سنڌي ناٽڪ ۾ حقيقت نگاريءَ جو باني- خانچند شامداس درياڻي
ڊاڪٽر محمد قاسم راڄپر
Abstract
The History of Sindhi Stage drama starts in 1880
with Mirza Qalich Baig’s “Laila Majnu”, which was not staged in that time.
First Sindhi drama which was staged was “Nal Daminti” by written Jethanand
Khilndas Bhiryai and staged by “D.J. Sindh College Natak Mandli” in 1894. The
Subjects of Early Sindhi drama mainly was Mythological, historical and
religious.
Khanchand Shamdas Daryani (1898-1965) was first
Sindhi dramatist who wrote realistic drama. He mainly wrote original plays on
domestic and social problems. He avoided melodrama as far as possible, adopting
a simple, straight forward technique with great economy of scenes and
characters, and employing a simple and natural diction in his dialogues. His
two earliest plays “Gulab-jo-Gul” (Rose Flower) and “Motie-ji-Mukhri”
(Jessamine Bud) were written against the evils of dowry system about 1920. In
1922 he wrote “Moomal-Mendhro”, the earliest dramatization of a Sindhi folk-tale.
Daryani was the principal founder of
"Rabindranath Literary and Dramatic Club" inaugurated by the poet
himself in 1923, which was a land-mark in the growth of Sindhi drama. The first
play he performed under its banner was “Mulk-ja-Mudabar”, adapted from Ibsen's “Pillars
of Society”, a play which created a revolution in stage history by introducing
the new realistic technique. The above play, and “Desh Sadke” (For Country's
Sake) adapted from Maeter-link's “Monna Vanna”, were Daryani's most literary
plays, besides possessing dramatic qualities. His “Insan-keen Shaitan” was
adapted from Marie Corelli's Sorrows of Satan, and “Ghalat Fahmi” (Misunderstanding)
from Mrs. Henry Wood's East Lynne. Some of his original plays were “Ratna”, “Zamindari
Zulum” (1929), “Maya jo- Andh" (Blindness of Riches), “Zamane-ji-Lahar”
(Tide of the Times) and “Bukha -jo-Shikar” (Victim of Hunger) 1932, all
depicting social, economic and agrarian evils and suggesting the respective
reforms indicated by their titles.
نثر جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ سڄي دنيا ۾ ”ڊرامي“ جي صنف تي وڌيڪ طبع آزمائي ڪئي
وئي آهي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته دنيا جي هر قوم ۾ ڊرامي جي روايت موجود آهي. اها ٻي ڳالهه آهي
ته هر ملڪ يا علائقي جو ناٽڪ ٻين کان ٿورو يا گهڻو مختلف ضرور آهي. سنڌو ماٿريءَ
جي تهذيب ۽ ثقافت دنيا جي انتهائي سڌريل تهذيبن مان هڪ هئي، پوءِ اهو ڪيئن ممڪن
آهي ته موهن جي دڙي جي 5 هزار سالن جي تاريخ ۽ تهذيب رکندڙ سنڌ ڌرتيءَ تي ماڻهن جي
وندر جو ڪو بندوبست ٿيل نه هجي، اسان جڏهن پروهت ۽ ناچڻيءَ جي مجسمي کي ڏسئون ٿا ته ڏندي آڱريون ٿيون اچن ته 5 هزار
سال اڳ به سنڌ جي ماڻهن جي ذوق جو اهو ڪمال هو ته انهن وٽ موسيقي، ناچ، راڳ ۽
چٽساليءَ جا نادر نمونا موجود هئا.
جڏهن ’لوڪ ناٽڪ‘ ۽ ’مظاهراتي
فن‘ جي قدامت تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته اسان کي سنڌ ۾ سانگ، مناظرا، ناٽڪي لوڪ گيت،
پتلي تماشو، رام ليلائون، راس ليلائون، ڀڳت، چؤنڪي، مسخري ڏس ۽ بيان، هٿ ناٽ جي فن
بابت ڪيترائي مثال ملن ٿا. اهڙيءَ ريت سنڌي ناٽڪ ڪلا وقت سان گڏ ڪيتريون ئي منزلون
طئي ڪري وقت جي گهرجن کي پورو ڪندي جديد دؤر ۾ داخل ٿي چڪي آهي. اڄ جي سنڌي جديد
ڊرامي جون پاڙون ڪنهن نه ڪنهن ريت سنڌ جي قديم لوڪ ناٽڪن ۾ کتل نظر اچن ٿيون، سنڌ
جي لوڪ ناٽڪن جا اصول ۽ ضابطا ڀلي لکيل نه آهن، پر اهي هڪ پيڙهيءَ ٻي پيڙهيءَ
تائين منتقل ڪيا آهن.
جديدسنڌي ناٽڪ جي اوسر :
سنڌ جا اهي قديم لوڪ ناٽڪ موجوده جديد ناٽڪ جو بنياد ضرور آهن. جن جي ڪري سنڌ
جي ماڻهن ۾ جديد ڊرامي لاءِ چاهه وڌيو. ڊرامو بنيادي طور تي اولهه جي صنف آهي ۽
اولهه مان ئي اسان وٽ آئي آهي. سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ کانپوءِ ڊرامو باقاعدي ادبي
صنف طور سنڌي ادب ۾ داخل ٿيو.
سنڌ ۾ مسلمانن جي ڀيٽ ۾ هندن کي ڊرامي سان وڌيڪ چاهه هو. ان جو هڪ سبب اهو به
هو ته هندو ڌرم ۾ ڊرامي وسيلي مذهبي پرچار ڪئي ويندي هئي . هندو ڌرم ۾ مظاهراتي فن
جي اظهار تي ڪا پابندي نه هئي ٻيو ته مسلمانن جي ڀيٽ ۾ هندو وڌيڪ پڙهيل لکيل هئا،
انهن جو پنهنجي ديس کان ٻاهر جي ماڻهن سان به گهرو واسطو ۽ رابطو هيو، پر سنڌ جي
ڳوٺن ۾ نج لوڪ ناٽڪ مختلف صورتن ۾ عروج تي رهيو.
برطانيا ۾ ڊرامو زور هئڻ سبب انگريزن
ننڍي کنڊ ۾ به ڊرامي کي هٿي وٺرائي، ان لاءِ موجوده ڀارت جي مختلف شهرن ۾ ناٽڪ
منڊليون برپا ڪيون ويون. سنڌ ۾ به جديد ناٽڪ انگريزن جي دؤر ۾ آيو ۽ ان جي باقاعده شروعات
اوڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري ٿي.1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ انگريزن
پنهنجي فوجين جي تفريح لاءِ
1854ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ’ٿيٽر رائل‘ قائم ڪري سنڌ ۾ جديد ناٽڪ جي شروعات ڪئي. اها سنڌ
۾ جديد ناٽڪ جي نماءَ طرف پهرين وِکَ هئي.
انگريز
سرڪار پاران پنهنجي فوجين جي تفريح لاءِ قائم ڪيل رائل ٿيٽر سنڌ جي ماڻهن جو ڌيان ناٽڪ ڏسڻ طرف ڇڪايو ۽
اهڙيءَ ريت هوريان هوريان سنڌ ۾ ناٽڪ منڊليون قائم ٿيڻ ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. انگريزن کي جڏهن مڪاني ماڻهن سان رابطي لاءِ مڪاني ٻوليءَ جي استعمال جي ضرورت
محسوس ٿي ته 1851ع ۾ سنڌ جي پهرئين چيف
ڪمشنر سر بارٽل فريئر سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏنو ۽ غير ملڪي آفيسرن لاءِ
سنڌي ٻولي جو امتحان پاس ڪرڻ لازمي قرار ڏنو، جنهن کان ترت پوءِ 1853ع ۾ انگريزن جي ڪوشش
سان سنڌيءَ جي موجوده صورتخطي ٺهي
راس ٿي ۽ پوءِ آهستي آهستي سنڌي ۽ انگريزي
ميڊيم اسڪول کليا، جتي ناٽڪ لکي اسٽيج تي پيش ڪرڻ جو رواج پيو. ڊرامي جي فن لاءِ جيڪي اصول ۽ معيار يونان ۾ مقرر ڪيا ويا، انهن اصولن ۽
معيارن موجب انگريزن جي اچڻ کان اڳ سنڌ ۾ جديد ڊرامي جو وجود نظر نه ٿو اچي. جديد سنڌي
ڊرامو رنگ منچ (Stage)تي ڀارت جي ٻين
ٻولين سان گڏ وجود ۾آيو.
سنڌي عالمن، محققن ۽ تنقيد نگارن جي عام راءِ اها آهي ته سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جي
پيڙهه مرزا قليچ بيگ رکي. پر ان سلسلي ۾ هڪ ٻي راءِ به آهي ته سنڌيءَ ۾ ناٽڪ
نويسيءَ جي شروعات امام بخش خادم ڪئي. جن عالمن جو خيال آهي ته مرزا قليچ بيگ سنڌي
ناٽڪ جو باني آهي، انهن جي آڏو گهڻي ڀاڱي پروفيسر منگها رام ملڪاڻيءَ جو ڪتاب ’سنڌي
نثر جي تاريخ‘ رهيو آهي، جڏهن ته امام بخش خادم جي ڊرامي’هير رانجهو‘ کي سڀ کان اڳ
۾ لکجندڙ ڊرامو قرار ڏيڻ وارن جي آڏو لطف
الله بدوي جي ترتيب ڏنل ’ڪليات خادم‘ آهي.
اها به
حقيقت آهي ته اهي ٻئي ڊراما تنهن دؤر ۾ اسٽيج تي نه آيا. ڪو به مسودو تيستائين
ڊرامو نه ٿو سڏجي، جيستائين اهو اسٽيج تي پيش نه ٿو ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ پروفيسر
منگها رام ملڪاڻيءَ جي راءِ ڪجهه هن ريت آهي: ”ياد رکڻ کپي ته ناٽڪي فن، ٻين فنن وانگر، پاڻ ۾ ئي پورو نه آهي، جنهن کي صرف ڪتب
خاني ۾ ويهي مطالع ڪجي، ناٽڪ جو آخرين مقصد تڏهن پورو ٿيل سمجهبو، جڏهن ناٽڪ
گهر (Theater) ۾ اهو ڪري ڏيکاريو وڃي ۽ رنگ ڀومي (Stage)
تي، اداڪاريءَ (Acting) ، چترڪاري(Painting) ، وسترڪاري (Costume) ، سنگيت (Music) ۽ ناچ (Dancing) جي اُن کي پوري پوري واهر وٺڻي پوي. هڪ عالم جو چوڻ آهي ته
ناٽڪ هڪ مرڪب فن (Complex Art) آهي، جنهن جو مڪمل تاثير تيسين حاصل نه ٿيندو،
جيسين رنگ ڀوميءَ تي ڪري نه ڏيکاريو وڃي“.1
ناٽڪ جي تاريخ جو جائزو وٺڻ مان
معلوم ٿئي ٿو ته ان جي شروعات مذهبي پرچار لاءِ ڪئي وئي. يونان کان ويندي ،
انگلستان تائين اولهه جا ڊراما مذهبي مقصدن لاءِ وجود ۾ آيا. جڏهن ته هندستان ۾ به
ناٽڪ مذهبي مقصدن لاءِ ڪتب آندو ويو. سنڌ ۾ جديد ناٽڪ گڏيل هندستان جي مکيه شهرن
مان آيو. جنهن جي ڪري شروعاتي سنڌي ناٽڪن جا موضوع به گهڻي ڀاڱي ديو مالائي ۽
مذهبي هئا.
سنڌيءَ ۾ مرزا قليچ بيگ جو 1880ع ۾ پهريون شايع ٿيل ناٽڪ ’ليليٰ
مجنون‘ به هندستاني ناٽڪ تان ترجمو ڪيل هو. جڏهن ته ان کانپوءِ به سندس لکيل ٻيو
ناٽڪ ’خورشيد‘ به گجراتي ناٽڪ جو ترجمو هو. 1888ع ۾ ڪوڙي مل چندن مل جو لکيل ناٽڪ ’رتنا
ولي‘ مذهبي ۽ ديو مالائي ڊرامو هو، جيڪو هرش چندر جي سنسڪرت ناٽڪ جو ترجمو هو.
سنڌيءَ ۾ اسٽيج تي پيش ڪيل پهريون ناٽڪ ’نل دمينتي‘ به هرش
چندر جي سنسڪرت ناٽڪ جو ترجمو هو. ڄيٺانند کلڻداس جو ترجمو ڪيل اهو ناٽڪ 1894ع ۾
ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچيءَ پاران اسٽيج تي آندو ويو. اهو ناٽڪ به
اصلوڪو نه هو. سنڌيءَ ۾ پهريون اصلوڪو
ناٽڪ ’بڪاولي‘ مرزا قليچ بيگ لکيو. جيڪو اسٽيج تي نه آيو، پر ماستر هري سنگهه
پبلشرز سکر پاران 1894ع ۾ شايع ٿيو. 1895ع ۾ ليلا رام سنگهه وطڻ مل مهاڀارت تان ’هرش
چندر‘ ناٽڪ ترجمو ڪيو. اهو ناٽڪ به مڪمل طور ڌرمي هو.
سنڌيءَ ۾ پهريون اصلوڪو ننڍو ناٽڪ ’لوڀي ۽ ٺوڳي‘ مرزا قليچ
بيگ 1895ع ۾ لکيو، اهو سندس پهريون ناٽڪ هو، جيڪو ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ
پاران اسٽيج تي به آندو ويو. هي مرزا صاحب جو پهريون ننڍو ناٽڪ هو، ان کان اڳ سندس
لکيل سمورا ناٽڪ وڏا هئا.
مٿئين بحث مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ته 1879ع کان 1895ع تائين
سنڌيءَ ۾ لکيل 8 مان 7 ناٽڪ ديو مالائي ۽ ڌرمي هئا. فقط هڪ ناٽڪ ’لوڀي ۽ ٺوڳي‘
اصلوڪو هو. سنڌي ناٽڪ کي زور وٺرائڻ ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ جو ڪردار سڀ
کان مٿاهون آهي.
سنڌيءَ ۾ وڏي ناٽڪ (Full Length Drama) ننڍي ناٽڪ يا ايڪانڪي (One Act Drama) جو باني به مرزا
قليچ بيگ آهي. سندس لکيل پهريون
ايڪانڪي ڊرامو ‘لوڀي ۽ ٺوڳي’ 1895ع ۾ سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ پاران اسٽيج ڪيو
ويو.اهو طنزيه ۽ مزاحيه ناٽڪ هو. جنهن ۾ تنهن دؤر ۾ سنڌي سماج ۾ موجود اوڻاين تي
مزاحيه انداز ۾ ڇٿر ڪيل هئي.بعد ۾ ليلا رام سنگهه وطڻ مل به ڊراما لکڻ شروع ڪيا،
سندس پهريون ناٽڪ ‘موهن تارڪا’ به نج سماجي ناٽڪ هو، جيڪو 1896ع ۾ سنڌ ڪاليج ناٽڪ
منڊليءَ پاران اسٽيج تي آندو ويو.
جيڪڏهن سنڌي ناٽڪ کي مختلف دؤرن ۾ ورهايو
وڃي ته اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته سنڌي ناٽڪ جي پهرئين دؤر ( 1879ع کان 1900ع تائين) گهڻي ڀاڱي ڌرمي ۽
ديو مالائي ناٽڪ لکيا ويا. جڏهن ته سنڌي ناٽڪ جي ٻئين دؤر (1900ع کان ورهاڱي
تائين) ۾ گهڻي ڀاڱي سماجي موضوعن تي ناٽڪ لکيا. ڪجهه ناٽڪ ڌرمي،
تاريخي، ديو مالائي ۽ لوڪ ڪهاڻين تي مشتمل هئا. جيئن ته ناٽڪ سنڌي نثر نويسن لاءِ بنهه نئين صنف هئي، تنهن ڪري ناٽڪ
نويسن جو زور ترجمن ۽ اُلٿن تي هو. مرزا
قليچ بيگ جي ڪوشش هئي ته شيڪسپيئر جي ناٽڪن کي سنڌي ويس ڍڪائجي. سنڌ جي هندو ناٽڪ نويسن شروعاتي ناٽڪ ڌرمي لکيا.
سنڌي ناٽڪن
۾ حقيقت نگاري:
اولهه ۾ ڊرامن ۾ حقيقت
نگاريءَ جي شروعات 1870ع ڌاري ٿي. جنهن جو باني ناروي جو جڳ مشهور ڊرامي نگار
هينرڪ ابسن (1906-1828) هو. هن اولهه جي ناٽڪ کي مذهبي پرچار ۽ ديولائي قصن کان
ٻاهر ڪڍي، عوامي مسئلن، تڪليفن، ڏکن ۽ خوشيبن جي اظهار جو وسيلو بڻائڻ جي ڪوشش
ڪئي. سندس لکيل جڳ مشهور ناٽڪ Doll’s House يورپ ۾ ناٽڪ کي نئون موڙ ڏنو. سندس اهو ۽ ٻيا ڪيترائي ناٽڪ لاتعداد ٻولين ۾
ترجمو ٿيا. سندس هاڪ جڏهن لنڊن جي ٿئٽير تائين پهتي ته سندس ناٽڪن جا انگريزيءَ ۾
ترجما ٿيڻ لڳا. سندس حقيقت نگاريءَ وارو اسلوب دنيا ۾ ايترو ته پسند ڪيو ويو، جو
اڳتي هلي آسڪر وائلڊ (1900-1865)، جارج برنارڊ شا (1950-1856)، آرٿر ملر
(2005-1915) جهڙن دنيا جي وڏن ناٽڪ نويسن به سندس پيروي ڪئي.
جيئن ته سنڌي ناٽڪ جي
موضوع توڙي اصولن تي انگريزي ناٽڪ جو گهرو اثر رهيو آهي. مرزا قليچ بيگ جڏهن
ممبئيءَ ۾ تعليم پئي پرائي ته هن نه رڳو انگريزي، پر هندي، اردو، گجراتي ۽ ٻين
ٻولين جا ناٽڪ ڏٺا. اهي ناٽڪ ڏسي هن پهريان هندي ۽ گجراتي ناٽڪن جا ترجما ڪيا پر
هن بعد ۾ گهڻا ترجما شيڪسپيئر جي انگريزي ناٽڪ جا ڪيا، هن انهن ناٽڪن کي نه رڳو
سنڌي ويس ڍڪايو، پر سندس اُلٿو ڪيل ناٽڪن جا ڪردار ۽ ماحول به مڪاني هو. اها روايت
ٻين ناٽڪ نويسن به برقرار رکي.
پهرين مهاڀاري لڙائي
کانپوءِ سڄي دنيا جون حالتون تبديل ٿي چڪيون هيون. خلافت تحريڪ ۽ ٻي مهاڀاري
لڙائيءَ جي تيارين ڪري سماجي حالتون بدليل هيون. انهيءَ جو اثر نه صرف هندستان تي
پيو، پر سنڌ به پاڻ بچائي نه سگهي. انهن حالتن سنڌي ادب تي به گهرو اثر ڇڏيو. سنڌي
نثر نويسن سنڌي سماج جي سمورن مسئلن تي قلم کنيو. سنڌي ناٽڪ کي نوان موضوع
مليا.حقيقت نگاريءَ وارن ناٽڪن ڌرمي، رومانوي، ديو مالائي، تاريخي ۽ سنسني خيز
ناٽڪن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو.
سنڌي ناٽڪ جو ٻيو ۽
سونهري دؤر 1901ع کان شروع ٿي ورهاڱي تي ختم ٿئي ٿو. هن دؤر ۾ سنڌي ناٽڪ نويسن سڀ
کان وڌيڪ سماجي موضوعن تي ناٽڪ لکيا، جنهن سبب هن دؤر کي حقيقت نگاريءَ وارو دؤر
سڏيو ويو. هن دؤر ۾ مرزا قليچ بيگ، لعلچند
امرڏنو مل، ڪشنچند بيوس، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، چانڊو مل کتري، ليلا رام ماکيجاڻي،
ديوان ٺاڪرداس، لوڪ سنگهه وطڻ مل، ڪوڙو مل چندن مل، موٽو مل گدواڻي، ليلا رام سنگهه وطڻ مل، نانڪرام ڌرمداس، خانچند درياڻي، اُڌو جهانگياڻي،
منگهارام ملڪاڻي، ڄيٺمل پرسرام، محمد اسماعيل عرساڻي ۽ ٻيا کوڙ ناٽڪ نويس هن ميدان
۾ آيا. هن دؤر کي سنڌي ناٽڪن جو سونهري دؤر ان ڪري ليکيو ويو آهي، جو سنڌي ناٽڪ
نويسن سنڌي ناٽڪ کي ڌرمي پرچار کان ٻاهر ڪڍي سماجي مسئلن جي حل جو وسيلو بڻايو. هن
دؤر ۾ سڀ کان وڌيڪ حقيقت نگاريءَ وارا ناٽڪ لکيا ۽ پيش ڪيا ويا. سنڌي ناٽڪ نويسن
سنڌي سماج ۾ موجود سمورين براين کي ناٽڪن وسيلي وائکو ڪيو. هن دؤر جو سنڌي ناٽڪ
تعليم، تربيت ۽ سماجي جاڳرتا جي حوالي سان نهايت اهم هو. ٻئي دؤر ۾ پهريون سماجي
حقيقت نگاريءَ وارو ناٽڪ ’نشائن کي نصحيت‘ 1903ع ۾ لوڪ سنگهه وطڻ مل لکيو. جيڪو
سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچيءَ پاران ڏيکاريو ويو.
سنڌي ناٽڪ جي ٻئي دؤر ۾
سڀ کان گهڻي مقبوليت خانچند درياڻيءَ جي ناٽڪن کي ملي، سندس ناٽڪ سنڌي هندو مسلم
سماج ۾ تنهن دؤر ۾ موجود سمورين سماجي خرابين تي لکيل هئا. جهڙوڪ: جوا، شراب، عورت
بازي، پوڙهائپ ۾ ننڍين ڇوڪرين سان شادي، ٻي شادي، سماجي ناانصافي، مذهبي تضاد،
انگريزن خلاف نفرت، آزادي، نئين زماني جي فيشن جا سنڌي سماج تي اثر، انساني آزاديءَ
جا عورت ۽ مرد جي لاڳاپن تي اثر، زميندارن جا ظلم، هارين جي خراب حالت، پورهيتن جو
استحصال، وڏيرن ۽ سردارن جي انگريزن جي چاپلوسي وغيره.”سنڌي ادب جا تاريخ نويس ان
ڳالهه تي متفق آهن ته، سنڌي ڊرامي جو ابو مرزا قليچ بيگ آهي، پر ڊرامي کي مقبول
ڪرڻ ۾ خانچند درياڻيءَ جو هٿ آهي“.2
درياڻي صاحب جو ويجهو
دوست، هم ڪلاسي ۽ سندس ناٽڪ جو اداڪار ۽
هدايتڪار پروفيسر منگها رام ملڪاڻي لکي ٿو ” نئين زماني جو حقيقت
نگاريءَ واري ناٽڪ (Realistic
Drama) جو پايو وجهندڙ ڪوٺجي ته بيجاءَ نه ٿيندو. هن جوان ڦورن تي
سالن ۾ 25 کن ناٽڪ لکي وڌا جي لوڪن ۾ نهايت پسند پيا، ڇوجو منجهن موضوع توڙي رٿا
جي ناٽڪي دلچسپي خوب رکيل هئي“.3
سنڌي ناٽڪ جو تاريخ نويس ڊاڪٽر محمد يوسف
پنهور جو خيال آهي ته ”بنان دليل جي هٿ ٺوڪي راءِ قائم ڪري
قليچ کي سنڌي اسٽيج ڊرامي جي اولين سان گڏ
آخري سنگِ ميل مڃڻ مبالغي کان خالي نه سمجهيو ويندو. ڇاڪاڻ ته ماضي بعيد ۾ سنڌي
اسٽيج ڊرامي جي ميدان ۾ ڪيترن ئي پاڻ موکيندڙ ناٽڪ نويسن، قليچ کي آدرش بنائي يا
پنهنجي سر ڪوشان رهي، تخليق توڙي عمل جي مظاهري سان نه رڳو پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي
پر گڏو گڏ تخليقي ۽ عملي سرمايي سان هن ميدان ۾ مخصوص رتبو به ماڻيو هو. جيئن
خانچند درياڻيءَ سنڌي اصلوڪي وڏي ناٽڪ ۽ منگهارام ملڪاڻي سنڌي ننڍي ناٽڪ (ايڪانڪي)
۾ پنهنجو نالو ڇڏي ويا آهن“.4
خانچند درياڻيءَ جو خاڪو:
سنڌي ڊراما نويسيءَ کي
نئون انداز ڏيندڙ خانچند شامداس درياڻيءَ، 1898ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي
تعليم حيدرآباد ۽ بعد ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مان حاصل ڪئي. هو اسڪول واري دؤر کان ئي
سنڌي ٿئيٽر سان لاڳاپجي ويو. هن 13 سالن تائين سنڌي ناٽڪ لکيا ۽ انهن ۾ اداڪاري به
ڪئي. هو ورهاڱي کان اڳ ئي هندستان هليو ويو هو، خانچند درياڻي پهريون سنڌي هو،
جنهن بمبئيءَ ۾ فلمون ٺاهڻ واري اداري ”ايسٽرن آرٽس پروڊڪشن“ جو بنياد رکيو. هن
پنهنجي ناٽڪ “انسان ڪي شيطان” کي فلم جو روپ ڏنو. اها اردو فلم ”انسان يا شيطان“
نالي سان، ”ايسٽرن آرٽس پروڊڪشن“ جي بئنر هيٺ بمبئيءَ ۾، سنڌي ڊائريڪٽر موتي بي گدواڻيءَ
جي هدايتڪاريءَ ۾1933ع ۾ تيار ڪري سڄي هندستان ۾ ڏيکاري ويئي هئي. ننڍي کنڊ ۾ سنڌين
جي ٺاهيل اها پهرين ڳالهائيندڙ فلم هئي، فلمسازيءَ جو شعبو اختيار ڪرڻ کانپوءِ
درياڻي صاحب 43 سالن جي ڄمار ۾، سنڌ جي زرعي کاتي ۾ وڏي سرڪاري نوڪري ڇڏي بمبئي ۾
لڏي ويو ۽ فلمون ٺاهيندڙ ڪمپني کوليائين، جيڪا سنڌين جي پهرين فلم ڪمپني هئي. درياڻي
صاحب 7 جون 1965ع ۾ بمبئي ۾ 67 سالن جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو.
خانچند درياڻيءَ جو
تعلق به مرزا قليچ بيگ جي شهر حيدرآباد سان هو. سندس تربيت ۾ مرزا قليچ بيگ، ساڌو هيرانند
۽ ڄيٺمل پرسرام جهڙن عالمن جو وڏو هٿ هو. انهن ٽنهي شخصيتن سندس ناٽڪن جي مسودن جي
اصلاح پڻ ڪئي.”سنڌي ناٽڪ کي ترقي ڏيارڻ لاءِ قليچ ڀرپور انداز سان انهيءَ دؤر جي
نوجوان ناٽڪ نويسن جي نه رڳو همت افزائي ڪئي پر گڏو گڏ رهنمائي پڻ ڪئي. تڏهن ته
مشهور سنڌي ناٽڪ نويس خانچند درياڻيءَ جي انيڪ ناٽڪن جا ديباچا مرزا قليچ بيگ جي
دستخط سان ڇپيل آهن. اهڙيءَ ريت درياڻيءَ جي قليچ جيڪا حوصله افزائي ڪئي هئي سا ان
حڪايت سان مشابهت ٿي رکي، جيئن سچل لاءِ ڀٽائيءَ جو قول آهي ته جيڪا ’ديڳڙي پاڻ
چاڙهي آهي، تنهنجو ڍڪڻ اهو نينگر (سچل) لاهيندو‘. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي سمجهڻ گهرجي
ته جيئن سچل جي ڀٽائيءَ ۽ درياڻيءَ جي قليچ رهبري ڪئي، سا هڪ طرح ڄڻڪ هلندڙ دؤر جي
ايندڙ دؤر کي ڏنل ڀليڪار هئي“. 5
خانچند درياڻي ۽ حقيقت نگاري:
هندو
سماج ۾ نياڻين جي شاديءَ لاءِ ڏيتي ليتي تنهن دؤر ۾ سڀ کان وڏو مسئلو هو. خانچند
درياڻيءَ محسوس ڪيو ته سنڌي سماج ۾ وڌندڙ اوڻاين کي سڌارڻ لاءِ ناٽڪ ڏيکاري، انهن
کي وائکو ڪرڻ جهڙو ٻيو ڪارگر وسيلو ڪونهي. ان مقصد لاءِ ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي،
خانچند درياڻي، منگهارام ملڪاڻي، هيرو سپاهيملاڻي، جهمٽ ڀاوناڻي، چئن واڌواڻي، ۽
نيڻون ميرچنداڻي گڏجي 1906ع ۾ حيدرآباد ۾ ڏيتي ليتي ناٽڪ منڊلي قائم ڪئي.”تنهن دؤر
۾ حيدرآباد ۾ اڃا تختن واري اسٽيج جو رواج ڪونه پيو هو، تڏهن هي ناٽڪ منڊلي شاهي
بازار ۾ مشهور ’ڪڪڙ ڪمپني‘ جي دڪان جي کُڏ تي ڏيتي ليتي جي، روڳ خلاف وندرائيندڙ
چهچٽا ڪري ڏيکاريندي هئي، جن کي بازار مان ويندڙ انبوهه ماڻهن جا پيا ڏسندا هئا“.6
مطلب
ته درياڻي صاحب جو سنڌي ناٽڪ سان چاهه 1906ع کان به اڳ جو هو، هن ناٽڪ لکڻ کان اڳ
سنڌي ناٽڪ جي ”مقصدي پاسي“ لاءِ جاکوڙ ڪئي. اهو ئي سبب آهي، جو هن پنهنجي ذهن ۾ هڪ
مقصد رکي ناٽڪ لکڻ شروع ڪيا. سندس ناٽڪن جي جائزي مان انهن جي مقصدي هئڻ جي پروڙ
پوي ٿي.
1-
گلاب جو گل (1920ع) :
پروفيسر منگها رام ملڪاڻي لکي ٿو ته ”سڀني
کان وڌندڙ ڏيتي ليتيءَ جو روڳ هو، جنهن ڪري درياڻيءَ هڪ ‘ڏيتي ليتي ڪاميٽي’ برپا
ڪئي ۽ ان لاءِ ’گلاب جو گل‘ نالي ناٽڪ لکي ورتائين. ڏيتي ليتيءَ جي برخلاف هي
پهريون مڪمل ناٽڪ هو، جنهن ۾ گهرو جيوت جا واقعا ڏيکاريل هئا، ۽ سس ۽ نراڻ جي
لالچي ڪارنامن جا چٽ اهڙا ته هوبهو چٽيل هئا، جو لوڪن جنسي ڍڪ پي ڀريا“. 7
2-
مومل مينڌرو (1922ع)
:
شاهه سائين جي ڪلام جي
روشنيءَ ۾ لوڪ ناٽڪ لکڻ جي روايت به خانچند درياڻيءَ سُر مومل راڻو تي ’مومل
مينڌرو‘ لکي وڌي. سندس هم عصر ۽ ويجهو دوست پروفيسر منگها رام ملڪاڻيءَ لکيو آهي
ته ”اڪثر ائين سمجهيو ويندو آهي ته سنڌي لوڪ ڪهاڻين کي ناٽڪي روپ ڏيڻ جي نئين واٽ
لعلچند امر ڏني مل ڳولهي ڪڍي، پر اها ڳالهه اتهاس جي ورڌ آهي. حقيقت ۾ سماجڪ ناٽڪ
وانگر، لوڪ ناٽڪ جو پايو به سنڌي ادب ۾ خانچند درياڻيءَ وڌو. جڏهن 1922 ۾ سندس ’مومل
مينڌرو‘ سنڌي ساهت سوسائٽيءَ وارن ڇپايو هو“.8
هي ناٽڪ 1928ع ۾ سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ پاران منچ تي آيو. ان
کان اڳ لعل چند امر ڏني مل جو شاهه سائين جي شاعريءَ کي بنياد بڻائي لکيل ناٽڪ ’عمرماروي‘
1925 ع ۾ اسٽيج تي ڏيکاريو ويو هو. اهو چئي سگهجي ٿو ته شاهه
سائين جي شاعريءَ کي بنياد بڻائي لکيل پهريون ناٽڪ ’مومل مينڌرو‘ ۽ اسٽيج تي پيشڪش
جي لحاظ کان ’عمرماروي‘ پهريون ناٽڪ هو.
3-
موتئي جي مکڙي
(1923ع) :
سندس ٽيون ناٽڪ ’موتئي جي مکڙي‘ سس ننهن جي
گهريلو لاڳاپن بابت هو. جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته نئين زماني جي ننهن، سس جا سور سهي
سهي بردبار بنجي ٿي پوي ۽ مڙس پنهنجي پاسي ڪري، سس سان مقابلو ٿي ڪري ۽ آخر کيس
سڌو ٿي ڪري. درياڻي صاحب هن ناٽڪ ۾ به ڏيتي ليتيءَ جي ڪڌي رسم تي طنز ڪئي هئي. هن
ناٽڪ ۾ درياڻيءَ پاڻ به اداڪاري ڪئي. ڊرامي ۾ هن ’راڌان‘ جو ڪردار ادا ڪيو. ان کان
اڳ ’گلاب جو گل‘ ۾ به هو اداڪاري ڪري چڪو هو. هي اصلوڪو سماجي ناٽڪ به ڏيتي ليتي
ناٽڪ منڊلي حيدرآباد پاران منچ تي آندو ويو.
رابندرناٿ لٽرري اينڊ ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد-ڪراچي:
جهڙيءَ ريت ڊي. جي.
سنڌ ڪاليج ڪراچي، پهرئين دؤر ۾ سنڌي ناٽڪ کي اوج ڏياريو، ساڳئي ريت سنڌي ناٽڪ جي
ٻئي دؤر ۾ رابندرناٿ لٽرري اينڊ ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد- ڪراچي، سنڌي ناٽڪ کي ترقي
وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هي ناٽڪ منڊلي 1923ع ۾ خانچند درياڻيءَ جي
بانيڪاريءَ هيٺ ساڌو هيرانند، لعلچند امرڏني مل، ڄيٺمل پرسرام، ڏيئلمل لعلواڻي ۽
منگهارام ملڪاڻي جي گڏيل ڪوششن سان وجود ۾ آئي. ان ناٽڪ منڊليءَ کي اهو به اعزاز
حاصل آهي ته ان ناٽڪ منڊليءَ جي مهورت لاءِ مهاڪوي رابندر ناٿ ٽئگور حيدرآبادآيو
هو. ان موقعي تي ٽئگور جي شاعري ۽ سندس ناٽڪ ’چترا‘ مان انگريزي ۾ هڪ ڏيک سان گڏ
سنڌي ٻوليءَ جو سواد وٺائڻ لاءِ هڪ مذاقي چهچٽو به شامل ڪيو ويو. اڪيڊمي اسڪول
حيدرآباد جي جيڪب هال ۾ گرديو جي سامهون پروگرام پيش ڪيو ويو. منگها رام ملڪاڻي
لکي ٿو ته ”ٻئي ڏينهن ڄيٺمل پرسرام نياپو موڪليو ته گرديو توسان ۽ ٽهلرام آڏواڻي
سان ملڻ چاهي ٿو. ٽهلرام ناٽڪ ۾ زنانو پارٽ ڪيو هو. گرديو ٽئگور ٻنهي جي ڪم جي
ساراهه ڪئي ۽ کين پاڻ سان گڏ ناشتو به ڪرايو. ڪچهري ڪندي گرديو کين چيو، اوهان جو
سنڌيءَ ۾ کلائيندڙ نقل به پسند پيم. ٻوليءَ سمجهڻ کان سواءِ به مطلب سمجهي ويس ۽
خوب کليم. ڄيٺمل پرسرام ٻڌايس ته اهو ٽڪرو اسان جي برک ليکڪ مرزا قليچ بيگ جي ناٽڪ
‘نيڪي ۽ بدي’ مان ورتل هو. ناشتو ختم ٿيڻ کان پوءِ گرديو هنن کي ٻانهن کان وٺي
ٻاهر اماڻڻ آيو ۽ موڪلاڻي ڪندي چيائين، شال ناٽڪ منڊلي وڌي ويجهي، منهنجي آسيس اٿو“.9
رابندرناٿ لٽرري اينڊ ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد-ڪراچيءَ جي قيام جو مقصد:
عام طور ڪا ناٽڪ منڊلي قائم ڪرڻ جو مقصد ماڻهن
کي تفريح فراهم ڪرڻ سان گڏ ڪمائي به هوندو آهي، جيئن سنڌي ناٽڪ جي شروعات کان اڳ
هندستان جي مختلف شهرن مان ڪي پارسي ناٽڪ منڊليون پنهنجا ناٽڪ سنڌ ۾ ڏيکاري ناڻو ڪمائينديون هيون، پر سنڌي ناٽڪ جي
سڀ کان وڏي خوشقسمتي اها چئبي ته ڊي.جي سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ کان ويندي رابندر
ناٿ لٽرري اينڊ ڊرئميٽڪ ڪلب تائين سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي ناٽڪ منڊليون واپاري مقصدن
بدران تعليم، سکيا ۽ سماجي جاڳرتا لاءِ قائم ڪيون ويو. اها انفراديت دنيا جي ٻين
ملڪن ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ ملندي. تنهن دؤر جي سمورين ناٽڪ منڊلين گهڻي ۾ گهڻا مقصدي ناٽڪ
ڏيکاري نه رڳو سماجي خرابين جي اوگهڙ ڪئي، پر ماڻهن جي تعليم ۽ سکيا جو بندو بست
ڪيو. ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ وسيلي جمع ٿيل رقم مان ميٺا رام هاسٽل جوڙائي
وئي. جڏهن ته ڪراچي ، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جا ڪيترائي اسڪول ناٽڪ منڊلين
جي ڊرامن مان حاصل ڪيل رقمن ذريعي هلندا هئا.
رابندر نٿ لٽرري اينڊ ڊرئميٽڪ ڪلب جي بانين ۾
پروفيسر منگها رام ملڪاڻي به شامل هو. پاڻ لکي ٿو ته ”هن منڊليءَ ۾ پنهنجي آڏو
هيءُ ناٽڪي آدرش رکيو ته جنهن صورت ۾ شيڪسپيئر جي قول پٽاندڙ ’ناٽڪ جيون جي درسني
آهي‘، تنهن صورت ۾ ناٽڪن ۾ چالو زماني جي هلي چليءَ ۽ دنيا سازيءَ جي مسئلن کي ئي،
بنا وڌاءَ ڪرڻ جي پيش ڪرڻ کپي ۽ منجهن پنگتي اوڻاين جي اُپٽار ڪري سڌاري آڻڻ جي
ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهڙيءَ ريت ئي، وندر سان گڏوگڏ سکيا ڏيڻ سان، سماج کي بهتر بنائڻ
لاءِ، ناٽڪ هڪ زبردست هٿيار بنجي سگهي ٿو، ڇو ته ڪتابن ۾ ته ڳالهيون فقط پڙهجن
ٿيون، پر ناٽڪن ۾ هو بهو اکئين ڏسڻ سان هزارين دلين تي هڪ ئي وقت زياده تاثير پيدا
ٿو ٿئي“. 10
4-
ملڪ جا مدبر (1923ع)
:
خانچند درياڻيءَ جي حقيقت نگاريءَ تي ابسن ۽
چيخوف جو تمام گهڻو اثر هو. هو سندن واٽ تي هلندي، سنڌي ناٽڪ ۾ حقيقت نگاريءَ جو
باني بڻيو. رابندرناٿ لٽرري اينڊ ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد- ڪراچي جو پهريون بهترين
ناٽڪ ’ملڪ جا مدبر‘ جيڪو ابسن جي جڳ مشهور ناٽڪ Pillars of Society تان اُلٿو ڪري سنڌي مسلم زندگيءَ جي
موضوع ۾ تبديل ڪيو هو. هي ناٽڪ حيدرآباد توڙي ڪراچي ۾ ڪيتريون ئي راتيون ڪاميابي
سان ڪري ڏيکاريو ويو هو. پروفيسر منگها رام ملڪاڻيءَ هن ناٽڪ جو جائزو هن ريت ورتو
آهي.”جنهن ناٽڪ فن ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو سو ’ملڪ جا مدبر‘ 1923 ۾ ڪيل هو، جو يورپ ۾
ناٽڪ حقيقت نگاريءَ جي اَبي
Ibsen جي نامياري کيل
Pillars of Society تان وٺي، منجهس گهڻي ڦير ڦار ڪري، درياڻيءَ سنڌي مسلم
زندگيءَ ۾ بيهاريو هو..... انهي ناٽڪ ۾ اداڪار ٿورا ۽ بلڪل ضروري هئا (نه شيڪسپيئر
جي ۽ جهونن اردو ناٽڪن وانگر 25- 30) پردن جي لهه چڙهه واجبي هئي (نه 5- 10 منٽين
پردا پيا لهن چڙهن ۽ نظارا بدلجن) ۽ راڳ به جڳائيندڙ هنڌن تي 2- 3 مس پيل هئا (نه
جيئن اڳي ٽپ ٽپ تي بيت بازيءَ 30- 35 گانن جي ڌوم لڳي پيئي هوندي هئي) هن ناٽڪ جو
مسئلو به نئون هو، جنهن ۾ شاهوڪار شاهيءَ جي بي رحميءَ جو دردناڪ چتر چٽيل هو“.11
5-
پدمڻي (1923) :
درياڻي صاحب هي ناٽڪ هڪ اسڪول جي مالي سهائتا
لاءِ فيبروري 1923ع ۾ لکيو. سندس ناٽڪن جي
ڪاميابيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان ناٽڪ جون ٽڪيٽون
اڳواٽ ئي هٿو هٿ وڪامي ويون هيون. هي ناٽڪ هندو مسلم ايڪتا جي پس منظر ۾ لکيل
هو. انگريزن خلاف ”هندستان ڇڏيو“ هلچل
دوران لکيل ان ناٽڪ ۾ سنڌ ۾ هندو مسلم ٻڌيءَ تي زور ڏنو ويو هو. هيءَ به درياڻيءَ
جو طبعزاد سماجي ناٽڪ هو، جيڪو سنڌ سوشل لٽرري ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد، پاران
اسٽيج ڪيو ويو.
6-
پريم پريکشا (1924)
:
درياڻي صاحب جو هي ناٽڪ گجراتي ناٽڪ ”ڀول نو ڀوڳ“
جو اُلٿو هو. جنهن کي هن سنڌي سماج کي آڏو رکيو، ڪردار ۽ ماحول تبديل ڪري اسٽيج
ڪرڻ لاءِ ڏنو. هي سماجي وڏو ناٽڪ اميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد پاران منچ تي
آندو ويو هو.
7-
غلط فهمي (1924) :
هي ناٽڪ انگريزي ناول نگار هينري ووڊ جي ناول
East
lyane تان اُلٿو ڪيل هو. هي
ناول کي ناٽڪ آڻڻ جو پهريون تجربو هو. هي جذباتي قسم جو ناٽڪ هو.
8-
رتنا (1924) :
رتنا ناٽڪ عورت ۽ مرد جي گهريلو لاڳاپن تي
لکيل هو. ناٽڪ ۾ ٻن عورتن جي ضد سبب گهر تي پوندڙ اثرن کي ڏيکاريو ويو هو. هن ناٽڪ ۾ وچولي درجي جي ماڻهن جي معاشي مسئلن کي ڏيکاريو ويو هو. ناٽڪ بابت
منگها رام ملڪاڻيءَ ’سنڌي نثر جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته ” رابندرا ناٿ ڪلب
لاءِ جيڪي ناٽڪ درياڻي صاحب دليان خلقيا، تن مان پهرين هو ”رتنا“ (1924)، جو ٿورن
پاترن (ڪردارن) ۽ ٿورن پردن وارو، فقط ٽي ڪلاڪ هلندڙ، هڪ مثالي ناٽڪ هو. تنهن ۾
هاڻوڪي ڪٽنبي جيوت ۽ مرد ۽ زال جي جوابدارين جو نقش نڪتل هو ۽ هڪ ديريني عورت ۽ ٻي
فئشنبل ڇوڪريءَ جي وچ ۾ ضد ڏيکاريل هو، پر آخر سمجهو زال جِي، ڏک ڏولاوا سهي، سوڀ
ڏيکاريل هئي. هن ناٽڪ ۾ نائڪ جو پارٽ مون (ملڪاڻي صاحب) ڪيو هو. زال جو خود
درياڻيءَ، ثابت ٿيو. اُن (ناٽڪ) کي آءُ درياڻيءَ جي بهترين اصلوڪن ناٽڪن ۾ شمار
ڪندو آهيان.“ 12
9-
ٻليدان (1924ع) :
هي ناٽڪ هڪ گهريلو عورت جي قربانيءَ تي مشتمل
هو. درياڻي صاحب جو لکيل هي اصلوڪو ناٽڪ رابندر ناٿ لٽرري اينڊ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
شاخ پاران اسٽيج ڪيو ويو هو.
10-
سچي سِڪ (1925ع) :
هي درياڻي صاحب جو لکيل واحد ننڍو ناٽڪ هو،
نه ته سندس لکيل سمورا ناٽڪ وڏا 3-4 ڪلاڪن جا هئا. هي ناٽڪ انڊين گرلس اسڪول جي
سهائتا لاءِ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراڌيءَ جي شاگردن پيش ڪيو هو. جنهن جو هدايتڪار
پروفيسر منگها رام ملڪاڻي هو.
11-
عجيب انصاف (1925ع)
:
درياڻي صاحب هي ناٽڪ هڪ گجراتي ناٽڪ ”مت هيڻ
ناري“ جو اُلٿو هو. جنهن جو موضوع شيوا جي مهراج جو قصو هو. ملڪاڻي صاحب موجب هي
ناٽڪ ڪراچيءَ ۾ اسٽيج ڪيو ويو، پر گهڻو ڪامياب نه ٿيو. هي ناٽڪ انڊين گرلس اسڪول
جي سهائتا لاءِ اسٽيج ڪيو ويو هو. ساڳيو ناٽڪ ان کان اڳ ڪراچيءَ ۾ گجراتيءَ ۾
اسٽيج تي آيو ته ڏاڍو پسند ڪيو ويو.
12-
جيئري تي جيئري
(1926ع) :
مسلمانن ۾ ٻي شاديءَ جي رسم ته
سڄي دنيا ۾ آهي، ان جي اسلام ۾ اجازت به آهي، پر هندو ڌرم ۾ ٻي شاديءَ جي اجازت
ناهي. هندن ۾ پهرين زال هوندي ٻي شاديءَ جي موضوع تي درياڻيءَ جو لکيل ناٽڪ ”جيئري
تي جيئري“ تمام گهڻو مقبول ٿيو. پنهنجي ناٽڪ بابت پاڻ لکيو اٿس ”تازو هڪ مثال
اخبارن دواران (وسيلي) پيو ۽ منهنجو سُتل جوش وري لهرون کائڻ لڳو، ۽ هي ناٽڪ هٿ ۾
کنيم. هن ڊرامي ۾ نه صرف هندن ۾ ’جيئري تي جيئري‘ شاديءَ خلاف قلم کنيو ويو آهي،
پر ٻڍن جو ننڍين نيٽين کي پاڻ سان شاديءَ ۾ اڙائڻ جهڙي بد رسم خلاف به قدم کنيو
ويو آهي.“ 13
ڊاڪٽر
غلام علي الانا هن ناٽڪ کي ساراهيندي لکي ٿو ته ”هن ڊرامي جون خوبيون انهيءَ دعويٰ
لاءِ ڪافي دليل آهن، پلاٽ، زبان، ڪردار نگاري، جذبي ۽ جوش کانسواءِ مڪالما به
اصليت اجاڳر ڪن ٿا....خانچند صاحب جي دل ۾ سماج جي اڍنگين روشن، ريتن رسمن، ڏيتي
ليتي جهڙي موذي مرض، مايا جي موهه ۽ دنيا جي نقلي ڏيک لاءِ نفرت هئي. .... سماج
خلاف ڪردارن جي واتان جيڪا گفتگو ڪرائي اٿس.“ 14
13-
ديش صدقي (1927) :
’ملڪ
جا مدبر‘ کانپوءِ درياڻيءَ جو ٻيو ڪامياب ناٽڪ ’ديش صدقي‘ هو. هي ناٽڪ بيلجيم جي
نوبل انعام يافته ناٽڪ نويس مئٽرلنڪ جي
Monna Vanna تان اُلٿو ڪري راجپوت جيوت ۾ بيهاريل هو. هن ۾ هڪ راجپوت راڻي،
ديش کي دشمنن جي حملي ۽ تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي عصمت قرباني ڪرڻ لاءِ تيار
ٿي ٿئي، پر اندر جي سچائيءَ سان سندس عصمت توڙي ديش جو بچاءُ ٿي وڃي ٿو. هي ناٽڪ
رابندر ناٿ لٽرري ۽ اينڊ ڊرئميٽڪ ڪلب پاران اسٽيج ڪيو ويو هو. جنهن ۾ مرڪزي ڪردار
پروفيسر منگها رام ملڪاڻيءَ ادا ڪيو هو.
14-
زمينداري ظلم (1928)
:
جڏهن کان هي دنيا قائم
ٿي آهي، تڏهن کان ظالم، مظلومن جو استحصال ڪندا رهيا آهن. ظالم دنيا جي ڪنهن به
ڪنڊ ۾ هجي، مظلوم ان جي ظلم کان بچي نه سگهيو آهي، فرق صرف ظلم جي قسم ۽ نوعيت جو
آهي. سنڌ جو هاري ۽ پورهيت وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي ظلم جو هر دؤر ۾ شڪار رهيو آهي.
جنهن کي وائکو ڪرڻ لاءِ قلم ڌڻين ڪوششون ڪيون آهن. خانچند درياڻي پهريون سنڌي ناٽڪ
نويس هو. جنهن سنڌ جي هارين تي ٿيندڙ ظلم کي ناٽڪ وسيلي پڌرو ڪيو. ’زمينداري ظلم‘
ڊرامو هارين تي ٿيندڙ ظلم بابت لکيل طبع زاد ناٽڪ هو. خانچند پراڻين روايتن جي
جاءِ تي بدلجندڙ روايتن تي هڪ اصلاحي، قومي ۽ معاشي موضوع تي هي ناٽڪ لکيو، ان ۾
پهريون ڀيرو ’ڏاج‘ جي مسئلن جي اپٽار ڪندي اهڙي قدم کي ننديو ويو هو. سندس هي
ڊرامو ڏاڍو پسند ڪيو ويو. هن پنهنجي ناٽڪ کان آرسيءَ وارو ڪم ورتو هو.
مرزا قليچ بيگ هن
ناٽڪ جي منڍ ۾ لکي ٿو ته ” وعظن ۽ مصنفن جي خشڪ نصحيتن ۾ ايترو اثر ڪونهي، جيترو
ناٽڪ ۽ سئنيمائن ۾ آهي، جو گويا گونگا ناٽڪ آهن. انهن ۾ ماڻهو پنهنجا عيب پاڻ ڏسي،
ٻين تماشبين سان گڏجن ته پاڻ تي کلندا آهن، انهيءَ ڪري ته قديم وقت کان ڊراما يا
ناٽڪ نقل نظير علم جي هڪڙي وڏي ڪمائتي شاخ شمار ۾ آيل آهي. ناٽڪ گويا هڪڙي آرسي آهي، جنهن ۾ چڱو توڙي
بڇڙو پنهنجا عيب معلوم ڪري سگهي ٿو.“ 15
درياڻي هڪ ذميوار
ناٽڪ نويس جيان پنهنجي چوڌاري جيڪي ڪجهه ڏسندو هو، ان کي جيئن جو تيئن پهريان
قلمبند ڪري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائيندو ۽ بعد ۾ اسٽيج تي آڻيندو هو. گهڻي ڀاڱي
سندس سمورا ناٽڪ پهريان ڪتابي صورت ۾ آيا، بعد ۾ اسٽيج ٿيا. تنهن زماني ۾ اولهه جي
ناٽڪ نويسن وانگر سنڌ ۾ به ساڳئي روايت هئي.
15-
زماني جي لهر
(1929ع) :
سنڌي سماج ۾ تاريخي طور اها روايت هلندي پئي
اچي ته پُٽن جي شاديءَ کانپوءِ والدين جي اها ڪوشش هوندي آهي ته سندن پٽ ۽ ننهن
ساڻن گڏ رهن، پر پرائي گهر مان آيل ڇوڪريون شاديءَ کان اڳ ئي ذهن ۾ ڪي خواب ڏسي
اينديون آهن، جن کي ساڀيان نه ملڻ سبب گهرو جيوت تي ان جا خراب اثر پوندا آهن. هن
ناٽڪ ۾ درياڻي صاحب ان موضوع کي اڳيان آندو ته زماني جي تبديليءَ سان نه هلڻ جا
ڪهڙا نتيجا نڪرن ٿا. ان ناٽڪ ۾ هيرو ٻن چڪين وچ ۾ ڦاسي نفسياتي مريض ٿي وڃي ٿو. ٻن
پيڙهين وڄ ۾ نفاق ۽ گهرو جوڙجڪ مان پيدا ٿيل متڀيد ناٽڪ سٺي ڇڪتاڻ پيدا ڪئي.
جنهن زماني ۾ خانچند درياڻيءَ ۽ سندس ٻين هم
عصرن ناٽڪ پئي لکيا ته ان دؤر ۾ انهن تي اصلاحي تنقيد ڪرڻ وارن مرزا قليچ بيگ،
ڄيٺمل پر سرام، لالچند امر ڏنو مل، ڪشنچند بيوس، منگهارام ملڪاڻي ۽ ٻيا سنڌي عالم،
اديب، ناٽڪ نويس ۽ صحافي هوندا هئا. تنهن زماني ۾ هڪ ناٽڪ لکڻ ۾ مهينن جا مهينا
لڳي ويندا هئا، ناٽڪ شايع ٿيڻ کانپوءِ ان تي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇتي تنقيد ٿيندي
هئي. اهڙي تڪ تور کانپوءِ وڃي مس ناٽڪ کي منچ نصيب ٿيندو هو.
ڄيٺمل پرسرام پنهنجي دؤر جو وڏو تنقيد نگار
ليکيو ويندو هو. هو مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ناٽڪن تي تنقيد ڪندو هو. هن ناٽڪ تي
تنقيد ڪندي لکيو اٿس. ”منهنجي خواهش نه آهي ته آءُ مسٽر درياڻيءَ جي جوش تي برف جو
ڇنڊو وجهان، ائين هو ڍرڪڻ وارو نه آهي. هڪ ته آءُ سندس قدر ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ته
هو مڇڏ مڙس آهي. ... مسٽر درياڻيءَ ۾ چڱو گڻ آهي، پر منڊل جي ڪار پردازن کي کپي ته
اول رول (قاعدو) ٺاهي ڇڏين ته کيل جو لکيو وڃي، تنهن جي لکڻ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽي
مهينا منڊليءَ وارا مٿس نڪته چيني ڪن، اُن جو جزو جزو جانچين، پوءِ ناٽڪ جي
تياريءَ ۽ دؤر تي به ڳچ سمو لڳائين. باقي جي ڏيڍ هفتي ۾ ناٽڪ ڄڻبو به، نپائبو به،
ته قصو ڪو نه ٺهندو.“ 16
هاڻي اندازو لڳايو ته اهڙي ڇتي تنقيد کانپوءِ
جڏهن ناٽڪ پچي راس ٿي منچ تي ايندو ته هر پاسي واهه واهه ئي ٿيندي. افسوس ته اڄ نه
اهڙا ناٽڪ نويس آهن ۽ نه وري تنقيد نگار. جنهن سبب سنڌي ناٽڪ سنڌ ۾ پوين پساهن ۾
آهي. هند ۾ اڃا ٻه چار ماڻهو جيئرا آهن، جيڪي ان خفت ۾ لڳا پيا آهن.
16-
مايا جو انڌ (1930ع)
:
هي ناٽڪ اميري ۽ غريبيءَ بابت هو. جنهن ۾ شاهوڪار
پنهنجي دولت وسيلي غريبن جو استحصال ڪهڙيءَ ريت ڪن ٿا. هي ناٽڪ سندس ٻين ناٽڪن،
ملڪ جا مدبر ۽ زمينداري ظلم واري موضوع سان ملندڙ هو. هن ناٽڪ ۾ مل مالڪ ۽ پورهيتن
کي بحث هيٺ آندو ويو هو. جنهن ۾ شاهوڪارن جي ڪڌن ڪارگذارين کي ننديو ويو هو.
17-
امانت ۾ خيانت
(1930ع) :
1930ع
۾ درياڻيءَ جا هڪ ٻئي پويان ٻه ناٽڪ شايع ٿيا. سندس پهريون ناٽڪ شايع ٿيڻ بعد
اسٽيج به ٿيو، پر ٻيو ناٽڪ ”امانت ۾ خيانت“ شايع ته ٿيو، پر منچ تي نه اچي سگهيو.
هن ناٽڪ ۾ هڪ بئنڪ جي ڏيوالو نڪري وڃڻ کي موضوع بڻايو ويو. سندس هي ناٽڪ حقيقي
ڪهاڻيءَ تي مشتمل هو. جنهن ڪري بئنڪ جو ڏيوالو ڪندڙن اسٽيج ڪرڻ نه ڏنو.
18-
انسان ڪين شيطان (1931) :
هي ناٽڪ درياڻي صاحب ميري ڪاريليءَ جي ناول Sorrows of Satan تان الٿو
ڪيو هو. سندس هي ناٽڪ اڳوڻن ناٽڪن کان گهڻو مختلف هو. جيڪو اڻ ڏٺل ڪرامتي واقعن تي
ٻڌل هو، پر ان ۾ اخلاقيات جو چڱو درس ڏنل هو.
19-
بک جو شڪار (1932ع) :
زميندار ۽ شاهوڪار طبقي جي ظلمن هيٺ پيسجندڙ
غريب طبقو هميشه بک جو شڪار رهيو آهي. سنڌي سماج ۾ وڌندڙ بک ۽ بيروگاريءَ جي موضوع
تي درياڻيءَ هي ناٽڪ لکيو. جيڪو سندس ڪامياب ناٽڪن ۾ ليکيو ويو. هن ناٽڪ ۾ به شاهوڪارن
جي ڏاڍين تي تنقيد ٿيل هئي. هن ناٽڪ ۾ ڏيکاريل هو ته هڪ عورت پنهنجي ٻچن جو پيٽ
پالڻ لاءِ عصمت وڪرو ڪرڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿي ۽ آخر ۾ عصمت بچائيندي خون ڪري ٿي.
هي
خانچند درياڻيءَ جو لکيل آخري ناٽڪ هو. جنهن کانپوءِ هو فلمسازيءَ جي ڪاروبار سان
واڳجي بمبئيءَ هليو ويو. سندس وڃڻ جي ڪري رابندر ناٿ لٽرري اينڊ ڊرئميٽڪ ڪلب به
هوريان هوريان بند ٿي وئي. پاڻ لاجواب صلاحيتن
وارو اداڪار به هو، هي هڪ ئي وقت مرد ۽ عورت جو اسٽيج تي آواز ڪڍي حيرت ۾ وجهي
ڇڏيندو هو.
”خانچند
درياڻيءَ اها سجاڳي ورتي جو، هن اڳئين ڌارا جي رومانيت کي ڪو نه دهرايو. اردو،
هندي، سنسڪرت يا مراٺيءَ جي ناٽڪن طرف ڪو نه ڏٺائين، شيڪسپيئر کي واپس ڪو نه
آندائين. نه ئي ڌرمي، مذهبي يا رامائڻ جي داستانن کي کنيائين. هن صاحب سنڌي جيوت ۽
سنڌي جاتيءَ جي مسئلن کي پنهنجي ناٽڪن جو موضوع ڪري کنيو ۽ اُن جو حقيقي پهلو اُجاڳر
ڪيو. درياڻي صاحب هنِ هُن ٻوليءَ طرف ويو ضرور پر پوءِ هن اهو پوريءَ طرح پرکي
ورتو ته سندس کيتر سنڌي سماج ۽ آسپاس ئي ٿي سگهي ٿو.“ 17
پروفيسر منگها رام ملڪاڻيءَ جي راءِ موجب
خانچند درياڻيءَ 25 ناٽڪ لکيا، پر سندس ڪتاب ’سنڌي نثر جي تاريخ‘ ۾ فقط 13 ناٽڪن
جو ذڪر ملي ٿو. سنڌ ۾ سنڌي ناٽڪن جي تاريخ سهيڙيندڙ ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور پنهنجي
ڪتاب ’سنڌي ناٽڪ جي تاريخ‘ ۾ درياڻي صاحب جي 19 ناٽڪن جو ذڪر ڪيو آهي. هندستان ۾
سنڌي اسٽيج ناٽڪ تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر پريم پرڪاش به 19 ناٽڪن جو ذڪر ته ڪيو
آهي، پر هن به 13 ناٽڪن تي بحث ڪيو آهي. سنڌ ۾ سنڌي اسٽيج ناٽڪ تي پهرين پي ايڇ ڊي
ڪندڙ ڊاڪٽر غلام رسول پنهنجي مقالي ۾ وري درياڻي صاحب جي 23 ناٽڪن جو ذڪر ڪيو آهي.
هن جن چئن ناٽڪن ’اٻلا جي آهه‘، ’پريم صدقي‘، ’طمع جو سس‘ ۽ ’راءِ ڏياچ‘ جو ذڪر ته
ڪيو آهي. پر هن انهن چئن ناٽڪن جو نه ڪو تفصيل ڄاڻايو آهي ۽ نه وري ڪو حوالو ڏنو
آهي.
سنڌي ناٽڪ کي نوان رخ ۽ لاڙا ڏيندڙ درياڻي
صاحب ناٽڪ جي سمورن اصولن جو به ڄاڻو هو. جنهن سبب سندس ناٽڪن ۾ ڪابه فني کوٽ نه
هوندي هئي. سندس ناٽڪن جا پلاٽ نه رڳو حقيقي پر دلچسپ هوندا هئا. هو ڪردار نگاري،
مڪالمن، ناٽڪ جي ايڪائين، پلاٽ ۾ چاڙهه، لاٿ ۽ انجام جو به پورو پورو خيال رکندو
هو.
افسوس جو سنڌي ناٽڪ کي
نئين انداز ۾ سامهون آڻيندڙ هن عظيم ناٽڪ نويس جو ڪو به ڊرامو سنڌ ۾ موجود ناهي،
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا علمي، ادبي ۽ تحقيقي ادارا ان پاسي ڌيان ڏين ۽
خانچند درياڻيءَ جا ناٽڪ هٿ ڪري نه رڳو شايع ڪيا وڃن، پر اهي اسٽيج تي ڏيکاريا
وڃن.
نتيجا:
1.
خانچند شامداس
درياڻي سنڌي ناٽڪ کي روايتي ڌرمي، تاريخي ۽ ديو مالائي توڙي ترجمن واري ڌارا کان
ٻاهر ڪڍي آيو.
2.
هن سنڌي ناٽڪ وسيلي
سماجي اوڻاين کي وائکو ڪرڻ جو پختو بنياد رکيو.
3.
پنهنجي وسيع مطالعي
۽ منفرد انداز جي ڪري هو سنڌي ناٽڪ جي شعبي ۾ حقيقت نگاريءَ جو باني سڏيو ويو.
4.
خانچند درياڻيءَ شخصي آزمودن بعد سنڌي ڊراما نگاريءَ کي سماجي ڪشمڪش تي لکڻ
لاءِ موضوع گهڙي ڏنا.
5.
هن سنڌي ڊراما نگاريءَ کي وقت جي تقاضائن ۽ سماجي مسئلن سان هم آهنگ ڪرڻ ۾
ڪردار ادا ڪيو.
6. درياڻي صاحب سنڌي ناٽڪ جي ٻئي دؤر ۾ وڏي ناٽڪ جو وقت 5-6 ڪلاڪن
مان گهٽائي 3-4 ڪلاڪ ڪيو.
7. مرزا قليچ بيگ 19 وڏا ناٽڪ لکيا. جن ۾ 13
ترجمو يا اُلٿو ڪيل ۽ 6 طبعزاد هئا. جڏهن ته درياڻي صاحب 18 وڏا ناٽڪ لکيا، جن مان
12 اصلوڪا ۽ 6 ترجمو يا اُلٿو ڪيل هئا، پاڻ هڪ ننڍو ناٽڪ لکيائين.
8. شاهه سائين جي شاعريءَ کي بنياد بڻائي
لوڪ ناٽڪ لکڻ جو باني به خانچند درياڻي هو.
خانچند شامداس
درياڻيءَ جي ناٽڪن جي ڏسڻي
نمبر
|
سال
|
ناٽڪ
|
ناٽڪ نويس
|
مختصر جائزو
|
رچائيندڙ يا ڇپائيندڙ
|
1
|
1920
|
گلاب جو گل
|
خانچند درياڻي
|
ڏيتي ليتيءَ جي موضوع تي اصلوڪو سماجي وڏو ناٽڪ
|
ڏيتي ليتي ناٽڪ منڊلي، حيدرآباد.
|
2
|
1922
|
مومل مينڌرو
|
خانچند درياڻي
|
لوڪ داستان ‘مومل راڻو’تي ٻڌل وڏو ناٽڪ
|
سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي،
|
3
|
1923
|
موتئي جي مکڙي
|
خانچند درياڻي
|
سس ننهن جي جهيڙن تي لکيل اصلوڪو سماجي وڏو ناٽڪ
|
نانڪرام ناٽڪ منڊلي، حيدرآباد.
|
4
|
1923
|
ملڪ جا مُدبر
|
خانچند درياڻي
|
ابسن جي Pillars of Society تان اُلٿو ڪيل وڏو سماجي ناٽڪ
|
رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب، حيدرآباد.
|
5
|
1923
|
پدمڻي
|
خانچند درياڻي
|
اصلوڪو سماجي وڏو ناٽڪ
|
سنڌ سوشل لٽري ڊرئميٽڪ ڪلب، حيدرآباد.
|
6
|
1924
|
پريم پريڪشا
|
خانچند درياڻي
|
گجراتي ‘ڀول نو ڀوڳ’ تان ورتل وڏو ناٽڪ
|
اميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد.
|
7
|
1924
|
غلط فهمي
|
خانچند درياڻي
|
مسز هينري ووڊ جي ناول East Lyane تان اُلٿو ڪيل وڏو ناٽڪ
|
رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب، ڪراچي.
|
8
|
1924
|
رتنا
|
خانچند درياڻي
|
ڪٽنبي جيوت جي پس منظر ۾ لکيل وڏو ناٽڪ
|
رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب، ڪراچي.
|
9
|
1924
|
ٻليدان
|
خانچند درياڻي
|
اصلوڪو سماجي وڏو ناٽڪ
|
رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب، ڪراچي.
|
10
|
1924
|
سچي سِڪَ
|
خانچند درياڻي
|
اصلوڪوسماجي ننڍو ناٽڪ
|
سنڌ ڪاليج ناٽڪ مندلي، ڪراچي.
|
11
|
1925
|
عجيب انصاف
|
خانچند درياڻي
|
گجراتي ‘مت هيڻ ناري’ تان اُلٿو
ڪيل وڏو سماجي ناٽڪ
|
رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب، ڪراچي،
|
12
|
1926
|
جيئري تي جيئري
|
خانچند درياڻي
|
ٻي شاديءَ جي موضوع تي اصلوڪو سماجي وڏو ناٽڪ
|
اميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد.
|
13
|
1927
|
ديش صدقي
|
خانچند درياڻي
|
مئٽرلنڪ جي Monna Vann
تان اُلٿو ڪيل وڏو ناٽڪ
|
رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب، ڪراچي.
|
14
|
1928
|
زمينداري ظلم
|
خانچند درياڻي
|
هارين مٿان ٿيندڙ ظلم تي لکيل اصلوڪو سماجي وڏ ناٽڪ
|
اميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد.
|
15
|
1929
|
زماني جي لهر
|
خانچند درياڻي
|
اصلوڪو سماجي وڏ ناٽڪ
|
رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب، ڪراچي.
|
16
|
1930
|
مايا جو انڌ
|
خانچند درياڻي
|
اصلوڪو سماجي وڏو ناٽڪ
|
رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب، حيدرآباد.
|
17
|
1930
|
امانت ۾ خيانت
|
خانچند درياڻي
|
بئنڪ ڏيوالي جي موضوع تي ٻڌل وڏو ناٽڪ
|
رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب، حيدرآباد.
|
18
|
1931
|
انسان ڪين شيطان
|
خانچند درياڻي
|
ميري ڪاريلي جي ناول Sorrow of Satan تان اُلٿو ڪيل وڏو سماجي
ناٽڪ
|
اميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد.
|
19
|
1931
|
بک جو شڪار
|
خانچند درياڻي
|
اصلوڪو سماجي وڏو ناٽڪ
|
رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب، حيدرآباد.
|
حوالا:
1-
ملڪاڻي منگها رام،
سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 2007، ص. 110
2-
ميمڻ محمد عثمان،
(مهراڻ جا موتي- خانچند درياڻي)، روزاني مهراڻ حيدرآباد، جمعو 25 اپريل مارچ 2014ع
3-
ملڪاڻي منگها رام
پروفيسر، سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 2007، ص. 139
4-
پنهور محمد يوسف
ڊاڪٽر،ڪينجهر (7) سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 1999 ص. 26
5-
ساڳيو. ص. 26-27
6-
پنهور محمد يوسف
ڊاڪٽر، سنڌي ناٽڪ جي تاريخ، انشٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، 1992، ص. 25
7-
ملڪاڻي منگها رام
پروفيسر، سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد،2007ع، ص. 137
8-
ساڳيو. ص. 157
9-
ساڳيو، ص. 138
10-
ساڳيو، ص. 138
11-
ساڳيو، ص. 139
12-
ساڳيو، ص. 142
13-
درياڻي خانچند،
جيئري تي جيئري، شايع ڪندڙ ليکڪ پاڻ، سنڌ 1926ع. ص. 1
14-
الانا غلام علي
ڊاڪٽر، سنڌي نثر جي تاريخ، 1979ع، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1977ع. ص. 185 کان 187
15-
بيگ قليچ مرزا،
زمينداري ظلم، ناٽڪ، منڍ، پبلشر ليکڪ پاڻ، سنڌ 1928ع، ص. 2
16-
پرسرام ڄيٺمل،
درياڻيءَ جي ناٽڪن تي تنقيد، پرڪاش اخبار، حيدرآباد، 23 آڪٽوبر 1929ع
17-
پرڪاش پريم ، سنڌي
ناٽڪ جي اوسر (1880ع کان 1980ع تائين)، انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي آديپور،
1993ع، ص. 186