Wednesday, December 26, 2018

Razzaq Mahar: Realistic TV drama writer


سنڌي ٽيلي ناٽڪ ۾ حقيقت جا رنگ ڀريندڙ : رزاق مهر
ڊاڪٽر قاسم راڄپر

پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ “جياپو” جهڙو سماجي ۽ مقصدي ڊرامو لکڻ واري رزاق مهر جو واسطو لاڙڪاڻي سان آهي. هن 20 جولاءِ 1954 تي لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ پاڙي ۾ رانجهو خان مهر جي گھر جنم ورتو. پرائمري تعليم مراد واهڻ جي پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول مان ڪيائيـن. بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1974ع ۾ ۽ ايم اي سنڌي ادب 1979 ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. نوڪري جي شروعات بلڊنگ کاتي لاڙڪاڻي ۾ ڊرافٽس مين جي حيثيت سان ڪيائين، جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾سنڌي جو ليڪچرار ٿيو ۽ 1989 ۾ ڪميشن پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ استاد جي حيثيت سان ٻار پڙهايا. هن پنهنجي حياتيءَ جا آخري ڏهاڙا گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور گذاريا. رزاق مهر کي لکڻ جو شوق 1974 ڌاري پيدا ٿيو. هن پهرين ڪهاڻي “ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان” لکي. 1982ع ۾ رزاق مهر جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “سڪون ڪٿي آهي” پڌرو ٿيو، جنهن ۾ موجود اڪثر ڪهاڻين جو موضوع سماجي حقيقت نگاري تي مشتمل آهن.هن جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو “ڊهندڙ ليڪا” جي نالي سان شايع ٿيو. رزاق جو لکيل ناول “ٽارچر ڪئمپ مان نڪتل دانهن” اڃا تائين شايع ٿي ناهي سگهيو آهي، ڪهاڻين جي مجموعي “سڪون ڪٿي آهي” ۾ سندس ڪهاڻين جو جائزو مرحوم انور پيرزادي هن ريت ورتو هو. “رزاق مهر ترقي پسند ڪهاڻيءَ جو نوجوان ليکڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ستايل ڪردارن ۽ غريبن سان نه رڳو همدرديءَ جو اظهار ڪيل آهي، پر انهن کي هيرو ڪري پڻ پيش ڪيو آهي. ڦورو ۽ پرماري ڪردارن کان نفرت هن جي ڪهاڻين ۾ برابر موجود آهي”. رزاق مهر سنڌ جو وڏو ڪهاڻيڪار ته هو پر کيس شهرت ٽيلي ويزن ناٽڪن وسيلي ملي. هن پهريون ٽي وي ڊرامو “زندگيءَ ڏانهن” جي نالي سان لکيو. جيڪو 1986ع ۾ پروڊيوسر ذوالفقار نقوي پيش ڪيو. هن سماجي حقيقتن تي ڊراما لکي، سنڌي ٽي وي ناٽڪ کي نئون موڙ ڏنو. جنهن کانپوءِ گهڻن ليکن سماجي مسئلن تي قلم کنيو. هونئن ته رزاق پنهنجي سمورن ڊرامن ۾ نج عوامي مسئلن کي بحث هيٺ آندو آهي، پر “جياپو” اهو ڊرامو هو، جنهن کيس شهرت جي بلندن تائين رسايوجڏهن “جياپو” ٽي ويءَ تان نشر ٿيندو هو ته ماڻهن جا انبوهه دڪانن ۽ هوٽلن جي ٻاهران به ڊرامو ڏسڻ لاءِ بيهجي ويندا هئا ۽ سنڌ جي وڏيرڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف روڊن تي نعرا هڻڻ لڳندا هئا. رزاق مهر ان ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو خانگي جيلن تي قلم کڻي هڪ سماجي ناسور تان پردو کنيو. جبري پورهئي خلاف سنڌ ۾ اهو پهريون ناٽڪ هو. سندس لکيل ان ڊرامي سنڌي سماج ۾ هڪ تبديلي آندي ۽ ان کان پوءِ سنڌ ۾ جبري پورهئي ۽ خانگي جيلن جي خلاف جدوجهد شروع ٿي. سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پوليس خانگي جيلن تي ڇاپا هڻي جبري پورهيو ڪندڙ هاري آزاد ڪرايا. سندس مڪالمن ۾ انسانن جو درد هو. هن وڏيرڪي سماج جا اهڙا ته ڇوڏا لاٿا، جو تنهن دور ۾ وڏيرن ان ڊرامي سخت اعتراض واريندي پريس ڪانفرنسون ڪيون. اها سندس پورهئي جي مڃتا هئي.
جياپو ڊرامي جو هڪ منظر
            رزاق ڪجهه مقصدي اسٽيج ڊراما به لکيا، جن ۾ “بدحواس هيڊ ڪلارڪ” ، “ٽي خانداني بي روزگار”، “مولوءَ مت وڃائي” ۽ “ايف آءِ آر” گهڻو مقبول ٿيا. رزاق مهر جو ويجهو دوست ڪيهر شوڪت هڪ هنڌ لکيو آهي ته “ويجهي ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن ڪنهن معياري اسٽيج ناٽڪ ڏنا آهن ته انهن ۾ رزاق مهر ئي شايد سنڌ جو اڪيلو اسٽيج ناٽڪ ڪار آهي. جنهن سطحي ۽ بازاري ناٽڪن کان هٽي گهرائيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان ناٽڪ لکي پيش ڪرايا آهن. هن جو لکيل ناٽڪ (بدحواس هيڊ ڪلارڪ) اڄ جي اسٽيج جي گدلي سينور ۾ ڪنول جو گل آهي”. رازق مهر نه رڳو سٺو ڪهاڻيڪار پر سٺو شاعر ۽ ايڊيٽر هو، سندس ايڊيٽ ڪيل رسالو “نئين دنيا” پنهنجي دور جو بهترين رسالو هو. جنهن ۾ سندس لکيل ايڊيٽوريل ڪافي مشهور ٿيا.سنڌ جو هي ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار 15 آگسٽ 2002 ع تي دل بيهڻ سبب وفات ڪري ويو. سنڌ جي هن منفرد ناٽڪ نويس جي ٽيلي ناٽڪن ۾ زندگيءَ ڏانهن، ڇوٽڪارو، راهه جو پٿر، سفر، جياپو (سيريل) زخم زندگيءَ جا، وڇوٽيون (سيريل) اعتراف شامل آهن .


Tuesday, December 25, 2018

Karachi Case: Book review of Prof. Aijaz Qureshi


ڪراچيءَ جو ڪيس: سنڌ جي تاريخ کي درست ڪرڻ ڏانهن هڪ وک
ڊاڪٽر قاسم راڄپر
ڪراچيءَ جي تاريخ بابت سڀ کان وڌيڪ ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ ملن ٿا، جيڪي گهڻي ڀاڱي سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪراچيءَ جي تاريخ بابت ڪيئي ڪتاب ملن ٿا. ويجهڙائيءَ ۾ نامياري محقق گل حسن ڪلمتيءَ جي ڪتاب “ڪراچي سنڌ جي مارئي” جي عنوان سان شايع ٿي هٿو هٿ وڪرو ٿي چڪو آهي. جيڪو انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ جلد پڌرو ٿي ويندو. 
پروفيسر اعجاز قريشيءَ جو شمار سنڌ جي انهن محققن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي هر ڀيري ڪنهن نئين ۽ منفرد موضوع تي ڪتاب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ويجهڙائيءَ ۾ “ون يونٽ ۽ سنڌ” بابت تحقيقي ڪتاب کانپوءِ سندس ٻيو تحقيقي “ڪراچيءَ جو ڪيس” ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن کي ڪراچيءَ بابت اهم دستاويز سڏي سگهجي ٿو. پروفيسر اعجاز قريشيءَ پنهنجي هن تحقيقي ڪتاب ۾ 1948ع ۾ ڪراچيءَ جي سنڌ کان جدائيءَ کان 1970ع تائين  ڪراچيءَ بابت ٿيل اهم فيصلن تي تحقيقي انداز ۾ لکيو آهي.
پروفيسر اعجاز قريشي

اعجاز قريشيءَ جو هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته ڪراچي سنڌ کان کسي وفاق حوالي ڪرڻ وارن ۾ لياقت علي خان سان گڏ اسان جا پنهنجا نام ڪٺيا سنڌي به شامل هئا. جنهن ۾ پير الاهي بخش جو ڪردار سڀ کان وڌيڪ تڪراري ۽ سنڌ کي نقصان ڏيندڙ رهيو آهي. جنهن جو ذڪر ان کان اڳ گهڻن ليکڪن ڪيو آهي. خاص طور تي ڊاڪٽر حميده کهڙو پنهنجي والد محمد ايوب کهڙي بابت لکيل ڪتاب ۾ تفصيل سان ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ جن اهم معاملن تي بحث ڪيو ويو آهي. انهن ۾ ڪراچيءَ کان سنڌ کي ڌار ڪرڻ واري مرڪزي سرڪار جي فيصلي، ڪراچيءَ کي مرڪز  حوالي ڪرڻ  واري فيصلي جي خلاف سنڌ جي عوام، مسلم ليگ قيادت،  سنڌ قانون ساز اسيمبليءَ جي مخالفت کان ويندي سنڌي شاگردن جي احتجاج جو تفصيلي ذڪر شامل آهي.
پاڪستان ٺاهڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ جدوجهد سنڌين ۽ بنگالين ڪئي، پر اها به تاريخي حقيقت آهي ته سڀ کان وڌيڪ تڪليف به سنڌين ۽ بنگالين کي ڏني وئي. بنگالي ته پنهنجي جان آجي ڪرائي ويا پر سنڌي پاڪستان ٺاهڻ جي قيمت اڄ تائين ادا ڪري رهيا آهن. پاڪستان ٺهڻ واري ڏينهن کان وٺي سنڌين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو. پنجاب پاڪستان ٺهڻ جي سڀ کان وڌيڪ مخالفت ڪئي پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان تي پنجاب جو قبضو ٿي ويو. پاڪستان قائم ٿيڻ شرط پنجابي مهاجر اتحاد جي ڪري ٻين قومن سُتت ئي پنهنجي وجود جي بقا لاءِ رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. قائد اعظم محمد علي جناح سنڌ ڄائو هو، پر سنڌ جي تڪليفن جي شروعات سندس حياتيءَ ۾ ٿي چڪي هئي. 15 آگسٽ تي جڏهن قائد اعظم محمد علي جناح پاڪستان جي پهرئين گورنر جنرل ۽ لياقت علي خان وزير اعطم جو عهدو سنڀاليو ته ساڻڻ گڏ جيڪا پاڪستان جي پهرين ڪابينا ٺهي، ان ۾ هڪ به سنڌي ڳالهائيندڙ وزير شامل نه هو. جنهن تي محمد ايوب کهڙي جي اڳواڻيءَ ۾ مسلم ليگ جي اڳواڻن مرڪزي قيادت آڏو سخت احتجاج ڪيو. جنهن جو اثر اهو ٿيو ته چئن مهينن کانپوءِ 30 ڊسمبر  1948ع تي پيرزاده عبدالستار کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو.
پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ جي ٻولي، ثقافت، ادب کي ختم ۽ وسيلن تي قبضو ڪيو ويو. ايستائين جو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ مرڪزي سرڪار پنهنجو ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ سنڌ کان 30 ڪروڙ رپيا 3 سيڪڙو وياج تي اوڌر ورتي هئي، اها رقم واپس ئي نه ڪئي. ان جو ذڪر اعجاز قريشيءَ تفصيل سان ڪيو آهي.
تاريخي طور اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته انتهائي شاطر ۽ چالاڪ لياقت علي خان ۽ سندس ساٿين اڳواٽ طئي ڪيل حڪمت عمليءَ هيٺ پهرئين مرحلي ۾ ڪراچيءَ کي وفاقي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏياري، ان مان سنڌي هندن کي زبردستيءَ نيڪالي ڏياري ۽ بعد ۾ سنڌ حڪومت کان ڪراچي خالي ڪرائي ان کي ڌار صوبو قرار ڏيڻ جو بنياد وڌو ويو. وفاقي سرڪار پاران سنڌ حڪومت، پاڪستان جي خالق جماعت مسلم ليگ، پاڪستان جي باني سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي اعتراض، احتجاج ۽ ٺهرائن جي باوجود 18 نومبر 1947ع تي ڪراچيءَ جو انتظام وفاق حوالي ڪيو ويو.  ان صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ حيرت ۾ وجهندڙ ۽ افسوس جوڳو ڪردار سنڌ ڄائي قائد اعطم محمد علي جناح جو رهيو. جنهن پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي اهو طئي ڪري ڇڏيو هيو ته ڪراچي وفاقي گاديءَ وارو شهر هوندو. ان حوالي سان ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشيءَ ، تاريخ نويس ڊاڪٽر حميده کهڙو جي لکيل ڪتاب جا حوالا ڏنا آهن. ڪراچي توڻي سنڌ جي مجموعي تاريخ جو اهو ڪارو باب ڊاڪٽر حميده کهڙو تمام وڏي تفصيل  سان تاريخي حوالا ڏئي لکيا آهي. سندس لکيل ڪتاب “محمد ايوب کهڙو جرئتمندانه سياسي زندگي”  پڙهڻ ۽ سانڍڻ جهڙو ڪتاب آهي. پروفيسر اعجاز قريشيءَ ڪراچي کسڻ تي سنڌ جي ماڻهن، اسيمبلي ميمبرن، شاگردن ۽ سنڌي پريس جي احتجاج جا حوالا گهڻي ڀاڱي حميده کهڙو جي ڪتاب تان ئي ورتا آهن.
سنڌ اسيمبليءَ کي پاڪستان جي خالق اسيمبلي هئڻ جو اعزاز به حاصل آهي. جنهن 1943ع  ۾ هڪ ٺهراءُ منظور ڪري پاڪستان جي قيام جو مطالبو ڪيو. گڏيل هندستان ۾ اها واحد اسيمبلي هئي، جنهن اهو ٺهراءُ منظور ڪيو. تاريخ جو جبر ڏسو ته ساڳئي سنڌ اسيمبلي 10 فيبروري 1948ع تي ڪراچي وفاق حوالي نه ڪرڻ خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو، جنهن کي گورنر جنرل قائد اعظم ، وزير اعظم لياقت علي ۽ وفاقي سرڪار تسليم نه ڪيو. سنڌ اسميبليءَ جي اها ڪارروائي ليکڪ تفصيل سان ڏني آهي.
لياقت علي خان

 هو صفحي نمبر 45 تي سنڌ اسيمبليءَ جي ڪارروائيءَ جو تفصيل ڏيندي لکي ٿو ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري مرڪزي فيصلي خلاف سنڌ قانونساز اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ قاضي ۾محمد اڪبر پيش ڪيو.  جنهن ۾ چيو ويو هو ته “جيئن ته هيءَ سنڌ اسيمبلي پنهنجي خدشن ۽ خطري کي رڪارڊ تي آڻڻ چاهي ٿي ته حڪومت پاڪستان هڪ خطرناڪ رٿ ڏئي ڪراچي کي سنڌ جي انتظامي ڪنٽرول مان ڪڍي مرڪزي حڪومت جي انتظام هيٺ آڻڻ گهري ٿي. انهيءَ ڪري هيءَ اسيمبلي اهو فيصلو ٿي ڪري ته ڪراچيءَ کي ڪنهن به طريقي سان ۽ ڪنهن به قيمت تي مرڪزي اسيمبلي مرڪزي انتظاميا تحت نه کڻي. ساڳئي وقت هيءَ اسيمبلي قائد ايوان ۽ وزارتي ڪئبينيٽ کي چوي ٿي ته حڪومت پاڪستان اهو ڪم نه ڪري ڇاڪاڻ ته اهڙو  قدم سنڌ جي اقتصاديات ۽ سياست کي تمام وڏو  ڌڪ رسائيندو ۽ اهو سڄو ڪم 1940ع واري پاڪستان ٺهراءَ جي سخت نفي هوندو ۽ ان سان صوبن جي خود مختياري ۽ سالميت کي پڻ ڌڪ رسندو. هتي اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته صوبي جي ماڻهن کي هٿ وٺي هڪ جهڳڙي ۾ ڦاسايو پيو وڃي، جيڪو ملڪ لاءِ سندن وفادارين ۽ سندن پيار ۽ محبت وارن روين جي خلاف هوندو ۽ پاڪستان جي آزاد رياست ڏانهن نفرت جوڳو هوندو.”
مٿيون ٺهراءَ تاريخي اهميت رکندڙ آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تڏهوڪين پارليامينٽيرين پنهنجي ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جو ثبوت ڏيندي، سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ سازشن کي ٻنجو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. سندن خيال هو ته سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ کي ايئن ئي مان ملندو، جيئن پاڪستان ٺهراءَ کي مليو آهي. سنڌ جي چونڊيل ميمبرن پنهنجي راءِ ۾ نه فقط تڏهوڪي صورتحال جو انتهائي مختصر لفظن ۾مڪمل جائزو پيش ڪيو پر مستقبل ۾ نظر ايندڙ خطرن کان پڻ آگاهه ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن مٿئين ٺهراءَ جو جائزو ورتو وڃي ته ان جو هڪ هڪ لفظ درست ثابت ٿيو آهي. وقت ثابت ڪيو ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪري نه رڳو سنڌ کي معاشي پر سياسي نقصان رسايو ويو. لياقت علي خان پلان هيٺ ڪراچيءَ کي سنڌ کان کسي نفرت ۽ نفاق جو اهڙو ته ٻج ڇٽيو ويو، جيڪو اڄ تائين نفرت جا نوان فصل پيدا ڪري رهيو آهي. سنڌ 1947ع کان وٺي مختلف تڪرارن جي ور چڙهيل رهي آهي. هن ٺهراءَ تي سنڌ جي ميمبرن جيڪي تقريرون ڪيون آهن، اهي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪيل انتهائي اهم تقريرن ۾ شامل آهن. ڪراچيءَ جي فرزند محمد هاشم گذدر انتهائي جذباتي تقرير  ۾ پاڪستان جي تڏهوڪي سڄي صورتحال جو پوسٽ مارٽم ڪيو. هن پنهنجي تقرير ۾ پنجابين تي به سخت ڇوهه ڇنڊيا. سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل ان ٺهراءَ تي ٻين جن ميمبرن تقريرون ڪري مرڪز آڏو پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو، انهن ۾ محمود اي هارون، هرداس لالجي، آغا غلام نبي پٺاڻ، مير بنده علي خان ٽالپر، حاجي علي محمد مري، قاضي محمد اڪبر، محمد ايوب کهڙي ۽ ٻين ميمبرن تقريرون ڪيون. هن ڪتاب ۾ اهي سڀ تقريرون شامل آهن. جيڪي سڀ پڙهڻ وٽان آهن.
سنڌ جي حڪمران جماعت مسلم ليگ، ٻين سياسي جماعتن ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن به ڪراچيءَ تي مرڪزي سرڪار جي امڪاني قبضي خلاف سخت احتجاج ڪيو پر سڀ کان سگهارو احتجاج ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي شاگردن ۽ سنڌي پريس جو هو. اعجاز قريشي ڪراچيءَ تي قبضي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج ۽ 20 فيبروري 1948ع تي ملهايل “يوم ڪراچي” جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي. وزير اعظم لياقت علي خان جي رٿ هيٺ ڪراچيءَ تي قبضي خلاف سڀ کان وڌيلڪ سگهارو ڪردار تڏهوڪي وڏي وزير  محمد ايوب کهڙي جو رهيو. جيڪڏهن ون يونٽ لاڳو ڪرائڻ ۾ محمد ايوب کهڙي جو ڪردار نه هجي ها ته هو سنڌ جي تاريخ جو سڀ کان محترم ۽ مزاحمتي شخص هجي ها، ڪراچي کي سنڌ جي اکين جو تارو برقرار رکڻ لاءِ هن جو ڪردار مزاحمتي رهيو. جنهن سبب پاڪستان تي قابض لياقت علي خان سميت سڄي مهاجر پنجابي لابي سندس خلاف ٿي بيٺي ۽ انهن محسوس ڪري ورتو ته ايوب کهڙو جيستائين سنڌ جو وڏو وزير آهي، تيستائين ڪراچيءَ تي قبضو ممڪن ناهي. ان خيال هيٺ سندس حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ سان گڏ کيس رستي تان هٽائڻ جون سازشون شروع ٿي ويون. جنهن ۾ سندس ڪابينا جي ميمبرن ۽ مسلم ليگي ميمبرن انتهائي مڪاريءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. خاص طور تي گورنر غلام حسين هدايت الله، پير الاهي بخش، مير غلام علي ٽالپر جي ڪڌي ڪردار سبب ايوب کهڙي جهڙي بهادر وڏي وزير کي هٽائڻ آسان ٿي پيو. ان سڄي معاملي تي ڊاڪٽر حميده کهڙو جو لکيل ڪتاب تاريخي دستاويز آهي. ڊاڪٽر حميده کهڙو لکيو آهي ته ايوب کهڙي کي قائد اعظم محمد علي جناح استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو ۽ سندس استعيفيٰ جي غلط فيصلي سبب سنڌ جو جيڪو نقصان ٿيو، ان جو ازالو شايد سڄي زندگي نه ٿي سگهي. ايوب کهڙي کي هٽائي پير الاهي بخش کي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو ته هن 24 ڪلاڪن اندر ڪراچي سنڌ کان کسي مرڪز حوالي ڪري ڇڏي. نه فقط اهو پر پنجاب سرڪار جيڪي هندستاني مهاجر وٺڻ کان انڪار ڪيو هو، اهي هن ورتا. سندس ان عمل سنڌ جي تباهيءَ جو بنياد رکيو. سنڌ اڄ به ان غلط فيصلي جي سزا ڀوڳي رهي آهي.
پير الاهي بخش

سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي قانونسازن ڪراچيءَ تي قبضي خلاف مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو پر ان جي ابتڙ مرڪزي آئين ساز اسيمبليءَ جو ڪردار انتهائي مڪروهه رهيو. جنهن اسيمبليءَ جو مئنڊيٽ ملڪ لاءِ نئون آئين ٺاهڻ هيو، ان آئين ٺاهڻ بدران ملڪ جا بنياد لوڏيندڙ ڪجهه بنيادي غلطين واري قانونسازي به ڪئي. 22 مئي 1948ع تي پاڪستان جي قانونساز اسيمبليءَ ۾ ڪراچيءَ کي پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪرڻ جو ٺهراءُ پيش ٿيو. اوڀر پاڪستان مان چونڊيل ميمبر ۽ مرڪزي وزير خواجه شهاب الدين جيڪو ٺهراءُ پيش ڪيو، ان جو تفصيل اعجاز قريشيءَ مڪمل طور ڏنو آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته 10 فيبروري 1948ع تي سنڌ اسيمبلي ڪراچي سنڌ کان کسي وفاق حوالي ڪرڻ خلاف ٺهراءُ منظور ڪري چڪي هئي، پر قائد اعظم جهڙي ذهين ماڻهو به سنڌ اسيمبليءَ جي ان ٺهراءَ کي مان نه ڏنو. ڪتاب جي صفحي 71 کان ويندي 128 تائين مرڪزي آئين ساز اسيمبليءَ جي ان غير قانوني، غير انساني، غير جمهوري، غير آئيني، غير اخلاقي، غير پارلياماني ٺهراءُ ۽ ان تي ڪيل تقريرون تفصيل سان ڏنل آهن. ٽن نقطن تي مشتمل هيءُ ٺهراءُ تمام گهڻو خطرناڪ ثابت ٿيو. پاڪستان جي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ ان سوال تي انتهائي اهم تقرير محمد هاشم گذدر ڪئي. (هلندڙ)
ليکڪ



When Sindhi Language Act will be implemented?


سنڌي ٻولي لازمي قانون تي عمل ڪڏهن ٿيندو؟
ڊاڪٽر قاسم راڄپر
سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي تعليمي ادارن مان نيڪالي ڏيڻ جي شروعات ته پاڪستان ٺهڻ شرط شروع ٿي وئي هئي، پر ان تي عمل ڪراچيءَ تي وفاق جي قبضي ٿيڻ شرط شروع ڪيو ويو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ 94 سالن تائين سنڌي ٻولي، سنڌ جي اسڪولن، ڪاليجن، سرڪاري آفيسن، عدالتن، روينيو مطلب ته سمورن معاملن ۾ ڪتب ايندي هئي. ڪراچيءَ تي وفاق جي قبضي بعد ڪراچي شهر جي سنڌي ميڊيم اسڪولن کي بند ڪيو ويو، ڪاليجن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ تي پابندي مڙهي وئي. 14 آڪٽوبر 1954ع تي جڏهن ون يونٽ مڙهيو ويو ته سنڌي ٻولي کان دفتري ٻوليءَ واري حيثيت کسي وئي. ڪراچيءَ ۾ مادري ٻولي سنڌيءَ تي ٽيون وار ڪراچي يونيورسٽيءَ جي انتظاميا پاران سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحان وٺڻ بند ڪري ڪيو ويو. جنهن جي خلاف ڪراچيءَ جي ايس. ايم. ڪاليج، ڊي. جي. سائنس ڪاليج، اسلاميه ڪاليج، اين. اي. ڊي. انجنيئرنگ ڪاليج، گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج، ڊوميڊيڪل ڪاليج، ايس. ايم. لا ڪاليج ۽ ڪراچي يونيورسٽي جا ٽن هزارن کان وڌيڪ سنڌي شاگردن 4- سيپٽمبر 1956ع تي، احتجاجي جلسي ۾ ٺهراءُ پاس ڪري، يونيورسٽيءَ جي سنڊيڪيٽ کان مطالبو ڪيو ته انگريزي ۽ اردو سان گڏ سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحان ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي. ون يونٽ جي دؤر ۾ مڙهيل اها پابندي اڃا تائين برقرار آهي. سنڌي شاگردن لاءِ فقط سنڌي شعبي ۾ امتحان مادري ٻوليءَ ۾ ڏيڻ جي سهولت آهي. 1972ع ۾ ٻولي جي اصل حيثيت بحال ڪئي ويئي ۽ ٻولي ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو، جنهن مطابق سنڌي ٻولي کي قومي، سرڪاري ۽ دفتري ٻولي بڻايو ويو پر اُن تي صحيح معنيٰ ۾ عمل اڄ تائين ٿي نه سگهيو آهي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ سان وڏي ناانصافي آهي. ان ايڪٽ تحت فيصلو ڪيو ويو هو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي آسان سنڌي پڙهائي ويندي، جڏهن ته سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي آسان اردو پڙهائي ويندي پر سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اُن تي به عمل نه ٿو ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ اسان جي سرڪار لڳاتار  لاپرواهه بڻيل آهي، سنڌ سرڪار صوبائي اسيمبليءَ مان منظور ٿيل قانون تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ بدران خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ بابت ٽي ڀيرا ٺهراءَ منظور ڪري چڪي آهي، هي معاملو ٺهرائن وسيلي نه پر تعليم کاتي جي هڪ نوٽيفڪيشن وسيلي حل ٿي سگهي ٿو، پر اصل ڳالهه نيت جي آهي.

سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع لاڳو ٿيڻ سان سنڌي ٻولي کي جيڪي فائدا ٿيڻ گهرجن ها، گهٽ ۾ گهٽ تعليم جي شعبي ۾ ٿي نه سگهيا، پر ان جي مقابلي ۾ نقصان وڌيڪ ٿيو. سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع جي سيڪشن 4 جي سب سيڪشن 2 موجب “سنڌيءَ جي بحيثيت لازمي مضمون جي شروعات هيٺئين سطح جي ڪلاس يعني چوٿين کان ٿيندي ۽ تجويز ٿيندڙ سطحن موجب ان کي هائير سيڪنڊري ڪلاسز 12 درجي تائين متعارف ڪرايو ويندو”. ان فيصلي تي 1972ع کان اڄ تائين ابتو عمل ٿي رهيو آهي، جنهن تي اسان مان ڪنهن به ڌيان نه ڏنو آهي. جنهن جي ڪري اسان سنڌين جا ٻار به مادري ٻوليءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي رهيا آهن. سنڌي ٻولي ايڪٽ هيٺ سنڌي ڳالهائيندڙ ٻارن کي غير مادري ٻوليءَ طور چوٿين کان 12 ڪلاس تائين اردو آسان پڙهڻي هئي، جيڪا اهي اڄ ڏينهن تائين پڙهي رهيا آهن. جڏهن ته سنڌي نه ڄاڻيندڙ شاگردن کي غير مادري زبان طور آسان سنڌي چوٿين ڪلاس کان 12 ڪلاس تائين پڙهڻي هئي، پر 1972ع کان اها فقط نائين ڪلاس تائين پڙهائي وڃي ٿي. ٻوليءَ واري ايڪٽ جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي اردوءَ سان گڏ چوٿين درجي کان نائين درجي تائين پڙهائڻ تي عمل ته ٿي ويو پر بل مطابق يارهين درجي تي رکيل سنڌي مضمون تي عمل نه ٿي سگهيو. يارهين درجي ۾ غير سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي آسان سنڌيءَ جو مضمون پڙهڻو آهي، جڏهن ته سنڌي شاگردن کي يارهين درجي ۾ آسان اردوءَ جو مضمون پڙهڻو آهي. سنڌي شاگرد ته آسان اردو پڙهندا آهن پر آسان سنڌيءَ تي عمل نه ٿو ٿئي.
آسان سنڌيءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي سالن کان سنڌ حڪومت تي دٻاءُ هو. ان جي نتيجي ۾ ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت دوران تمام گهڻي اڳڀرائي ٿي. ڊاڪٽر حميده کهڙو سنڌ جي تعليم جي وزير هئي. ان جي ڪوششن سان سنڌ جي تعليم کاتي پاڪستان سرڪار جي تعليم کاتي جي (ڪريڪيولم ونگ) کان اسڪيم آف اسٽڊيز منظور ڪرائي 27 هين سيپٽمبر 2005ع تي ترت لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. اهو نوٽيفڪيشن سنڌ جي تڏهوڪي تعليم واري سيڪريٽري غلام علي شاهه پاشا جاري ڪيو. ان اسڪيم مطابق سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي يارهين ۾ آسان اردوءَ جو 100 مارڪن ۽ ٻارهين ۾ سنڌي لازميءَ جو 100 مارڪن جو پرچو جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي يارهين ۾ آسان سنڌيءَ جو 100 مارڪن ۽ ٻارهين ۾ اردو لازميءَ جو 100 مارڪن جو پرچو ڏيڻو آهي. آسان سنڌيءَ کان سواءِ ٻين مضمونن جا ڪتاب ته اڳي ئي موجود هئا پر پوءِ آسان سنڌيءَ جو ڪتاب به تيار ڪيو ويو. ان جون هزارين ڪاپيون شايع ڪيون ويون. جڏهن عمل جو وقت آيو ته هڪ سياسي ڌر سخت مخالفت ڪئي. نتيجي ۾ عمل روڪڻ لاءِ مختلف سبب سامهون آندا ويا. وڏو سبب ڪراچيءَ ۾ سنڌي مضمون جي ڪاليجي استادن جي کوٽ ڄاڻايو ويو. سنڌ حڪومت ترت ئي سنڌي مضمون جا 150 ليڪچرار ڀرتي ڪيا. خوشيءَ جي ڳالهه اها هئي ته ڪراچيءَ جي ڪجهه ڪاليجن ۾ آسان سنڌي پڙهائڻ به شروع ٿي وئي ۽ گهڻي ڀاڱي شاگردن ۽ سندن مائٽن پاران آجيان به ٿي، پر جنرل پرويز جي دور ۾ حڪومت پنهنجو ڪيل فيصلو واپس ورتو. جنهن جو سبب ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص جي بورڊن تي قابض هڪ مافيا هئي، جيڪا اڄ به سنڌي ٻوليءَ لاءِ ساڳيا ڪات ڪهاڙا کڻي ويٺي آهي، جيڪي 1947ع کانپوءِ سندن وڏڙن جي هٿن ۾ هئا. ڳالهه رڳو اتي دنگ نه ٿي ڪري. اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌي مضمون پڙهائڻ جو مسئلو منجهيل ئي هو ته ڪراچيءَ جي انٽر ميڊئيٽ ايجوڪيشن بورڊ سنڌي شاگردن کان سنڌي مضمون پڙهڻ جو ئي حق کسي ڇڏيو، سن 2001ع ڌاري اهڙو فيصلو ڪيو ويو ته اهڙو ڪوبه سنڌي شاگرد انٽرميڊئيٽ ۾ مادري ٻوليءَ وارو سنڌي مضمون نه پڙهي سگهندو، جنهن مئٽرڪ ۾ مادري ٻوليءَ وارو سنڌي مضمون نه پڙهيو هوندو. ڪراچيءَ جي ٻن ٽن اسڪولن جهڙوڪ: سنڌ مدرسي، اين. جي وي، گڏاپ ٽائون ۽ بن قاسم ٽائون جي هڪ اڌ اسڪول کان سواءِ ڪٿي به مئٽرڪ ۾ مادري ٻوليءَ وارو سنڌي مضمون نه ٿو پڙهايو وڃي. جڏهن مئٽرڪ ۾ هتي ان مضمون پڙهائڻ جو مڪمل بندوبست ناهي ته پوءِ پابندي غيرقانوني آهي، ان فيصلي سان هر سال هزارين سنڌي شاگرد متاثر ٿي رهيا آهن. جڏهن انٽر ۾ سنڌي مضمون نه پڙهبو ته بي اي ۾ به نه پڙهي سگهبو. قانون مطابق بي اي ۾ سنڌي مصمون نه هوندو ته ايم اي سنڌي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي نه ٿي ڪري سگهجي. نتيجي ۾ هوريان هوريان سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ختم ٿي ويندي. سنڌ جي شهرن ۾ قائم هزارين خانگي اسڪولن ۾ نه رڳو غير سنڌي پر سنڌي شاگردن کي به غير مادري ٻولي سنڌي وارو مضمون يعني آسان سنڌي پڙهائي وڃي ٿي، جڏهن ته انهن جو حق آهي ته انهن کي سنڌي لازمي پڙهائي وڃي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته “زور جي ميندي نه لڳندي آهي”، تنهن ڪري مان ذاتي طور ان راءِ جو آهيان ته اسان کي غيرسنڌين کي سنڌي پڙهائڻ واري جنون مان نڪري پنهنجي سنڌي ٻارن کي آسان سنڌيءَ بدران سنڌي لازميءَ جو مضمون پڙهائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ٻيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ٻارهين ڪلاس تائين آسان سنڌي لاڳو نه ٿي ڪرائي سگهي ته پوءِ غير سنڌي شاگردن وانگر يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي شاگردن لاءِ سنڌي لازمي لاڳو ڪئي وڃي.
 
ليکڪ

Razzaq Mahar: Realistic TV drama writer

سنڌي ٽيلي ناٽڪ ۾ حقيقت جا رنگ ڀريندڙ : رزاق مهر ڊاڪٽر قاسم راڄپر پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ “جياپو” جهڙو سماجي ۽ مقصدي ڊرامو لکڻ واري ...