ آيا. هن دؤر کي سنڌي ناٽڪن جو سونهري دؤر ان ڪري ليکيو ويو آهي، جو سنڌي ناٽڪ نويسن، سنڌي ناٽڪ کي ڌرمي پرچار کان ٻاهر ڪڍي، سماجي مسئلن جي حل جو واهڻ بڻايو. هن دؤر ۾ سڀ کان وڌيڪ حقيقت نگاريءَ وارا ناٽڪ لکيا ۽ پيش ڪيا ويا. سنڌي ناٽڪ نويسن سنڌي سماج ۾ موجود سمورين براين کي ناٽڪن وسيلي وائکو ڪيو. هن دؤر جو سنڌي ناٽڪ تعليم، تربيت ۽ سماجي جاڳرتا جي حوالي سان نهايت اهم هو.
سنڌي ناٽڪن جي شروعات ئي وڏن ناٽڪن سان ٿي. وڏي ناٽڪ جو جنم ٿيو ته ان جي لازمي حصي طور ننڍي ناٽڪ جو جنم به ٿيو. ٻين ٻولين جي ٿيئٽرن ۾عام طور، وڏو ناٽڪ شروع ڪرڻ کان اڳ ڪو ننڍو مزاحيه ناٽڪ ڏيکاريو ويندو هو، پر سنڌي ناٽڪ جي حوالي سان اها صورتحال مختلف هئي. سنڌي وڏي ناٽڪ جي وچ يا پورو ٿيڻ کان پوءِ ايڪانڪي ناٽڪ (One act Play) ڏيکاريو ويندو هو. جيئن ڏسندڙ بيزار نه ٿين ۽ اهي ننڍو مزاحيه ناٽڪ ڏسي وندريا پيا هجن. ’سنڌي نثر جي تاريخ‘ ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکيو آهي ته، ”سنڌ ۾ وري اهي ننڍڙا ناٽڪ اصل (وڏي) ڊرامي (Full Length Play) کان اڳ ڏيکارڻ جي بدران ڊرامي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ، ڏيکاربا هئا ۽ ڊرامي جا ڏسندڙ خوش ٿيندا ۽ کلندا پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن ويندا هئا.“(2)
سنڌيءَ ۾ ننڍن ناٽڪن جو بانيڪار به مرزا قليچ بيگ هو، سندس لکيل ننڍا ناٽڪ گهڻي ڀاڱي مزاحيه ۽ طنزيه هوندا هئا. سنڌ ۾ به ويهين صديءَ جي شروعات ۾ اڻويهين صديءَ واري ننڍي ناٽڪ جي روايت ختم ٿي چڪي هئي. مرزا قليچ بيگ سنڌي ناٽڪ کي مذهبي اثر کان ٻاهر ڪڍي، نج عوامي مسئلن جي اُپٽار جو واهڻ بڻايو، سندس ان روايت کي لعل چند امر ڏني مل، ڀيرومل مهرچند، نانڪرام ڌرمداس، ڪشنچند بيوس، خانچند درياڻي، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ڄيٺانند ناگراڻي ۽ ٻين ناٽڪ نويسن اڳتي وڌايو.
1900ع کان 1947ع واري دؤر ۾ سنڌي ناٽڪ پنهنجي ڀرپور جوڀن تي هو. 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جتي سنڌ جي معيشيت، سياست، صنعت، حرفت، علم، ادب، ڪاريگري، ثقافت، ريتن، رسمن ۽ ڀائيچاري کي تباهه ڪري ڇڏيو، اتي سنڌي ناٽڪ به تباهه ٿي ويو، ان جو مکيه سبب اهو هو ته سنڌيءَ جي ناٽڪ جا سرپرست گهڻو ڪري هندو هئا، جن هڙان وڙان ڏئي سنڌي ناٽڪ کي اوج تي رسايو. پر ورهاڱي سبب سنڌي ناٽڪ جي جُڙيل شاهڪار عمارت ڊهي پٽ پئجي وئي. ورهاڱي وقت سنڌ ۾ 37 ناٽڪ منڊليون هيون، جن جا سرواڻ ۽ سرپرست گهڻي ڀاڱي هندو هئا. هندن جي جبري لڏپلاڻ سبب سنڌ جي مکيه شهرن ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ٻين هنڌن تي قائم اهي ناٽڪ منڊليون ختم ٿي ويون. سنڌي ناٽڪ نويس، هدايتڪار،  اداڪار، اسٽيج سجائڻ وارا ڀارت هليا ويا. جنهن جي ڪري سنڌي ناٽڪ ورهاڱي جي سٽ نه سهي سگهيو ۽ مڪمل طور ختم ٿي ويو.
ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ جيڪي ناٽڪ منڊليون هيون، اهي غيرن جي قبضي ۾ اچي ويون. انهن کي سنڌي ٻولي ۽ ثقافت سان ڪابه دلچسپي نه هئي. ناٽڪ منڊليون دڪانن، گهرن ۽ ڪارخانن ۾ تبديل ٿي ويون. پر جيئن ته سنڌي ناٽڪ جو جنم ئي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ٿيو، تنهن ڪري وري شروعات به اتان ڪئي وئي. محمد عثمان ڏيپلائي ناٽڪ لکڻ جي شروعات ته ورهاڱي کان گهڻو اڳ ڪري چڪو هو، پر ورهاڱي سبب پيدا ٿيل خال کي هن ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي. 1949ع ۾ هن جو لکيل ناٽڪ ’اسلام تي مقدمو پڌرو ٿيو، جيڪو هڪ مذهبي ناٽڪ هو، پر جلد ئي محمد ابراهيم جويي جو لکيل انقلابي ناٽڪ ’آزادي ڏانهن‘ ٽريننگ ڪاليج فارمين ڊرئميٽڪ سوسائٽي حيدرآباد پاران اسٽيج ڪيو ويو، سنڌي ناٽڪ وري زنده ٿي پيو. پر جيئن ته ناٽڪ منڊليون سنڌ ۾ موجود ئي نه هيون، تنهن ڪري اڪثر ناٽڪ نويسن جا ناٽڪ مطالعي تائين محدود رهيا. سنڌي مطالعاتي ناٽڪ کي زور وٺائڻ ۾ ٽماهي مهراڻ ۽ نئين زندگيءَ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ ۾ ريڊيو جي نشريات شروع ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ اسٽيج ناٽڪن جو زور ٽٽي ويو ۽ ناٽڪ نويسن ريڊيو لاءِ ناٽڪ ۽ گيتن ڀريون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. پوءِ جڏهن پاڪستان ٽيلي ويزن تان سنڌي ڊراما نشر ٿيڻ شروع ٿيا، ته سنڌي ناٽڪ هڪ نئين دؤر ۾ پير پاتو.
سنڌي ناٽڪ نويسن ڊرامن جي ٽنهي قسمن ’ الميه، طربيه ۽ طنزيه’ تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر مغرب جي ڊرامن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ڏک وارا ڊراما گهٽ لکيا ويا آهن. شروعاتي دؤر ۾ جڏهن 6 يا 8 ڪلاڪن جا ڊگها ڊراما پيش ٿيندا هئا، تڏهن مختصر مزاحيه ناٽڪن جو به رواج عام ٿيو، پر ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ سنڌ توڙي هند ۾ سنڌي ناٽڪ نويسن گهڻي ڀاڱي طنزيه ڊراما لکي، سنڌي سماج ۾ موجود اوڻاين کي وائکو ڪيو، سنڌ جي ڊرامي نگارن جا ان سلسلي ۾ مکيه موضوع زميندارن جا ظلم، انصاف حاصل ڪرڻ ۾ دشواريون، پوليس جون ڏاڍايون، بي جوڙ شاديون، ڏيتي ليتي وغيره رهيا آهن.
1980ع کان پوءِ سنڌ ۾ اسٽيج ناٽڪ جي روايت گهڻو پوئتي پئجي وئي آهي ۽ هاڻي مزاح جي نالي تي ڇُسي مذاق وارا ڊراما لکي، ڊرامي جو روح رنجايو پيو وڃي.اهي ڊراما فني لحاظ کان ڪنهن ڳاڻاٽي ۾ نه ٿا اچن. طنز ۽ مزاح جي نالي تي ٿيندڙ اهڙن ڊرامن ۾ نه طنز آهي ۽ نه وري مزاح. ان جو هڪ سبب اهو به هو ته 1970ع ۾ ٽي ويءَ تان سنڌي ڊراما ٽيليڪاسٽ ٿيڻ شروع ٿيا. جنهن سان نشري ادب زور ورتو. پر جيئن ته ڊرامي جو اصل ماڳ اسٽيج آهي ۽ سنڌ ۾ ورهاڱي سبب اُجڙيل اسٽيج وري ڪَرُ نه کڻي سگهي. وقفي وقفي سان ان کي جيئارڻ جي ڪوشش ضرور ٿي آهي، پر سنڌ ۾ سنڌي اسٽيج ڊرامو اڄ به سڪرات واري حالت ۾ آهي. ڀارت ۾سنڌي ڊرامو وري به اڃا زنده آهي، جو اتي ڊاڪٽر پريم پرڪاش،  ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، لکمي کلاڻي،  ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، مدن جماڻي ۽ ٻيا کوڙ ان فن کي زنده رکيو ويٺا آهن. پر اتي به ڏسندڙن جو انگ تيزيءَ سان گهٽجي رهيو آهي. ڊاڪٽر پريم پرڪاش موجب ورهاڱي کان پوءِ هن  وقت تائين هند ۾ 550 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ڊراما لکيا ۽ منچ تي آندا ويا. جڏهن ته تمام ڊراما ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي رهيا آهن، پر سنڌ ۾ ورلي ڪو اسٽيج ڊرامو لکجي يا اسٽيج ٿئي ٿو.
ان حقيقت کان ڪوبه انڪاري ناهي ته سنڌي ڊرامن جي شروعات مطالعاتي ڊرامن Closet drama)) وسيلي ٿي. هندستان ۾ هاڻي به هر سال سنڌي ناٽڪن جا هڪ درجن کان وڌيڪ مجموعا شايع ٿين ٿا. ورهاڱي کان پوءِ هند ۾ سنڌي ناٽڪن جا 150 کان وڌيڪ مجموما شايع ٿي چڪا آهن، انهن مجموعن ۽ مختلف رسالن  ۾ شايع ٿيل ناٽڪن جو تعداد هڪ هزار جي لڳ ڀڳ آهي. پر ان جي ڀيٽ ۾ ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ شايع ٿيل ناٽڪن جو تعداد 150 کان مٿي ناهي. جنهن ۾ به گهڻا ناٽڪ نئين زندگي، مهراڻ ۽ سهڻيءَ ۾ شايع ٿيل آهن. جڏهن ته گذريل 68 سالن ۾سنڌ اندر صرف ناٽڪن جا 12 کن مجموعا مس شايع ٿيا آهن. ممتاز مرزا جي مجموعي ’آخري رات‘ ۽ قاضي خادم جي مجموعي ’ لڙڪ لڙڪ زنجير‘ به ريڊيو ۽ ٽي وي ڊرامن تي مشتمل آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ اسٽيج ناٽڪن جو آخري مجموعو’اسٽيج ڊراما‘ 1980ع ۾ آيو. جنهن ۾ ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور جون 10 ايڪانڪيون (One act play) شامل آهن. ان کانپوءِ 2009ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ آغا سليم جي اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي ڊرامن جو مجموعو ’ڊراما‘ ڇپرايو هو. آغا سليم اهي ڊراما 60 ۽ 70 واري ڏهاڪي ۾ لکيا هئا، جيڪي تنهن دؤر ۾ نه رڳو اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي تي آيا پر ڪيترن ئي رسالن ۾ شايع پڻ ٿيا.
33 سالن کان پوءِ ڪنول پبليڪيشن قمبر پاران سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ناٽڪ نويس منظور ڪوهيار جي ناٽڪن جو مجموعو ’راج ڪرتهه‘(King Maker)  2013ع ۾شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس چار آرٽ ڊراما:1. پريميڪا، 2. بادشاهه سلامت، 3. فرنگي ۽ 4. شاهه بهارو، شامل آهن. ’راج ڪرتهه‘ يعني ’بادشاهه گر‘ جو مهاڳ منظور ڪوهيار پاڻ لکيو آهي. جيڪو مهاڳ کان وڌيڪ مقدمو ڀانئجي ٿو، جنهن ۾ هن ڊرامي جي فن، مغربي ڊرامي، مشرقي ڊرامي ۽ سنڌي ڊرامي سان گڏ لاڙڪاڻي جي ڊرامن جي تاريخ تي مختصر بحث  ڪيو آهي. مجموعي جا آخري لفظ ڊاڪٽر تهمينه مفتيءَ جا لکيل آهن. منظور ڪوهيار جي ناٽڪن بابت هوءَ لکي ٿي. ”منظور ڪوهيار جي سڀني ڊرامن ۾ منظر نگاري، ڪردار نگاري، ڪردار نگاري، گفتگو، محاوره ۽ شاعري سهڻي نموني سان ڏنل آهي. هر دؤر جي مطابقت سان نج ٻولي ڪتب آندي وئي آهي. ليکڪ پنهنجي تحرير ۾ جيڪو چوڻ چاهيو آهي، اهو ڪاميابيءَ سان پڙهندڙ ۽ ڏسندڙن تائين پهچائي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس سڀئي ڊراما ادبي مانُ ۽ مرتبو رکن ٿا.“ (3)


منظور ڪوهيار جي ناٽڪن جو فني جائزو:
راج ڪرتهه مجموعي جي ڊرامن مان ٽي ڊراما پريميڪا، بادشاهه سلامت ۽ فرنگي لاڙڪاڻي ۾ اسٽيج ٿي چڪا آهن. جڏهن ته شاهه بهارو نه فقط نڪور پر شاندار تاريخي ڊرامو آهي. جيڪو ڪلهوڙا دؤر  ۾ سنڌ جي بهادر جرنيل شاهه بهارو بابت آهي. راج ڪرتهه کي پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته منظور ڪوهيار نه فقط سٺو ڪهاڻيڪار آهي، پر هن کي ڊرامي جي فن تي به عبور آهي، هن مغربي ڊرامن سان گڏ سنسڪرت، هندي، بنگالي ۽ اردو ڊرامن جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو آهي. جڏهن ته هن جي هر ڊرامي ۾ ڊراما ٽيڪنيڪ جي لازمي جزن:  1.پلاٽ، 2.مرڪزي خيال، 3.شروعات،   4.ڪردار ۽ سيرت نگاري، 5.مڪالمن، 6.تسلسل ۽ ڪشمڪش، 7.ٽڪراءُ، 8.عروج ۽  9.پڄاڻيءَ جو خاص خيال رکيو ويو آهي.
منظور ڪوهيار جو تعلق به ڪشنچند بيوس جي شهر لاڙڪاڻي سان آهي، جنهن جو شمار سنڌي اصلاحي ۽ مقصدي  ناٽڪن جي بانين ۾ ٿئي ٿو. ڊرامي جي هن ڪمرشل دؤر ۾ منظور، ڪشنچند بيوس واري واٽ ورتي آهي، وٽس ان ڳالهه جي ڪابه اهميت ناهي ته سندس ناٽڪ کي ڏسڻ يا پڙهڻ وارا ڪيترا آهن، هو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن ناٽڪ وسيلي معاشري جي اصلاح ڪرڻي آهي، سماج کي پنهنجي تاريخ کان واقف ڪرڻو آهي ته پوءِ ان لاءِ عددي اڪثريت جي نه به پر ساڃاهه وندن جي ضرورت آهي. هونئن به چڱائي جي شروعات ٿورائي کان ٿيندي آهي. هن وقت جڏهن سنڌي ناٽڪ سقراط واري حالت ۾ آهي ته منظور ان تڪليف ۽ پريشانيءَ کي محسوس ڪري هي ناٽڪ لکيا آهن، جن جو هڪ هڪ مڪالمو ٻڌڻ جهڙو، هڪ هڪ منظر ڏسڻ جهڙو آهي. 
ليکڪ هي ڊراما لکڻ وقت نه صرف مغربي ڊراما جي اصولن کي سامهون رکيو آهي پر هن سنسڪرت ڊرامي جا اصول به ڪم آندا آهن. سنسڪرت زبان جا قديم ناٽڪ فني ٽيڪنيڪ ۾ ڪنهن حد تائين يوناني ڊرامي کان مختلف آهن. ان جي عنصرن ۽ ترتيب جي اصولن ۾ به فرق آهي. راج ڪرتهه سيريز جي پهرئين ڊرامي’پريميڪا‘ جي شروعات سنسڪرت ڊرامن وانگر ٿئي ٿي.
منظور ڪوهيار جي ڊرامن جي مطالعي مان محسوس ٿئي ٿو ته هو ڪاليداس، وليم شيڪسپيئر، هيرالڊ پنٽر، آمريڪي ناٽڪ نويس يوجين او نيل، ٽي ايس ايلٽ، چيخوف، جارج برنارڊ شا ۽ ساميوئل بيڪٽ کان گهڻو متاثر آهي ۽ انهن جا ناٽڪ سندس مطالعي ۾ رهيا آهن. هن جو لکيل ناٽڪ ’پريميڪا‘ ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾سنسڪرت اسلوب ۾ لکيل پهريون سنڌي ناٽڪ آهي.
”لاڙڪاڻي ۾ سماجي اوڻاين تي ناٽڪ لکڻ جي شروعات 1907ع ۾ ڪشچند بيوس ڪئي هئي، جنهن چانڊڪا اميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، لاڙڪاڻي پاران پهريون ناٽڪ ’خوبصورت بلا‘ اسٽيج ڪيو هو“. (4)
 ان کان پوءِ بيوس تمام گهڻا مذهبي ۽ سماجي ناٽڪ اسٽيج تي آندا هئا. هن جا وڏا ناٽڪ گهڻو ڪري ترجمو ۽ اُلٿو ڪيل هئا، جڏهن ته هن جا ننڍا ناٽڪ اصلوڪا هئا.

پلاٽ:
ڪنهن به ڊرامي جي فني خوبين کي جاچڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي لازمي جزن پلاٽ، ڪردار نگاري، منظر نگاري، مڪالمن  وغيره جو جائزو ورتو وڃي. ڊرامن ۾ پلاٽ جي اهميت کي سمورن ماهر ناٽڪ نويسن ۽ نقادن مڃيو آهي. قديم زماني ۾ ارسطوءَ ناٽڪ لاءِ جيڪي بنيادي اصول ٻڌايا هئا، انهن ۾ پلاٽ کي سڀ کان اهم حيثيت حاصل آهي. پلاٽ ڪنهن به ڊرامي لاءِ پيڙهه جي حيثيت رکي ٿو، جيڪڏهن ڊرامي جي پيڙهه ڪمزور هوندي ته اهو ڪامياب نه ٿي سگهندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٽي وي ڊرامي جي زور وٺڻ کان پوءِ هاڻي ڊرامي جي پلاٽ کان وڌيڪ اهميت ڪردار نگاري کي ڏني وڃي ٿي ۽ ڊرامو پلاٽ بجاءِ ڪردارن وسيلي اڳتي وڌايو وڃي ٿو. ڪو به ناٽڪ نويس، ناٽڪ لکڻ کان اڳ پنهنجي ذهن ۾ ان جي رٿا (پلاٽ)سوچيندو آهي، پوءِ ڪردار، منظر نگاري ۽ مڪالمن وغيره تي غور ڪندو آهي. جيڪڏهن ان اصول موجب منظور ڪوهيار جي ڊرامن جي پرک ڪئي وڃي ته اهي ڊرامي جي بنيادي اصولن موجب آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اهي چارئي ڊراما 1999ع ۽ 2000ع دوران مئسيج گروپ ۽ لبرل فورم پاڪستان لاڙڪاڻي چيپٽر پاران اسٽيج ڪيا ويا. ”جڏهن ته لاڙڪاڻي مشهور سماج سڌارڪ ۽ انساني حقن جي اڳواڻ ڪلپنا ديويءَ نارين جي جاڳرتا جي حوالي سان ٻيهر ’پريميڪا‘ ڊرامو ڏياريءَ جي موقعي تي پيش ڪيو هو. جنهن مان هن ڊرامي جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن ناٽڪ جا ڇهه ڏيک آهن“. (5)
منظور ڪوهيار جو لکيل ٻيو ڊرامو’بادشاه سلامت‘ به سنسڪرت ڊرامي جي انداز ۾ لکيل آهي، جنهن جي شروعات سوتر ڌار (راوي يا اسٽيج مئنيجر) جي آواز ۾ ٿئي ٿي. هن ناٽڪ جي ڪهاڻي اڳوڻي زماني جي بادشاهن جي عياشين، بد ڪرادري، جنگي جنون، رعيت تي ظلم، حرمن جو تعداد وڌائڻ، ماڻهن جي کَلَ لاهي شاهي خزانو ڀرڻ، مولوين جي چاپلوسي، رعيت ۽ وفادران جي بيزاريءَ تي مبني آهي. هي ڊرامو تاريخي حوالي سان  هڪ تجزيو آهي. جنهن ۾ ان دور جي ٻولي ۽ انداز کي نهايت چابڪدستي سان پيش ڪيو ويو آهي. هي ڊرامو ڄڻ هڪ دؤر جي ظالماڻي روش کي پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ عوام سان ٿيندڙ ارهه زوراين ۽ ظلم جي خبر پوي ٿي ۽ انهن مزاحمتي ڪردارن جي به ڄاڻ ملي ٿي، جن سر تريءَ تي رکي انساني قدرن جي پاسداري  ڪئي. ان کان سواءِ بادشاهي نظام جيڪو زور زبردستي تي ٻڌل هيو، سو نيٺ پنهنجي موت پاڻ مري وڃي ٿو.
ٽيون ڊرامو،’فرنگي‘ به برصغير ۾ انگريزن جي سامراجي دور جو هڪ بهترين تجزيو آهي. جنهن ۾ اڄوڪن حاڪمن جي وڏڙن جا ڪارناما نهايت طنزيه ۽ مزاحيه انداز ۾ ٻُڌايل آهن. هن ناٽڪ جو بنيادي خيال انگريز سامراج جي’ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو واري‘سوچ تي مبني آهي. جنهن ننڍي کنڊ ۾ هڪ اهڙي الميي کي جنم ڏنو. جنهن سان ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ايڏو ته اٻهرائي سان ٿيو، جو لکين ماڻهن جو قتلِ عام ٿي ويو. نه رڳو ماڻهن جو نقصان ٿيو، پر اخلاقي ۽ مذهبي قدر به پائمال ٿي ويا.سماجي نفسيات جي به ڄڻ ڀيل ٿي وئي،جو اڄ تائين مذهبي حوالي سان تلخي ۽ نفرت دلين ۾ گهر ڪري ويهي رهي آهي. هي ڊرامو ويجهڙائيءَ واري تاريخ جو هڪ بهترين تنقيدي جائزو آهي. جنهن ۾ نهايت نفيس انداز ۾ انهن چاپلوس ڪردارن تي لعنت ملامت ڪئي وئي آهي، جن جي اولاد يا پونيئر اڄڪلهه اسان جا حڪمران بڻجي ساڳيو ئي ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا.
”سنڌ جي ماڻهن جي سورهيائي تي پهريون ناٽڪ ’سئبريڪا جو پيش پوڻ‘ محمد حنيف صديقيءَ 1930ع ۾ لکيو هو. جيڪو سڪندرِاعظم جي سنڌ ۾ ناڪاميءَ جي پس منظر ۾ لکيل هو“. (6)
 سنڌ جي سورهين تي ناٽڪ لکڻ جي شروعات ورهاڱي کان پوءِ 1954ع ۾ هندستان ۾ هيرو لعل ستايل ’مها راجا ڏاهر سين‘ ۽ ’وير هيمون ڪالاڻي‘ لکي ڪئي. جڏهن ته سنڌ ۾ ان سلسلي ۾ پهريون ناٽڪ ’شهيد بختاور‘ منير احمد ماڻڪ 1967ع ۾ لکيو. جنهن کان پوءِ آغا سليم سنڌ جي عظيم سپهه سالار دولهه دريا خان جي سورهيائيءَ تي ’دولهه دريا خان‘ 1970ع ۾ ناٽڪ لکيو. 1970ع ۾ شيخ اياز دودي سومري جي سورهيائيءَ تي ’دودي جو موت‘ لکيو. ان لحاظ کان ڏٺو وڃي، ته سنڌي سورمن تي تمام گهٽ ناٽڪ لکيا ويا آهن.                   
هن مجموعي جو چوٿون ۽ آخري ڊرامو’شاهه بهارو‘ هڪ امر وير ڪٿائي (سورهيه ناٽڪ) آهي. جنهن ۾ ڪلهوڙن جي دور جي عظيم سپاهه سالار ’شاهه بهارو‘ جي ٻاهرين حملي آورن سان ٿيل جنگ جو ذڪر ڪيل آهي. شاهه  بهاري جي سورهيائي ۽ هن جي ويڙهه جو ذڪر اسان جي لوڪ ادب ۾ته ضرور آهي، پر ڊرامي جي حوالي سان پهريون ڀيرو منظور ڪوهيار ان ڪردار کي کنيو آهي. ان ۾ نه صرف شاه بهاري ۽ ٻين تاريخي ڪردارن کي اهميت سان پيش ڪيو ويو آهي، پر انهن عام ماڻهن جي ڪردارن کي به آندو ويو آهي، جيڪي قومي ٻڌي، اتفاق ۽ اتحاد جي علامت آهن. هن سنڌ جي اهڙن ڪردارن کي به عيان ڪيو آهي، جيڪي ڀاڙي، بزدل ۽ افواهن تي هلندڙ آهن.

ڪردار نگاري:
ارسطوءَ موجب پلاٽ کان پوءِ ڊرامي ۾ ڪردار نگاريءَ جي اهميت آهي. ڊرامي جي پلاٽ ۽ ماحول موجب جيڪڏهن ڪردار نه هوندا ته اها تخليق مڪمل نه سڏبي. هر ڊرامي ۾ هر ڪردار جي پنهنجي اهميت هوندي آهي. وليم شيڪسپيئر مئڪبيٿ، هئمليٽ، آٿيلو ۽ روميو جهڙا لافاني ڪردار تخليق ڪري انهن کي امر بڻائي ڇڏيو. سندس شهرت جو ڪارڻ اهي ڪردار ئي آهن. اهڙيءَ ريت منظور ڪوهيار جي ڊرامن جا ڪردار وڏي اهميت جوڳا آهن. پريميڪا، ڊرامي ۾ مَنُو ، چنچل، وسڻ، بلونت، ڌرم پال ۽ پريميڪا جا ڪردار حقيقي ۽ اسان جي ڀر پاسي جا محسوس ٿين ٿا.
 اهڙيءَ ريت سندس ٻئي ناٽڪ ’بادشاهه سلامت‘ جا ڪردار بادشاهه سلامت پڙهڻ سان اسان جي ذهن تي ننڍي کنڊ جا ظالم بادشاهه ذهن تي تري ايندا، جڏهن ته اعتماد خان، جنگو خان، غضب خان، ملان اعتقاد، شائسته دل، سوڀيا، دولت بيگ، صوفي لا ڪوفي ۽ باغ و بهار جا ڪردار اسان کي 200 سال اڳ جي ننڍي کنڊ جي ننڍين ننڍين بادشاهتن ۾ وٺي وڃن ٿا. هن جي ناٽڪ ’فرنگي‘ پڙهڻ سان اسان کي انگريزن جي فتح کانپوءِ وارو ننڍو کنڊ سامهون اچي وڃي ٿو. جنهن ۾ وائسراءِ لارڊ ايرون آڏو ڀولڙيا بڻيل خانبهادر ۽ راءِ بهادر گيسيون ڪندي نظر اچن ٿا.
مجموعي جي آخري ڊرامي ’شاهه بهارو‘ جا سمورا ڪردار اسان کي ٽي سئو سال واري سنڌ ۾ وٺي وڃن ٿا. جنهن ۾ شاهه بهارو، لطيف جا ڀڳت ۽ فقير سڳڻو مل ۽ مائي طوطي، توڏو ۽ ڪوڏو جهڙن سنڌ جي رواجي ڪرادرن سان گڏ جيئندا راءِ (ٻيڙياتو)، مانجهي ابڙو (جهونجهار)، سونو چانڊيو (جهونجهار)، ماڻڪ (جيئندا راءِ جو پٽ)، ساماڻو (ڪنڀر)، ڇتو (ڪوري)، ڀلي ڏنو (ڪوري)، ڀلي ڏنو (مڱڻهار)، جمن ۽ جلال (شاعر ۽سگهڙ) ۽ ٻيا انيڪ ڪردار آهن. جن کي پڙهڻ سان اسان کي اڄوڪي ۽ تڏهوڪي سنڌ ۾ گهڻو فرق نظر نه ٿو اچي. اهي ڪرادر نه رڳو عام رواجي آهن، پر انهن ۾ عظمت ۽ ڪردار جي بلندي به نظر اچي ٿي. منظور ڪوهيار جي ڊرامن جي ڪردارن ۾ نه رڳو عورتن کي اهميت ڏنل آهي. پر سندس مرداڻا ڪردار به انتهائي اهم آهن.

مڪالما:
 پلاٽ ۽ ڪردار نگاريءَ کان پوءِ مڪالمن کي خاص اهميت حاصل آهي. منظور ڪوهيار پنهنجي سمورن ڊرامن ۾ مڪالمن جو خاص خيال رکيو آهي. هن جا مڪالما موقعي ۽ مهل موجب جاندار آهن. جن جي ٻولي سولي ۽ عام فهم آهي. هن جا مڪالما ڪردار جي حيثيت ۽ منصب موجب آهن، هو بادشاهه کان فقير واري گفتگو نه ٿو ڪرائي. مڪالمن ۾ هن اها به ڪوشش ڪئي آهي ته ڊرامو جنهن دؤر جي عڪاسي ڪري ٿو، ان جا مڪالما ان دؤر موجب هئڻ گهرجن. هو ان ڏس ۾ مڪمل ڪامياب نظر اچي ٿو. پريميڪا ۾ هن جا مَنُو، پريميڪا، روپ ونت، ڌرم پال، وسڻ، چنچل جي مڪالمن سان گڏ هر ڪردار کان مهلائتي گفتگو ڪرائي آهي.
هن مجموعي جي ڊرامي ’بادشاهه سلامت‘ ۾ جهان خان (بادشاهه) ۽ اعتماد خان (وزير اعظم) وچ ۾ ڳالهايل مڪالما ڪيترا نه حقيقي ٿا لڳن.
”جهان خان: شاهي مخبرن ٻڌايو آهي، ته هن اسان جي پيغام اماڻڻ کان اڳ پنهنجي ڀيڻ جي شادي هڪ امير زادي خورشيد پاشا سان ڪرائي ڇڏي آهي“. (7)
منظور سنڌ جي اڳوڻن حاڪمن جي ذهانت کي پنهنجي مڪالمن وسيلي هن ريت واضح ڪيو آهي.
”جهان خان: بحث جي ڪا گنجائش ناهي، هي دل جو معاملو آهي. هڪ دم هڪ لک فوج جي لاءِ تازا دم گهوڙن ۽ نون هٿيارن جو انتظام ڪيو وڃي.“ (8)  
سنڌ جا اڳوڻا حاڪم ته حاڪم پر سندن وزير به گهٽ نه هئا، حاڪمن جا خرچ پکا پورا ڪرڻ لاءِ انهن عوام کي آزارڻ ۾ وسان نه گهٽايو. بادشاهه جهان خان جي وزير خزانه دولت بيگ واتان چورايل جملا موجوده دؤر جي به عڪاسي ڪن ٿا.
”دولت بيگ: هاڻي سربچاءُ لگان لڳندو، جيڪو نه ڏيندو، اُهو حُضور معظم جي بادشاهي ۾ سک جو ساهه نه کڻي سگهندو.“ (9)
اڳتي هلي جڏهن رعيت کان بادشاهيءَ ۾ رهڻ لاءِ ’سر بچاءُ لگان‘ وٺڻ جو فيصلو ٿئي ٿو ته ان وقت فوج جي سپهه سالار جنگو خان ۽ بادشاهه وچ ۾ ٿيل گفتگو نه رڳو پراڻي بادشاهي زماني جي ياد تازي ڪرائي ٿي، پر ايئن ٿو ڀائنجي ته ڄڻ هاڻوڪو حڪمران پنهنجا شاهي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي کل لاهي خزانو ڀرڻ جو حڪم ڏيندو هجي.
”جنگو خان: صاحبِ عالم! اسان اوهان جي حڪم جي پوري پوري پوئيواري ڪنداسين. پر سُڪون رياست جي ماڻهن کي نه صرف لٽي ڪنگال ڪنداسين، پر اهڙي تباهي ۽ بربادي آڻينداسين جو پر سُڪون رياست، پر خون ۽ پر آشام ٿي ويندي.“ (10)
منظور ڪوهيار جي لکيل ناٽڪ ’فرنگي‘ جا مڪالما پڙهڻ سان ماڻهو پاڻ خيال ئي خيال ۾ 200 سال پراڻي سنڌ ۾ هليو ٿو وڃي. جنهن ۾ سنڌ جي وڏيرن خانبهادر ۽ راءِ بهادر جا لقب وٺڻ لاءِ نه رڳو انگريزن جي چاپلوسي ڪئي، پر عام ماڻهن سان جيڪو ظلم ڪيو، ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي.
ناٽڪ نويس اها به ڪوشش ڪئي آهي ته هر ڪردار حقيقي انداز ۾ گفتگو ڪري هن انگريز گورنر جنرل لارڊ ايرون کان انگريزي گاڏڙ سنڌي انتهائي عقلمنديءَ سان ڳالهرائي آهي. هن جو چيل هڪ هڪ جملو انتهائي اهميت جوڳو آهي. جنهن مان ليکڪ جي زماني شناسي ۽ ذهانت جو به پتو پوي ٿو. منظور انگريز دؤر ۾ سَر، جو خطاب ماڻيندڙ سنڌي وڏيرن، خانبهادرن، راءِ بهادرن تي طنزيه انداز ۾ هن ريت سخت چٿر ڪئي آهي.
”ڌام ڌوم خان (خانبهادر): (لارڊ ايرون جا هٿ چمندي) وفادار، نمڪ خوار، هزار بار...!“ (11)
”ڍڍڻ مل (راءِ بهادر): (هٿ جوڙيندي) رعيت مار، دل آزار، پر توهان جو خدمتگار...!“ (12)
”قدمبوس خان (سَر): (نوڙي ملندي) اوهان جو تعبيدار، شڪر گذار ۽ پراڻو خدمتگار...!“ (13)
سنڌ جو وڏيرو ڪالهه به غاصب ۽ ظالم جو طرفدار هو ۽ اڄ به آهي. سنڌي وڏيرو هر دؤر ۾ خوشامد ۾ آخري حد تائين ڪِرندو رهيو آهي. سنڌي وڏيري جي ذهنيت کي منظور هن ريت چٽيو آهي.
”ڌام ڌوم خان:  لارڊ صاحب...! مان واري بابي مرحيات ٺاڪ ڦوڪ خان، پهرين درٻار شاهي ۾ شاهي ٻگهي پٺيان ڀڄندي ٿاٻو کاڌو هو. جو اڃا تائين اسان شرمنده آهيون. پر مان هاڻي اهڙو ڀڄڻ جو ڪوازو پچايو آهي، جو ريل به نه پڄي...“ (14)
اهڙيءَ ريت هن ناٽڪ جا سمورا مڪالما سنڌ جي تڏهوڪن وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي چاپلوس ڪردارن کي وائکو ڪن ٿا.
راج ڪرتهه، جي آخري ۽ انتهائي اهم ڊرامي ’شاهه بهارو‘ جا سمورا مڪالما قومي جاڳرتا ۽ پنهنجي هيروز جو قدر ڪرڻ واري خيال کي نظر ۾ رکندي لکيا ويا آهن. هن ناٽڪ ۾ گهڻا ڪردار هئڻ جي باوجود هر ڪردار کان ڊرامي ۾ ان جي اهميت موجب مڪالما چورايو ويا آهن. خاص طور تي شاهه بهارو، سڳڻو مل، مائي طوطي، جيئندا راءِ، سڀاڳو لاڙڪ، مانجهي ابڙو، سونو چانڊيو، ماڻڪ، ساماڻو، رانول جوڻيجي، جمن ۽ جلال جي ڪردارن واتان چورايل مڪالما نهايت اهم ۽ تاريخي نوعيت جا آهن. منظور ڪوهيار هن ڊرامي کي افسانوي بڻائڻ بجاءِ تاريخي پس منظر ۾ لکيو آهي. جنهن سبب هي سنڌ جو هڪ قومي ناٽڪ آهي. هن ناٽڪ ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف جي سير سفر ۽ فقيرن سان ملاقات جو ذڪر به نهايت وڻندڙ انداز ۾ ڪيل آهي. جڏهن ته ناٽڪ کي اثرائتو بنائڻ لاءِ شاهه سائين جا ڪجهه بيت به ڏنا ويا آهن. ناٽڪ جي پهرئين ڏيک ۾ منظور لطيف سائين جي مريدياڻي مائي طوطي، سڳڻي ۽ مانجهيءَ وچ ۾ ڪيل گفتگو ۾ مڪالمن وسيلي جيڪا منظر ڪشي ڪئي آهي، اهو فن ورلي ناٽڪ نويسن وٽ ملي ٿو. هن اها ساڳئي منظر ڪشي ناٽڪ جي ٻئي ڏيک ۾ به ڪئي آهي، جنهن ۾ هن مڪالمن وسيلي قلات ۽ قنڌار کان ايندڙ فوجن جي اچڻ جو اطلاع نهايت سهڻي انداز ۾ ڏنو آهي.
ٽئين ڏيک ۾قنڌارين جي حملي جو ذڪر جڏهن توڏو ۽ ڪوڏو شاهه بهاري سان ڪن ٿا ته ان جي موٽ ۾ شاهه بهاري واتان چيل مڪالما سنڌ جي ان جوڌي جوان جي عظمت وڌائين ٿا. هو چوي ٿو:
”شاهه بهارو: منهنجي وڃڻ کان پوءِ سنڌ جا جهونجهار، پاونگ ۽ مٿير مڙس، مير مهراب، مير چاڪر، ڄام نندو، شاهه علي سلطان، خيرو ڳچل، مراد ڪليري، اهي سڀ دشمنن سان اڳتي وڌي مقابلو ڪندا. پر جي اهي به مقابلو ڪندي سنڌ جي سرحدن تي مارجي ويا، ته لاڙڪاڻي وارؤ....! توهان جي حفاظت لاءِ لاڙڪاڻي جا جُنگ جوان ويٺا آهن.... اوهان ڇو هيانءُ هاريو آهي؟” (15)
ناٽڪ جي چوٿين ڏيک ۾ شاهه بهاري لاڙڪاڻي جي حفاظت لاءِ جدا جدا برادرين جي ماڻهن ۾ محاذ ورهائيندي جيڪي مڪالما ڳالهائي ٿو، اُهي ڏاڍا اثرائتا ۽ وڻندڙ آهن. 
پنجين ڏيک ۾ ناٽڪ ڪلائميڪس طرف ويندي الميي جو روپ وٺي ٿو. ڇهون ۽ ستون ڏيک عروج وارو ۽ اٺون پڄاڻيءَ وارو آهي. جنهن ۾ ناٽڪ مڪمل طور الميه آهي. ان ڏيک ۾ منظور جا لکيل مڪالما پڙهندي اکين مان آب جاري ٿي وڃي ٿو، پڪ سان اسٽيج تي ڏسي ڪيترائي ماڻهو هنجون هاري ويٺا هوندا. ناٽڪ جي ستين ڏيک ۾ منظور جو لکيل مڪالمو ڪيترو نه اندر جهوريندڙ ۽ سنڌ تي سر قربان ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهڻ لاءِ اتساهي ٿو.
”شاهه بهارو:  اوهان ڇو خاموش آهيو...؟ اوهان جي منهن تي هيڊ ڇو هارجي وئي آهي....؟ اوهان جي مُکن تان مُرڪ ڇو غائب ٿي وئي آهي.....؟ (لاشن ڏانهن اشارو ڪندي) هنن مڙسن مٿيرن، سُمانن، سُٻيلن، جهيڙيندڙ جهونجهارن سينا ساهي دشمنن جا ڌَڪَ ان ڪري جهليا هيا ته اوهان مايوس ٿي مرجهائجي وڃو. پر انهن پنهنجا سر ان ڪري ڏنا، ته جيئن اوهان جا گهر ۽ اوهان جون خوشيون سلامت هجن... ايندڙ نسل سلامت هجي..... سنڌ سلامت هجي.“ (16)
آخري ۽ انتهائي اهم اٺين ڏيک ۾ منظور وڏي ذهانت سان ناٽڪ جي پڄاڻي ڪئي آهي. هن منظر ۾ به هن منظر نگاريءَ جو گهڻو ڪم مڪالمن کان ورتو آهي. جيڪي نه رڳو الميه آهن، پر ان سان گڏ تاريخي نوعيت جا به آهن. جنهن ۾ هن ٻوليءَ جو استعمال سهڻي انداز ۾ ڪيو آهي.
”شاهه بهارو: (ميان نور محمد سان مخاطب ٿيندي ۽ لاشن ڏانهن اشارو ڪندي) ميان نور محمد! هي اسان جي سرحدن جا اُهي جس کرا ۽ ڌڱ محافظ ٿئي، جيڪي سر ڏيئي سرخرو ٿيا. جن جي مُکن تان اڃا به مُرڪ بکي رهي آهي. ڄڻ وطن لاءِ وڙهندي کين ڌڙڪ ئي نه ٿي هئي.” (17)
آخري ڏيک ۾ ڊرامو هن جاندار مڪالمي تي پڄاڻي تي پهچي ٿو.
”شاهه بهارو: سنڌ واسيو....! اُٿو ۽ انهن شهيدن کي سلامي پيش ڪريو. جن اوهان جي خوشين، اوهان جي محبتن، اوهان جي گهرن، اوهان جي گهٽين، اوهان جي درگاهن، اوهان جي مسجدن، مندرن جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو.“ (18)
منظور ڪوهيار جي مجموعي  ۾ شامل ناٽڪن کي سنڌي ٻوليءَ جي شاهڪار ناٽڪن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. تازو ڪراچي يونيورسٽيءَ  هن مجموعي کي پنهنجي نصاب ۾ شامل ڪيو آهي.


حوالا
1. ملڪاڻي، منگهارام، سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 2007ع، ص،111.
2. ساڳيو: ص:168.
3. مفتي تهمينه ڊاڪٽر، راج ڪرتهه، ڪنول پبليڪيشن قمبر، 2013ع، ص: 128
4. پنهور محمد يوسف ڊاڪٽر،’سنڌي ناٽڪ جي تاريخ‘، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، 1992ع. ص. 84
5. ڪوهيار منظور، ’راج ڪرتهه‘، ڪنول پبليڪيشن قمبر، 2013ع، ص: 18
6. پنهور محمد يوسف ڊاڪٽر،’سنڌي ناٽڪ جي تاريخ‘، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، 1992ع. ص. 90
7. ڪوهيار، منظور ، ’راج ڪرتهه‘، ڪنول پبليڪيشن قمبر، 2013ع، ص: 49.
8. ساڳيو، ص. 49
9. ساڳيو، ص. 49
10 ساڳيو، ص. 50
11. ساڳيو، ص. 79
12. ساڳيو، ص. 79
13. ساڳيو، ص. 80
14. ساڳيو، ص. 80
15. ساڳيو، ص. 111
16. ساڳيو، ص. 123
17. ساڳيو، ص. 124
18. ساڳيو، ص. 125


Tuesday, February 2, 2016

Dr. Qasim Rajpar: Some Words about Travelogue of Mr. Mithal Jiskani

”سفر بخير“ مٺل جسڪاڻي جي ڪتاب ۾ ڇپيل اڳياڙي

ڊاڪٽر قاسم راڄپر

سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامي جو ذڪر نڪرندي ئي، ذهن تي پهريون نالو الطاف شيخ جو اچي ٿو. هن  دنيا جا کوڙ ملڪ گهمي، سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامي جي صنف جا پير پختا ڪيا آهن. هن گهڻي ڀاڱي ڏورانهن ملڪن جا سفرناما لکيا آهن. ملڪي سطح تي به ٿيل سفر جا کوڙ سفرناما شايع ٿيل آهن، پر سنڌي ٻوليءَ ۾، ڪنهن تعليمي اداري جي شاگردن جي تعليمي سفر کي، ڪنهن استاد سفرنامي جو روپ ڏنو هجي، اهڙي ڪاوش گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر مان نه گذري آهي.
هيءُ ڪتاب ”سفر بخير“ سائين مٺل جسڪاڻيءَ جي ذهن جي منفرد تخليق آهي. مون سميت سنڌ جا گهڻا ماڻهو، مـٺل جسڪاڻيءَ کي هڪ زرعي ماهر ۽ استاد جي حيثيت سان سڃاڻين. پاڻ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ٽنڊو ڄام جي ٻوٽن جي بيمارين واري شعبي يعني  پلانٽ پيٿالوجي سان واڳيل آهي. سندس بنيادي ذميواري ته سنڌ ۾ ٻوٽن جي بيمارين بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ آهي، پر لکڻ سندس ”خفت“ آهي. هن جڏهن ۽ جيڪو به لکيو آهي، منفرد انداز ۾ لکيو آهي. ڪتابن تي تبصرو هجي يا ڪنهن ڪتاب جو اڀياس، ڪنهن شخصيت جو خاڪو هجي، يا ڪنهن گڏجاڻيءَ جو احوال، شاعري هجي يا ڪهاڻي، سندس هر لکڻيءَ مان خفت نظر ايندو آهي. مان ته حيران ٿيندو آهيان، ته هو پڙهڻ  پڙهائڻ جهڙي ڪل وقتي ڪم مان، هو لکڻ لاءِ وقت ڪڍي ڪيئن ٿو شايد اهو خفت ئي آهي، جنهن لاءِ وٽس چاهه به آهي ته وقت به.
منهنجي ساڻس واقفيت به سندس لکڻ واري خفت ڪرائي. عوامي آواز مئگزين وسيلي ساڻس سنگت ٿي. مٺل انهن ڪجهه ماڻهن ۾ شامل آهي، جن جي لکڻين جو مان هميشه اوسئيڙو ڪندو آهيان. هو فطرتي سائنس سان ۽ مان سماجي سائنس سان سلهاڙيل آهيان، پر تڏهن به اسان جي ڪيمسٽري تمام گهڻي ملي ٿي. هو جڏهن به لکندو آهي، ته وڏي ڪوشش جي باوجود، مان سندس تحرير سان ڪاسائيءَ واري ڪار نه ڪري سگهندو آهيان، جو هو ان جي گنجائش ئي نه ڇڏيندو آهي. باقي منهنجي غير حاضريءَ ۾، ڪڏهن ڪڏهن سندس تحرير سان ٻه هٿ ٿي ويندا آهن.
مان ذاتي طور ان راءِ جو آهيان، ته هڪ ايڊيٽر کي ڪنهن لکت کي ايڊٽ ڪرڻ جو مڪمل حق آهي، پر جيڪڏهن ڪو ايڊيٽر، اهو حق درزي يا ڪاسائيءَ وانگر استعمال ڪري ٿو، ته ان سان نه رڳو تخليقڪار، پر تخليق جو به روح رنجي ٿو.
مـٺل منهنجو دادلو ليکڪ آهي. جنهن جي لکڻيءَ کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ جي ڪڏهن به گنجائش نه هوندي آهي. هو ڪمپيوٽر جو ڀرپور استعمال ڪري ڄاڻي، تنهن ڪري ڪمپوزنگ کان ويندي ايڊيٽنگ ۽ پروف ريڊنگ وارا مرحلا به پاڻ خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏيندو آهي.
            مـٺل جي شهر ۽ درسگاهه سان مون کي بيحد محبت آهي؛ جتي پنهنجي ماروٽن ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر ۽ سندس ننڍي ڀاءُ دوست عبدالله راڄپر وٽ، مان سندن شاگرديءَ واري د‍ؤر ۾ ڪيترائي ڀيرا، هاسٽل ۾ سندن مهمان ٿي رهيس. زرعي يونيورسٽيءَ جي ساوڪ ۽ ٽنڊي ڄام جي ٻاڪري ڪڙهائي اڄ به ياد اٿم.
            هن سفر نامي وسيلي مٺل، ملڪ جي گهڻن ئي ماڳن جو نه رڳو سير ڪرايو آهي، پر مختلف تعليمي ۽ کوجنائي ادارن جي سير وسيلي، هن معلومات جو به ونڊ ڪرايو آهي. عام طور اسان وٽ سفرنامن ۾ معلومات گهٽ، ذاتي تشهير وڌيڪ هوندي آهي، پر مـٺل به الطاف شيخ جي پوئواري ڪندي، سفرنامي کي ذاتي تشهير بدران، معلومات جو وسيلو بڻايو آهي. سندس لکڻ جو انداز نرالو آهي. هو پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ، سير ڪرائڻ جو هنر ڄاڻي ٿو. سندس  قلم جو اهو ڪمال آهي، ته هي سفرنامو پڙهندي، مان به ساڻس همسفر رهيو آهيان. سڄو سفرنامو پڙهي دل خوش ٿي. گهڻيون تڻيون ڳالهيون، جڳهيون ۽ ماڻهو مشاهدي ۾ رهيا آهن.
            مان ذاتي طور مٺل جي سولي ۽ عام فهم ٻوليءَ جو مداح رهيو آهيان. کيس هروڀرو ڏکيا لفظ ڪتب آڻي، پڙهندڙن کي منجهائڻ نه اچي، هونئن به لکندڙ  آڏو بنيادي مقصد معلومات رسائڻ  هئڻ گهرجي، ان لاءِ ٻولي ۽ اسلوب اهم ضرور آهن، پر اجائي اها ڪوشش نه ڪجي، ته لکڻ اچي نه اچي، هِتان هُتان اوڌارا لفظ وٺي، پڙهندڙن کي لغت کڻڻ تي مجبور ڪجي. گهٽ ۾ گهٽ مـٺل ان مرض کان بچيل آهي. 
            هن، ملڪ جا ٻيا ماڳ گهمندي سنڌ کي نه وساريو آهي، جتي کيس ڪا چڱي ڳالهه نظر آئي آهي، ته هو ان جي تعريف سان گڏ سنڌ سان مشابهت به ڪري ٿو. هڪ هنڌ لکي ٿو:
            ”هڪ دروازي تي’اندر وڃڻ جو رستو‘ لکيل پڙهيم، ان بابت پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته ’اها جاءِ حاجت‘ آهي. جيتوڻيڪ مون کي ان جاءِ ۾ اندر داخل ٿيڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي، نه ئي اندر ويس، پر ان جو اتي هجڻ مون کي تمام گهڻو وڻيو. ڇو ته هڪ دفعي راڻي باغ حيدرآباد گهمندي، مون کي اهڙي جاءِ جي ضرورت پئي، ته مون سان اهڙي ٿي، جهڙي شايد ئي ڪنهن ٻئي سان ٿي هجي. راڻي باغ سان لڳو لڳ عيد گاهه جي ڀر ۾ ’حاجت وارين جاين‘ تي پهچندي به منهنجو بچاءُ ايترو ٿيو جو، رڳو ڪپڙا ئي خراب نه ٿيا“.
            هن راڻي باغ جي حالت تي تبرو ڪندي، طنزيه انداز ۾ حقيقت بيان ڪئي آهي. ڪاش وس وارن کي ڪا ڪهل اچي. هو سفرنامي ۾ تفريح ڪندڙن کي سبق به ڏئي ٿو، ته ٺڳن کان ڪيئن  پاڻ بچائجي. هونئن به سفر دوران پئسا مناسب طريقي سان استعمال هيٺ آڻجن، ته ان سان تفريح  ۾ وڌيڪ لطف ايندو.
            مٺل جو لکيل هي سفرنامو نه رڳو سنڌي ادب ۾ منفرد ليکيو ويندو، پر تعليمي سفر کي قلمبند ڪري، دستاويزي صورت ڏيڻ جي روايت جو باني پڻ سڏبو. مٺل جي قلم ۾ جيڪا سگهه آهي، هو ان کي اڳتي به سنڌ جي علم، ادب ۽ تحقيق جي لاءِ، اڳ کان اڳرو ٿي ڪتب آڻيندو. سائين کي هڪ گذارش آهي ته هو هن ڪتاب جو اِي- ايڊيشن به  ترت پڌرو ڪري، جيئن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ماڻهو سندس لکڻين مان لاڀ حاصل ڪري سگهن.

ڊاڪٽر قاسم راڄپر
ڪراچي
سومر -  21 ڊسمبر 2015ع


Friday, January 22, 2016

Dr. Qasim Rajpar: Story Writer, dramatist, Researcher, Actor & Director Jhetho Lalwani


ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي
ڊاڪٽر قاسم راڄپر
Abstract:  
Dr. Jhetho Lalwani is among the extraordinary class of multilingual Sindhi writers, as beside being the author of as many as 50 Sindhi books on diverse topics, Dr. Jhetho Lalwani is also writer of 6 books in Gujarati Language and 6 Books in Hindi Language.  During this span of 25 years (First Book Mazi Ja Dhundhla Aks was published in 1976) Dr. Jhetho Lalwani has also translated 17 books.
Born on 8th March 1945 at Kandiaro District of Sindh Provision as the son of Jamnadevi and Madhavdas Dr. Jhetho Lalwani went on to become a very popular, respected and well known person in the world of Sindhi Literature & research. Dr. Jhetho Lalwani is among the personalities whose literary work is not just reflecting his efforts to revive Sindhi folk art and rich heritage of Sindhi literature but also made him popular among the Sindhi scholars of modern times. Appointment as the librarian at M D higher secondary school Ahmed abad, brought a revolutionary change in his life as during this job Dr. Jhetho Lalwani went to feed his thrust of knowing and doing something remarkable for Sindhi literature got nourishing and encouraging environment. He went to complete his thesis "Bane Ja Lok Geet" (Folk Songs of Bane) for the Doctorate [Ph.D] from the Mumbai University. He believes as authority in the field of folk literature of Kachh Gujrat.
Dr. Jhetho Lalwani is also well-known stage artist, Play writer and Director, journalist and Editor. He has been chief editor of Sindhi magazine titled "Stage" associated with the plays and theater. 
During this long illustrated literary career Dr. Jhetho Lalwani went to plead many awards and felicitations by many organizations.

ورهاڱي کانپوءِ الهاس نگر ۽ بمبئي کانپوءِ احمد آباد سنڌين جو وڏو علمي ۽ ادبي مرڪز بڻيو. جتان جي سنڌين سنڌيت جي جوت جلائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي جيئارڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. ڊاڪٽر  ڄيٺي لالواڻي جو شمار  هندستان ۾ سنڌيت جي انهن سپاهين ۾ طئي ٿو، جن سنڌي ٻولي، لوڪ ادب، ناٽڪ، صحافت ۽ تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيو. هو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. سندس شخصيت جو هر پاسو سگهارو آهي. هو هڪ ئي وقت صحافي، ناٽڪ نويس، نثر نويس،محقق، اداڪار، پروڊيوسر ۽ هدايتڪار آهي. سندس شخصيت جو هر پاسو نرالو آهي.
واقفيت:
ڄيٺي لالواڻي جو جنم ساهتي پرڳڻي جي مرڪزي شهر ڪنڊياري ۾ ماڌو داس  لالواڻيءَ جي سکئي ستابي گهر ۾ 8مارچ 1945ع تي ٿيو. هو پنهنجي ٻن ڀينرن ۽ ٽن ڀائرن ۾ ٽيون آهي. پاڻ  اڃا ٻن سالن جو ئي هو ته مٿان ورهاڱي جي قيامت اچي ڪڙڪي ۽ هن کي پنهنجا اباڻا پکا، ملڪيتون، ٻنيون ٻارا ڇڏڻا پيا. ورهاڱي کانپوءِ سندس والد جوڌپور جي راجا جي ريل وسيلي راجسٿان مان ٿيندو احمد آباد ۾ ٿائينڪو ٿيو، جتي هن سنڌو نگر (ڪٻير نگر) ۾ اڏيا. هو جلد ئي اتان جي سنڌي پنچائت جو مُکي چونڊيو ويو. ڄيٺي لالواڻيءَ جي والد کي پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ سان بيحد لڳاءُ هو. ان سلسلي ۾ ڄيٺو لکي ٿو ته “هو اچانڪ شاهه صاحب جو ڪلام جهونگارڻ شروع ڪندو هو ۽ سنڌ جون ڳالهيون به ٻڌائيندي ٻڌائيندي هن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي ايندا هئا، انهن ڳالهين سنڌ جي سڪ ۽ ساروڻيءَ  ننڍپڻ کان ئي منهنجي دل ۾ جنم وٺي ڇڏيو هو. منهنجو پتا جيستائين حيات هئا ٻه دفعا سنڌ جي ياترا ڪري آيا هئا. سنڌو ماتا جي ڏسڻ، جنم هنڌ جو درشن ڪرڻ ۽ سونهاري سنڌ جي سر زمين تي پير رکي سلام ڀرڻ لاءِ منهنجي دل تڙپندي رهي. هڪ ڀيري شڌاڻي درٻار جي جٿي سان سنڌ جي ياترا تي وڃڻ جو پروگرام رٿيم، درٻار وارن ڄاڻ ڏني ته منهنجي نالي جي ويزا ملي آهي. منهنجي خوشيءَ جي حد نه رهي. مان مڪمل تياري ڪري امر تسر پهتس، پر واگها بارڊر تي پهچي خبر پئي ته ٻين سان گڏ منهنجي ويزا به رد ڪئي وئي آهي.“ 1
                ڄيٺو، پنهنجي والد، والده ۽ ڏاڏيءَ کان ورثي ۾ مليل سنڌ جي سڪ کي هميشه سانڍي رکيو. سنڌ ڏسڻ جي سندس خواهش 2008 ۾ پوري ٿي، هو “پاڪ انڊيا پيپلز فورم” جي پروگرام هيٺ وڏي جٿي سان گڏ ڪراچيءَ آيو، پر  پنهنجي اباڻي گهر ڪنڊياري نه وڃي سگهيو. هو ٻيو ڀيرو سگا پاران سڏايل “شاهه، سچل، سامي عالمي ڪانفرنس” ۾ شرڪت ڪندڙ 30 سنڌي اديبن جي وفد سان گڏ آيو، سندس سالن پراڻي خواهش پوري ٿي ۽ هو ڪنڊياري سميت سڄي سنڌ گهميو. هن وقت به ڪنڊياري ۾ سندس مائٽن جا 40-45 گهر موجود آهن. جنهن ۾ سندس ماروٽ به شامل آهن. ڄيٺو 5 ڀيرا سنڌ جو درشن ڪري چڪو آهي، هو هنڌ جي انهن سنڌين ۾ شامل آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اڄ به پنهنجي جڙن سان جڙيل آهن.
ڄيٺي لالواڻيءَ کي ننڍپڻ کان ئي ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو ۽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪجهه عرصو پڙهيو به پر والد جي وفات سبب پڙهائي ڇڏي گهر سنڀالڻ لڳو، اُتان ئي سندس تڪليفن جي شروعات ٿي، پر هن حالتن آڏو ڪڏهن به آڻ نه مڃي. گهريلو ذميوارين سان گڏ هو سنڌي ٻولي، ساهت ۽  ڪلا سان جڙيل رهيو. هن گجرات يونيورسٽيءَ مان ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪئي. جڏهن ته سندس پي ايڇ ڊي گجرات جي پاسي سنڌي لوڪ گيتن جي حوالي سان “ٻنيءَ جا لوڪ گيت” جي سري سان آهي.
ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي شخصيت بابت گورڌن شرما “گهايل”  هڪ هنڌ لکيو آهي “هميشه کل مک چهرو، دلبر دوست، ادبي محفلن ۽ سيمينارن ۾ دلچسپيءَ سان شرڪت ڪندڙ، ظاهري طرح شانت، پر حقيقت ۾ هر ڳالهه تي گهري نظر رکندڙ، گهٽ ڳالهائيندڙ پر قلم جي سهاري پنهنجي قابليت کي اظهاريندڙ ڄيٺو لالواڻي زندگيءَ  جي راهه ۾ آيل انيڪ رنڊڪن  کي لتاڙي اڳيان وڌي آيو آهي. ان هوندي به نوڙت ۽ نهٺائي، نماڻائي ۽ نرملتا سندس ساٿي ضرور آهن. اخباري ڪالمن ۾ سندس وروڌ ڪندڙ به دل ئي دل ۾ کيس ضرور داد ڏيندا هوندا.” 2

ادارا ٺاهيندڙ شخص:
سنڌيت جي هن شيدائي احمد آباد ڪاليج ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن جي پهرين ادبي ۽ ثقافتي جماعت “انٽر ڪاليجيئيٽ سنڌي ائسوسيشن” 1966ع ۾ قائم ڪئي، جنهن جو پاڻ پهريون جنرل سيڪريٽري بڻيو. ٿورن ئي عرصي ۾ سنڌي شاگردن جي ان جماعت جا 400 کن ميمبر ٿي ويا. ٻئي سال 1967ع ۾ سنڌي ڪاليجي شاگردن ۾ پنهنجي ٻُلي، ادب ۽ ثقافت لاءِ چاهه وڌيو ته انهن ائسو سيئيشن جي سالياني ادبي مخزن “لهر” شروع ڪئي. جنهن جو پهريون ايڊيٽر به ڄيٺو لالواڻي هيو. اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا، پاران 1972ع ۾ احمد آباد ۾ منعقد ڪيل “سنڌي ساهت سميلن” جي موقعي تي هن، ڪيرت مهرچنداڻيءَ سان گڏجي “سنڌيت” نالي ادبي مخزن شايع ڪئي. هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي 1973ع ۾ احمد آباد جي سنڌي نوجوانن لاءِ “سنڌي يوٿ ائسوسيئيشن” جو بنياد وڌو ۽ ان ائسوسيئيشن پاران 1974ع ۾ سالياني مخزن “هوءَ” شايع ٿي ته پاڻ ان جي ايڊيٽرس ۾ شامل رهيو. هو 1973ع ۾ “سنڌي نوجوان منڊل” سان به جڙي ويو. جنهن جو مکيه مقصد سنڌي نوجوانن ۾ جاڳرتا آڻڻ هو. ان کان اڳ هو 1971ع ۾ “ڪلي” جي نالي سان سنڌي فلمي مئگزين شايع ڪندو، هزارن جي تعداد ۾ شايع ٿيندڙ ان فلمي مئگزين کيس صحافيءَ طور سڃاڻپ ڏني. ان مئگزين جي مقبوليت کي ڏسي هن ساٿين سان گڏجي “ڪلي سِني سرڪل” قائم ڪئي. جنهن جو ڪم سنڌي سنگيت ۽ نرت کي ترقي ڏيارڻ هو.
هونئن ته هو  1962ع کان سنڌي ناٽڪ سان جڙيل رهيو، پر 1973ع ۾ ڄيٺو، سنڌي ادب ۽ ناٽڪ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ “سنڌي ساهت ۽ ڪلا نڪيتن” ۾ شامل ٿيو، جنهن جو سرواڻ ڪيرت مهرچنداڻي هو. لالواڻي ان ادبي اداري جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو. جتي هو ادبي رسالي “جهلڪ” جي ايڊيٽرس ۾ شامل ٿيو.
ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ سنڌي ادبي کيتر ۾ اسڪول واري زماني ۾ ئي پير پاتو هو، اسڪولي مخزن “هنس” ۾ سندس ڪي ٻاراڻيون لکڻيون شايع ٿيون هيون. اڳتي هلي جڏهن هو ڪاليج ۾ داخل ٿيو ته هن باقاعدي لکڻ شروع ڪيو.

سنڌي ٻولي هلچل ۾ حصو:
ورهاڱي کانپوءِ هند ۾ آباد ٿيل سنڌين لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو پنهنجي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جو تحفظ هو، ان لاءِ سنڌي ٻولي تسليمي تحريڪ شروع ٿي، آخر ڪار سنڌي ٻولي ڀارت سرڪار آئين جي اٺين شيڊول ۾ شامل ڪئي. سنڌي عربي لپي ۽ ديوناگري لپيءَ جي مسئلي تي سنڌي اديب ۽ قوم ٻن طبقن ۾ ورهائجي وئي. “سنڌي جاتيءَ ۾گهرو لڙائيءَ جنم ورتو. هر ڪنهن پنهنجا پنهنجا مورچا سنڀاليا. اسان نوجوان سنڌي لپيءَ جي کيمي ۾ هليا وياسين. سنڌي لپيءَ جي بچاوَ، ضرورت ۽ اهميت کي کڻي هر هڪ قلم هلائڻ شروع ڪيو. مون به انيڪ رچنائون لکيون، جيڪي ان وقت ‘سنڌ ڌارا’ ۽ ‘سنڌو سماچار’ ۾ شايع ٿينديون رهيون. سنڌي لپي هلچل ۾ شري ڪيرت ٻاٻاڻي، شري گوبند مالهي، شري اي. جي.ا ُتم ، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي اسان جا رهبر بڻيا، دهليءَ جي بوٽ ڪلب تي 52 سنڌيت جي پيارن جي بک هڙتال ٿي، اُن ۾ به شامل ٿيڻ جو موقعو مليو”. 3
ڄيٺو لالواڻي ظاهري طور ته هڪ شخص آهي، پر سندس هن جيترو سنڌي ٻولي، ادب ۽ ناٽڪ لاءِ ڪم ڪيو آهي، شايد ڪو ادارو ڪري سگهي. سندس شخصيت گهڻ رخي آهي، پر ان جو هي پاسو پنهنجي جاءِ تي مڪمل آهي. هن لکڻ جي شروعات مضمون نويسيءَ کان ڪئي، سندس پهريون ڪتاب مضمونن جو مجموعو “ويچار” 1976ع ۾ شايع ٿيو. ان کانپوءِ هن بنا ساهيءَ جي پنجاهه کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن. جنهن ۾ ناٽڪ، ناٽڪن جي تاريخ ۽ فن، ڪهاڻيون، تعليم، ٻاراڻو ادب، مقالا، مضمون وغيره شامل آهن.
ڄيٺو لالواڻي هر هنريو آهي، هن ادب جي هر صنف ۾ پاڻ موهيو آهي، پر سندس پسنديده موضوع “لوڪ ادب” ۽ “ناٽڪ” آهي. پاڻ بهترين ناٽڪ نويس، هدايتڪار پڻ آهي، ان کانسواءِ رنگ منچ جي هر شعبي ۾ کيس ڪمال جي مهارت حاصل آهي. هندستان ۾ سنڌي ناٽڪ جي تاريخ سهيڙيندڙن ۾ پروفيسر منگها رام ملڪاڻي بنيادي ڪم ڪيو. جڏهن ته ڊاڪٽر پريم پرڪاش سنڌي ناٽڪ جي تاريخ تي پي، ايڇ. ڊي ڪري چڪو آهي. پر ان ڏس ۾ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ به انتهائي اهم ڪم ڪيو آهي. هو بهترين ترجمي نگار به هن هندي، گجراتي ۽ ٻين ٻولين ۾ سنڌيءَ ۾ ۽ سنڌيءَ ۾ ٻين هندستاني ٻولين ۾ ڪيترائي ترجما پڻ ڪيا آهن. سندس لکيل توڙي ترجمو ڪيل ڪتابن جو تعداد 50 کان وڌيڪ آهي. جن جو وچور هن ريت آهي.
ناٽڪ جي فن ۽ تاريخ تي ڪتاب:
1.     ناٽڪ ۽ رنگ منچ ڪلا (ناٽڪ ڪلا)1981ع.
2.     ناٽڪ ڪلا جو وڪاس (سنڌي ناٽڪ جي تاريخ) 1983ع.
3.     سنڌو ناٽيه درشن  (سنڌي ناٽڪ جي تاريخ) 1984ع.
4.     سنڌي لوڪ ناٽڪ (لوڪ ناٽڪن جو جائزو) 1988ع.
5.     سنڌي ناٽيه اتهاس (گجراتيءَ ۾ سنڌي ناٽڪن جي تاريخ).
6.     سنڌي ناٽڪون ڪا اتهاس (هنديءَ ۾ سنڌي ناٽڪن جي تاريخ) 1997ع.
7.     سنڌي ڀڳت (هنديءَ ۾) 1997ع.
8.     سنڌي ڀڳت، شئلي (هنديءَ ۾) 1998ع.
9.     سنڌي ناٽيه ڀومي (گجراتيءَ  ۾ سنڌي ناٽڪن جي تاريخ.
10.سنڌي ناٽيه ڀومي (اردوءَ  ۾ سنڌي ناٽڪن جي تاريخ.
11.      سنڌي ناٽڪ پرمپرا  (ناٽڪن بابت مقالا ۽ مضمون) 2012ع.
سنڌي لوڪ ناٽڪ تي تنقيد ڪندي  ايل. ڊي. رچنداڻي لکي ٿو ته “سنڌي لوڪ ناٽڪ ۾ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي سنڌ جي قديم لوڪ ناٽڪ سانگ، ڪٺ پتلين جي کيل، ڀڳت،“ڏک آهي جو اهي ٽيئي فن سنڌين کان ڇڏائجي ويا آهن، البت ڀڳت جو فن ڪجهه ساهه کڻي رهيو آهي. پر ڄيٺي انهن فنن جو ذڪر ڇيڙِ سنڌي لوڪ ادب ۽ ڪلا ۾ انهن ٽنهي فنن جي اهميت کان سنڌي جاتيءَ کي واقف ڪيو آهي ۽ زور ڏنو اٿس ته ڪنهن نه ڪنهن طرح انهن فنن کي وري وجود ۾ آڻ لاءِ ڪوشش ضرور ڪرڻ کپي.”
سندس تحقيقي ڪتاب “ناٽڪ ۽ رنگ منچ ڪلا” بابت هري تنواڻي “نماڻو” لکي ٿو ته “منهنجي خيال ۾ سنڌي ساهت کيتر ۾ ناٽڪ ۽ رنگ منچ ڪلائن جي مڪمل ڄاڻ هڪ هنڌ ڪٺي ڪري ڏيڻ جي ڏس ۾ شري لالواڻيءَ جي هيءَ پهرين پر ڪامياب ڪوشش آهي. ناٽڪ ۽ رنگ منچ سان سندس نينهن آهي، ڄڻ ته اُهي سندس جيءَ سان جڙيل آهن!5
ناٽڪن جا مجموعا:
1.     تنهنجا غم منهنجا غم آهن (ايڪانڪيون) 1980ع.
2.     ٽرنگي روشني (ٻارن لاءِ ايڪانڪيون)1986ع.
3.     اوڀاريون لهواريون (ريڊيو ناٽڪ) 1984ع.
4.     حادثو (ريڊيو ناٽڪ) 1996ع.
5.     ڀينڪر پنجو (ايڊز تي ريڊيو سيريل ناٽڪ) 2003ع.
6.     مُڇر مامو (ٻارن لاءِ ناٽڪ) 2005ع.
7.     آخرين سنڌي (ايڪانڪيون) 2009ع.
8.     قاتل ڪير (گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ايڪانڪيون) 1981ع.
9.     ٻه ناٽڪ ڪار  (گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ايڪانڪيون) 1987ع.
10.      ڪنوارن ڪيو ڪمال (گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٽه فصلو ناٽڪ) 1984ع.
11.      شريمان ڦيرو ڦرڪي (گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٻارن لاءِ ناٽڪ)1996ع.
12.      شادي ته ڪر (گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٽه فصلو ناٽڪ) 2006ع.
13.      گهر ايڪ مندر (سنڌيءَ مان گجراتيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٽه فصلو ناٽڪ).
14.      تارا دک مارا ڇي (سنڌيءَ مان گجراتيءَ ۾ ترجمو ڪيل ايڪانڪيون)
15.      مسٽر گپوڙيداس (اڻ ڇپيل، وڏو ٻار ناٽڪ)
16.      ڪوئي به نه بچندو (اڻ ڇپيل، ٽه فصلو ناٽڪ)
17.      چورن مٿان مور (اڻ ڇپيل، ٽه فصلو ناٽڪ)
18.      عمر مارئي (پپيٽ وڊيو ناٽڪ))
19.      پڃري ۾ شينهن (ٽي وي ناٽڪ)
ڪجهه ٻيا ڪتاب:
1.     ويچار (مضمون) 1976ع.
2.     ماضيءَ جا ڌنڌلا عڪس (ڪهاڻيون ) 1976ع.
3.     فلم اسٽار (فلمي هستين جا انٽرويوز) 1977ع.
4.     ادبي سرهاڻ (مضمون) 1982ع.
5.     ماءُ (صحت بابت معلوماتي ڪتاب) 1982ع.
6.     آڪاشي ياترا (وگيان) 1982ع.
7.     علي با با گل (گجراتيءَ مان ترجمو ڪيل ٻارن لاءِ ناول ) 1982ع.
8.     جادوئي چدو (گجراتيءَ مان ترجمو ڪيل ٻارن لاءِ ناول ) 1982ع.
9.     ڪٽنبي صحت (تندرستيءَ بابت معلوماتي ڪتاب) 1983ع.
10.   بدني سکيا (فزيڪل ٽريننگ بابت ڪتاب) 1985ع.
11.   بدني تعليم (فزيڪل ٽريننگ بابت ڪتاب) 1986ع.
12.   وطن جي صدقي (مضمون) 1985ع.
13.   پوسٽ مارٽم (ڪهاڻيون) 1985ع.
14.   ٻنيءُ جا لوڪ گيت (مقالو) 1992ع.
15.   سنڌي پروليون  (لوڪ ادب) 1995ع.
16.   سنڌي فوڪ لور (تحقيقي مقالا) 1998ع.
17.   ٻليءَ جو صبر  (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) 1997ع.
18.   ادبي ويچار  (تحقيقي مقالا) 1998ع.
19.   اسان جو ورثو (لوڪ ادب) 2001ع.
20.   ٻنيءَ جا لوڪ گيت (پي ايڇ ڊي مقالو) 2002ع.
21.   سنڌي لوڪ رنگ (لوڪ ادب) 2004ع.
22.   ردي (ڪهاڻيون) 2006ع.
23.   آزاديءَ جو پروانو، هيمو ڪالاڻي (جيون ڪٿا) 2007ع.
24.   ڦڌو ڦڌو ڪوڙو سچ (ترجمو) 2008ع.
25.   ڪتابي ڪيڙو (ٻارن جو ڪهاڻيون) 2008ع.
26.   مهاڳ (مختلف ڪتابن جا لکيل مهاڳ) 2009ع.
27.   ادبي غنچو (تحقيقي مقالا) 2010ع.
28.   لوڪ ادب- ڪلا جا منهنجا پنهنجا سنسڪار  (لوڪ ڪلا ياترا)، 2014
ٽماهي اسٽيج:
 هند سنڌ جي پهرين مخزن آهي، جنهن ۾ ناٽڪ، ناٽڪ نويسن، هدايتڪارن، اداڪارن بابت معلومات ڏني ويندي آهي. اسٽيج ۾ ڏنل انگن اکرن جي مدد سان سنڌ ۾ سڀ کان اڳ ڊاڪٽر يوسف پنهور سنڌي ناٽڪن جي تاريخ لکي، جيڪا سووينئير جي صورت ۾ 1980ع ۾ سنڌي ناٽڪ صديءَ جي موقعي تي شايع ٿي، جنهن بعد هندستان ۾ پريم پرڪاش ۽ سنڌ ۾ غلام رسول بلوچ سنڌي ناٽڪ جي تاريخ تي پي ايڇ ڊي ڪئي، انهن ٻنهي به گهڻي ڀاڱي معلومات “اسٽيج” مان حاصل ڪئي. نه ته ان کان اڳ سنڌ توڙي هند ۾ پروفيسر منگها رام ملڪاڻي ان ڏس ۾ تحقيقي ڪم ڪيو هو.
 ٽماهي اسٽيج بابت ويچار  لکمي کلاڻي جو خيال آهي ته  “گهر ويٺي سڄي هندستان ۾ هلندڙ سنڌي ناٽڪ جي هلچل جو اکئين ڏٺو احوال “اسٽيج” ذريعي مليو. منهنجو اهو عقيدو آهي ته هينئر اساين ناٽڪ ذريعي ئي سنڌي ٻولي ۽ ساهت کي زنده رکي سگهون ٿا. ناٽڪ کي اوج ڏيڻ لاءِ اسان سڀني سنڌيءَ جي گهڻ گهرن کي هڪ ڳنڀير جوابداري ڪري کڻڻ گهرجي. شهر شهر ۾ ٿيندڙ اهڙين ڪوششن کي “اسٽيج” هڪ فوڪس ۾ آڻي ٿي.” 6
لوڪ ادب تي تحقيق:
هو جڏهن سنڌي اڪيڊمي گجرات جو وائيس چيئرمين مقرر ٿيو ته سنڌي اديبن وڏو ممڙ مچايو، گهڻن ئي وڏن اديبن سنڌي اڪيڊمي گجرات سان ڪنهن به قسم جو سهڪار نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پر اڳتي هلي جڏهن ڄيٺي لالواڻيءَ سنڌي اڪيڊمي گجرات ۾ تاريخي ڪم ڪيا ته ساڳين اديبن نه رڳو اڪيڊميءَ جو بائيڪاٽ ختم ڪيو پر سندس خدمتن جو به اعتراف ڪيو. ڊاڪٽر پرسو گدواڻيءَ کانپوءِ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ٻيو محقق آهي، جنهن سنڌ جي پاسي ۾ هندستان جي گجرات رياست ۾ سنڌين جي وڏي ۾ وڏي آبادي ٻنيءَ ۾ مهينن جا مهينا رهي، اتان جو لوڪ ادب گڏ ڪيو. اڳتي هلي ان “ٻنيءَ جا لوڪ گيت” جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪئي. سندس اهو ڪم سنڌي لوڪ ادب ۾ تاريخي حيثيت رکي ٿو. ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ ٻنيءَ ۾ سنڌي لوڪ ادب ۽ موسيقيءَ تي ڪيترائي سيمينار پڻ ڪرايا. هندستان ۾ “سنڌي ڀڳت” تي قومي سيمينار ڪرائڻ جو به کيس اعزاز حاصل آهي.
سنڌ ۾ لوڪ ادب ۾ گهڻو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ڪيو آهي. هندستان ۾ ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ليلا رام، رچنداڻي ۽ ڊاڪٽر هوند راج بلواڻي ڪيو آهي.  سنڌ جي سرحد سان لڳ هندستان جي ڪڇ واري علائقي ۾ سنڌين جي وڏي آبادي ٻنيءَ جي لوڪ ادب تي پهريون ڪم ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ ڪيو. ان تي سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. ان کانپوءِ گهڻو ڪم ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ ڪيو آهي. ٻنيءَ جي لوڪ ادب تي سندس ڪتاب “ٻنيءَ جو سنڌي لوڪ ادب” کي ساراهيندي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته “ڄيٺي جي هن ڪتاب جي مکيه خوبي اها آهي ته هن ٻوليءَ سان هٿ چراند نه ڪئي آهي. جنهن نموني هن سگهڙن کان اُچار ٻڌا آهن، تيئن قلمبند ڪيا آهن”. 7
                ٻني ڪڇ ۾ ٽڙيل پکڙيل لوڪ ادب کي گڏ ڪري، “سنڌي لوڪ گيت”، “سنڌي پروليون”، ”سنڌي ٻوليءَ جي زيارت”، “ڳجهارتون”، “ٻنيءَ جا ٻول، جتن جا قول”، “ڳيچ”، “سوڍن جا گيت”، “سوڍن جا سنڌي ڀڄن”،“سنڌي لوڪ گيت”،“ سنڌي سنگيت ۽ ڀڳت” جهڙا املهه ڪتاب شايع ڪرايا. سندس ايامڪاريءَ ۾ گجرات سنڌي اڪيڊميءَ  ۾ “سنڌي لوڪ ساهتيه صلاحڪاري بورڊ” قائم ڪيو ويو.
سندس پي. ايڇ. ڊي مقالي “ٻنيءَ جا لو ڪ گيت” ۾  هن ڪڇ، سنڌ ۽ ڪڇ جي لاڳاپن، سنڌي لوڪ ادب جي ارتقا ۽ لوڪ گيتن جي تاريخ تي کوجنا ڪئي آهي، پر مقالي جي مکيه باب “ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت” ۾ هن 30 قسمن جا لوڪ گيت ڏنا آهن. هن اهي لوڪ گيت ٻنيءَ جي ڳوٺن ۾ وڃي رڪارڊ ڪيا، جن کي بعد ۾ قلمي صورت ڏني.
اداڪاري ۽ هدايت ڪاري:
                احمد آباد ۾ ڊاڪٽر پريم پرڪاش ۽ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي سنڌي ناٽڪ جي سڃاڻپ آهن. شروع ۾ سنڌي ناٽڪن ۾ ڇوڪرين جا ڪردار به ڇوڪرا ادا ڪندا هئا، پر ڄيٺي لالواڻي گهر گهر وڃي، سنڌي ڇوڪرين جي والدين سان ملاقاتون ڪري، پنهنجي نياڻين کي اداڪاريءَ جي اجازت لاءِ راضي ڪيو. اڳتي هلي سندس اها ڪوشش سڦل ٿي ۽ نئنا ساڌواڻي، جيا ساڌواڻي، نانڪي سچديو، لڇمي سچديو، لتا موتياڻي، جانڪي ڍولياڻي ۽ ٻيون ڪيترين ئي سنڌي ڇوڪرين اداڪاريءَ جي ميدان ۾ نالو ڪڍيو.
کيس لکڻ کان وڌيڪ اداڪاريءَ جو شوق هو، هو پنهنجي ان شوق خاطر ٻاروتڻ ۾ ئي احمد آباد ۾”سنڌ ڪلاڪار منڊل“ سان جُڙي ويو. هو سنڌي اديبن جي گروهه بندين جو به شڪار رهيو آهي، پر سنڌيت جي جوت جلائي رکڻ واري عظيم مقصد سبب هن ڪنهن به معاملي ۾ پنهنجي انا کي آڏو نه آندو آهي. اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر کان ويندي لائبريرين جي نوڪريءَ تائين هو، سنڌيت جو خادم رهيو آهي، هن ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي عهدي تي رهي به پاڻ سنڌيت لاءِ ارپيو آهي. ڊائريڪٽر نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگويج باندره جو عهدو هجي يا وري گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊمي جي  وائيس چيئرمين جو عهدو يا کڻي سنڌي اڪيڊمي نئين دهليءَ جي سيڪريٽريءَ جو عهدو هجي، هن سنڌي ٻولي، جاتي، ساهت ۽ ڪلا جي خدمت ڪئي آهي. سندس لکيل ۽ هدايت ڏنل اسٽيج ڊرامن توڙي ٽيلي فلمن جو تعداد 100 کان وڌيڪ آهي. جن مان گهڻن ڊرامن هن پاڻ اداڪاري ڪئي آهي.
ايڊيٽوريلن ۾ سنڌيت جو درد:
هو هندستان ۾سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ ادب بابت هر وقت فڪرمند هوندو آهي. جنهن جو اندازو سندس لکڻين مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. هڪ ايڊِٽوريل ۾ هو لکي ٿو ته “وقت ثابت ڪيو آهي ته نئين ٽهي سنڌي ساهت، ڪلا ۽ تعليم کان ڪافي پري ڌڪجي وئي آهي. ان ڳالهه لاءِ جوابدار اسان جي بدليل ذهنيت آهي. اسين سنڌي سڏائڻ ۾ شرم محسوس ڪيون ٿا. اسان جي بزرگن ننڍي ٽهيءَ کي پنهنجي ڪلا جو ورثو، ورثي ۾ نه ڏنو آهي. اسين واپري بڻجندا پيا وڃون. سجاڳ ۽ ذهين طبقي ۾ ٺيڪيداري گهر ڪري ويئي آهي. نتيجي طور ڪنهن به کيتر ۾ نوان ڪلاڪار، ليکڪ، فنڪار  اُسريا ئي ڪونه آهن. پنهنجي محنت وسيلي ڪي ڳاڻ ڳڻيا ميدان ۾ گهڙيا به آهن ته اُنهن جي آمد آجيان لائق نه بڻي آهي. انهن اڳيان رڪاوٽون ئي آنديون ويون آهن. جيئن هو اڳتي وڌي، ڪٿي ٺيڪيدارن جي لاءِ خطرا نه پيدا ڪري ڇڏين.” 8
هو عملي طرح سنڌيت جو خادم آهي. هندستان ۾  جنهن به ڪنڊ ۾ خبر پويس ته ڪو سنڌين جو ڪو ڪاڄ پيو ٿئي ته سنڌيت جو هي محافظ رلهي ڪلهي ته رکندو ۽ ان پاسي هلي پوندو، دعوت آهي يا نه، اها ڳالهه وٽس ڪا معنيٰ نه ٿي رکي، هندستان ۾ هن وقت تائين جيڪي به سنڌي سميلن ٿيا آهن، انهن ۾ هڪيو تڪيو حاضر رهيو آهي. جيئن ته سنڌيت کيس ورثي ۾ مليل آهي. هن پنهنجي ابي امڙ کي سنڌ لاءِ ڳوڙها ڳاڙيندي ڏٺو هو ۽ هن ان درد کي پنهنجي لاءِ ڪڏهن به ڪمزوري نه بڻايو آهي.
                سنڌ وانگر هند ۾ به سنڌي اديب مختلف گروهن ۾ وراهيل آهن، پر هيءُ انهن ڪجهه عالمن ۾ شامل آهي، جيڪوي سڀني لاءِ قبولڻ جوڳا آهن. حسد جي بيماري سرحد پاران سنڌي اديبن ۾ به گهڻي آهي، پر هو صرف پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو ماڻهو آهي. اڄ به جيڪڏهن بمبئي يا دهلي ۾ ڪنهن سنڌي اڪيڊمي يا اداري جي خدمت لاءِ کيس سڏ ٿيندو آهي ته وٽائنس انڪار جو لفظ نه ايندو. پنهنجي ان خصلت جي ڪري هن جا دشمن به ٿوري عرصي ۾ سندس دوست بڻجيو وڃن. هو ڪل وقت سنڌيت جو سپاهي آهي.
ڊاڪٽر ارجن سڪايل، لکي ٿو ته “پوري گجرات ۾ اڄ ڪنهن هڪ شخص ڏانهن آڱر کڻي چوڻو پوي ته هيءُ آهي اسان جي سنڌيت جو علمبردار ۽ پنهنجي خون کي تيل بڻائي شمع کي روشن رکڻ وارو ۽ بزرگن کان واڳون وٺڻ وارو ۽ نوجوانن جي رهبري ڪرڻ وارو، عالم ۽ اديب ته ان شخص جو اسمي نالو ٿيندو ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي.” 9 
پهلاج مسافر ته اڃا به هٿ اڳتي وڌيل آهي، ڊاڪٽر ڄيٺي بابت سندس راءِ آهي ته “منهنجي ويچارن موجب هو صحيح معنيٰ ۾ سنڌي آهي. سنڌيءَ جي وصف مان هيئن ڪندو آهيان. س- معنيٰ سهڻو، صاف دل، سمجهو ۽ سڌير (نيڪ دل، نماڻو، سڀ جو ڀلو چاهيندڙ)، ن- معنيٰ نياز، نوڙت جي مجسم صورت، نهٺو، ڌ- معنيٰ ڌير جوان، دياوان ۽ ڌنڌي ۾ پر ٻيڻ، نفعي نقصان جي شناس رکندڙ، ي معنيٰ يار ويس. اهي سڀ ڳڻ اسان جي ڄيٺي لالواڻيءَ ۾ آهن. ان ڪري ئي مان چوندو آهيان ته هو پڪو سنڌي آهي.” 10
ٻاراڻو ادب:
                ادب ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم ٻارن لاءِ ادب تخليق ڪرڻ آهي. پر ڄيٺو ان شعبي ۾ به وڏي مهارت رکندڙ آهي. هن ٻارن لاءِ ڪهاڻيون، ناول ۽ ناٽڪ لکيا آهن. ٻارن لاءِ ڪهاڻين  ۾ هن سکيا سان گڏ وندر ورونهن جو به خيال رکيو آهي. ٻارن لاءِ وڌ کان وڌ ناٽڪ رچائيندڙن ۾ به ڄيٺو اڳڀرو رهيو آهي. اسڪول ۾ لائبريرين هوندي به هو، ناٽڪ سان جُڙيل رهيو ۽ اسڪول اندر ٻارن کي نه رڳو ناٽڪن لاءِ اتساهيندو رهيو، پر سڄي هندستان ۾ ڌار رياستن ۾ وڃي ٻارن جي ناٽڪن جا ملڪي سطح تي مقابلا به ڪرايا. اهڙيءَ ريت هن فنڪارن جو وڏو تعداد تيار ڪري ورتو.
                نوڪري، ناٽڪ، صحافت، ادب، سنڌيت جي سپاهيءَ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ وقت هو پنهنجي گهر ۽ ٻارن کان پري ته رهيو آهي، پر غافل نه رهيو آهي. سندس گهر سنڌيت جو عملو نموني آهي. احمد آباد ۾ سندس گهر ۾ هر وقت سنڌين جا ميلا متل رهندا آهن. سندس ذاتي لائبريري ۾ هزار جي لڳ ڀڳ نادر سنڌي ڪتاب آهن. سندس گهر ۾ ايندڙن ۾ نه رڳو سندس دوست پر دشمن به شامل هوندا آهن،
سندس گهر جيوتي لالواڻي سندس ان عادت تي بابت لکي ٿي ته “مون کي اُن وقت گهڻي ڪاوڙ ايندي آهي، جڏهن مسٽر لالواڻي پنهنجي دشمنن کي گهر ۾ ويهاري هن سان پريم ڀريو وهنوار ڪندا آهن. چاهيندي آهيان ته اهڙن ٻهروپي شخصن جي ڇنڇري لاهيان ۽ انهن کي گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيان پر هو (ڄيٺو( سدائين شانت رهڻ جو اشارو ڪندا آهن ۽  مان ناخوش رهي اُنهن جي مهمان نوازي ڪندي آهيان. سدائين چوندا آهن گهر آئي دشمن کي به عزت ڏجي.” 11
ايم. بي. بي. ايس پاس ڪري ڊاڪٽر ٿيڻ سندس دلي خواهش هئي، پر گهريلو پريشانين جي ڪري هو، نبض ڏسندڙ ڊاڪٽر ته نه ٿي سگهيو، پر اڳتي هلي هن سنڌي ادب ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري، هندستان ۾ نازڪ حالت ۾ رهندڙ سنڌي ٻولي ۽ وينٽيليٽر تي آخري هڏڪيون ڏيندڙ سنڌي ثقافت جو علاج ڪرڻ لاءِ وسان نه پيو گهٽائي، هاڻي کيس اهو ارمان نه رهيو آهي ته هو ايم. بي.بي. ايس پاس نه ڪري سگهيو. هند ۾ پويان پساهه کڻندڙ سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي علاج، واڌاري ۽ تحفظ لاءِ هو اڃا پنهنجي اننگ جاري رکيو ويٺو آهي، پر ٻي اننگ لاءِ هن پنهنجي نياڻيءَ کي به تيار ڪري ورتو آهي. جيڪا هن وقت سنڌي لوڪ ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهي آهي. ان کي چئبو آهي، سنڌيت جو سچو عاشق. هند ۾ سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ ادب کي اهڙي ئي جذبي جي ضرورت آهي.
گجرات ۾ سنڌيت جي علمبردار ڄيٺي لالواڻيءَ جو سفر  اڃا جاري آهي. هو  اڃا تائين ٿڪيون ناهي. عمر جي هن حصي ۾ به هن جو سنڌ سان ناتو جُڙيل آهي، تازو شاهه سائين جي عرس جي موقعي تي هو  ڀٽائيءَ جي عرس ۾ شرڪت ڪرڻ آيو هو.

حوالا:
1.     لالواڻي ڄيٺو ڊاڪٽر، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، جيون-فن- ڪاريه، اسٽيج پبليڪيشن 2001، ص. 141
2.     ساڳيو. ص. 28
3.     ساڳيو، ص. 145
4.     ٽماهي اسٽيج، جنوري-مارچ، 1996، ص. 1
5.     ٽماهي اسٽيج، سال پنجون، انڪ پهريون-ٻيون، ص-30
6.     ٽماهي (اسٽيج، سال 7، انڪ -1. ص. 1-2
7.     جيٽلي مرليڌر ڊاڪٽر، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، جيون-فن- ڪاريه، اسٽيج پبليڪيشن 2001، ص. 68
8.     ٽماهي اسٽيج (ايڊيٽوريل)، سال اٺون، انڪ پهريون- ص. 2
9.     سڪايل ارجن ڊاڪٽر، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، جيون فن- ڪاريه، اسٽيج  پبليڪيشن 2001، ص. 33
10.مسافر پهلاج، ساڳيو مٿيون ڪتاب. ص. 36
11.لالواڻي جيوتي، ساڳيو مٿيون ڪتاب. ص. 59







Razzaq Mahar: Realistic TV drama writer

سنڌي ٽيلي ناٽڪ ۾ حقيقت جا رنگ ڀريندڙ : رزاق مهر ڊاڪٽر قاسم راڄپر پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ “جياپو” جهڙو سماجي ۽ مقصدي ڊرامو لکڻ واري ...